سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ سيارو 2006ع

 

صفحو :7

الغرض، انگريز عملدارن سان ڀريل ماريا نالي هيءُ ٻيڙو ”پرنس آو ويلس“، ٻن ملٽري ٻيڙن جي حفاظت ۾، 27-اپريل تي ممبئيءَ مان روانو ٿي 9- مئي 1809ع تي ڪراچيءَ پهتو، جتي حڪومت طرفان ڏنل آڌرڀاءُ ۽ مشن جي عملي طرفان 15 توپن جي سلاميءَ سان سندن آجيان ڪئي وئي. پر مشن جي ماڻهن مقامي ماڻهن کي پئسا ڏئي پنهنجي خرچ تي گهڻي خلق گڏ ڪرائي مشرقي دستور مطابق پنهنجي پاڻ جو آڌرڀاءُ ڪرايائون!

نواب ولي محمد خان جون مشن جي هنن ماڻهن سان ملاقاتون تقريباً هڪ مهينو پوءِ هيڪر ٺٽي ۾ ۽ پوءِ وري حيدرآباد ۾ ٿيون، پر نواب صاحب سان سندن ملاقاتن جي اهميت سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ڏسجي ته اهي سفير ڪهڙا ارادا ۽ ڪهڙيون توقعات کڻي سنڌ پهتا هئا، ۽ نواب صاحب ۽ مقامي باصلاحيت ماڻهن جي تدبر جي ڪري ڪيئن هو پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا.

