سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2006ع

 

صفحو :6

ميان نور محمد ڪلهوڙو ۽ سيد مهدي جونپوري

[حقيقتن جي آئيني ۾]

محمد پنهل ڏهر

 ”مهراڻ“ نمبر 1، سال 2006ع ۾ محترم مهدي شاهه جو هڪ مضمون ”سونهان سُڌيون ڏين“ نظر مان گذريو. شاهه صاحب اِهو مضمون محترم دين محمد ڪلهوڙي جي لکيل هڪ مضمون ”ابڙو وَڏ وَڙو- هڪ اڀياس“ مهراڻ 4/2005ع، جي جواب ۾ لکيو آهي. ڪتاب ”ابرو وَڏ وَڙو“ مهدي شاهه صاحب جو لکيل آهي. انهيءَ ڪتاب جي اڀياس متعلق ئي ڪلهوڙي صاحب اِهو مضمون لکيو آهي، جنهن ۾ هن، بقول سندس، مذڪوره ڪتاب ۾ موجود ڪجهه غلط احوال، روايتن ۽ حڪايتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، پنهنجي پاران اِنهيءَ جي تصحيح پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪلهوڙي صاحب پنهنجي انهيءَ مضمون جي شروع ۾ هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته”مون پنهنجي تحرير ۾ مهدي شاهه لاءِ ’محقق‘ بجاءِ ’ليکڪ‘ لفظ استعمال ڪيو آهي، ڇو ته موصوف تاريخ ۾ رڳو هڪ مخصوص دَور ۽ خاندان کي پچار ۽ گلا هيٺ آندو آهي.“ (1) مهدي شاهه صاحب به پنهنجي مذڪوره مضمون ۾ اِنهيءَ انداز ۾ ئي لکيو آهي ته ”....اصل حقيقتن کان هٽيل هڪ ذات پرست ڪلهوڙي جي حيثيت ۾ سندس قائم ڪيل اهڙي جانبدار راءِ سببکيس مؤرخ، محقق، نقاد يا ليکڪ سڏڻ بجاءِ آءٌ هتي رڳو ’ڪلهوڙو صاحب‘ ئي سڏيندس.“ (2)

هڪ ٻئي بابت اِنهن جملن لکڻ کان پوءِ مهدي شاهه صاحب پنهنجي اِنهيءَ مضمون ۾ پنهنجي مذڪوره ڪتاب متعلق ڪلهوڙي صاحب جي اُٿاريل اعتراضن جي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ هن سيد محمد مهدي جونپوريءَ جي مهدوي تحريڪ ۽ اِنهيءَ تحريڪ سان ڪلهوڙن جي ڪنهن به تعلق نه هجڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڄاڻ مهيا ڪئي آهي، ليڪن اڳي هلي هن پنهنجي مضمون ۾، سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ چند اهڙا اقتباس نهايت ئي غير ذميوارانه نموني سان لکيا آهن، جن جو سنڌ جي تاريخ ۾ حقيقت سان ذري جو تعلق به نه آهي. تنهنڪري ضروري سمجهيو ويو ته سنڌ جي تاريخ سان واسطو رکندڙ اُنهن غير مستند اقتباسن جي تاريخي ماخذن جي روشني ۾ چڱيءَ طرح سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري، سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن آڏو پيش ڪجن ته جيئن پڙهندڙ شاهه صاحب جي لکيل انهن چند غيرذميوارانه اقتباسن جي اصل ۽ صحيح حقيقتن مان واقف ٿي سگهن.

انهن حقيقتن کي مستند ماخذن جي روشني ۾ هتي پيش ڪرڻ مان منهنجو مقصد شاهه صاحب يا ڪنهن ٻئي جي دل آزاري ڪرڻ هرگز نه آهي، بلڪ منهنجو مقصد صرف ۽ صرف سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ اِنهن اقتباسن متعلق حقيقي ۽ مستند ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي.

1. شاهه صاحب پنهنجي مضمون ۾ هڪ جاءِ تي قلات ۾ بروهين ۽ ميان يارمحمد خان ڪلهوڙي جي جنگ دوران قلات جي حاڪم محراب خان بروهيءَ جي قتل متعلق لکيو آهي ته ”ميان يارمحمد وڃي بروهين جي علائقي قلات ۾ پهتو، جتي بروهين سان لڙائي ۾ ميان هٿان محراب خان بروهي مارجي ويو.“ (3)

شاهه صاحب اهو درست ڪونه لکيو آهي ته ”محراب خان بروهي ميان جي هٿان مارجي ويو،“ ڇاڪاڻ ته بلوچستان ۽ سنڌ جي تاريخي ماخذن جي مطالعي مان چڱيءَ طرح معلوم ٿيندو ته اِنهيءَ لڙائي ۾ قلات جو حاڪم مير محراب، ميان يارمحمد هٿان نه بلڪه پنهنجي ئي لشڪر مان ايندڙ هڪ اتفاقيه گولي لڳڻ جي ڪري مري ويو هو.(4)

