سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1974ع

مضمون:

صفحو :13

حوالا

الپخاري، محمد بن اسماعيل  التاريخ الڪبير حيدرآباد دکن 1360/1278

بروڪلمن، ڪارل  GAL, Supplementary I  ليدن 1937

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ  شعرابي عطاء سنڌي ادبي بورڊ  حيدرآباد 1961

ابن حجر العسقلاني تهذيب التهذيب حيدرآباد دکن  1325

الخطيب البغدادي  تاريخ بغداد  قاهره  1931

الذهبي، شمس الدين   (1) العبرفي خبر من غبر ڪويت 1960

(2) تذڪرة الحفاظ حيدرآباد دکن1325/1377

ابن سعد الطبقات الڪبري ليدن 1905/1921

مولائي شيدائي  تاريخ تمدن سنڌ  سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد 1959

(1)تهذيب التهذيب 10/ 311. (2) العبرا/ 399. (3) تهذيب التهذيب اا/ 419.

الطبري محمد بن جره  تاريخ الامم والملوڪ مطبعہ الاستقامہ القاهرة 1939

ابن عبدالبر الاستيعاب في معرفہ الاصحاب قاهرة سن نه ڄاڻايل

ابو العلاءَ المعري رسالہ الغفران  دارالمعارف قاهرة 1963

علي ڪوفي  چچنامه سنڌي ترجمہ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد  1966

فواد افرام  دائرة المعارف  بيروت 1964

ڊاڪٽر مدد علي قادري (هن Humanities سنڌ يونيورسٽي 1966

مالي جو مقاله نگار) Research Gournl

ابن النديم  الفهرست  المڪتبہ التجاريہ قاهرة 1348

الواقدي، محمد بن عمر ڪتاب المغازي آڪسفورڊ 1966

ياقوت حموي معجم البلدان بيروت  1957

·       محمد اسماعيل عرساڻي

تترن جون شڪار

تمهيد:گهڻن ماڻهن کي پڇ پڇ جي عادت کان بڇان لڳندي آهي. منهنجي خيال ۾ پڇ پڇ جي عادت فائديمند ثابت ٿي آهي. مان سڄي عمر تعليم کاتي ۾ ماستر ۽ انسپيڪٽر ٿي رهيو آهيان. اسان کي ته اها سکيا ڏني ويندي هئي ته ٻارن جي پڇ پڇ جي عادت کي هرگز  نه دٻايو وڃي. علم بي بحث پائدار ٿي نه سگهندو. سِکڻ آهي ئي پڇڻ سان.

شيخ سعدي سڳوري فرمايو آهي ته ”تا پير شوي بياموز“ هر ڳالهه جو ڪجهه نه ڪجهه علم هئڻ ضروري آهي. مان ماستر ٿيس ان جو اهو مطلب  نه آهي ته سواءِ پڙهائي جي ڪم جي مون کي باقي ڪا به ڄاڻ هئڻ نه کپي. يا هڪ دين جي عالم کي سواءِ فقهي مسئلن جي ٻي ڪا به جهان جي ڄاڻ رکڻ نه گهرجي. مثنوي شريف جي هڪ حڪايت آهي ته ڪو عالم سڳورو پتڻ تي آيو ۽ اچي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو، ميربحر (ناخدا) سان ڳالهين ڪندي ميربحر کان پڇيائين ته ”ڪي پڙهيو اهين؟“ ميربحر جواب ۾ پنهنجي  اڻپڙهلائي جو اظهار ڪيو. عالم چيس افسوس، ته تو اڌ حياتي وڃائي! ميربحر  ويچاري صبر اختيار ڪيو. ٻيڙي هلندي رهي ۽ جڏهن وچ سير تي آئي تڏهن سخت طوفان شروع ٿيو. ميربحر ٻيڙيءَ ۾ ويٺل مسافرن کي خطري جو اطلاع ڏنو، ۽ عالم سڳوري کان پڇيائين ته حضور! ڪي ترڻ سکيا آهيو، عالم سڳوري جواب ڏنو ته  اسان جو ڪم علم سان، ترڻ سان ته ڪڏهن واسطو ئي ڪونه پيو. ان تي ميربحر ٿڌو ساهه ڀري چيو ته ”افسوس  توهان اڄ پنهنجي سڄي حياتي وڃائي!“

