سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1974ع

مضمون:

صفحو :10

سڀ کان پهرين مون کي تنهن جو خيال آيو. انهيءَ کان پوءِ پنهنجي معصوم محبت جو. جنهن منهنجي زندگي تو جهڙي عظيم شخصيت سان ڳنڍي ڇڏي هئي.

مگر امان خود پريشان نظر اچي رهي هئي. هن ڪڏهن به مون کي نه چميو هو. مگر انهيءَ وقت هن مون کي هڪ دفعو نه بلڪ ڪيترائي دفعا چميو، ڇڪي مون کي پنهنجي ڀرسان صوفه  سيٽ تي ويهاريو ۽ ڪجهه  شرم محسوس  ڪندي هن چيو ته جيڪو اڌڙوٽ  عمر وارو بزرگ  اسان وٽ ايندو هو، انهيءَ جي زال مري وئي هئي. انهيءَ امان کي شاديءَ جي درخواست ڪئي هئي، هن منهنجي ڀلائيءَ خاطر اها درخواست  قبول ڪئي هئي. اهو ٻڌي منهنجي دل جي دڪ دڪ نهايت تيز ٿي وئي. منهنجي سامهون انهيءَ وقت صرف هڪ ئي خيال هو ۽ اهو تنهنجو خيال هو...!

مون چچريل آواز ۾ امان کان پڇيو، ”اسان رهنداسون ته هتي نه...؟“

”نه، اسان انسبروڪ هلنداسون. اتي ”فرڊيننڊ“جو هڪ عاليشان بنگلو آهي.“

انهيءَ کان وڌيڪ مون ڪجهه به نه ٻڌو. منهنجي اکين جي اڳيان اوندهه اچي وئي ۽ مون کي خبر پئي ته مان بيهوش ٿي وئي هيس. انهيءَ وقت جذبات جي شدت کان منهنجون مٺيون بند ٿي ويون هيون ۽ پٿر جو بت بنجي فرش تي ڪِري پئي هيس.

انهيءَ کانپوءِ ڇا ٿيو....؟ مان توکي ڇا ٻڌايان... چند ڏينهن ۾ ئي ڇا مان ڇا ٿي ويو. ڪهڙيءَ طرح هڪ بيوس  ڇوڪريءَ انهن طاقتور بزرگن جي خلاف بغاوت ڪئي. مگر سڀ بيڪار... هن وقت  جڏهن انهيءَ واقعي  جي باري ۾ سوچيان ٿي ته منهنجا هٿ ڏڪڻ لڳن ٿا. لکڻ مشڪل ٿي ٿو پوي. مان پنهنجي اصلي  راز کي انهن تي ظاهر ڪري نه سگهيس، جنهنڪري  منهنجي بغاوت ناڪام رهي. انهيءَ  کانپوءِ مون کي ڪجهه به نه ٻڌايو ويو. منهنجي پرپٺ ئي سڀ تياريون ٿينديون رهيون. جڏهن اسڪول کان گهر موٽندي هيس ته ڏسندي  هيس ته ڪان هڪا شئي پنهنجي جڳهه تان هٽيل آهي ۽ وڪبي وئي  آهي. اهو ڏسي منهنجي دل ٽٽي پوندي هئي. آخر هڪڙي ڏينهن مان ماني کائڻ ويس ته مون ڏٺو ته فرنيچر وارن گهر کي خالي ڪري ڇڏيو  آهي. خالي ڪمرن ۾ سامان سان ڀريل ڪجهه ٽرئنڪون ۽ ٻه مسافريءَ جا پلنگ رهجي ويا هئا. اسان کي اتي صرف هڪ رات باقي رهڻي هئي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو انسبروڪ وڃڻو هو.

انهيءَ آخري ڏينهن اوچتو ئي اوچتو مون کي ائين محسوس ٿيو هو جيئن مان توکان جدا ٿي زنده رهي نه سگهنديس. منهنجي لاءِ صرف تون ئي منهنجي زندگي هئين. اهو چوڻ منهنجي لاءِ مشڪل آهي ته انهيءَ  وقت مان ڇا سوچيندي هيس. يا نا اُميديءَ جي انهيءَ گهڙيءَ ۾ سوچڻ جي لائق هيس به يانه. امان ٻاهر ويل هئي. مان پنهنجي اسڪول جي ڪپڙن ۾ جيئن ئي  ئي هيس تيئن ئي اُٿي کڙي ٿيس، ۽ تنهنجي دروازي تي وڃي پهتيس. مان چئي  نٿي سگهان ته مان ازخود اتي ڪيئن پهچي ويس. انهيءَ  وقت منهنجو انگ انگ جذبات کان ڦڙڪي رهيو هو. ٽنگون ٿڙڪي رهيون هيون. ائين معلوم ٿي ٿيو جيئن ڪا چقمقي طاقت مون کي تنهنجي دروازي تائين ڇڪي وٺي آئي هئي. انهيءَ وقت منهنجيءَ دل ۾ صرف هڪ ڳالهه هئي ته پنهنجي پاڻ کي ڪنهن به طرح تنهنجي قدمن ۾ اڇلي وجهان، ۽ ايترو چوان ته مون کي هڪ نوڪرياڻي وانگر يا هڪ داسي وانگر پاڻ وٽ رک! مون کي ڊپ آهي پندرهن سالن جي بي سمجهه ڇوڪريءَ  جي انهيءَ بيوقوفيءَ تي توکي ضرور کل ايندي. انهيءَ وقت غيرارادي طور منهنجو هٿ کڄي ويو ۽ گهنٽيءَ جو بٽڻ دٻايم. انهيءَ جو تيز آواز  اڄ به منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي. پوءِ خاموشي ڇانئجي وئي. منهنجي دل جي سڄي ڌڙڪن گهڙيءَ پل لاءِ بند ٿي وئي، نسن ۾ رت جو دورو ڄڻ ته بيهي ويو. صرف تنهنجي  قدمن جي آواز ٻڌڻ لاءِ منهنجا ڪن اُپڙا ٿي ويا.