2. سنڌ ۾ مهدويتحريڪ جي باني سيد محمد مهدي جونپوري ۽ سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمرانن، خاص طور تي ميان نورمحمد خان کي مسلڪ جي لحاظ کان شيعو ثابت ڪرڻ لاءِ تاريخ مان واقف نه هجڻ جي ڪري يا ڄاڻي ٻجهي غلط بياني کان ڪم وٺندي، شاهه صاحب لکيو آهي ته ”ڪلهوڙا جيستائين دهلي سلطنت جي تسلط هيٺ هئا، سني هئا. 1152هه/1740ع کان پوءِ هو ايران جي شيعا سلطنت جي تسلط هيٺ آيا، اِنهيءَ ڪري سندن طريقت جو سلسلو ڪنهن شيعي بزرگ سان ڳنڍڻ سندن مجبوري هئي. سيد ميران محمد جونپوري لاءِ هي پڻ لکيو ويو آهي ته هو اصل ۾ ڄام پور جو شيعو سيد هو. ڀ.ش.س، ص 47.“ (5)

شاهه صاحب جي اِنهيءَ مٿئين اقتباس جو حاصل مطلب هي آهي ته،

(الف) نادر شاهه جي سنڌ تي حملي سنه 1152هه/1740ع کان اڳ ۾ ته ڪلهوڙا سني هئا. خاص طور تي حڪمران گهراڻي وارا، ليڪن بعد ۾ يعني سنڌ تي نادر شاهه جي حملي کان پوءِ، صرف نادر شاهه جي راضپي خاطر ڪلهوڙا حڪمرانن پنهنجو پاڻ کي شيعو ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ شيعي بزرگ سيد محمد مهدي جونپوريءَ سان پنهنجي طريقت جو لاڳاپو ظاهر ڪيو. ڇاڪاڻ ته نادر شاهه جيڪو ايران جو بادشاهه هو، سو شيعو هو.

(ب) هن اقتباس ۾شاهه صاحب اِهو به ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سيد محمد مهدي جونپوري سني نه بلڪه شيعو هو، جيڪو اصل ۾ هندستان جي شهر جونپور جو نه، بلڪه پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي ديرا غازيخان جي هڪ شهر ڄام پور جو رهاڪو هو.

هاڻي شاهه صاحب جي اِنهيءَ ٻئي نمبر اقتباس جي ٻنهي حصن متعلق صحيح ۽ مستند ڄاڻ تاريخي ماخذن جي روشني ۾ پيش ڪجي ٿي.

الف- معلوم هئڻ گهرجي ته سنڌ جي حڪمران طبقي سان واسطو رکندڙ سڀيئي ڪلهوڙا شروع کان ئي سني هئا. ڪلهوڙن ۾ سڀ کان پهريائين جيڪو شخص مشهور ٿيو، سو آدم شاهه ڪلهوڙو آهي، تنهن لاءِ تاريخي ماخذن ۽ خود شاهه صاحب جي مضمون ۾ ڄاڻايل آهي ته هو سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ جي سلسلي ’سهروردي‘ سان وابسته هئا، تنهنڪري شاهه صاحب جو اِهو لکڻ بلڪل غلط ثابت ٿئي ٿو ته ميان نورمحمد خان ڪلهوڙي ئي بعد ۾ پنهنجي دؤر حڪومت ۾ سنڌ تي نادر شاهه جي حملي کان پوءِ صرف نادر شاهه جي راضپي خاطر سيد محمد مهدي جونپوريءَ سان اِهو لاڳاپو ظاهر ڪيو.

آدم شاهه ۽ سندس خاندان جي سهروردي هجڻ جي باري ۾ شاهه صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته ”هن وقت تائين جيڪو مواد منهنجي مطالعي هيٺ آيو آهي، اِنهيءَ ۾ ڪوبه اهڙو مثال سامهون نه آيو آهي، جنهن جي آڌار تي اِها ڳالهه مڃي سگهجي ته آدم شاهه ڪلهوڙي يا جن واسطن سان آدم شاهه جي نسبت سيد ميران محمد جونپوري سان ڳنڍي وڃي ٿي، انهن رڳو سيد ميران محمد جونپوري سان سهروردي سلسلي جي نسبت حاصل ڪئي هئي.“ (6)

شاهه صاحب اِنهيءَ ڳالهه کي تقويت پهچائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ ته ”ڪلهوڙا مهدوي نه بلڪه صرف سهروردي هئا،“ تنهن لاءِ ٿورو اڳتي لکي ٿو ته ”مگر ڪلهوڙا خاندان جي نزديڪ هي بيعت هئي ۽ سيد محمد جونپوري غالباً سهروردي طريقي جي بيعت وٺندو هو.“ (7)