پاٽنجر جي لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪراچيءَ پهچڻ شرط انگريزن وڏيون وڏيون تقاضائون ڪيون ته اسان جو ٻيڙو فلاڻي هنڌ بيهي ۽ اسان جي ماڻهن کي قلعي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هجي، نه ته اسان جو سفير ڪراچيءَ جي گورنر سان نه ملندو. ڪراچيءَ جي گورنر هنن ماڻهن کي ٻڌايو ته هو پنهنجي حاڪمن جي حڪم مطابق هلندو. انگريزن جو سفير ساڻس ملي ته ملي نه ملي ته خوش هجي. پاٽنجر ڪراچيءَ جي گورنر جي قد بت، رنگ روپ ۽ لباس متعلق ۽ سندس عملي بابت اڻ سونهائيندڙ ۽ اڻوڻندڙ لفظ استعمال ڪيا، جن مان انگريزن جي نسل پرست (Racist) هجڻ جو ثبوت ٿو ملي. گورنر لاءِ لکيائين ته (He was a mean looking little fellow, with a dress corresponding) ان کان پوءِ جڏهن حيدرآباد مان اميرن وٽان اجازت جو خط آيو ته مشن ڀلي حيدرآباد اچي ته ان خط جي لفظن تي ڪيترا اعتراض ڪيائون ته هن خط مان وڏائي ٿي جهلڪي، انڪري هن جو جواب نه ڏنو ويندو. اميرن ڏانهن موڪليل خط ۾ لکيائون ته جيئن ته هن خط مان اميرن جي نامناسب فضيلت، (Unwarrantable assumption of rank) ۽ انگريزن جي ”اعليٰ ۽ ارفع مقام واري“ (Exalted) حڪومت کي عزت ڏيڻ جي گهٽتائيءَ جي مفروضي تي لکيو ويو آهي انڪري هن خط ۾ ڄاڻايل مواد جو ڪنهن به طرح جواب نٿو ڏئي سگهجي. جيستائين ان خط جو جواب اچي تيستائين پاٽنجر جي چوڻ مطابق مختلف هُل هلندا رهيا، جن مان ڪن اندازا ٿي لڳايا ته انهيءَ مشن کي درٻار ڏانهن وڃڻ جي اجازت ملندي، ڪن ٿي چيو ته اهڙي اجازت ڪانه ملندي، ۽ مشن کي اتان ئي واپس وڃڻو پوندو. پر انهن سڀني ڳالهين مان پاٽنجر چوي ٿو ته ظاهر ٿي ٿيو ته سنڌ جي حاڪمن انگريزن جي ارادن کي شڪ ۽ ڊپ جينظر سان ٿي ڏٺو. ڪراچيءَ جي ڇانوڻيءَ تي سنڌ جي ملٽريءَ جي گڏ ٿيڻ مان به انهيءَ خوف جو اظهار ٿي ٿيو. بهرحال ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نيٺ سنڌ جي درٻار مان خط آيو ته آخوند محمد بقا مهماندار جي حيثيت سان سفير جي خدمت ۾ اچي ٿو، جيڪو بامبي ۾ انگريز حاڪمن سان ملي چڪو هو. پر آخوند محمد بقا جڏهن پهتو ۽ هنن سان ڳالهايائين ته سندن وَٽ سَٽ ۽ چالبازيءَ جي گفتگوءَ جي اندز جي اڳيان ڏئي وٺي بيهي رهيو ۽ منجهانئن ڪنهن چڱائيءَ جي اميد نه ڏسي کڻي چُپ ڪيائين ۽ ڳالهين ۾ ڪا پيش رفت نه ٿي سگهي. سنڌ درٻار تقاضا ٿي ڪئي ته انگريزن سان آيل جنگي ٻيڙن کي واپسيءَ جو حڪم ڏئي، پوءِ مشن حيدرآباد رواني ٿئي. انگريز ايجنٽن جو اصرار هو ته جنگي ٻيڙا اتي بيٺل هجن. ان کان سواءِ اميرن وٽان جيڪي خط ٿي آيا يا انگريزن وٽان اميرن ڏانهن جيڪي خط لکيا ٿي ويا، انهن خطن جي ٻوليءَ تي وڏا بحث مباحثا هلندا رهيا. انگريز سفير جي ماڻهن (مسٽر ايلس فارسيءَ جو ماهر هو) اصرار ٿي ڪيو ته اميرن وٽان آيل خط کي ”حضور وٽان آيل پروانو“ ڪري نه لکبو، جو سنڌ آزاد حڪومت نه پر آنڪي ڀريندڙ حڪومت هئي. آخوند اصرار ٿي ڪيو ته جيڪڏهن اميرن کي ”حضور“ ڪري نه لکبو ته سنڌ جا سڀئي ماڻهو ڪُسجڻ ته قبول ڪندا پر سنڌ جي حاڪمن کي ”حضور“ نه لکڻ جي بي عزتي برداشت نه ڪندا. سنڌ وارن جيڪو لفظ ”ملازمت“ خدمت جي معنيٰ ۾ ٿي لکيو. ان جو مطلب هندوستان مان آيل انگريزن ائين نٿي سمجهيو ۽ ”مؤدت“ جيڪو انگريزن دوستيءَ جي معنيٰ ۾ ٿي لکيو، سنڌ وارن چيو ٿي ته ان جي سنڌ ۾ اها معنيٰ نٿي ورتي وئي. مطلب ته اميرن ڏانهن حيدرآباد خطن لکڻ ۽ اتان جواب اچڻ جي ان ريڙهه پيڙهه ۾، ۽ نيٺ روانگيءَ لاءِ گهوڙن خريد ڪرڻ ۾ تقريباً سڄو مهينو لڳي ويو ۽ انگريز سفير جي اٽالي جون مهيني جي ستين تاريخ جنگي جهاز کي ڪراچيءَ مان بمبئي ڏانهن روانو ڪيو. جيتوڻيڪ عملي ان موسم ۾ ٻيڙي جي ٻڏي وڃڻ جي خطري جو اظهار ڪيو ۽ ڪئپٽن پنهنجي آفيشل راءِ ڏني ته ٻيڙا صحيح سلامت منزل تي پهچي نه سگهندا، سواءِ انهي جي، جو اُتر جي هوا لڳي، جنهن جا آثار ان وقت ڪو نه ٿي ڏٺا (نظر ڪونه ٿي آيا). سنڌ حڪومت ۽ انگريز حڪومت جي وچ ۾ اهي جيڪي بدمزگيون هلي رهيون هيون، انهن جي تناظر ۾ نواب ولي محمد خان سان سندن ٺٽي واري ملاقات کي ڏسبو.