مطلب ته جڏهن ڪنهن ڪچهريءَ ۾ وڃجي، ۽ ڪا به گفتگو نڪري ته ڪم از ڪم اسان کي هر موضوع بابت ٿوري ڪي گهڻي ڄاڻ ضرور هئڻ گهرجي ۽ جنهنڪري هو محفل جي گفتگو ۾ ڪو نه ڪو حصو وٺي  سگهي  ۽ بلڪل ڪورو هئڻ سبب لڄي نه ٿئي.

استاد ارسطا طاليس هڪ دفعي ستار ويٺي وڄائي ته ڪو عالم لنگهي  آيو ۽ ارسطوءَ کي چيائين ته اوهان جهڙي بزرگ عالم کي ههڙو ڪِريل قسم  جو ڪم ڪندي شرم محسوس نٿو ٿئي. ان تي ارسطوءَ وراڻيو ته شرم جو مقام ته ان وقت آهي ته جڏهن ٻيا سڀ ستاروڄائڻ ڄاڻندا هجن ۽ مان هڪڙوئي ڪورو هجان.

مذڪوره چند سٽن لکڻ مان مقصد اهو اٿم ته مون پنهنجي طبيعت  ۾ پڇ پڇ جي عادت پڪي ڪري ڇڏي هئي ۽ جتي ڪوموضوع ڇڙندو هو ته ان ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هوس، جا ڳالهه نه سمجندو هوس ان جي پڇڻ جي ضرور ڪوشش ڪندو هوس. محض انهيءَ خيال (اجائي) سان نه ته هيءَ جاهلن، اڻ پڙهيلن يا ڄٽن جي ڪچهري آهي ۽ ان ۾وقت وڃائڻ فضول آهي. مون ڪڏهن به پنهنجي مٿي قبول نه ڪئي پڙهيل ته فقط ڪتابن جي وسيلي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا، پر جن کي اڻ پڙهيل سڏيو ٿا تن جي ڄاڻ خود پنهنجي تجربن ۽ چشم ديد واقعات تي منبي هوندي آهي. اهو بلڪل صحيح آهي ته:

شنيده که بود مالند ديده

ترا ديده و يوسف را شنيده.

هن کان اڳ مون پلن جي شڪار، بلبلين جي شڪار، ڍنڍ جي پکين جي شڪار تي مضامين لکيا آهن ۽ هينئر تترن جي شڪار تي قلم کنيو اٿم.

تترن جي شڪار بابت عام معلومات مون کي پنهنجي عزيز دوست فريد خان چانڊئي بلوچ، ساڪن ڪڍڻ کان ملي هئي. هو صاحب تِتِرن جي شڪار جو بذات خود وڏو شوقين ماڻهو هوندو هو ۽ تتر  ڌاريندو ۽ ويڙهائيندو به هو. ۽ مون کي تترن جي شڪار بابت عجيب  غريب ڳالهيون ٻڌائيندو هو، جي منهنجي دل تي نقش برسنگ ٿي وينديون هيون، مون کي بارها ڀڳوءَ جي شڪار ٿي وٺي به هلندو هو ته ان شڪار جو چشم ديد مطالعو ڪريان ۽ لطف اندوزٿيان بيشڪ اکين سان ڏسڻ ڪنن سان ٻڌڻ کان هزارين دفعا بهتر آهي.

تترن جا قسم: سنڌ ملڪ ۾ تترن جا فقط ٽي قسم ٿيندا آهن1. هڪڙا ڪارا 2. ڀورا 3. ايراني.