شاهه صاحب جي انهيءَ لکت مان هي ته چڱيءَ طرح معلوم ٿي ويو ته اهي سڀ ڪلهوڙا سهروردي سلسلي سان وابسته هئا، جيڪي آدم شاهه جي خاندان مان هئا، جن ۾ ميان نورمحمد خان ڪلهوڙو به شامل آهي. ياد رکڻ گهرجي ته سهروردي سلسلو به اهل سنت جي ئي تصوف وارن چئني سلسلن يعني قادري، چشتي، سهروردي ۽ نقشبندي مان، طريقت جو هڪ سلسلو آهي، جنهن جو شيعت سان ڪوبه واسطو نه آهي. ڇاڪاڻ ته شيعي مسلڪ سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو تصوف جي اِنهن چئني سلسلن مان ڪنهن هڪ سان به واسطو بلڪل نه هوندو آهي. اِنهيءَ مان به معلوم ٿيو ته ڪلهوڙا اهل سنت سان تعلق رکڻ جي ڪري سني هئا ۽ تصوف جي اِنهن سلسلن مان هڪ سلسلي ’سهروردي‘ سان واسطو رکندا هئا.

باقي شاهه صاحب جو اِهو قياس ته ڪلهوڙا اڳ ۾ سني هئا ۽ پوءِ يعني نادر شاهه جي سنڌ تي حملي کان بعد نادر شاهه جي راضپي خاطر ئي شيعت ڏانهن رغبت اختيار ڪئي، اِنهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته شاهه صاحب جو اِهو اشارو ميان نورمحمد خان ڪلهوڙي ڏانهن آهي، ڇاڪاڻ ته ميان نورمحمد خان ڪلهوڙي جي دور ۾ ئي نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو هو، جيڪو اُن وقت ايران جو بادشاهه هو، جنهن لاءِ شاهه صاحب جو گمان آهي ته هو شيعو هو.

شاهه صاحب کان اڳ ۾ اِنهيءَ باري ۾ ڪنهن به مؤرخ اِهو نه لکيو آهي ته حڪمران خاندان وارا ڪلهوڙا يا خاص طور تي ميان نورمحمد خان ڪلهوڙو شيعو هو. ٻيو هي ته ڪنهن به ڪلهوڙي حڪمران ۽ خاص طور تي ميان نورمحمد خان ڪلهوڙي پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي متعلق اِهو ڪٿي به ڪونه لکيو آهي ته هو شيعا هئا. اِنهيءَ جي ابتڙ ميان نورمحمد خان پنهنجي مشهور ڪتاب ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“ ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجي خاندان کي ’سني حنفي‘ ڄاڻائيندي لکيو آهي ته ”وبايد که مذاهب هرچهار برحق بايد داشت، فاما! بزرگان ما، در مذهب امام ابوحنيفه رحمة الله عليہ، بودند و شمايان نيز همين مذهب اختيار کنيد.“(8)

اهڙيءَ طرح ميان نورمحمد پنهنجو پاڻ ۽ خاندان کي اهل سنت مان هجڻ لاءِ ’حنفي‘ لکڻ کان پوءِ، اهل سنت جي تصوف واري سلسلي سهروردي سان تعلق رکڻ جي باري ۾ لکي ٿو ته ”وازهم چهارده خانواده، بزرگان ما در طريقئه سهروردي هستند.“(9)

اهڙيءَ طرح ميان نورمحمد پهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو، سيد ميران محمد جونپوريءَ جي توسط سان سهروردي سلسلي سان منسلڪ هجڻ ۽ اُن کي پنهنجو پيرو مرشد مڃيندي لکي ٿو ته ”که پير و مرشد مايان است، همه بر طريقئه مذکور بود، از سيد ميران محمد تا بحضرت رسول مقبول عليہ افضل الصلوات و اکمل التحيات.“(10)

شاهه صاحب جي اِنهيءَ مضمون جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، انهيءَ مضمون لکڻ دوران نورمحمد ڪلهوڙي جو اِهو ڪتاب ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“ به سندس اڳيان هو، ته پوءِ جنهن ۾ خود ميان نورمحمد ڪلهوڙي پنهنجي ملسڪ ۽ سلسلي جي باري ۾ واضح طرح سان لکيو آهي ته پوءِ خبر نٿي پئجي ته انهيءَ واضح لکت جي باوجود شاهه صاحب، ميان نورمحمد جي شيعت سان رغبت الائي ڇو ۽ ڪهڙي بنياد تي ڄاڻائي آهي. قارئين کي اِهو به معلوم هئڻ گهرجي ته ميان نورمحمد ڪلهوڙي پنهنجو اِهو ڪتاب نادر شاهه جي حملي کان پوءِ لکيو آهي، جڏهن ته شاهه صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته نادر شاهه جي حملي کان اڳ ڪلهوڙا (خاص طور تي ميان نورمحمد خان) سني هئا ۽ بعد ۾ يعني نادر شاهه جي حملي کان پوءِ شيعت اختيار ڪيائون. ليڪن هاڻي ته خود شاهه صاحب ۽ ميان نورمحمد خان جي لکت مان معلوم ٿي ويو ته ڪلهوڙا (ميان نورمحمد خان سميت) نادر شاهه جي حملي کان اڳ ۾ به سني هئا ۽ بعد ۾ به. يعني نادر شاهه جي حملي کان پوءِ به ٻين سان گڏ ميان نورمحمد ڪلهوڙو به سني هو.