ليڪن تون نه آئين _ ڪو به ڪونه آيو. انهيءَ وقت گهر ۾ ڪو به نه هو. تون ڪاڏي ٻاهر نڪري ويو هئين. تنهنجي غيرحاضريءَ ۾ ”جان“ به ڪيڏانهن نڪري ويو هو. آخرڪار گهنٽيءَ جي تيز آواز جو پڙاڏو ڪنن ۾ کڻي واپس خالي ڪمري ۾ آيس، ۽ ٿڪاوٽ کان چُور  ٿي فرش تي ليٽي پيس. چند قدمن سان ئي ايترو ته ٿڪجي پيئي هيس ڄڻ ته مون ڪلاڪن جا ڪلاڪ پنڌ ڪيو هو، مگر مون کي توسان ڳالهائڻ جو خواهش ساڳئي اشتياق سان رهي. مان توکي يقين ٿي ڏياريان ته انهيءَ  وقت منهنجي دل ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ٻيو برو خيال نه هو. مان انهيءَ  وقت بلڪل بي سمجهه هيس، توکي ڇڏي مون ٻيو ڪجهه سوچيو ئي نه هو. مون صرف ايترو گهريو ٿي ته توکي هڪ دفعو ڏسي ڇڏيان ۽ توسان چنبڙي خوب روئان ۽ دل جو بار هلڪو ڪيان.

اها سڄي رات مان تنهنجي راهه تڪيندي رهيس.

جيئن ئي امان ٻاهر ويئي تيئن مان دٻيل پيرن سان ڪمري ۾ آيس ۽ تنهنجي موٽڻ جي آواز جو بيصبريءَ  سان انتظار ڪرڻ لڳيس. جنوريءَ جي انهيءَ رات  جو سخت سيءُ  پئجي رهيو هو، بيهي بيهي مان ٿڪجي چور ٿي پيس، منهنجي انگ انگ  ۾ سور ٿي پيو، گهر ۾ ڪا ڪرسي به نه هئي جنهن تي مان ويهي سگهان. مان فرش تي ليٽي پيس، دروازي جي هيٺان ايندڙ هوا جا سرد جهوٽا مون تي  ڳڙا وسائڻ لڳا. مون انهيءَ وقت  اها گرمي نٿي چاهي جنهن سان مون کي ننڊ اچي وڃي، ۽ مان تنهنجي اچڻ جو آواز ٻڌي نه سگهان. منهنجا هٿ پير ٺري سُڪي پيا انهيءَ خوفناڪ اوندهه ۾ خدا ڄاڻي ايڏو سخت سيءُ ڪٿان پئي آيو. مان هر هر اٿي ويٺيس، سڄي رات مان تنهنجي راهه نهاريندي رهيس. ڏسندي رهيس ائين جيئن مان پنهنجي ڀٽڪيل قسمت جي راهه تڪي رهي هيس!

آخرڪار انهيءَ وقت صبح جا ٻه يا ٽي ٿيا هوندا، ته مون دروازي کلڻ ۽ ڏاڪڻ تي ڪنهن جي قدمن جي آواز ٻڌو ۽ هڪدم سيءَ جو احساس غائب ٿي ويو. منهنجي نسن ۾ گرميءَ جي لهر ڊوڙي ويئي، مون آهستگيءَ  سان دروازو کوليو، دل چاهيم ته ڊوڙي تنهنجي قدمن کي چنبڙي پوان، مان چئي نٿي سگهان ته انهيءَ  ڪيفيت ۾ ڇا ڇا ڪري وجهان ها، تنهنجي قدمن جو آواز ويجهو اچڻ لڳو، پوءِ بتي ٻري، ڏڪندڙ آڱرين سان مون دروازي جي هٿئي کي مضبوطيءَ ساڻ پڪڙيو دل آوازڏنو، ڇا اهو تون ئي هئين جو اچي رهيو هئين!

ها منهنجا پيارا، اهو تون ئي هئين _صرف _تون!

ليڪن انهيءَ وقت تون اڪيلو نه هئين، مون هڪ سنهڙو زنانو آواز اهستگيءَ سان ٻڌو، پوءِ ريشمي ڪپڙن جي ڦڙ ڦڙ تنهنجو خواب آلود آواز ڪيڏو نه سنجيده ۽ ڪيڏو نه آهستي_؟ توسان گڏ هڪ عورت به هئي.

مان اڳتي ٻڌائي نٿي سگهان ته اها رات منهنجي ڪيئن گذري_!

صبح جو سويل ئي اٺين بجي امان انسبروڪ وڃڻ لاءِ تيار ٿي چڪي هئي، ۽ هينئر سندس مرضيءَ جي خلاف هلڻ لاءِ مون ۾ ڪا طاقت نه رهي هئي.

واپسي:  

منهنجو سڳو پيءُ ڏاڍو خاموش طبيعت ۽ گهٽ ڳالهائو هو. هو مون تي ڏاڍو مهربان هو. امان مون سان ٿيڻ واري اڻڏٺل ظلم جي خيال کان منهنجي هر خواهش پوري ڪندي هئي. انهن ڏينهين مون جيتريون ڇوڪريون مون کي پنهنجي ساهيڙي بنائڻ لاءِ هروقت بيقرار رهنديون هيون. مگر مان سندن ساهيڙپ جي ڊگهيريل هٿن کي ٿڏي ڇڏيندي هيس. مون خوش رهڻ نٿي چاهيو، توکان پري ٿي خوش رهڻ مون کي هرگز پسند نه هو. انهيءَ  ڪري مون پنهنجو پاڻ ڏک ۽ اڪيلائيءَ جي احساس جي حوالي ڪري ڇڏيو. منهنجي لاءِ جيڪي  نوان ڪپڙا امان کڻي  ايندي هئي مان انهن کي ڪڏهن به نه پائيندي هيس، ان سان گڏجي ٻاهر وڃڻ کان به نٽائيندي هيس. ٿئيٽر، ناچ گانا  ۽ سير وتفريح مون کي ڪجهه  به نه وڻندا هئا، ۽ مان ڪڏهن ڀلجي به پير ٻاهر نه رکندي هيس.  ڇا تون انهيءَ ڳالهه تي يقين ڪندين ته هن ننڍڙي شهر ۾ جتي مان ٻه سال رهيس، ڊزن کن گهٽيون به نه گهميون. غم انهن ڏينهن منهنجي لاءِ راحت ۽ خوشيءَ  جو باعث هو. مون ٻاهرين خوشيءَ کي تياڳ ڏيئي ڇڏيو ۽ هردم پنهنجي اندر تنهنجي فراق ۽ درد جي لذت ۾ مدهوش ۽ بيخبر رهندي هيس. مون نٿي چاهيو ته ڪا به شئي منهنجي انهي زندہ رهڻ جي خواهش کي مجروح ڪري، گهر ۾ اڪيلي ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ ڏينهن جا ڏينهن ويهي تنهنجي باري ۾ سوچيندي هيس. ڪيتريون ئي ننڍڙيون تنهنجون معصوم يادگيريون منهنجي دل جي ڌڙڪن سان گڏ جهونگارينديون رهنديون هيون. جڏهن کان تون منهنجي زندگيءَ ۾ آيو هئين، تڏهن جون اهي ننڍڙيون ننڍڙيون تصويرون ڏينهن ۾ ڪيترائي دفعا منهنجي نظرن جي اڳيان تري اينديون هيون. مان انهن کي ڏسندي ئي ڏسندي رهندي هيس.