مٿيان ٽيئي قسم لڳ ڀڳ شڪل ۾ هڪجهڙا هوندا آهن فقط رنگ جو تفاوت  هوندو آهي. ڪاري نر تتر جي پاسي وارا کنڀ ڇٽڪمرا ۽ ڪارا اڇين ٻڙين سان هوندا آهن باقي سينو صاف ڪارو ۽ پٺيءَ وارا ۽ ڪنڌ جا کنڀ به ڪارا ٿيندا اٿس. ڪنن وارا کنڀ ٻنهي پاسي صاف اڇا ٿين ٿا ڄنگهن تي ڪڪڙ وانگي کڙهون (سيخون) ٿينديون اٿس مگر اهي مڏيون هونديون آهن ۽ نوڪدار نه هونديون آهن. هي پکي تمام حسين  ٿيندو آهي. مگر سندس ماديءَ جي بدن جا کنڀ ڀورا ۽ چٽڪمرا ڀوري تترن  جي نموني هوندا آهن ۽ هيءَ شڪل ۾ حسين ۽ وڻندڙ نه هوندي آهي. ڪارو تتر قدبت ۾ ڀوري تتر کان وڏو ۽ قداور  ٿيندو آهي. هن قسم مان فقط نر ٻچو ماڻهو شڪار لاءِ يا ٻوليءَ ٻڌڻ لاءِ پاليندا آهن. هن جي مادي ڪان پالبي آهي ڇو ته هوءَ نر سان گڏ ڪانه ٻوليندي آهي. هي پکي ولر ڪري نه رهندا آهن پر هر هڪ اڪيلو پنهنجي منهن رهندو آهي. فقط لڳ جي وقت هڪ نر تتر سان سان ٽي چار ماديون گڏ ڏسبيون آهن، پر جڏهين اهي ماديون آنن تي آرو ڪري ويهنديون آهن، تڏهن نر تتر انهن کي ڇڏي اڪيلو پنهنجي منهن وڃي گهمندو آهي ۽ وري مادين جي خبر نه رکندو آهي. ماديون ٻچن ڦوڙڻ بعد ٻچن کي تيستائين پاڻ سان رکنديون آهن جيستائين وري لڳ جي موسم اچي. پوءِ ٻچن کي الوداع  ڪري نر کي ڳولي وڃي لهنديون آهن ۽ ٻچن مان هر هڪ جدا پنهنجو رستو وٺندو آهي. هن جنس ۾ نر ٿورا ۽ ماديون گهڻيون هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته ڪارو نر تتر شوق ۾ اچي وڏي ٺاٺ  ۽ غرور سان ڪنهن دڙي يا ڪاٺ جي بنڊ يا ٻنيءَ جي بند تي چڙهي سکڻي ميدان ۾ هڪ جاءِ تي بيهي ڳچ وقت لڳاتار ٻوليندو آهي، جنهن ڪري شڪاري ماڻهو، توبچي، بازَن وارا ۽ لاوَن وارا کيس آسانيءَ سان ماري وٺندا آهن. مگر مادي اصل نه ٻوليندي آهي ۽ ڪکن ڪانڊيرن ۾ لڪل ۽ محفوظ رهڻ ڪري بچاءَ ۾ رهندي آهي. اهوئي سبب آهي جو لڳ جي وقت ۾ هڪ نر سان گڏ چار پنج ماديون هونديون آهن.