قارئين کي اِهو به ياد رکڻ گهرجي ته سڀني تاريخي ماخذن ۾ اِهو واضح طور لکيل آهي ته ميان نورمحمد خان، نادر شاهه جي اِها وقتي اطاعت به وڏي ڇڪتاڻ ۽ مجبوري کان پوءِ ڪئي هئي، ورنه جڏهن دهليءَ تي حملي کان پوءِ نادر شاهه پنهنجي هڪ سفير هٿان ميان نورمحمد ڏانهن سندس اطاعت لاءِ پيغام موڪليو هو ته ميان صاحب اُنهي سفير کي کُتو جواب ڏنو هو. اِنهيءَ ڏسڻ لاءِ تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر جلد پهريون، نامئه نعز ۽ ٻين ماخذن جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو.

قارئين کي اِهو به معلوم هئڻ گهرجي ته ڪلهوڙن جا (خاص طور تي ميان نورمحمد خان ڪلهوڙي جا) ايراني حڪومت سان تعلقات صرف چند سالن تائين محدود هئا، يعني نادر شاهه جي سنڌ تي حملي سنه 1152هه/1740ع کان نادر شاهه جي قتل سنه 1160هه/1747ع تائين، يعني صرف ستن يا اٺن سالن تائين. تاريخي ماخذن ۾ اِهو چڱيءَ طرح ڄاڻايل آهي ته نادر شاهه جي قتل کان پوءِ سندس هڪ مشهور جرنيل احمد شاهه ابدالي (دراني) پنهنجي حڪومت جو اعلان ڪري پاڻ کي افغانستان جو خودمختيار بادشاهه ڪيو. اُن بعد هن سنڌ کي به پنهنجي حڪومت يعني افغانستان جي تابع ڪري ڇڏيو، جنهنڪري نادر شاهه جي قتل کان پوءِ فوراً ئي سنڌ، ڪلهوڙا دَور ۾ ئي يعني ميان نورمحمد جي حڪومت جي پوئين دَور کان وٺي ٽالپرن جي دؤر تائين افغاني حاڪمن جي تابع رهي. ڪلهوڙن جي دَور متعلق ڪنهن به تاريخي ماخذ مان اِها ڄاڻ نٿي ملي ته فقط نادر شاهه کان پوءِ ٻئي ڪنهن به ايراني حاڪم يا حڪومت سان ميان نورمحمد خان سميت ٻئي ڪنهن به ڪلهوڙي حاڪم تعلقات وڌائڻ جي ڪڏهن به ڪا ڪوشش ڪئي هجي. اِنهيءَ جي باوجود خبر نٿي پوي ته شاهه صاحب ڪهڙي بنياد تي ڪلهوڙن حڪمرانن، خاص طور تي ميان نورمحمد خان طرفان ايراني شيعه سلطنت سان تعلقات وڌائڻ ۽ مسلڪ مٽائڻ واري مجبوري الائي ڇو بيان ڪئي آهي. ورنه سڀني تاريخي ماخذن ۾ واضح طور لکيل آهي ته ڪلهوڙا شروع کان ئي سني هئا ۽ تصوف جي سهروردي سلسلي سان وابسته هئا، جنهن ۾ ميان نورمحمد خان به شامل آهي. ڪلهوڙن ڪڏهن به شيعه مسلڪ سان پنهنجو تعلق يا لاڙو نه ڏيکاريو آهي. اهڙيءَ طرح صرف نادر واري مختصر دور کان سواءِ هنن جا ڪڏهن به ايراني حڪومت سان تعلقات نه رهيا آهن ۽ نه وري هنن مان ڪنهن به ۽ ڪڏهن به ايراني حڪومت يا حڪمرانن سان ڪنهن به قسم جي تعلقات وڌائن جي ڪوشش به ڪئي. اهڙيءَ طرح تاريخ جي مطالعي مان به ڪڏهن اِهو معلوم نه ٿيو آهي ته ڪنهن به حاڪم جي تابع هجڻ جي ڪري، ڪنهن حاڪم اُن جي راضپي خاطر پنهنجو مسلڪ تبديل ڪيو هجي. اگر ايئن هجي ها ته پوءِ سنڌ جا ٽالپر حڪمران شيعا نه بلڪه سني هجن ها، ڇاڪاڻ ته هو هميشه افغان حڪمرانن جي تابع رهيا، جيڪي ڪٽر سني هئا. هت هي به واضح هجڻ کپي ته ايران ۾ نادر شاهه، شيعه مسلڪ بجا سني عقيدي کي لاڳو ڪرڻ جا حڪم ڏنا هئا، جيئن مشهور محقق لوڪ هارٽ لکيو آهي (11).