اهڙيءَ طرح منهنجي سڄي زندگي توتي ئي نڇاور ٿي چڪي هئي. مون تنهنجا سڀ ڪتاب خريد ڪيا، جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن تنهنجونالواخبار ۾ شايع ٿيندو هو ته اهو ڏينهن منهنجي لاءِ عيد برابر هوندو هو. تون اعتبار ڪندين ته مون تنهنجن ڪتابن کي ايترا دفعا پڙهيو هو جو انهن جو هڪ هڪ لفظ منهنجي دماغ ۾ نقش ٿي ويو هو. رات جو جيڪڏهن ڪو مون کي جاڳائي تنهنجو ڪو به فقرو  چوي ته مان انهيءَ کان اڳتي باقي پئرا بنا ڪنهن هٻڪ جي اڄ تيرهن سالن کان پوءِ به ٻڌائي سگهان ٿي. تنهنجو هر لفظ منهنجي لاءِ انجيل وانگر پاڪ ۽ عزيز هو. منهنجي لاءِ جيڪڏهن هن دنيا جو وجود هو ته صرف تنهنجي ڪري! وائنا جي اخبارن ۾ ناچ گانن وغيره جي پروگرامن جي رپورٽ پڙهندي هيس ته سوچيندي هئس ته انهن سڀني کان بهتر توکي ڪهڙو لڳندو هوندو. شام ٿيندي هئي ته مان تصور ۾ توسان گڏ هوندي هئس. هاڻي تون هال ۾ داخل ٿي رهيو آهين..... هاڻي تون پنهنجي مخصوص  جاءِ تي ويٺو آهين.... هزارين دفعا اهي ئي خيال منهنجي دل ۾ اُٿي کڙا ٿيندا هئا.

انهن سڀني ڳالهين کي مان ڇو ٿي پئي ياد ڪيان؟ هڪ ٺڪرايل ڇوڪريءَ جي غمناڪ داستان کي ڇو ٿي بيان ڪيان؟ .. جنهن کي توسان بي انتها محبت رهي هجي انهيءَ جي باري ۾ مان ڇا ٿي چئي سگهان؟ جنهن جي چاهت ۽ غم جو توکي خواب خيال به نه هوندو. مان اڃان به هڪ معصوم ۽ سادي ڇوڪري هئس. انهيءَ وقت منهنجي عمر سترهن ۽ ارڙهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي. هاڻي رستي تي هلندي نوجوان مون کي گهوريندا هئا. مون کي سندن انهيءَ  حرڪت تي سخت ڪاوڙ ايندي هئي. توکان سواءِ ڪنهن ٻئي سان پيارڪرڻ ته  درڪنار، سوچڻ به منهنجي لاءِ گناهه هو. تنهنجي خاطر منهنجا جذبات ايترائي عميق ۽ شديد رهيا هئا جيترا اڳ ۾ هئا. جيئن جيئن مان جوان ٿيندي ويس منهنجي  انگ انگ ۾ مٺي  جهلڪ بيدار ٿيڻ لڳي، ۽ آهستي آهستي منهنجي وجود ۾ تمام وڏو تغير رونما ٿيڻ لڳو. انهيءَ وقت منهنجي محبت وڌيڪ شدت انگيز ۽ هيجالي ٿيڻ لڳي. يقيناً اها هڪ پُر شباب عورت جي محبت  ۾ تبديل ٿي وئي هئي.

منهنجي ساهيڙين جو خيال هو ته مان ڊڄڻي ۽ شرميلي آهيان.... مگر درحقيقت مان پنهنجي منزل هٿ ڪري چڪي هئس، ۽ آهستي  آهستي منهنجي زندگي انهيءَ خيالي منزل طرف وڌڻ لڳي هئي. مان هروقت اهوئي سوچيندي رهندي هئس ته مان وائنا ڪيئن پهچان؟ پنهنجي انهيءَ خيال کي عملي جامي پهرائڻ  لاءِ مون کي ڪافي ڪشمڪش جو مقابلو ڪرڻو پيو. آخرڪار مان ڪامياب  ٿي ويس. منهنجو نڳو پيءُ ڪافي امير ۽ دولتمند  هو. اهو مون کي بلڪل  پنهنجي ڌيءَ  وانگر چاهيندو هو. وري به مون زور ڏنو ته هاڻي مان خود پنهنجي پيرن تي بيهڻ چاهيان ٿي. آخر مون انهن کي راضي ڪري ورتو ۽ انهن مون کي پنهنجي ڪنهن ويجهي عزيز جي ڪپڙي تيار ڪرڻ جي دڪان تي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني.

تڏهن مان وائنا موٽي آيس.