ڀورو تتر: هن تتر جي نر توڙي ماديءَ  جو رنگ هڪجهڙو هوندو آهي. سيني وارا کنڀ ڀورا ڪجهه اڇائيءَ ڏانهن مائل هوندا آهن جنهن تي ڳاڙهاڻ تي مائل ننڍا چِٽا داٻ داٻ وارا هوندا آهن. ۽ پٺيءَ وارا کنڀ ڀورا ۽ڳاڙهسرن داٻن وارا هوندا آهن ۽ نرکي ڄنگهن تي ڪڪڙ وانگي چهنبدار کڙهون (ڪنهن به قسم جي تترين کي) نه ٿينديون آهن. هي پکي گهڻو ڪري ولرن جي صورت ۾ هوندا  آهن. بعضي ته ڏهه پندرهن پکي ولر ۾ ڏسبا آهن مطلب ته هي ٻن ٽن پيڙهين تائين گڏ رهندا آهن، بعضي منجهن اوچتو خانه جنگي ٿيندي آهي  جنهنڪري ڌار ڌار ٽوليون ٿي ويندا آهن. ان جي باوجود جوڙو تتر هڪ نر ۽ هڪ مادي پاڻ  ۾ ضرور گڏ هوندا آهن، ۽ گڏجي  ٻوليندا آهن. ويڙهه جي وقت  ۾ مادي نر جي مددگار هوندي آهي.  سندس ٻوليءَ سيٽيءَ وانگر هوندي آهي ۽ تيز ۽ زور سان ٻوليءَ  نر کيوڙهڻ لاءِ همٿائيندي  آهي. بعضي ٻنهي طرفن جون ماديون پاڻ ۾ وڙهڻ شروع  ڪري ڏينديون آهن ۽ نر تتر پاڻ ۾ وڙهي کڙهن سان هڪٻئي کي رتوڇاڻ ڪري وجهندا آهن. اهڙي ويڙهه وري وري ميلن ڪرڻ سان اڌ ڪلاڪ تائين به هلندي آهي جنهن ۾ هارايل  ڌر اها جو ڇڏي ٻئي طرف ڀڄي ويندي آهي. کٽندڙ ڌُر فاتهانه انداز ۾ انهيءَ ميدان جنگ واريءَ جاءِ تي ڪجهه وقت ٻوليندي  رهندي آهي. ان بعد وري وڃي چڳڻ کي لڳندي آهي. مطلب ته هن قسم جي تترن ۾ نر مادي ءَ جو گڏ هجڻ لازمي آهي جيڪڏهن ڪنهن به جوڙيءَ مان هڪ مارجي ويو ته ٻيو پريشان ٿي دانهون ڪندو رهندو، جيستائين کيس ڪو ٻيو جوڙيوال ملي. هي پکي ڍنڍن وارين زمينن ۾ گهٽ ڏسبو آهي: سو به واهن تي بيٺل  يا ڪڙين تي بيٺل ڄارين ۽ کپن واري جهنگل ۾. مگر ڪارو تتر ڍنڍ واريءَ زمين ۾ گهڻو ۽ ٻوٽن واري هن تي تمام ٿورو ڏسبو آهي. ان جي برعڪس ڀورو تتر خشڪ پوک واريءَ زمين، ٻوٽن ۽ ٿر جي ڀِٽن واريءَ وڻڪار ۾ گهڻو ڏسبو آهي. هي پکي ڪاري تتر کان بدن ۾ هلڪو ۽ سونهن ۾ گهٽ هوندو آهي.

ايراني تتر: هي تترن عين بعين ڀوري تتر جهڙو ۽ ساڳين وصفن وارو هوندو آهي تفاوت فقط اهو هوندو اٿس ته هي قداور ۽ بدن جو ڳورو هوندو آهي. وزن ۾ ڪاري تتر کان به زياده وزني ٿيندو آهي. سندس ٻوليءَ ڳري گرڙاٽ واري ۽ گهٽ وڻندڙ هوندي آهي. هي تتر خاص ڪري ويڙهائڻ لاءِ ڪڪڙ وانگي ڌاربو آهي. ڪي ماڻهو جوڙي نر ۽ مادي گڏ پاليندا آهن ۽ ڪي فقط اڪيلو نر پاليندا آهن. هنن جي ويڙهه تي سَون ۽ هزارن رپين جون بازيون لڳندون آهن.

پيدائش ۽ رهائش: هي جهنگ جا پکي آهن ۽ جهنگ ۾ رهندا آهن ۽ اتي ئي ٻچا ڪندا آهن، ڪاري تتر جي مادي لڳ جي وقت ۾ ڪاري تتر کي ڳولي وڃي هن سان گڏبي آهي پر جيڪڏهن اتفاقاً ڪارو تتر ڪنهن باز وغيره جي خوف کان يا موسم جي خرابيءَ  سبب ٻوليندڙ  نه هوندو ته پوءِ جنهن جوءِ ۾ نر تتر گهمندڙ هوندو، انهيءَ هنڌ پهچي مخصوص انداز ۾ هڪ ٻولي ڪندي جيئن ڪڪڙ آنبي وقت ٽَر ٽَر جي ٻولي ڪندي آهي. بلڪل انهيءَ طرح ڪاري تتر جي مادي اها سندس مخصوص   ٻوليءَ ۾ ٻوليندي آهي، جنهن جي ٻڌڻ سان ڪارو تتر  ڪيترن خطرن جي باوجود لِڪي ڇپي ماديءَ وٽ