مشن وارا ڪراچيءَ مان ڏهين جون تي حيدرآباد لاءِ روانو ٿي پنج منزلون ڪري ٺٽي اچي پهتا. اهو وفد اڃا ٺٽي ۾ ئي هو جو کين خبر پئي ته نواب ولي محمد خان، ڪنهن ٻئي سرڪاري ڪم سان ٺٽي پهتو هو. ولي محمد خان بابت پاٽنجر لکيو آهي ته هو هڪڙو خانداني امير ماڻهو (نوبل مئن)، هڪ اوچي درجي ۽ مقام وارو (A gentleman of high rank and station) شخص هو. ولي محمد خان ايندي شرط انگريز جي ملازمت ۾ جيڪي سنڌي ماڻهو اچي گهڙيا هئا، تن سڀني کي کڻي ٻڌرايائين (گرفتار ڪرايائين). ان تي سفير جي حڪم تي ايلس وٽس حاضر ٿيو ۽ اعتراض ڪيائين ته هي اسان جو نوڪر اوهان گرفتار ڪري غير دوستاڻو ۽ نامناسب(Un Friendly and Unjustifiable) قدم کنيو آهي، انهن ماڻهن کي فوراً آزاد ڪيو وڃي. پاٽنجر لکي ٿو ته ان تي ايلس ۽ ولي محمد خان جي وچ ۾ ڊگهي گفتگو هلي، جنهن ۾ نواب صاحب چيو ته اوهين انگريز ڪير ٿيندا آهيو ۽ ڇا اوهين پاڻ کي هن ڌرتيءَ جا ڌڻي ٿا سمجهو؟ نواب صاحب اهو به چيو ته ”اسان جي مرضي ته اسين پنهنجي سنڌ جي رعيت سان ڪهڙو به ورتاءُ ڪريون. ڪنهن جا ڪن مهٽيون، ڪنهن کي ڦاسي ڏيون، اسان جي مرضي. جيڪڏهن اسين چاهيون ته پنهنجي شهر ٺٽي کي باهه به ڏئي ڇڏيون. مطلب ته اوهين هن ڌرتيءَ کان ڌاريا ماڻهو ڪير ٿيندا آهيو، جو اسان جي اندروني ملڪي معاملن ۾ مداخلت ڪريو؟“

نواب صاحب سمجهيو ٿي ته جيڪڏهن ڌارين ماڻهن کي اهڙي عام اجازت ڏبي ته اسان جي ملڪ ۾ اچي، اسان جي ملڪ مان ماڻهو پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکي، اسان جي ئي خلاف استعمال ڪن ته پوءِ هنن ماڻهن کي اسان جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ ۾ دير ڪانه لڳندي. ڏکڻ هندوستان، بنگال ۽ هندوستان جي ٻين علائقن ۾ انگريزن اهوئي طريقو استعمال ڪري اتي قبضا ڪيا هئا. مقامي حڪومت جي اجازت کان سواءِ اُتي جي ماڻهن کي نوڪرين ۾ رکي، جهڙي نموني پنهنجو لشڪر ٺاهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ان ڳالهه تي نواب صاحب طرفان فوري قدم کڻڻ بلڪل بجا هو.

ان تي پاٽنجر چوي ٿو ته ايلس نواب صاحب جي ”غصي جي نامناسب روش“ ڏانهن توجهه ڇڪائيندي چيو ته کين خبر ڪانه هئي ته سنڌ حڪومت کي اهو پسند ڪونه هو ته انگريز سفير جي مشن وارا سنڌي ماڻهن کي نوڪريءَ ۾ رکن. جيڪڏهن کين اهڙي خبر هجي ها ته ان جو تدارڪ ڪن ها، پر موجوده حالت ۾ سندن رويو غير دوستاڻو ۽ نامناسب (Unfriendly and indocorous) هو.