ڇا ان ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته خزان جي انهيءَ شام جوجڏهن مان وائنا پهتيس، ته سڀ کان پهرين منهنجا قدم مون کي ڪهڙو طرف  وٺي ويا..؟ مون پنهنجي پيتي اسٽيشن تي سامان گهر ۾ ڦٽي ڪئي ۽ ٽرام پڪڙڻ لاءِ ڊوڙيس.... هاءِ! ڪيڏو نه آهستي هلي رهي هئي اها ٽرام..جڏهن اها ڪنهن اسٽاپ تي بيهي پئي تڏهن مون کي ڏاڍي پريشاني پئي ٿي. خدا خدا ڪري تنهنجو گهر آيو. مون پري کان ڏٺو ته تنهنجي ڪمري جون دريون روشن آهن. منهنجي دل يڪدم خوشيءَ مان ٽپا کائڻ لڳي. اهو شهر جو هن وقت تائين اڻڏٺل ۽ ايترو سنسان محسوس ٿي رهيو هو. اوچتو ئي اوچتو خوشبوءِ جي مهڪ سان ٻهڪڻ لڳو هو. مون کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته جيئن مون پنهنجي وڃايل زندگيءَ کي وري نئين سر هٿ ڪري ورتو  هو انهيءَ  وقت تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ صرف شيشي جو لطيف پردو حائل هو. مون اهو وساري ڇڏيو ته مان تنهنجي ذهن کان پري واري شئي آهيان. در حقيقت  اسان جي وچ ۾ وڏن وڏن جبلن جون برف پوش چوٽيون ۽ سرسبز واديون حائل هيو. اسان جي وچ ۾ صدين کان پکڙيل ڄار هو. منهنجي لاءِ انهيءَ وقت اهوئي ڪافي هو ته  مان اتي بيهي تنهنجي انهيءَ دريءَ ڏانهن نهاريندي رهان، جنهن ۾ روشني هئي جا تنهنجي گهر جو هڪ حصو هئي جا دراصل منهنجي دنيا هئي....! ٻن سالن کان مان انهيءَ گهڙيءَ جا خواب ڏسندي رهي هئس..... اها گهڙي ... جا هينئر مون وٽ  هئي، ۽ تنهنجي دريءَ  جي بند پٽن جي اندر جهاتي پائڻ  جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي هئي. تون ڪٿي به نظر نٿي آئين!  مگر مان تڏهن به توکي ڏسي رهي هئس. انهيءَ آبر آلود شام جو مان گهڻي دير تائين تنهنجي دريءَ جي سامهون بيٺي رهيس. ايستائين جو روشني بند ٿي وئي.

پوءِ ڪيتريون ئي شامون اهڙيءَ طرح لنگهي  ويون مان روزانو شام جو انهيءَ  جاءِ تي پهچندي هئس. ڇهين بجي تائين مان پنهنجو ڪم ڪندي هئس. جيتوڻيڪ اهو ڪم ڏاڍو سخت ڏکيو، هو مگر تنهن هوندي به مون  کي پسند هو. ڇو ته سڄو ڏينهن شوروم جو گوڙ  منهنجي دل جي بيقراريءَ  کي دٻائي ڇڏيندو  هو. جيئن ئي  دڪان بند ٿيندو هو تئن مان سڌو تنهنجي  گهر ڏانهن هلي ايندي  هئس، جئن توکي هڪ نظر ڏسي وٺان يا صرف هڪ دفعو توسان ملان، بس ايترو ئي مان انهيءَ وقت چاهيندي  هئس. منهنجي اها خواهش هئي ته توکي پري کان ئي نظرن ۾ سمائي ڇڏيان. آخر هڪ هفتي کان پوءِ مان توسان  مليس. انهيءَ  ملاقات  سان مان وائڙي ٿي ويس. انهيءَ وقت مان تنهنجي  دريءَ ڏانهن نهاري رهي هئس، ته تون رستي تي اچي وئين. انهيءَ وقت وري به مان هڪ ڪمزورڇوڪري بنجي ويس... هڪ تيرهن سالن جي ڇوڪري... منهنجا ڳل ڳاڙها ٿي ويا حالانڪ مون کي توکي ڍو ڪري ڏسڻ جي آرزو هئي. مگر منهنجو ڪنڌ شرم کان ازخود جهڪي ويو. پوءِ مان تنهنجي پاسي کان ايترو ته تيزيءَ  سان لنگهي ويس جو ڄڻ ته تون منهنجي پٺيان پيو هئين. پوءِ مون کي ائين ڀڄڻ ۽ ڊڪڻ تي ڏاڍي شرم ۽ پشيمانيءَ جو احساس ٿيو. در حقيقت  مون توسان ملڻ چاهيو ٿي ته ايتري ڊگهي عرصي کان پوءِ ڏسندين ته سڃاڻندين.... مون ڏانهن ڏسي هڪ دفعو مرڪندين. ... مون سان پيار ڪندين...!

ڪافي ڏينهن تائين تو مون ڏانهن ڌيان نه ڏنو. حالانڪ روزانو شام جو مان تنهنجي گهر جي سامهون وڃي بيهي رهندي هئس، ۽ اهڙي وقت جڏهن ٻاهر برف پوندي رهندي هئي يا سياري جي سخت ٿڌي هوا لڳندي هئي، هروڀرو مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ تنهنجي راهه نهاريندي هئس. طويل انتظار کان پوءِ اڪثر ڪري تون پنهنجي دوستن سان گڏ گهر ايندو هئين، ٻه دفعا مون توکي هڪ عورت سان ڏ‎ٺو. هاڻي مان مڪمل جوان ٿي ويئي هئس. منهنجي جذبات ۾ ڪيترائي رنگ اُڀري چڪا هئا. اها حقيقت  مون تي انهيءَ  وقت ظاهر ٿي جڏهن انهيءَ اجنبي عورت کي مون، توکي ٻانهن ۾ ٻانهون وجهندي ڏٺو،  منهنجي دل هڪ شديد چوٽ کان تڙپي اٿي. ڪنهن ٻيءَ عورت جو توسان گڏ هجڻ منهنجي لاءِ حيرت  جي ڳالهه نه هئي. مون کي ننڍائيءَ کان ئي خبر هئي ته تنهنجي گهر ۾ اهڙيون بيشمار عورتون مهمان جي صورت ۾ آيون هيون. مگر هاڻي توسان گڏ ڏسي منهنجي اندر ۾ عجيب ۽ غريب نفرت جي باهه دُکي رهي هئي. دل چاهيو  ته انهيءَ عورت کي ٽي چار ڌڪ وهائي ڪڍان. ٻئي ڏينهن  شام جو مان وري تنهنجي دريءَ جي هيٺان بيٺي  هئس، ۽ هميشه وانگر انهيءَ  بند دريءَ  جي سامهون مان تنهنجو انتظار ڪري رهي هئس.