 پهچي ويندو آهي ۽ ان کي پاڻ کان هرگز جدا ٿيڻ به نه ڇڏيندو آهي، جيستائين هوءَ آري تي نه ويهندي. اهڙيءَ طرح هو ٽي ٽي چار چار ماديون وٺي  پاڻ سان گهمندا آهن. هي پکي گهڻو ڪري ڍنڍ وارين زمينن ۾ رهندا آهن ۽ رات جو وسندي به زمين تي ڪندا آهن. مادي آنا  ڪنهن لين يا ڪانهن جي گهاٽن  ٻوٽن ۾ ٿورو ڪکن کي چِپي مروٽي ان جي مٿان لاهيندي آهي، ۽ جڏهن آري تي ويهندي  آهي تڏهن نر تتر کيس ڇڏي ڏيندو آهي ۽ وري انهيءَ ماديءَ يا سندس ٻچن جي ڪا به پوئواري  يا پرگهور نه لهندو آهي. مادي ٻن اڍائن هفتن بعد ٻچا  ڦوڙي اٿندي اهي ۽ اڪيلي  سر ٻچن  کي چڳائيندي آهي. جيستائين هو لائق ٿين اهو عرصو گهڻو ڪري پنج ڇهه مهينا هوندو آهي.

تترن جا سڀئي قسم سال ۾ ٻه دفعا ٻچا ڪندا آهن. موسم بهار ۽ موسم سرءُ، اهي ٻئي مندون تترن جي ٻچن ڪرڻ جون هونديون آهن. ٻچن ڄڻڻ کان پوءِ اول ننڍا ڪِئيان پوءِ وڏا ڪِئيان، ماڪوڙا، اناج جا داڻا ان بعد وڏا مڪڙ ۽ مڪڙيون ۽ اهڙي قسم جون ٻيون شيون، ماءُ انهن کي کارائيندي رهندي آهي ۽ هو آهستي آهستي هِري پوءِ پنهنجو چوڳو خود هٿ ڪري کائيندا آهن. هي پکي جيتوڻيڪ رات ڏينهن زمين تي رهندا آهن ان هوندي به هو پنهنجي حفاظت ۾ وڏا ڄاڻوهوندا آهن، ۽ اوچتو ئي اوچتو اهڙا ڇپي ويندا آهن جو ڳولڻ سان به نه لڀندا آهن. سنڌيءَ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي لڪ ڇپ لاءِ مثال ڏبو آهي ته هيءُ ڪارڙي تتر وانگر ڇپي ويو. اهڙيءَ حالت هوندي به ڪيترائي ٻچا جهنگلي جانورن ۽ شڪاري پکين جي ور چڙهي انهن جو قوت ٿي ويندا آهن، اهو سبب آهي جو ڪارڙو تتر ڀوري تتر جي ڀيٽ ۾ گهٽ انداز ۾ ٿئي ٿو.