ب- سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ لاءِ شاهه صاحب جو اِهو لکڻ ته ”هو اصل ۾ ڄام پور جو شيعو سيد هو،“ سراسر غلط بياني تي مبني آهي. ڇاڪاڻ ته سندس لکيل مضمون جي مختلف اقتباسن ۾ واضح طرح سان لکيل آهي ته ”ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي دَور ۾ جونپور هندستان جي بزرگ سيد ميران محمد (جيڪو پاڻ کي مهدي موعود سڏائيندو هو) سنڌ ۾ ارڙهن مهينا رهي پنهنجي مهدوي فڪر جي تبليغ ڪئي هئي.“(12)

وري اڳتي لکي ٿو ته ”جيتريقدر ڳالهه آهي ڪلهوڙن ۽ سيد ميران محمد جونپوريءَ جي سهروردي طريقي يا سلسلي سان لاڳاپيل هجڻ جي ته انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مهدي موعود واري دعويٰ کان پهرئين سيد محمد جونپوري سهروردي طريقي يا سلسلي جو هو.“(13)

سندس ئي لکيل انهن اقتباسن جي روشني ۾ اِهو بلڪل چٽيءَ طرح واضح ٿي وڃي ٿو ته سيد ميران محمد جونپوري مسلڪ جي لحاظ کان اِهل سنت سان تعلق رکندو هو ۽ اُن سان گڏ اِهل سنت جي ئي تصوف وارن چئن سلسلن مان هڪ سلسلي ’سهروردي‘ سان واسطو رکندڙ هو. يعني مذهبي لحاظ کان ’پڪو سني‘ هو. هن پاڻ کي ڪڏهن به شيعو ڪونه سڏايو ۽ نه وري ڪنهن مؤرخ به هن کي شيعو لکيو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته سيد محمد المعروف ميران محمد مهدي 14 جمادي الاول سنه 847هه/1413ع ۾ هندستان جي تاريخي شهر جونپور ۾ ڄائو. (تنهنڪري ئي کيس جونپوري سڏيو ۽ لکيو ويو). هن 23- اپريل 1504ع/ 911هه تي وفات ڪئي. کيس خراسان جي علائقي رج ۽ فرح ڳوٺن جي وچ ۾ دفن ڪيو ويو.(14)

شاهه صاحب وري متان اِهو چئي ته سيد محمد مهدي پهريائين سني سهروردي هو ۽ بعد ۾ شيعو ٿيو ۽ مهدويت جي دعويٰ ڪيائين، ته سندس اِهو چوڻ به بلڪل غلط ٿيندو. ڇاڪاڻ ته شيعي مسلڪ وارا ”مهدي“ صرف امام محمد ابن امام حسن عسڪري (ولادت 15 شعبان 56-255هه شهر سامره، عراق) کي ئي مڃيندا ۽ سمجهندا آهن. ۽ سندن عقيدو آهي ته حضرت امام محمد ابن امام حسن عسڪري کان سواءِ ٻيو ڪوبه شخص مهدي ٿي نٿو سگهي.

حوالا

1. مهراڻ، نمبر 4/2005ع، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 177

2. مهراڻ، نمبر 1/2006ع، سنڌي ادبي بورڊ، صفحو 124

3. مهراڻ نمبر 1/2006ع، صفحو 132

4. تاريخ سنڌ، ڪلهوڙا دور، جلد پهريون، ص 188.

محمد سعيد ڌوار، تاريخ بلوچستان، 422-423

5. مهراڻ، نمبر 1/2006ع، صفحو 134

6. مهراڻ، نمبر 1/2006ع، صفحو 128

7. مهراڻ، نمبر 1/2006ع، صفحو 128

8. منشورالوصيت، صفحو 14

9. منشور الوصيت و دستور الحڪومت، صفحو 14

10. منشرور الوصيت و دستور الحڪومت، صفحو 15

11. نادر شاهه، مترجم: طاهر منصور فاروقي، ص 380، لاهور 1998ع.

12. مهراڻ، نمبر 1/2006ع، صفحو 125

 - مهدي شاهه، ابڙو وَڏ وَڙو، صفحو 246

13. مهراڻ، نمبر 1/2006ع، صفحو 128

14. مهراڻ، نمبر 1/1971ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، صفحو 180

نڪولس هينڪي سمٿ مشن سان

نواب ولي محمد خان لغاريءَ جو ورتاءُ

محمد عمر چنڊ

[نوٽ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صدارت هيٺ ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ طرفان ”سنڌڙي تنهنجا شهر ۽ ڳوٺ وسن“  سلسلي جي ان رهاڻ جي موقعي تي پڙهيو ويو، جيڪا نواب ولي محمد خان لغاري جي پونيرن جي ڳوٺ تاجپور وارن سان 23- اپريل 2006ع تي سنڌ ميوزم ۾ رچائي وئي. ]