آخر هڪڙي ڏينهن اها گهڙي نيٺ اچي وئي، جڏهن تو مون ڏانهن ڌيان ڏنو. مون ڏٺو ته انهيءَ وقت تون پري کان اچي رهيو هئين، ۽ انهيءَ وقت مان تنهنجي رستي تان ڪنهن طرح به هٽي نه سگهيس. انهيءَ لاءِ مون پنهنجي پوري طاقت صرف ڪري ڇڏي. انهيءَ وقت  خوش قسمتيءَ سان هڪ مال گاڏي رستي جي وچ ۾ اچي ويئي جنهنڪري توکي بلڪل منهنجي ڀرسان لنگهڻو پيو ۽ انهيءَ ڪري  تو مون ڏانهن نهاريو ، ۽ اهو ڄاڻڻ کان سواءِ ته مان ڪيترو باريڪيءَ سان توکي ڏسي رهي هئس، تنهنجي چهري تي انفرادي  تاثر نمودار ٿيو جنهن سان تون اڪثر ڪري عورتن کي ڏسڻ جو عادي هئين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن ۾ وڄ چمڪاٽ  ڪندي آهي، اهڙيءَ طرح اهو خيال منهنجي  تن بدن ۾ تري ويو. اها پرڪشش نگاهه جا پاڻ ڏانهن ڇڪي ٻين کي بيقرار ڪري ڇڏيندي هئي، جنهن سالن جا سال اڳ هڪ معصوم ۽ اٻوجهه  ڇوڪريءَ  جي دل ۾ سڀئي جذبا بيدار ڪري ڇڏيا هئا. اهي هڪ گهڙي پَلڪ جي لاءِ تنهنجيون نگاهون مون تي ڄميون رهيون ۽ خبر نه آهي ته ڇو مان به پنهنجون نگاهون توتان هٽائي نه سگهيس. تون ڏسندي ڏسندي ڪيڏيءَ مهل اڳتي وڌي وئين، انهيءَ  جي مون کي بلڪل خبر نه رهي. منهنجي دل انهيءَ وقت  ايترو ته زور سان ڌڙڪي رهي هئي، جو مون کي هروڀرو به پنهنجي رفتار آهستي ڪرڻي پئي. جڏهن مون اشتياق  ڀريل نطرن سان پوئتي مُڙي  نهاريو تڏهن ڏسان ٿي ته تون ٿورو پري بيهي مون ڏانهن ئي نهاري رهيو هئين.  تنهنجي چهري تي انهيءَ وقت جي تاثرات  هئا انهن مان مون کي اندازو ٿي ويو ته تو مون کي سڃاتو ئي ڪونه هو_ آهي! مان پنهنجي انهيءَ ڀيانڪ مايوسيءَ کي ڪيئن بيان ڪيان؟ انسبروڪ ۾ قيام جي دوران مون ڪڏهن به تنهنجي باري ۾ سوچڻ نه وساريو. وائنا ۾ توسان ملڻ جي خواهش  هميشه منهنجي سيني ۾ تازي رهي. منهنجي معصوم تصورن ۽ ننڍن خوابن منهنجي جسماني تغير سان گڏ بدلجندا ويا، خطرناڪ شڪن جي ڪري مان راحت جي لهرن جي وچ ۾ ڀٽڪندي رهيس.

ته ڇا مون کان هر طرح سان مُنهن موڙي ڇڏيندين ڄڻ ته مون کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندين، مون کان نفرت ڪرڻ شروع ڪندين.... ڇوته مان تنهنجي لاءِ ڪنهن به ڪم جي شئي نه هيس. انهن ڏينهن مان تنهنجي طرف کان بي رُخي، ناراضگي ۽ نفرت جو تصور ڪندي هئس. سخت نااميد ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي سطحي طور احساس ٿيڻ کانپوءِ به  مون ان قابل نفرت ڳالهه تي ڪڏهن به نه سوچيو هو، ته تون منهنجي وجود جو ئي منڪر ٿي ويندين. مان هاڻي چڱيءِ طرح سمجهي ويئي هئس ته اهو توئي مون کي سيکاريو هو ته انسان جي لاءِ عورت جو وجود هميشه تغير پذير  رهيوآهي. جهڙيءَ طرح چوراهي تي لڳل ڪنهن آئيني ۾ جلدي جلدي ڪيتريون ئي انساني  شڪليون ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهنديون آهن، ساڳيءَ طرح انسان جي ذهن ۾ عورت جي حسن جا مختلف روپ گهڙيءَ پَلڪ جي لاءِ اڀرن ٿا ۽ مٽجن ٿا. ڇو ته وقت جي رفتار عورت جي وجود ۾ نيون نيون ڪرشمي سازيون ڪندي رهي ٿي. جيئن جيئن عورت ۾ شعور جي پختگيءَ  جو احساس وڌندو رهي ٿو، انهيءَ سان گڏوگڏ حسن  ۽ زيبائش جو جذبو  وڌندو رهي ٿو مگر مان ته اڃا تائين به هڪ ڇوڪريءَ  وانگر معصوم ۽ اٻوجهه هئس. تنهنجي انهيءَ وساري ڇڏڻ  جي عادت کي جلدي سمجهي نه سگهيس، جڏهن کان مون توکي ڏٺو هو، تڏهن کان منهنجي خيالن ۾ مستقل طور سان تنهنجو وجود اهڙو هو. اهڙيءَ ڪڏهن ڪڏهن  منهنجي اندر ۾ شڪ پيدا ٿي پوندو هو ته ڇا تون به منهنجي باري ۾ اڪثر سوچيندو رهندو هوندين! منهنجي انتظار ۾ هڪ پل ڳڻيندو رهندو هوندين...! جيڪڏهن مان اهو احساس ڪري ڇڏيان ها ته تنهنجي لاءِ مان ڪجهه به نه آهيان. ۽ تنهنجي ياداشت ۾ منهنجي لاءِ ڪا به جڳهه ڪانه آهي ته پوءِ ايترو وقت مان ڪيئن زنده رهي سگهان ها...؟