ڀورا تتر جهنگ ۾ رهندا آهن، جي جهنگن ۽ واهن جي بندن، ڪڙين جي ڪپن ۽ پوٺن وارن ٽڪرن يا وارياسي هنڌن تي هوندا آهن، هي پاڻ ۾ ولر ڪري رهندا آهن ۽ ويڙهه وقت گڏجي مقابلو ڪندا آهن، ڏينهن جو زمين تي گهمي ڦري چوڳو حاصل ڪندا آهن ۽ سندن قوت اناج، ڏٿ، ڄارين جي مَڪ ۽ پيرون، ڪيڙا، ماڪوڙا،تڏيون، مڪوڙيون ۽ مڪڙ هوندا آهن، خاص ڪري ننڍن ٻچن  جو گذران ڇيڻن، گهوڙن ۽ گڏهن جي لڏ ۾ پيدا  ٿيندڙ ڪِيئن ۽ اڏوهيءَ تي هوندو آهي. هنن ٻچن پالڻ لاءِ نر مادي گڏيل ڪوشش ۾ مصروف هوندا آهن. ڪنهن اوچتي خطري وقت ماءُ يا پيءُ  جي ڪنهن خاص ٻوليءَ  تي آواز  تي ٻچا يڪدم هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي ۽ ڇپي ويندا آهن ۽ خطري لهڻ بعد مائٽن جي سڏڻ تي وري اچي گڏ ٿيندا آهن. انهيءَ دوران نر ۽ مادي ٻچن  سميت رات ۽ ڏينهن گڏ رهندا آهن. مگر جيئن ٻچا وڏا اڏامڻ جيڏا ٿيندا آهن، ته پوءِ گڏجي اچي ڪنهن گهاٽي وڻ تي رات جو رهڻ لاءِ انتظام ڪندا آهن، ڇو ته هي تتر رات جووڻ تي گذاريندا آهن، اتي رهڻ لاءِ ڪو آکيرو وغيره ڪونه ٺاهين مگرهرڪو علحد پنهنجي خيال موجب ڪنهن شاخ تي ويهي رات گذاريندو آهي. صبح ٿيڻ شرط وري هيٺ لهي وڃي پٽ تي چوڳو چڳيندا آهن. خاص طرح سياري جي موسم ۾ جڏهن پوٺن، ٿرن ۽ برن ۾ ساوڪ گهٽ ٿي ويندي آهي ۽ آباديون  وغيره به گهٽ ٿي وينديون آهن يا ختم ٿي وينديون آهن تڏهن هنن پکين جو خاص کاڌو پوٺن تي ٿيندڙ سنهڙو گاهه هوندو آهي جنهن کي ڪلورو چوندا آهن ۽ اهو گاهه سياري ۾ بلڪل سڪي ويندو آهي، ان جي پاڙن ۾ لاهوري گجرن وانگر ننڍيون ڳنڍيون گول بصر جي نموني ڳنڍيون هونديون آهن جن کي ڌاڃوڙا يا موٿ چوندا آهن ۽ اهي زمين اندر هونديون آهن، تن کي زمين مان کوٽي  ڪڍي کائيندا آهن اهو سندن خاص کاڌو هوندو آهي.

ايراني تتر خاص ڪري ويڙهه لاءِ پاليندا آهن، هنن جا ٻچا هٿرادو نموني پيدا ڪرائبا آهن. ڌاريل نرماديءَ تتر جي پڃرو بانس، نيٽ يا آنچين سنهين ڪامن مان ٺهيل هوندو آهي. جنهن جا ٻه ڀاڱا هوندا آهن، هر هڪ ڀاڱي جو هيٺيون حصو چوڪنڊو ۽ مٿيون چونري (ڪکائين گهر) وانگر مخروط نموني هوندو آهي. ٻنهي پڃرن جو هيٺيون حصو مليل ۽ چوٽيون جدا هونديون آهن، سندن چوٽين کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ هڪ جنڊيءَ چڙهيل ڳني جڙيل هوندي آهي جنهن سان پڃڙي  کي کڻي  هلي سگهبو آهي. ٻنهي جي وچ ۾ ڌار ڌار دريون هونديون آهن جتان تتر اندر وڃي ٻاهر نڪري سگهندا آهن. پڃرن جي وچ ۾ هڪ دري هوندي آهي جنهن جي کولڻ تي نر ۽ مادي پاڻ ۾ هڪ پڃري ۾ گڏجي سگهندا آهن. ٻچن ڪرڻ وقت خاص طرح ائين ڪيوويندو آهي مگر لڳ واري وقت وڏا ۽ ويڪرا پڃرا استعمال ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ تتر سهولت سان لڳ ڪري سگهن ۽ مادي آزاديءَ سان آنا لاهي ۽انهن تي آرو ڪري سگهي. ڪي ڪي شوقين تيتري اهڙن تترن کي پڃرن کان ٻاهر ڪڍي لڳ ڪرائيندا آهن ۽ انهن جا آنا پاڻ وٽ سنڀالي رکندا آهن، پوءِ ڪنهن ڄاريدار پڃري ۾ مادي تِتر کي آري تي ويهاريندا آهن، ننڍڙن ٻچن کي اول گڏرون ۽ ننڍڙا ڪيئان ۽ پوءِ اناج ڀڳڙن جو ڏارو وغيره کارائيندا آهن، اهڙي قسم جا ٻچا وڏيءَ قيمت تي تترن ويڙهائڻ وارا شوقين خريد ڪري وٺي ويندا آهن.