ٽالپورن جي زماني ۾ سنڌ جي درٻار ۾ آيل جن انگريزن پنهنجون يادگيريون لکيون، اُنهن مان ٽن جون يادگيريون وڌيڪ اهميت جون حامل آهن: هڪرو ليفٽيننٽ هينري پاٽنجر (1809ع)، ٻيو جيمس برنس (1828ع) ۽ ٽيون ايسٽوڪ، جيڪو انهن ٻنهي کان گهڻو پوءِ 1939ع ۾ سنڌ ۾ آيو. انهن يادگيرين ۾ ٻين گهڻين ڳالهين کان سواءِ سنڌ جي داناءُ، بُردبار  ۽ شجاع امير نواب ولي محمد خان لغاريءَ جو ذڪر خاص طرح سان اچي ٿو، جنهن کي اُنهيءَ زماني جي مغرب ۽ مشرق جي اخلاقي، سياسي ۽ تهذيبي تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. جيئن اڄڪلهه جي زماني ۾ مشرق ۽ مغرب جي اخلاق، سياست ۽ تهذيب ۾ جيڪو آمريڪا ۽ برطانيا پاران اُٿاريل تصادم اڄ اسان کي چؤگرد نظر اچي ٿو، اهڙي ئي قسم جو تصادم اڄ کان تقريباً ٻه سال اڳ به موجود هو. مغرب پنهنجي طاقت جي زور تي جيئن ان وقت جي چڱن ۽ باشعار پر کانئن هيڻن مشرقي حاڪمن تي نامناسب بار وجهي رهيو هو، اُهي حالتون اڄ جي سياسي منظر کان مختلف ناهن. پر ان وقت سنڌ جا ماڻهو ڪهڙي اخلاقي سمجهه ۽ برتريءَ سان آراسته هئا، انهي جو مثال نواب ولي محمد لغاريءَ جي نڪولس هينڪي سمٿ جي وفد ۽ جيمس برنس سان ورتاءُ مان پوي ٿو. انهن واقعن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي مقامي حاڪم ۽ سندن عملدار هڪڙي پاسي ”اَشدةءُ عَلَي الکُفارِ وَرُحَمَة بَينَهُم“ جي تصوير هئا ته ٻئي پاسي ”با دوستان مروت با دشمنان مدارا“ جي اصول تي هلندڙ هئا، جيئن اسلامي اخلاق جي تعليم آهي. هن مضمون ۾ هينڪي سمٿ جي مشن جي طرز عمل ۽ نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي انهن سان رواداريءَ واري هلت جو ذڪر ڪيو ويندو.

1809ع ۾ نڪولس هينڪي سمٿ کي سنڌ جي درٻار ۾ موڪليو ويو. ساڻس گڏ هينري ايلس پهرين معاون (مترجم) جي حيثيت سان ۽ رابرٽ ٽيلر ۽ ليفٽيننٽ هينري پاٽنجر معاونن جي حيثيت سان آيا هئا ۽ ساڻن ڪي ملٽري جا عملدار به آيا هئا، جن مان ڪئپٽن ڪرسٽيءَ جو نالو اهم آهي. انهيءَ زماني ۾ هندوستان ۾ انگريزي حڪومت طرفان ايران ۽ سنڌ جي حاڪمن تي اهڙيءَ طرح اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش جو خاص سبب اهو هو جو فرانس جي نيپولين بوناپارٽ جي وڌندر اثر مان هندوستاني انگريز حڪومت کي نوان کٽڪا ٿي رهيا هئا. ان لحاظ کان هندوستان جي انگريز حڪومت نڪولس هينڪي سمٿ کي 1808ع ۾ ايران جي بو شهر ۾ ايجنٽ ڪري موڪليو ته جيئن ايران جي بادشاهن سان لهه وچڙ ۾ اچي، فرانس جي وڌندڙ اثر کي روڪي سگهجي ۽ بامبي جي انهي ساڳئي شهري (سول) عملدار کي 1809ع ۾ سنڌ ۾ ڏياري موڪليائون. هينڪي سمٿ جي انهيءَ مشن جا ٽي مقصد هئا.

* اول ته سنڌ جي اميرن سان هڪ سال اڳ ڪيل معاهدو ٽوڙي هڪڙو نئون معاهدو ڪري.

* ٻيو ته معاهدي جو ماحصل اهو هجي ته فرانس ۽ ٻين يورپ جي قومن کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهجي.

* ٽيون ۽ سڀ کان وڌيڪ خاص ۽ اهم مقصد اهو هو ته سنڌ جي اميرن کي هيسائي پاٽنجر جي لفظن ۾ سندن ”غرور ۽ احساس برتريءَ“ (Arrogance and Superiority) کي اُٿندي ئي ٻُنجو ڏئي سندن آڏو ”ٻن طاقتن جي تناسبي درجي“ (Relative rank of the two powers) جو تعين ڪري کين ان جو احساس ڏياريو وڃي.

مطلب ته علائقي جي ننڍن بادشاهن يا حاڪمن کي احساس ڏيارجي ته سندن حيثيت هندوستان جي انگريز حاڪمن جي آڏو ڏَن يا آنڪي ڀريندڙ واري هئي ۽ اُنهن کي اهڙيءَ حيثيت سان رهڻ گهرجي ۽ انگريز حاڪمن سان لهه وچڙ وقت انگريزن جي اها اوچي ۽ ارفع حيثيت نه رڳو کين ذهن ۾ رکڻ گهرجي پر عملي طرح ان حيثيت جو ڏيکاءُ ٿيڻ گهرجي.

