سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1974ع

مضمون:

صفحو :15

·       رشيد ڀٽي

اورڙ جو عروج ۽ زوال

ڏاڍيءَ ۽ ڏکوئيندڙ سگهاري تاريخ جتي سنڌ سان ٻيا ويل وهايا آهن ۽ ڪِيس ڪلور ڪيا آهن، اتي اها ويڌن به ڪئي آهي ته اسان کان اسان جي تاريخ به کسي ورتي آهي. هن صديءَ جي شروعات تائين اسان ڪو به اهڙو تاريخدان يا مورخ نه وسهون  جيڪو هن سرزمين جو فرزند هجي ۽ جنهن هن ديس  جي ڌڙڪن ۽ دک دل ۾ رکي قلم کنيو هجي. عربن جي فتح کان وٺي انگريزن جي قبضي تائين جو به مورخ يا تاريخدان ملي ٿو سو ڌاريو يا ڌارين حاڪمن جو حواري ۽ ڀولڙيو آهي، عربن کان اڳ اسان جي تاريخ ڇا هئي؟ سا ڌارين حاڪمن جو حواري ۽ ڀولڙيو آهي. عربن کان اڳ اسان جي تاريخ ڇا هئي؟سا ڌارين فاتحن اسان تائين پڄڻ  ئي نه ڏني آهي! اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي پئي ڪيو ويو آهي، ته جيئن اسان پاڻ کان پنهنجي ماضيءَ کان ۽ پنهنجي پيڙائن کان بي خبر۽ اڻڄاڻ رهون  بي هس ٿي وڃون ۽ ڌاين کي آمنا  صدقنا  چئي پنهنجو مربي ۽  محسن مڃيندا  رهون. سنڌ جي تاريخ  بابت جو اڳاٽي ۾ آڳاٽو ڪتاب ملي ٿو سو ”فتح  نامو سنڌ“ يا مشهور ”چچ نامو“ آهي، جنهن جو مصنف به فاتح عرب قوم جو ڪو فرد هو. اهو ڪتاب ۽ صدي هجريءَ  يا 13 سئو عيسويءَ  ڌاري لکيو ويو ۽ مٿان هٿان  ٿيندو اروڙ جي قاضي  خاندان جي هڪ فرد قاضي اسماعيل  وٽ پهتو. جنهن وٽان  هڪ مؤرخ علي ڪوفيءَ هٿ ڪري فارسيءَ  ۾ ترجمو ڪيو ۽ اتان اسان تائين پهتو. ان کان اڳ جي تاريخ  بابت  جو ڪجهه مواد ۽ مصالحو ملي ٿو سو هندن  جي ڌرمي  ڪتابن ۽ يوناني  تاريخدانن جي تصنيفن تي مبني  آهي.

جهڙيءَ ريت ڪجهه ورهيه  اڳ موهن جو دڙو، پنهنجي عظمت سميت مٽيءَ  جي گود ۾ ليٽيو  پيوهو. اهڙيءَ  ريت سنڌ جا ٻيا  به اڪيچار شهر اڃا تائين اوس جي روشني  نه ڏسي سگهيا آهن. انهن مان هڪ اروڙ به آهي. هن شهر جا آثار  ۽ کنڊر اڄ به روهڙيءَ کان چار ميل ۽ سکر کان ست ميل پري، روهڙيءَ وارين ٽڪرين جي سلسلي  جي مُهڙ تي موجود  آهن.  ڪڏهن ۽ ڪنهن هن شهر جو پايو  وڌو، ڪهڙيون ڪهڙيون  منزلون طي ڪندو هي شهر  عروج کي پهتو،  ۽ ڪيئن زوال آيس؟ ان بابت ڪنهن به هن مهل تائين لاڳيتي ۽ لاڀائتي جاچ يا کوجنا ڪانه ڪئي آهي. سنڌ جي تاريخ  جو ڪجهه  مواد هن مهل تائين ڇپجي چڪو آهي ۽ دستياب  ٿي سگهيو آهي، اُن جي آڌار تي مون هن شهر بابت  هن مضمون  لکڻ جي سگهه ساري آهي.