انهيءَ ڏينهن شام جو تنهنجي بيباڪ نگاهه مان اهو ظاهر ٿي ويو ته جيستائين تنهنجو ۽ منهنجو تعلق آهي، منهنجي زندگيءَ کي توسان ڳنڍڻ واري ڪا به  لطيف ۽ نازڪ تار نه هئي. انهيءَ ڏينهن پهريون دفعو مون کي حقيقت  جي خبر پئي ته منهنجي قسمت ۾ اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آهي.....؟

مايوسي :

ٻن ڏينهن کان پوءِ جڏهن تون وري مون کي ملئين تڏهن تو ڏاڍي همدرد نظرن سان مون ڏانهن نهاريو.

انهيءَ ڪري نه ته تو انهيءَ ڇوڪريءَ  کي سڃاڻي ورتو هو، جا توکي ايتري ڊگهي عرصي کان پيار ڪري رهي آهي، جنهن ۾ تنهنجي نظر عنايت عورت جي تمام جذبات کي بيدار ڪيوهو_ نه، باڪ تون ارڙهن سالن جي انهيءَ دوشيزه کي سڃاڻي ويو هئين، جا ٻه ڏينهن پهرين توکي انهيءَ جاءِ تي ملي هئي انهيءَ وقت تنهنجي نگاهن ۾ خلوص ۽ حيرت جو جذبو ڪارفرما هو، تنهنجي چپن تي مرڪ رقص ڪري رهي هئي. تون منهنجي ڀرسان ساڳيءَ طرح ئي لنگهي وئين. ٿورو اڳتي وڃي تو پنهنجي رفتار ڍري ڪئي. مان اهو ڏسي ڏڪي ويس، ۽ دل خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳي. منهنجي دل چوڻ لڳي ته تون مون سان ضرور  ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندين. مون کي ائين محسوس ٿيو جيئن پهريون دفعو اڄ تو منهنجي وجود کي تسليم ڪيو آهي.

مان به آهستي آهستي هلڻ لڳس، انهيءَ وقت مون توکان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش بلڪل نه ڪئي.

اوچتوئي اوچتو تنهنجي قدم جو آواز مون کي پنهنجي پيڇي ڪندي ٻڌڻ ۾ آيو، پوئتي مڙي ڏسڻ کان سواءِ ئي مون کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته تنهنجو پيارو ۽ وڻندڙ گنڀير آواز هينئر مون سان مخاطب ٿيندو . بيقراريءَ جي حالت ۾ منهنجا قدم ٿڙڻ لڳا ۽ دل جي ڌڙڪن ايتريقدر  ته وڌي ويئي جو منهنجا پير اڳتي وڌڻ جي طاقت  وڃائي ويٺا ، تڏهن تون منهنجي ويجهو آئين ۽ ڏاڍي پيار سان تو مون کي سلام ڪيو. بلڪل ائين جيئن اسان تمام پراڻا واقف هئاسون،  ۽ حقيقت  اها هئي جو تون مون کي بلڪل نه سڃاڻندو هئين، ۽ نه وري منهنجي زندگيءَ متعلق توکي ڪا خبر هئي. تنهنجو لهجو ايترو ته سادو ۽ دلڪش هو جو مون بنا ڪنهن حجاب جي توکي جواب ڏنو، ۽ پوءِ اسان گڏو گڏ  رستي تي هلڻ لڳاسون.

تون مون کان پڇيو ته ڇا رات جي ماني گڏجي کائي سگهون ٿا_؟

مان ته اڳ ۾ ئي راضي هيس، ڀلا مان توکي ڪنهن به شئي جي لاءِ انڪار ڪيئن ٿي ڪري سگهيس_؟

پوءِ اسان هڪ ننڍڙي  ريسٽورنٽ ۾ رات جي ماني کاڌي، توکي ياد به نه هوندو ته ريسٽورنٽ ڪٿي هئي. تنهنجي  لاءِ ته تمام گهڻين ريسٽورنٽن مان هڪ هئي _ صرف مان ئي تنهنجي لاءِ ڇا هئس. هزارن عورتن مان هڪ کيل، ڊگهي زنجير جي هڪ ڪڙي انهيءَ شام جو ڀلا ٿيو وري ڇا هو جو مان تنهنجي ياد ۾ هميشه تازي  رهان مون توسان تمام ٿورو ڳالهايو ، توکي پنهنجي ويجهو  ڏسي، توکي پاڻ سان مخاطب ڏسي، مونکي ڏاڍي راحت محسوس ٿي رهي هئي. مون نٿي چاهيو ته توکان ڪو سوال ڪيان. تنهنجي قربت جي انهن چند لمحات جي لاءِ مان تنهنجي ساري زندگي شڪرگذار رهنديس. جنهن سان تو مون کي انوکي طريقي سان محسوس ڪرڻ جو موقعو  ڏنو. مون ۾ جي تنهنجي لاءِ عميق جذبات هئا، اهي سڀ درست هئا. تو منهنجي اڳيان جو ڏيک ويک ظاهر  ڪيو انهيءَ کي مان تاحيات وساري نٿي سگهان. انهيءَ وقت توڪا بيقراري ظاهر نه ڪئي ۽ نه وري مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ وٺڻ جو اظهار ڪيو. پوءِ به پهرينءَ ملاقات ۾ تو اهڙي ته دوستانه انداز ۾ يقين ڏياريو جو مان جي شروع کان ئي تنهنجي نه به رهان ها، تڏهن به تون مون کي پنهنجو ڪري وڃين ها.... مان ڪيئن بيان ڪيان ته پنجن سالن جي منهنجي خواهش ڪيتري نه خوبصورتيءَ ۽ پيار سان پايه تڪميل تي پهچي  رهي هئي. منهنجي لاءِ انهيءَ جي ڪيتري قيمت  هئي اهو مان ٻڌائي نٿي سگهان!

رات ڪافي گذري چڪي هئي.