تترن جو پالڻ: سڀني تترن ۾ ڪارو تتر پالڻ تمام ڏکيو آهي ڇو ته هي تتر طبيعت جو شوخ هوندو آهي ۽ ماڻهوءَ سان جلد ۽ آساني سان نه هرندو آهي، انهيءَ ڪري هن کي ڄمڻ سان بروقت هٿ ڪبو آهي، جيئن جهنگ ۾ گهڻي رهڻ جو کيس ڪو به سڌ سماءُ نه پوي. ان لاءِ تتريءَ کي آري تي ويٺل  حالت ۾ هٿ ڪبو آهي ۽ روزانون ان جي نظرداري ڪبي آهي ۽ جيئن ٻچا  ڦُٽندا آهن تيئن انهن کي پهرين يا ٻئي ڏينهن تي کڻي اچبو  آهي. ۽ گهڻو ڪري گهٽ  ۾ گهٽ چار يا پنج ٻچا کڻي  اچبا اُهي .ڇو ته ڪاري تتر  جي ٻچن ۾ نر ٿورا ۽ ماديون گهڻيون ٿينديون آهن، ۽ ننڍي هوندي سندس نر يا ماديءَ جي هجڻ جي ڪا به خبر نه پوندي آهي. انهيءَ ڪري گهڻا ٻچا ساڳئي وقت پالبا آهن ته جيئن انهن مان ڪو هڪ نر ٻچو ملي وڃي. شڪار لاءِ خواهه سونهن لاءِ نر ٻچو ڪم ايندو آهي. مادي فقط خفتي پاليندا آهن. اهڙا مثال نهايت ٿورا ٿيندا آهن، مگر عام طرح نر ٻچا ڪم ايندا آهن. ٻچن کي هٿ ڪرڻ بعد انهن کي پالڻ جوڪم نهايت ڏکيو آهي، ڇو ته هو ماءُ کان جدا ٿيڻ سبب بچي نه سگهندا آهن. تنهنڪري انهن کي بچائڻ لاءِ ڀوري  تتر جي پاليل ننڍن  ٻچن سان گڏ پڃري  ۾ ڪپهه  وجهي ٻچن لاءِ ننڍڙو گهر تيار ڪبو آهي، جنهن ۾ هو اندرآرام ڪري سگهن. انهيءَ گهر کي هر وقت درست ۽ صاف رکڻو پوندو آهي. ننڍن ٻچن کي اول سندن چهنب کولي ان ۾ گڏرون وجهڻيون پونديون آهن. اهڙيءَ طرح سندن کاڌي جو انتظام ڪبو آهي. پنجن ستن ڏينهن بعد هو انهيءَ کاڌي تي هري ويندا آهن، پوءِ گڏرون سندن اڳيان ڦٽيون ڪبيون آهن ته خود انهن کي کائي ويندا آهن. پندرهن ويهن ڏينهن بعد ننڍيون  تڏيون ۽ مڪڙيون جهلي انهن جا ذرا ذرا ڪري کين کائڻ لاءِ ڏبا آهن. اهو عمل ايستائين جاري رکبوآهي جيستائين اناج کائڻ جهرا ٿين، پوءِ کين ٻاجهريءَ يا چانورن جو ڏارو ۽ ڀڳڙن جو ڏارو کارائبو آهي. ڪجهه وڏي ٿيڻ وقت کين گوشت  جا سنها ذرا به کارائبا آهن. پنجن ڇهن مهينن تائين سندن نر يا ماديءَ  جي سڃاڻپ نه ٿيندي آهي ۽ وقت بوقت کنڀ بدلائيندا ۽ شڪل بدلائيندا رهن ٿا. سندن سڃاڻپ پڪيءَ طرح تڏهن ٿيندي آهي جڏهن نرٻچي جي ڪنن وٽ ڳلن تي صاف اڇا کنڀ  نڪري نروار ٿيندا آهن ۽ سيني تي ڪارا کنڀ اڇين ننڍين ٽِڪڙين (پتڪڙين) وانگي نڪرندا آهن پوءِ رفتي سڄو سينو ڪارو ٿي ويندو آهي ۽ سيني جي ٻنهي پاسي اڇين ٻڙين وارا کنڀ هوندا اٿس. انهن ٻچن جي سڃاڻپ بعد  مادين کي جهنگ ۾ ڇڏي ڏبو آهي. ۽ فقط نر ٻچا پالبا آهن  جي گهڻو ڪري بهار جي موسم ۾ ٻولڻ شروع ڪندا آهن ۽ پوءِ سياري تائين ٻوليندا رهندا آهن. خاص طرح بهار ۽ سانوڻ ، موج ۾ هوندا آهن ۽ سڄو ڏينهن ٻوليندا  رهندا آهن، فقط سياري  جي سخت سرديءَ ۽ باز جي موجودگيءَ سبب ٿڌ وارا ٻه چار مهينا ٻولي ڪانه ڪندا آهن.