نواب صاحب ايلس کان پڇيو ته جيڪي هن چيو پئي ان جي چوڻ جي کيس سفير وٽان اهڙي هدايت ٿيل هئي يا نوجوانيءَ واري پنهنجي فطري مٿي جي ڀوانٽيءَ جي خيال کان هو ائين ڪري رهيو هو. ايلس جواب ڏنو ته هو اِتي سفير جي خواهش تي آيوهو، پر جيڪي هن چيو ان بابت چيائين ته ڪي خاص تفصيلي هدايتون کيس مليل ڪونه هيون ته ڇا چئجي، پر موقعي مهل جي لحاظ کان ڳالهه ڪرڻ جو کيس اختيار هو ۽ چيائين ته هن وقت جيڪو مسئلو درپيش هو، ان ۾ ڇا غلط ۽ ڇا صحيح هو، ان ۾ تميز ڪرڻ اهڙو ڪو ڏکيو ڪم ڪونه هو. نواب صاحب جهڙو عمررسيده ماڻهو، هن ڇوڪراٽ گوري جون اهڙيون گستاخانه ڳالهيون ٻڌي حيران پئي ٿيو، ڇو ته پاڻ جنهن تهذيب ۽ تمدن جي پيداوار هو ان ۾ اهڙي انداز کي لامحاله ٻاراڻي ۽ گستاخانه گفتگو سمجهيو ويندو. پر ايلس جنهن تهذيب ۽ تمدن جي پيداوار هو، ان ۾ وڏ ننڍائيءَ جو ڪو تصور ڪونه هو. ڳالهين ڪندي نواب صاحب ايلس کي ٻڌايو ته اميرن وٽ سندس رُتبو ڪهڙو هو ۽ ڪهڙين مختلف سفارتي مهمن ۾ ڪابل جي بادشاهه يا ٻين اميرن وٽ هو وڃي چڪو هو. اهڙيءَ طرح هن وات ڳاڙهي ڇوڪري جي آڏو نواب صاحب پنهنجي عمر ۽ تجربي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. پاٽنجر جي لفظن مان به ائين ظاهر ٿو ٿئي ته نواب صاحب جي انهن ڳالهين مان ايلس اهو اندازو لڳايو ته نواب صاحب چاهيو ٿي ته ايلس ڳالهائڻ وقت پنهنجي عمر ۽ ناتجربيڪاريءَ جي فرق کي ملحوظ خاطر رکي، پر ايلس تهذيب جو دامن هٿن ۾ جهلڻ بدران نهايت بدتميزيءَ سان نواب صاحب کي ڇوٽ چئي ڏنو ته ”بزرگي بعقل است نه به سال“ ۽ نواب صاحب کي چيائين ته سندس عهدن ۽ درجن جي فهرست ٻڌائڻ سان مٿس ڪو فرق ڪونه پوندو ته موجوده مسئلو- جنهن جي ڳالهه هلي رهي آهي- ان تي سندس مؤقف واضح آهي. (يعني سندس چوڻ مطابق سندن نوڪرن کي نواب صاحب بيجا گرفتار ڪيو آهي).