انسان جي ارتقائي دور جي اوائل ۾ سنڌ جو رڳوالهندي وارو جابلو ڀاڱو وسيل هو. ان دور جي سنڌين جي ڇڙو ڇڙ آباديءَ  جومرڪز لاڙڪاڻي ۽ سيوهڻ  وارو کير ٿر جو حصو هو. آرڪيلاجي وارن جي رپورٽ مان جا مسٽر هينري ڪزنس  پنهنجي  ڪتاب ”ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ“  ۾ ڏني آهي، اهو پتو نٿو پوي ته ڪو ان دور ۾ سنڌ جي دراوڙن درياهه ٽپي روهڙيءَ وارين ٽڪرين ڏانهن به رخ ڪيو هو. پر نئين پٿر واري دور  جي دراوڙن جي وستين ۽ غارن جا آثارروهڙيءَ وارين ٽڪرين جي سلسلي ۾ جابجا ملن ٿا سرجان مارشل چيو آهي ته نئين پٿر جي دور جي انسان جي آجهن جا آثار سنڌ ۾ لڪي ۽ کيرٿر جبلن جي قطارن ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ اڪيچار آهن هن مهل به اروڙ جي کنڊرن ۾ ۽ آس پاس جي ٽڪرين ۾ اهڙين بستين جا آثار چڱيءَ ريت ڏسجي سگهن ٿا. ڪوٽ ڏيجيءَ  جي دڙي جي کوٽائي ٻڌائي ٿي ته موهن جي دڙي واري تهذيب کان به اڳ، ڪا قوم اولهه کان اچي، درياهه  ٽپي، روهڙيءَ وارين  ٽڪرين تي اچي آباد ٿي هئي اهي ٽڪريون اروڙ واري ڪالڪا جي ٽڪريءَ سان شروع ٿي، شادي شهيد ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ وٽان ٿينديون وڃي راجپوتانه ۾ ختم ٿين ٿيون. انهن ٽڪرين ۾ ئي مامڙي،  اروڙ ۽ ٿرڙي  جا کنڊر ۽ دڙا آهن ٿرڙيءَ کي ڪن مؤرخن سومرن جو اوائلي تختگاهه محمد  طور ۽ مهاتم طوربه سڏيو آهي، جو انهن جي چوڻ موجب اروڙ جي ويجهو ئي ڪٿي هو. هن وقت ٿرڙي  اروڙ کان چار ميل هيٺ  ناري واهه جي ڪپ  تي آهي.

دراوڙن جي تنزل ۽ تباهيءَ جو ڪارڻ آريا بڻيا، جي اصل ميرو پربت جا رهواسي هئا ۽ اتر اولهه هندستان جي لڪن  مان لنگهي  اچي سنڌو ۽ گنگا ندين جي ماٿرين ۾ آباد ٿيا. انهن بابت اوائلي معلومات اسان کي سندن پراڻي ڌرمو ڪتاب رگ ويد ۾ ملي ٿي. رگ ويد ۾ جا سنڌو ماٿريءَ  جي جاگرافي ڄاڻائي وئي آهي ان پٽاندر ان ۾ اهو سارو علائقو، زري گهٽ ، اچي ويو ٿي، جو عربن جي ڪاهه وقت راجا ڏاهر واري سنڌ سلطنت جو هو. هن کي ”سپت سنڌو، ستن ندين وارو ديس سڏيو ويو آهي، جنهن ۾ پنج نديون پنجاب واريون هڪ سنڌوندي ، ۽ هڪ آڳاٽي سرسوتي ندي آهي، جا ڪڏهين انبالا وٽان پنجاب کي راجپوتانه  کان جدا ڪندي، اچي سنڌ واري هاڪڙي ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. رگ ويد ۾ سنڌو ماٿر جي آسودگيءَ ۽ شاهوڪاريءَ جي وڏن وڏن ساراهه ڪئي آهي، ۽ سنڌونديءَ جي برڪتن جا ڀڄن ڳايا ويا آهن. (1) انڪري چئي سگهجي ٿو ته آرين به سنڌ جي قديم باشندن جيان اهي علائقا اچي  وسايا هئا. جي سنڌوءَ جي ڇرياليٽ جي اثر هيٺ هئا. ۽ جيئن ته اروڙ اهڙي علائقي ۾ محفوظ ۽ اتاهين جڳهه تي هو، تنهنڪري آرين به رهڻ لاءِ دراوڙن جي ان پراڻي شهر کي ئي چونڊيو هوندو. رگ ويد کان سواءِ سام ويد ۽ سنڌو ماٿر جي سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جي ڪجهه جهلڪ ته ملي ٿي، پر سياسي ۽ انتظامي جوڙجڪ بابت انهن ويدن ۾ ڪو به پتو ڪونه ٿو ملي.البته هڪ رحمدل  ۽ فن جي دنداد راڻيءَ روماسا جي شان ۾ ڪيئي شل وڪ ملن ٿا. گمان غالب آهي ته اها ٻاجهاري راڻي اروڙ جي راڄڌانيءَ  جي ئي هوندي، ڇو جو ساڳي ئي علائقي تي مشتمل سنڌ سلطنت جي گادي، عربن جي فتح تائين، اروڙ ئي پئي رهي آهي.