انگريزن سنڌ جي ٺٽي ۽ شاهبندر ۾ پنهنجون تجارتي ڪوٺيون پهريون دفعو غلام شاهه ڪلهوڙي جي اجازت نامي هيٺ 1758ع ۾ وڌيون. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي زماني ۾ سنڌ سرڪار وٽان، انگريزن جي چوڻ مطابق، ”ايڏي مداخلت وڌي وئي“ جو انگريزن کي 1775ع ۾ ڪوٺيون ۽ ڪارخانا بند ڪرڻا پيا. ٽالپر حاڪمن جي اچڻ کان پوءِ 1799ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپر جي فرمان جاري ڪرڻ سان وري انگريزن سان تجارتي ناتا بحال ٿيا، ۽ مسٽر ڪرو (Crowe) دلال ٿي آيو. پر ميرن جڏهن ٽيپو سلطان سان انگريزن جي طرفان ٿيل زيادتين جا داستان ٻڌا ۽ ڪابل جي زمان شاهه وٽان به سنڌ جي حاڪمن تي انگريزن سان تعلقات نه رکڻ بابت دٻاءُ پيو ته ستن مهينن جي اندر سنڌ حڪومت جي حڪم تي مسٽر ڪرو اها ڪوٺي بند ڪري واپس ويو هليو. 1801ع ۾ مير فتح علي خان گذاري ويو ۽ اُن جي جاءِ تي مير  غلام علي خان حاڪم ٿيو، جنهن 1803ع ۾ پنهنجو وڪيل بامبي موڪلي، پنهنجي ڀاءُ جي رويي تي معذرت ڪري، انگريزن سان ٻيهر ناتا استوار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر انگريز حڪومت تقاضا ڪئي ته ڪوٺين بند ڪرڻ تي ڪمپنيءَ کي جيڪو نقصان ٿيو هو اُهو سنڌ حڪومت ڀري ڏئي. انهيءَ ڳالهه تي ٻئي ڌُريون ڪونه ٺهيون ۽ ناتن استوار ٿيڻ جو اهو معاملو ماٺو رهيو. پر جڏهن 1808ع ۾ انگريز حاڪمن کي فرانس جي وڌندڙ اثر جو خطرو محسوس ٿيو ته ڪئپٽن ڊيوڊ سيٽن  (Captain David Seton) کي حيدرآباد موڪلي سنڌ جي حاڪم مير غلام عليءَ سان 18- جولاءِ 1808ع تي هڪڙو معاهدو ڪيائون، جنهن ۾ ”ڪرو“ جي ڇڏيل ڪوٺين جي نقصان ڀرائڻ جي تقاضا تان انگريز دستبردرا ٿيا.هيءُ معاهدو، جيڪو بامبي جي گورنر جوناٿن ڊنڪن طرفان ڪئپٽن ڊيوڊ سيٽن سنڌ جي حاڪم مير غلام عليءَ سان ڪيو، ڪمپني ۽ سنڌ جي حاڪمن جي وچ ۾ ستن آرٽيڪلن تي مشتمل هو(1) .

(1) مضبوط ناتن (Firm alliance) جو وعدو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته هڪڙي حڪومت جا دوست ٻيءَ جا به دوست سمجهيا ويندا ۽ هڪڙيءَ جا دشمن ٻيءَ جا دشمن سمجهيا ويندا، ۽ هيءُ معاهدو هميشه (For ever) رهندو.

(2) ٻنهي حڪومتن مان ڪنهن به هڪ کي جڏهن فوجي مدد جي ضرورت پوندي ته اُها گهرڻ تي مهيا ڪئي ويندي.

(3) هڪڙيءَ حڪومت وٽان ناراض ٿي ڀڳل (Disaffected) کي ٻيءَ حڪومت وٽ پناهه نه ڏني ويندي.

(4) جڏهن سنڌ جا عملدار جنگي ساز سامان انگريز ڪمپنيءَ کان خريد ڪرڻ چاهيندا ته کين اهڙي سامان وٺڻ جي اجازت ۽ مدد ڏني ويندي، ۽ پئسن ادا ڪرڻ تي کين روانگيءَ جي اجازت ڏني ويندي.

(5) اهڙي دوستي وڌائڻ جي سلسلي ۾ ڪمپنيءَ جو انگريز ايجنٽ سنڌ جي درٻار ۾ رهندو.

(6) ڪرو جي زماني ۾ پيل نقصان جي تقاضا تان هٿ کنيو ٿو وڃي.

(7) سنڌ حڪومت جي اجازت سان فقط ٺٽي شهر ۾ هڪ اهڙي فيڪٽري ٺاهڻ جي اجازت هوندي، جهڙي فيڪٽري ڪلهوڙن جي زماني ۾ هئي.