ان کان پوءِ نواب صاحب سفير جي مشن جي مقصد بابت پڻ چاهيو، پر ايلس تمام بيهوده انداز ۾ اهو ظاهر ڪيو ته سفير پنهنجي مشن جي ڳالهه فقط اميرن سان ڪندو ۽ ان ۾ ٻئي ڪنهن سان اهڙي ڳالهه ڪرڻ يا ان بابت ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪنهن سفارش جي توقع رکڻ سندس چوڻ مطابق هڪ ”احمقاڻو خيال“ هو. جيستائين سفير سان ملاقات جي ڳالهه هئي ته ان بابت ايلس چيو ته اهو نواب صاحب تي آهي ته پاڻ پهريائين سفير سان ملاقات ڪري. ان ڳالهه تي ايلس سان نواب صاحب جي ملاقات ختم ٿي. ٻئي ڏينهن نواب صاحب (مناسب تنبيهه کان پوءِ) ماڻهو آزاد ڪيا. انهن کي آزاد ڪرڻ کان پوءِ نواب صاحب سفير سان ملاقات ڪئي. ٻئي ڏينهن وري سفير ملاقات لاءِ نواب صاحب وٽ آيو. انهن ٻنهي ملاقاتن ۾ انهي ٻوليءَ تي به گفتگو ٿي جيڪا سفير اميرن متعلق لکڻ ٿي چاهي، پر ٻنهي ڌُرين وٽان ان ڏس ۾ ڪا پيشرفت ڪانه ٿي ۽ نواب صاحب حيدرآباد ڏانهن روانو ٿي ويو.

خيالن جي مٿئين ۽ ڪڙي ڪساري  ڏي وٺ جي باوجود، پاٽنجر انهيءَ موقعي تي نواب ولي محمد خان بابت لکندي چوي ٿو ته ”هن امير ماڻهوءَ جي ظاهري شڪل صورت ۽ سندس جاههُ جلال ۽ شان شوڪت انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ شاندار هو جيڪو هنن هيستائين سنڌ ۾ ڏٺو هو. جڏهن هو (انگريزي) ڪارخاني ۾ آيو ته سندس خدمت ۾ ڪيترائي سردار همرڪاب هئا، جن سندس تمام گهڻي تواضع ٿي ڪئي. تمام شاندار لباس پاتل هوس. اڇو جُبو (ٽيونڪ) پاتل هوس ۽ هڪ تمام بهترين قيمتي لونگي سندس چيلهه جي چوڌاري ٻَڌل هئي ۽ هڪري ٻي لونگي جيڪا وڌيڪ سنهڙي مواد مان ٺهيل هئي، سا کيس مٿي تي پٽڪي طور ٻڌل هئي. سندس تلوار هڪ خدمتگار جي هٿ ۾ هئي، جيڪا هن کيس در مان اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ ڏني. سندس منهن مهانڊو ۽ اُٿڻ ويهڻ جو طريقو شاندار ۽ وڻندڙ هو. هاٺي ڪاٺيءَ ۾ هو ڊگهو ۽ سهڻي تناسب واري بناوت وارو هو.“

پاٽنجر لکيو ته کين پوءِ خبر پئي ته هو لغاري قبيلي مان هو، جيڪو گورچاڻي قبيلي جي هڪ شاخ آهي، جيڪي ڪڇ گنداوا کان اُتر طرف جبلن جا رهاڪو آهن، ۽ وڏي قبيلي ”رند“ مان آهن. پاٽنجر لکيو ته”جڏهن سفير سندس ملاقات لاءِ ويو ته ساڻس ٻه سؤ نوڪر چاڪر گڏ هئا. نواب صاحب انهن سڀني کي شربت پيارڻ، مٺايون کارائڻ ۽ عطر گلاب جو پاڻي کين ڏيڻ جو بندوبست ڪيو، ۽ هر ننڍي وڏي شيءِ شاهاڻي انداز ۾ ڪيائين.“

ٺٽي واريءَ انهيءَ ملاقات کان پوءِ نواب صاحب سان انگريز سفير ۽ سندس وفد جون ٻيون ملاقاتون وري حيدرآباد ۾ ٿيون. ٺٽي مان حيدرآباد روانگيءَ لاءِ جاسوسيءَ جي لحاظ کان مشن وارن چاهيو ٿي ته منجهانئن هڪڙو جٿو خشڪيءَ رستي ۽ ٻيو درياءَ رستي حيدرآباد روانو ٿئي. اتفاق سان جيڪي ٻيڙيون مهمانن لاءِ مهيا ڪيون ويون هيون سي سڄي اٽالي کي کڻڻ لاءِ ناڪافي هيون، انڪري مشن وارن جي من جي مراد پوري ٿي.