ويدن کان پوءِ سنڌ جو ذڪر اسان کي هندن جي مذهبي ڪٿا ”مها ڀارت“ ۾ ملي ٿو مهاڀارت جي دور ۾ سنڌ جو راجا جئدرٿ ڄاڻايو ويو آهي. هن راجا پانڊون جي زال  دروپديءَ کي سويمبر ۾ ڏٺو ته مٿس موهت ٿي پيو.هستناپور وڃي هو راڻي دروپديءَ کي ڀڄائي آيو پانڊون جوننڍو ڀاءُ نڪل لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ درويدي موٽائي  هٿ ڪري ويو. بعد ۾ جڏهن پانڊون ۽ ڪورون ۾ مها يڌ لڳي ته راجا جئدرئٿ ڪورون جي پاسي کان  وڙهيو، ۽ آرجن  جي تير جو شڪار ٿي جان ڏنائين (2) مورخن  جي راءِ موجب  مهاڀارت واري دور ۾ اترسنڌ آرين جي بيٺڪ  بڻجي چڪي هئي، جڏهن ته هيٺين سنڌ اڃا  آرين يا دراوڙن جي جُوءِ هئي انڪري چئي سگهجي ٿو ته ان دور ۾ به اروڙ پنهنجي قدامت ۽ دفاعي نوعيت سبب، سنڌ علائقي جي گادي هوندو يا ڪم از ڪم ان عظيم ملڪ جي ڪنهن صوبي جي راڄڌاني ضرور  هوندو.

مهاڀارت ۾ راجا جئدرٿ کي سڄي اتر سنڌ جو زبردست ۽ زورآور حاڪم ڄاڻايو ويو آهي. هن جي حڪومت هيٺ سنڌو، سوي (سبي) ۽ سويا  (ايراني دور وارو سيوستان ۽ هاڻوڪو سيوهڻ ۽ قلات وارو علائقو) اچي پئي ويا. ان بابت مهاڀارت مان هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو. جڏهن جئد رٿ  دروپديءَ کي ڀڄائي سنڌ ۾ آڻي ٿو ۽ ساڻس محل  ۾ ملڻ وڃي ٿو، تڏهن دروپدي  کيس چوي ٿي: ”ڇا تون ئي اهو اڪيلو راجا آهين، جنهن سنڌو، سوي سيوپا هٿ ڪيا آهن،۽ ان آسودي ملڪ تي انصاف ۽ تدبر سان راڄ ڪرين ٿو؟“  پوءِ جڏهن دروپدي کيس پانڊون جي سگهه ۽ سلطنت جو ڀؤ ٿي ڏئي تڏهن جواب ۾ جئدرٿ وراڻي ٿو: ”دروپدي! اسان انهن دڙڪن ڀر ڊڄڻ وارا ڪين آهيون. اسان آريا نسل جي سترهين  پيڙهي آهيون. ۽ ڇهه شاهي خوبيون اسان جي رت ۾ رهيل آهن، انڪري مان پانڊون کي پاڻ کان هيچ ٿو ڀانيا.“ (1) انڪري به چئي سگهجي ٿو ته سنڌ، سري ۽ سيريا واري گذريل راڄ جي مهان راجا جي راڄڌاني به اروڙئي هوندو، جتان هو سڄي علائقي تي آسانيءَ سان نظر ۽ قبضو رکي پئي سگهيو.