اسان ريسٽورنٽ مان اُٿي ٻاهر آياسون، دروازي تي تو اخلاقاً پڇيو ته مون کي دير ته ڪانه ٿي ٿئي. .. ۽ مون پڇيو ته مان ڪجهه وڌيڪ وقت توهان سان رهي سگهان ٿي...؟ مان توکي ڪيئن ٻڌايان ته مان صرف تنهنجي آهيان....!

مون جواب ۾ آهستگيءَ سان ڪنڌ ڌوڻيو. پوءِ تو مون کان پڇيو ته ڇا مان توسان ڪچهريءَ لاءِ گهر  هلي نه سگهندس...؟

”وڏي خوشيءَ سان...!“

مون بلڪل بي تڪلف مسرت آميز لهجي ۾ جواب ڏنو. اهڙيءَ طرح مون پنهنجي گهٽيل ۽ دٻيل جذبات کي دل کولي تنهنجي سامهون رکيو. مگر مون کي ائين نظر آيو ته منهنجي ايتري جلدي رضامنديءَ تي توکي شڪ جاڳيو. مان نٿي سمجهان ته انهيءَ مان توکي خوشي ٿي يا ڏک ... مگر اهو صاف ظاهر هو ته تون سوچ ويچار ۾ ضرور پئجي ويو هئين. بيشڪ مان اڄ انهيءَ مونجهاري کي سمجهان ٿي. مون کي خبر آهي ته هڪ عورت جي لاءِ پنهنجي بهتريءَ  لاءِ هوءَ پاڻ کي مرد جي سپرد ڪرڻ لاءِ بيقرار هجي، فطرتاً انهيءَ  جي لاءِ لازمي آهي ته هو پنهنجي رضامنديءَ کان پهرين غير دلچسپيءَ جو اظهار  ڪري يا پنهنجي ناز ۽ فخر جو ڄار پکيڙي انهيءَ کان پوءِ ئي کلي ملڻ ان جي فطرت آهي. مون کي خبر آهي ته محض پيشه ور عورتون ئي ايترو جلدي اهڙن اشارن کي قبول ڪري سگهن ٿيون. اهڙيون پيشه ور اٻوجهه قسم جون ڪچيون ڇوڪريون... تون سمجهي نه سگهندين ته مون جيڪا ها ڪئي هئي اها منهنجي خلوص جي انتها ۽ ورهين جي دٻيل ۽ جوانيءَ  جي تمنائن جي مڌر پڪار هئي.

خير، منهنجي انهيءَ اظهار سان تنهنجو خيال مون ڏانهن مبذول ضرور ٿيو، مون ۾ تنهنجي دلچسپي پيدا ٿيڻ لڳي.

جڏهن اسان گڏو گڏ هلي رهيا هئاسون تڏهن مون کي ائين محسوس  ٿيو جيئن تون ڳالهين ڪندي مون کي پوريءَ طرح پرکي رهيو آهين. انساني احساسن ۽ جذبات جي تهه ۾ پهچي، تون سمجهي وئين ته منهنجي انهيءَ رويي ۾ ڪا غير معمولي ڳالهه آهي. ۽ اهو به ته هن حسين ۽ سنجيده ڇوڪريءَ ۾ ڪو راز ضرور لڪل آهي. مون ۾ تنهنجي دلچسپي وڌڻ لڳي. تنهنجي غير معمولي ڳالهين مان مون کي خبر پئي ته تون منهنجي لڪل راز کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهين. تنهنجي مقابلي ۾ منهنجا جواب ڪافي سطحي ۽ وائڙا هئا. پنهنجو راز توکي ٻڌائڻ کان مون کي بيوقوف ئي رهڻ وڌيڪ پسند هو. اسان ٻئي تنهنجي گهر پهتاسون.

منهنجا محبوب! مون کي معاف ڪجانءِ. تون اهو سمجهي نه سگهندين ته انهيءَ ڏينهن توسان گڏ ڏاڪڻ تي چڙهندي مان ڇا محسوس ڪري رهي هئس. مان ڄڻ ته پاڳل ۽ بيخود  ٿي رهي هئس. خوشيءَ  کان منهنجو ساهه روڪجي پئي ويو هاڻي به مون کي جڏهن اهو ڏينهن ياد پوندو آهي، ته منهنجو ساهه روڪجي پئي ويو هاڻي به مون کي جڏهن  اهو ڏينهن ياد پوندو آهي، ته منهنجون اکيون اشڪبار ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهنديون آهن. تنهنجي گهر جي هر شيءِ منهنجي جذبات  جي گهراين ۾ ڄڻ ته سمائجي وئي. هر شيءِ منهنجي ننڍپڻ جي معصوم محبت  جو يادگار هئي. اهوئي دروازو هو جنهنجي پٺيان هزارين دفعا لڪي مون تنهنجو انتظار ڪيو هو. اهائي  ڏاڪڻ هئي..... جنهن تي تنهنجي قدمن  جي آواز ٻڌڻ لاءِ بيقرار رهندي هئس. هتي ئي مون توکي  سڀ کان پهرين ڏٺوهو. اهوئي سوراخ هو جنهن مان ليئو پائي مان تنهنجو  ديدار ڪندي رهندي هئس. اهوئي فرش هو جنهن تي مان ڪيترائي دفعا بيقراريءَ  جي حالت ۾ ليٽي تنهنجي راه نهاريندي رهندي هئس. ڪلف ۽ ڪنجي لڳڻ جو آواز به اهوئي هو، جو هميشه منهنجي لاءِ تنهنجي اچڻ جي گهنٽي هو. منهنجو اٻوجهه ۽ معصوم ننڍپڻ ۽ انهيءَ جون ننڍڙيون ننڍڙيون خواهشون، مطلب ته سڀ ڪجهه انهيءَ گهر ۾ موجود هو. اهائي منهنجي زندگي هئي جا فضا ۾ رقص ڪري رهي هئي. آهستي آهستي .... تون مون سان بلڪل گڏ هئين...تنهنجو گهر.... خوشبوءِ  جو گهر.