حيدرآباد پهچڻ کان پوءِ سفير جي ماڻهن جي ميرن جي ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه پهريائين ته انهيءَ نڪتي تي هلي ته مير صاحب جڏهن مسند تي ويهندا ته سفير صاحب ڪرسيءَ تي ويهندو. سنڌ جي اميرن جي مسند ڪو اوچو تخت ڪونه هو، فرش سان لاڳو طولن ويهاڻن سان سجايل مسند هئي، جنهن جو اڄ به سنڌ جي امير خاندانن وٽ دستور آهي. انگريز نيٺ انهيءَ تقاضا تان تڏهن لٿا، جڏهن کين مسند جي صحيح معنيٰ جي خبر پئي. ٻي تقاضا اها ٿي ڪيائون ته جڏهن سفير ۽ سندس عملو درٻار ۾ اندر اچي ته ٽيئي مير صاحب اُٿي بيهن ۽ انهيءَ حالت ۾ بيٺا رهن جيسين سفير مير صاحبن جي ساڄي پاسي پنهنجي مقرر ٿيل جاءِ تي پهچي ۽ موڪلائڻ وقت به ائين ئي ٿئي. اميرن تقاضا ٿي ڪئي ته انگريز جڏهن درٻار ۾ داخل ٿين ته پنهنجا هٿيار ٻاهر ڇڏين جو درٻار ۾ هٿيارن جي موجودگيءَ جي ڪري ماضيءَ ۾ ناخوشگوار واقعا ٿي چڪا هئا. انهن ڳالهين تان گهڻو تڪرار هليو، تان جو انگريزن کي ڏسڻ ۾ آيو ٿي ته شايد ميرن سان ملڻ کان سواءِ کين واپس هندوستان وڃڻو پوي. پوءِ نواب ولي محمد خان کي ماموريت ملي ته اهي مسئلا حل ڪري. نواب صاحب ٻنهي طرفن سان ڳالهه ٻولهه ڪري نيٺ اهو حل ڪڍيو ته مير صاحب سفير جي اچڻ تي اُٿي کيس  آڌرڀاءُ چوندا ۽ درٻار ۾ داخل ٿيڻ وقت انگريز پنهنجا هٿيار پاڻ وٽ نه رکندا.

مقرر ٿيل وقت تي آخوند محمد بقا انگريزن جي سفير ۽ عملي کي درٻار ۾ وٺي ويو ۽ اميرن سان هڪ هڪ ڪري سندن تعارف ڪرايائين. مير صاحب اُٿي بيٺا ۽ سفير فرش تي پنهنجيءَ جاءِ تي ويٺو جنهن کي ٻين جاين کان هڪ سهڻي ڪپڙي سان ممتاز ڪيو ويو هو. رسمي خوش خيرعافيت کان پوءِ ڪجهه دير لاءِ مير صاحب انگريزن سان خلاصا مليا، جتي سفير پنهنجي مشن جي مدعا بيان ڪئي. مير صاحبن ٽن ماڻهن، نواب ولي محمد خان، آخوند محمد بقا ۽ مشتاق رام کي انهيءَ ڪم تي مقرر ڪيو ته انگريزن سان ملي سندن ڳالهين جا حل تلاش ڪن، ۽ ساڻن معاهدو تيار ڪن. اها پهرين ملاقات ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ ٿي، پر ستت ئي ماحول بدلجي ويو. انگريز پنهنجي هوڏ ۽ هٺ جي عروج تي پهچڻ کان پوءِ نرم ٿيا ۽ وزيرن سان ڳالهيون ڪري پنهنجو باقي وقت خوش اسلوبيءَ سان گذاري، معاهدو ڪري، هندوستان روانا ٿيا. پاٽنجر پنهنجي دل کي پرچائڻ لاءِ لکيو ته ”جيئن ته اميرن وڏائيءَ جي گفتگو واري انداز کان پرهيز ڪئي، انڪري ان وقت کان پوءِ جيڪي ڳالهيون ٿيون سي رڳو سياسي نوعيت جون ٿيون.“

''And as the rulers of Sinde had desisted from assuming the tone of imperious authority that had guided their counsels on our first arrival in the country, the discussions thenceforward were purely of a political nature.''