مهاڀارت کان پوءِ، هندن جي ٻي مشهور ڌرمي پستڪ ”رامائڻ“۾ به سنڌ جو ذڪر ملي ٿو هي اهو دور هو جڏهن آريا سنڌو  گنگا جي وادين ۾ باقاعدي بستيون ٺاهي ويٺا، ۽ مهاڀارت جي دور جيان ڇڙو ڇڙ ڪونه رهندا هئا. ”رامائڻ“ ۾ سنڌ ملڪ جو نالو ڪيڪان ڄاڻايو ويو آهي، جو اٽڪ جي اوريان شروع ٿئي ٿو ۽ سنڌوءَ  جي ڇوڙ تائين هليو وڃي ٿو. ان ديس جي راجڪماري ڪيڪئي رامائڻ جي هيري رام جي پيءُ راجا دسرٿ  جي زال هئي، جنهن مان کيس ڀرت پٽ هو. مهاڀارت  جي دور جيان رامائڻ جي دور ۾ به سنڌ هڪ ملڪ هو،جو پوءِ يونانين جي ڪاهه وقت  چئن ملڪن  ۾ ورهائجي ويو ۽ وري عربن کان اڳ راءَ گهراڻي وقت هڪ ملڪ ٿي ويو. (2) انڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته رامائڻ جي دور ۾ به هن ديس جي گادي اروڙئي هو، ڇو جوسنڌ  جو هيءُ پراڻو شهر  ۽ تختگاهه به قدامت جي لحاظ  کان آريه ورت جي ٻين شهرن هستناپور، اندر پرستا (دهلي)  پتاليپترا (پاٽنا) ۽ ايوڌيا (اؤڌ)  جو ثاني آهي(3)  رامائڻ واري دور کان پوءِ ايوڌيا جي سورج  ونسي راجپوتن مان راجا بليڪا جيپٽن 1100 ق م،  هن شهر تي راڄ  ڪيو ۽ ان کي وڌايو ۽ويجهايو. (4) راجپوتن مان سورج ونسي راجا رام جي اولاد آهن، جي سنڌ ۾ ايوڌيا کان آيا ۽  چندرونسي ڪرشن  مهاراج  جي اولاد  ٿين جي گجرات کان آيا (5)  اهي سورج  ونسي راجپوت پاڻ کي اروڙ ونسي سڏيندا هئا، جنهنڪري  سندن راڄڌانيءَ  تي نالو ئي اروڙ پئجي ويو (6) وڌيڪ ممڪن ائين ٿو لڳي ته جيئن ٻيا راجپوت ۽ کتري پاڻ کي شهر جي نالي پٺيان سڏائيندا آهن، تيئن اروڙ جا کتري به پاڻ کي اروڙ  ونسي سڏائيندا هوندا. (7) سورج ونسين کانپوءِ سنڌ تي چندر ونسين جوراڄ  ڪيو ٿو نظراچي. ان راڄ جي پيڙهه  چندر ونسي راجپوتن جي ياد و ونسي قبيلي  وڌي ۽ پايي وجهندڙ جو نالو ”راجا سمايا“  هو، جنهن جي پٺيان سنڌ کي ”سنڌ سمه“ به سڏيو ويندو هو.

 (1)مهاڀارت : انگريزي ترجمو : پي. سي. راءِ جلد 2، ص 562.

 (2)دي اٺنلس ائنڊ ائنٽيڪئيٽز آف راجستان: جئي. ٽاڊ: جلد ا، ص 61.

(3)جنت السنڌ: مولائي شيدائي: ص 71.

(4)دي ائنلس  ائنڊ ائنٽيڪئيٽز آف راجستان: جي. ٽاڊ: جلد ا، ص 61.