منهنجو ائين چوڻ جو ڍنگ توکي سطحي ته ضرور لڳندو، مگر مون کي انهيءَ کان بهتر لفظ  انهيءَ  پهرينءَ  ملاقات  جي تعريف ۾ نٿي سجهيا... ذرا  سوچ ته سهين ته تنهنجي دروازي  تائين پهچڻ  کان اڳ  ۾ حقيقت  ۾ منهنجي  دنيا ڇا هئي. روزمرهه جي رکي ۽ بي مزي دنيا... جنهن ۾ منهنجي گذريل  زندگيءَ  جون طويل   گهڙيون وهنديون رهيون.  تنهنجي هر جي دروازي کان منهنجي خوابن جي طلسمي  دنيا جي شروعات  ٿي ٿي. ڪجهه سوچئي  ته ڪهڙيءَ طرح هزارين دفعا  مون پنهنجي جلندڙ  اکين سان انهيءَ بند دروازي  کي حسرت  سان ڏٺو هو جتان مان  هينئر لنگهي هيس. منهنجي مٿي کي ڀنواٽي اچي وئي هئي. توکي انهيءَ وقت خبر آهي ته مون تي ڇا گذري رهي هئي.

اها سڄي رات توسان گذاري.

اوندهه ۾ جڏهن منهنجي اک کلي ته ڏٺم ته تون مون وٽ بي خبدرستو پيو هئين. مون کي انهيءَ  وقت ائين محسوس  ٿيو ته مان زمين تي نه پر جنت ۾ آهيان. حيرت سان ڏسان ٿي ته تارا منهنجي مٿان نه بلڪ منهنجي پيرن ۾ موتين وانگر پکڙيل آهن. اهي ننڍڙا چمڪندڙ چراغ منهنجي زندگيءَ  جي اونداهي شاهراه تي پاسن کان رکيل هئا ۽ پري تائين چمڪي رهيا هئا انهيءَ وقت مون هڪ دفعو تنهنجي جسم کي احتراماً ڇهيو ۽ پنهنجو پاڻ کي تنهنجي ويجهو ڏسي اکين ۾ خوشي ۽ راحت  جا ڳوڙها لڳا.

صبح جو سويل ئي مان اٿي تو وٽان هلي ويس.

مون کي پنهنجي ڪم تي جلدي پهچڻو هو ۽ ٻيو ته مون تنهنجي نوڪر جي اچڻ کان اڳ ئي وڃڻ  چاهيو ٿي. جڏهن مان وڃڻ لاءِ تيار  هيس ته تو پنهنجو ٻانهون گلي ۾ وڌيون ٿورو وقت غور سان مون کي ڏسندو رهئين... ڇا انهيءَ مان توکي ڪا وسريل ياد اچي رهي هئي يا خوشيءَ جي ڪري مان ايتري  سهڻي ٿي پئي هئس.

مان اتان هلڻ لاءِ تيار ٿيس تو پڇيو.

”ڇا تون پاڻ سان گل کڻي وڃڻ پسند ڪندينءَ _؟“

انهيءَ وقت  تنهنجي لکن واري ميز تي رکيل گلدان ۾ گلاب جا اڇا گل مرڪي رهيا هئا. ننڍائيءَ  ۾ لڪي لڪي ڏسڻ جي ڪري مون کي انهيءَ  جي خبر هئي. تو اهي گل کڻي مون کي پيش ڪيا.

ڪيترن ڏينهن تائين مان انهن کي سنڀاليندي رهيس. انهن مرجهايل گلن کي هر هر مون چميو ٿي ۽ انهن کي ڳوڙهن سان تر ڪندي رهيس.

اسان ٻئي ڏينهن شام جو ملڻ جو وعدو ڪيو.

اها شام به مسرت ڀري هئي. ٽئين ڏينهن شام جو وري تو مون کي سڏيو  ۽ انهيءَ  ڏينهن  تو چيو ته مان ڪجهه عرصي جي لاءِ وائنا کان ٻاهر وڃي رهيو آهيان. ۽ تو وعدو  ڪيو ته جيئن ئي تون واپس ايندين ته تون مون کي ضرور  ٻڌائيندين  انهيءَ وقت مون توکي ٻئي معرفت پنهنجي ائڊريس ڏني. مون پنهنجو اصلي نالو توکي نه ٻڌايو . پنهنجي راز کي مون راز ئي رکيو. رخصتيءَ جي موقعي  تي تو هڪ دفعو وري به گلاب جا گل پيش ڪا _ گلاب جا سفيد گل_ الوداع جا گل_!

ٻن مهينن تائين مان پنهنجو پاڻ کي روڪيندي رهيس ته مان پنهنجو اهوشديد انتظار ۽ قلبي دک توکي ڪڏهن به نه ٻڌائيندس. تون ملندين ته توسان ڪا گِلا يا شڪايت نه ڪنديس جيئن به آهيان ، جنهن به رو ۾ آهيان مان توکي  پيار ڪندي رهنديس. ٻن مهينن  گذرڻ  کان اڳ ۾ ئي تون موٽي آئين. تنهنجي دريءَ  جي روشنيءَ مان مون کي اها خبر پيئي. مگر تون پنهنجي اچڻ جو مون کي ڪو به اطلاع نه ڏنو هو. زندگيءَ  جي هنن آخري  گهڙين ۾ مون وٽ تنهنجي هڪ به تحرير نه آهي. زندگي ڀر تو مون ڏي هڪ سٽ نه لکي. تو جنهن جي لاءِ مون پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي، مان انتهائي  مايوسيءَ ۾ به تنهنجو انتظار ڪندي رهيس مگر تو وري ڪڏهن به مون کي پاڻ وٽ نه گهرايو هڪ لفظ به لکڻ گوارا نه ڪيو.

ڪلهه منهنجو پٽ مري ويو، اهو تنهنجو به ته پٽ هو. انهن ٽن لافاني راتين مان هڪ رات جو حاصل!... مان هاڻي صرف تنهنجي هئس انهيءَ گهڙيءَ کان وٺي انهيءَ ٻار جي ڄمڻ تائين مان ضرور تنهنجي رهي هئس. ڪنهن احساس کان مونکي ائين محسوس ٿيو هو جيئن مان تنهنجي قربت حاصل ڪري هميشه جي لاءِ  پاڪ ٿي ويئي آهيان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com