پر انگريز ڪمپنيءَ جي ”سپريم گورنمينٽ“ هن معاهدي کي پاس (Ratify) ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن هينڪي سمٿ وارا سال کان پوءِ سنڌ ۾ وارد ٿي رهيا هئا ته اُهي هڪڙي نئين خيال ۽ نئين جذبي سان پئي آيا. نين حالتن ۽ نئين حاڪميت واري پاليسيءَ پٽاندڙ انگريزن هاڻي سمجهيو ٿي ته سنڌ جي حاڪمن سيٽن سان جيڪو ورتاءُ ڪيو هو، اهو اهڙو سهڻو نه هو جهڙو سندن خيال مطابق هئڻ گهرجي ها، ۽ سندن خيال مطابق نڪي سيٽن کي سنڌ جي حاڪمن سان اهڙي نرمائي ۽ رواداريءَ واريون ڳالهيون ڪري کين ايڏي ڇوٽ ڏيڻ کپندي هئي ۽ نڪي اهڙا معاهدا ڪرڻ کپندا هئا جن جي ڪري سنڌ جي حاڪمن کي آنڪي ڀريندڙ حاڪم سمجهڻ بدران سندن ”آزادي“ کي قبول ڪيو ويو هجي. سندن خيال مطابق انگزيز ايجنٽ سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو هو، ان ۾ سنڌ جي حاڪميت جي برتري (يا چئجي ته آزادي) ٿي ظاهر ٿي. هن ڀيري هينڪي سمٿ ۽ ساڻس گڏ عملدارن جو جيڪو وفد موڪليو هئائون انهن کي پاٽنجر جي چوڻ موجب خاص طرح اهڙيون هدايتون مليل هيون ته سنڌ جي حاڪمن جي اهڙي ”ناروا يا نامناسب“ Impropriety انداز کي سختيءَ سان دٻايو وڃي ۽ گفتگو يا عمل سان جيڪڏهن انگريز حڪومت جي ڪنهن نموني گهٽتائي يا سنڌ حڪومت جي برتري ظاهر ٿيندي هجي ته برملا ناراضپي جو اظهار ڪيو وڃي. يعني انگريز حڪومت جي نمائندن کي جيڪا عزت ۽ برتري ملڻ کپي ان ۾ جيڪڏهن ڪا گهٽتائي ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ته اُن جي خلاف فوراً ناراضپي (Resentment) جو اظهار ڪيو وڃي، ۽ ان جو تدارڪ ڪيو وڃي، ۽ سنڌ جا حاڪم انگريز حڪومت جي مقابلي ۾ جيڪڏهن ڪنهن برتريءَ جا دعويدار ٿيندا هجن ته ان کي بيٺي پير رد ڪيو وڃي(1) . پاٽنجر جا لفظ آهن.

''The envoy from the governor general had therefore the most pointed instruction to repress every attempt at similar impropriety and to be scrupulously exact in resenting any omission of that respect due to the British power in India، as well as any superiority claimed by the rulers of Sindh.''

ايسٽوڪ، جيڪو سنڌ ۾ 1839ع ۾ آيو، اهڙي خيال ۽ رويي کي ”عجيب ۽ ناخوش آئند“ (بدشگونيءَ وارو يا نحس) (Strange and ominous) سڏيو(2) . ايسٽوڪ لکي ٿو ته هڪ غير متعصب پڙهندڙ انهيءَ ڳالهه تي کلندو جڏهن کيس خبر پوندي ته ڪيئن انگريز حاڪمن طرفان هڪڙي پاسي اميرن سان اهڙي حسد ۽ شڪ جو اظهار به پئي ڪيو ويو ۽ سنڌ سان ابدي دوستيءَ جون دعوائون به پئي ڪيون ويون ته ٻئي پاسي انهن ساڳين حاڪمن جو ڪابل وارو سفير هندوستان جي گورنر جنرل کي آڀاري رهيو هو ته سنڌ تي قبضو ڪيو وڃي ۽ ان جي اُپت جو وڏو حصو سندس فطري دشمن (ڪابل جي حڪومت) کي ڏنو وڃي ۽ ملڪ کي هندوستان جي انگريزي علائقن سان ملحق ڪيو وڃي. ايسٽوڪ لکي ٿو ته خوشقسمتيءَ سان اهو منصوبو ان وقت جي گورنر جنرل منٽو رد ڪيو(3) .


(1)  C.U. Aitchison, A Collection of Treaties, Engagements and Sanads relating to India and Neighbouring Countries, volume VIII (Chapter XIV Sukkur Agency, Sind), 1929, Mittal Publications, Delhi, 1983, p. 292-293.

(1) Lt. Henry Pottinger, Travels in Baluchistan and Sindh, London 1816, reprint Indus Publications, Karachi, 1976, p. 335 footnote.

(2) E.B. Eastwick, A glance At Sindh Before Napier, or Dry Leaves from Young Egypt, 1849, Reprint OUP, Karachi 1973, p. 243.

(3) Eastwick, p. 243-244.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com