ڀوري تتر جا ٻچا پالڻ، ڪاري تتر جي ٻچن کان آسان آهن ڇو ته هنن جي سڃاڻپ سولي آهي ماديءَ ٻچي جون ڄنگهون لسيون هونديون آهن، پر نر ٻچن جي ڄنگهن تي کڙهن (سيخن)  جا ننڍڙا نشان ظاهر هوندا آهن. جنهنڪري تترن جا شوقين سندن مرضيءَ  موجب نر ٻچا يا ماديون چاهين ته پالي سگهن ٿا، گهڻو ڪري ڪي ماڻهو ٻه ٻچا هڪ نر ۽ هڪ مادي پاليندا آهن ۽ ڪي اڪيلو نر ٻچو پاليندا آهن، هن قسم  جا تتر آسانيءَ سان ماڻهوءَ سان هري مري وڃن  ٿا. هنن جا ٻچا گهڻوڪري جهنگ مان جهلي پاليندا آهن. ڪجهه وڏا ٿيندا آهن ته پوءِ ماڻهن جي وات سان وڄايل سينڍ تي ٻولڻ شروع ڪندا آهن. هي ٻچا جيتروننڍا هوندا آهن. اوترو جلد ماڻهوءَ سان هري ويندا آهن. نرٻچو جلد ٻوليندو آهي، مگر مادي نر سان گڏ وڏي ٿيڻ بعد ٻوليندي آهي ۽ جڏهن نر کان جدا ٿي ويندي آهي تڏهن هن کي ڳولڻ لاءِ به ٻوليندي  آهي، سندس ٻولي سيٽيءَ وانگر  هوندي آهي. هنن تترن جي ٻچن کي ڪجهه وقت ڪيئان ۽ تڏون وغيره کارائبا آهن پوءِ ٻاجهري، چانور ۽ ڀڳڙن جو ڏارو  ازخود کائيندا رهندا آهن. وارياسين پٽن يا ڌڌڙواريءَ زمين کي چهنب سان کوٽي اٽو ڪري ان ۾ ليٽندا  آهن. جهڙيءَ طرح ماڻهو وهنجي بدن کي صاف ڪندو آهي تهڙيءَ  طرح تتر واريءَ ۾ ليٽي تازا توانا ٿيندا آهن. هنن پاليل تترن کي شڪار لاءِ لائوي طور ڪم آڻبو آهي ۽ ڪي ڪي شوقين انهن کي ويڙهائيندا ۽ بازيون رکندا آهن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com