(5)ايشيئٽڪ ريسرچ: سر ڊبليو. جونس: جلد 2، ص 128.

(6)تاريخ تمدن سنڌ: مولائي شيدائي : ص 73.

(7)پراچين سنڌو سڀيتا جو نظارو: دوار ڪا داس رو جيرام: ص 101.

ان سلطنت جا چار صوبا هئا، جن تي الڳ الڳ وائسراءِ مقرر ٿيل هئا (1) آريه ورت جي قديم شهرن جيان انهن جي راڄڌانيءَ جو هي شهر به دولت سان مالامال هو. سندس ڀروارين ٽڪرين ۾ سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون، هوئن تسانگ هن شهر کي ”پيشان يو چولو“ سڏيو آهي ۽ ٻين مؤرخن سورج ونسي ڪلن جي هن راڄڌانيءَ جي آسودگيءَ ۽ شاهوڪاريءَ جي ساراهه ڪندي کيس ”رورايور“ يا ”رونگر“ سڏيو آهي.(2)

راجپوتن جي حڪومت ڪمزور ٿيڻ سبب، بعد ۾ سنڌ اسان کي ايران جي زيردست نظر اچي ٿي. 518 ق م ايران جي عظيم شهنشاهه دارا ڪاهه ڪري سنڌ ايران سان ملائي ڇڏي دارا کي سڪندر مات ڪيو ته سنڌ بيونانين کان نه بچي سگهي. 325ق م سڪندر هندوڪش اڪري سنڌونديءَ جي ماٿريءَ ۾ وارد ٿيو. پورس کي جيتي اسڪندهه (اچ)  هٿ ڪري، هو سنڌ جي علائقي  ۾ داخل ٿيو،  جنهن جي گادي  جي هنڌ جو ذڪر  ته يونانين ڪيو آهي، پر ان جو نالو نه ڄاڻايو اٿن. اهو سو لکيو  اٿائون ته اها گادي سنڌ جي ان علائقي ۾ آهي جو آچ کان پوءِ پنجاب جي سرحد وٽان شروع ٿئي ٿو، ۽ سڄي اتر سنڌ تي  مشتمل هو. (3) دوار ڪا پرشاد جي چوڻ موجب يونانين ان وقت جي اروڙ جي راجا کي چڪرورتي راجا ڪري لکيو آهي. پر پاڻ کان جبري ۽ وڏي راجا  پورس جي هار جو ٻڌي هن هٿيار  ڦٽا ڪيا ۽ يونانين  بنا مقابلي سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. ان وقت جي سنڌ جي ان علائقي جو نالو يونانين  ”موسيقانس“ لکيو آهي ۽ ايڇ  ٽي لئمبرڪ جي بيان موجب ان  جي گادي اروڙ هو (4) يوناني  مؤرخن سنڌ ۽ اروڙ جي ۽ خاص ڪري اتان جي ڌن، ماڻهن، فن ۽ هنر جي ڏاڍي ساراهه ڪئي آهي. هنن راڳ وسيلي نه رڳو سنڌين کي نانگن جو زهر ڪڍندي ڏٺو پر جانورن جوعلاج  ڪندي به شهر محلاتن ۽ باغن  سان ڀرپور هو. امن ۽ امان  ايترو هو جو ورلي ڪا ڪورٽ ويهندي هئي. ماڻهو  ڏاڍا بهادر، بي ڊپا ۽ ڪاريگر هئا. (5) شايد موسيقيءَ جي ايتري  عام ۽ مقبول هئڻ ڪري ئي يونانين  هن علائقي جو نالو موسيقانس رکيو هو.

سنڌ ۾ اڃا سڪندر جي گهوڙن  جي اڏايل  دز  ۽ ڌوڙ ئي نه آٺري ته بغاوت ڀڙڪو کاڌو. موسيقانس جي ديش ڀڳتن، يونانين  آڏو هٿيارن ڦٽي ڪرڻ ڪري، پنهنجي راجا خلاف  بغاوت بلند ڪئي. سڪندر سندس مدد ۾ پنهنجي هڪ مشهور جنرل پٿان کي اروڙ اماڻيو وطن پرستن آڏو مجبور ٿي راجا به ساڻن ملي ويو. اروڙ واري تاريخي تليءَ جي ميدان تي

___

  (1)جنت السنڌ: مولائي شيدائي: ص69_ 70.