پڙهندڙن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جي اميرن جو اهو دستور هو ته پنهنجي رعيت توڙي ٻين  ماڻهن کي پنهنجي خطن ۾ پنهنجي نالي سان گڏ ”حقير“ ۽ ”فقير“ جي لقبن سان لکندا هئا. هٺ ۽ وڏائيءَ جي اها هوڏ ته هينڪي سمٿ جي عملي ئي شروع ڪئي هئي. سندن هوڏ جڏهن پوري ٿي ته سندن غرور جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي ۽ آئيندي واريون ڳالهيون سهڻائيءَ سان ٿي گذريون. اهڙيءَ طرح چئن شقن تي مشتمل سنڌ جي اميرن سان هيٺيون معاهدو ٿيو.

1. هن معاهدي جي شق نمبر پهرئين مطابق برطانيه جي حڪومت ۽ سنڌ جي اميرن مير غلام علي، مير ڪرم علي ۽ مير مراد عليءَ جي وچ ۾ ”ابدي دوستي“ (Eternal friendship) هوندي.

3. وڪيلن جي باهمي ڏي وٺ ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ جاري رهندي.

4. سنڌ حڪومت فرانس قوم جي قبيلي کي سنڌ ۾ مضبوط (Establish) ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندي.

هيءُ معاهدو 10- رجب المرجب 1224هجري مطابق 22- آگسٽ 1809ع تي لکيو ويو. هندوستان جي گورنر جنرل منٽو، سينٽ جارج قلعي ۾ 16- نومبر 1809ع تي هن معاهدي کي پڪو (Ratify) ڪيو(1) .

اهڙيءَ طرح، جيتوڻيڪ سيٽن سان ڪيل معاهدي کي هڪ لحاظ کان نظرانداز ڪري ختم ڪيو ويو، پر جنهن وڏائي ۽ برتريءَ جون هنبوڇيون شروع ۾ هن مشن جي ماڻهن هنيون ٿي، اُها ڳالهه کين هٿ ڪانه آئي، نڪو ڪو ڪارائتو معاهدو ٺهي سگهيو. ان لحاظ کان مؤرخن هن مشن کي ناڪام سڏيو آهي(2) . هيءُ قالو 25- آگسٽ 1809ع تي ڦليليءَ مان ٻيڙين جي ذريعي روانو ٿي، گونيءَ جي منهن مان ٿيندو، ڪدين(؟) ۽ لکپت مان ٿيندو، آڪٽوبر جي آخر ۾ بمبئي وڃي پهتو. تقريباً ويهن سالن کان پوءِ وري جيمس برنس سنڌ ۾ هڪ معالج ڊاڪٽر جي حيثيت سان سنڌ ۾ آيو ۽ ان جي گهڻي لهه وچڙ نواب ولي محمد خان سان رهي. نواب صاحب 1832ع ۾ وفات ڪئي ۽ ايندڙ ڏهن سالن ۾ روس وٽان انگريزن جي وڌندڙ خطري ۽ افعانستان ۾ انگريزن جي شڪست جي ڪري اهڙيون حالتون ٿيون، جنهن جي ڪري سنڌ تي انگريزن قبضو ڪرڻ ضروري ڄاتو.


(1) Aitchison, p. 317.

(2) Hamida Khuhro, Introduction to ''A Visit to the Court of Sinde'', by James Burnes, OUP, 1974, p.x-xi.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com