(2)دي انسيشنٽ جاگرافي آف انڊيا: اليگزينڊر ڪفنگهام،لنڊن ص1871.

(3)هسٽري ف اليگزينڊر دي گريٽ: ڪيو.  ڪرٽيس: ص19.

(4) سنڌ : مسلمانن جي فتح کان اڳ: شمرڪ نقشو ص 88.

(5) پراچين سنڌو سڀيتا جو نظارو: دوارڪا پرساد روچيرام: ص 03ا

جنگ لڳي. اروڙ جو راجا قوم پرستن سميت ويڙهه ۾ مارجي ويو ۽ موسيقانس تي يونانين جو قبضو ٿيو. پر ٿوري وقت لاءِ رهيو ستت ئي هندستان ۾ موريا خاندان آسرو، جنهن سيليوڪس يوناني کي اتر اولهه ڀارت ڇڏڻ لاءِ مجبور  ڪيو. انڪري سنڌ مان به هنن کي ٽپڙ ويڙهڻا پيا. نه رڳو ٽئڪسيلا، موريا گهراڻي جي هٿ آيو پر سنڌ ۾ به يوناني سنڌونديءَ  جي الهندي پاسي ڌڪجي ويا، ۽ موسيقانس  به موريا راڄ جو هڪ صوبو ٿي پيو. جنهن تي هڪ وائسراءِ معرفت  حڪومت ڪئي پئي ويئي. آسوڪا جي مُئي پڄاڻا موريا گهراڻو هيڻو ٿي پيو  ۽ پنهنجا ڪيئي علائقا ڦرائي ويٺو  سنڌ به سندن قبضي مان ڇڏائجي وڃي بئڪٽرائي يونانين  جي پڙ پئي. انهن کان سٿين کسي ۽ سٿين کان وري پارٿين ورتي سيستاني  سٿين جو هڪ قبيلو بولان لڪ کان لنگهي سنڌ جي اترئين حصي تي  اچي قابض ٿيو. اهو زمانو اٽڪل 140 ق. م جو هو. ان وقت جي اتر سنڌ کي اڀيريا سڏيو ويو آهي. ۽ ان جي گادي اروڙ ڄاڻايو ويو  آهي. (1) ان دور ۾ هڪ يوناني واپاري سنڌ ۾ آيو هو. سندس سفر  جو مقصد يونان ۽ سنڌ ۾ واپاري ناتن کي وڌائڻ لاءِ موقعن  جي تلاش  هو. هن پنهنجي  ڪتاب ”The priplus of Enythracean Sea“ ۾ سنڌ (ايريا) کي هند لاءِ واپار جو دروازو سڏيو آهي. هن جي چوڻ موجب، ان دور ۾ سنڌ تي پارٿين جو راڄ هو جي پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا. سنڌ جي گادي درياهه جي ڪپ تي محلن ۽ بازارن  وارو شهر ڄاڻايو اٿس. پر ان جو نالو نه ڏنو اٿائين.

پهرين صدي عيسويءَ  جي پوئين اڌ ۾ ڪشن گهراڻي جي مهاراجا  ڪنشڪ پارٿين کان اتر اولهه هندستان جو علائقو کسي ورتو. هن جي گادي پشاور جي ڀرسان پرمشاپور هئي، ۽ هن به ذري گهٽ سڄي سنڌو واديءَ تي راڄ ڪيو . هن جي دور حڪومت ۾ بهاولپور ۽ اتر سنڌ وارو  علائقو  گڏي هڪ  صوبي جي حيثيت  رکندا هئا،  جنهن جو وائسراءِ اروڙ ۾ رهندو هو. ٻه صديون  پوءِ به سنڌ تي ڪشن گهراڻي جو قبضو رهيو. جنهن جو ثبوت  موهن جي دڙي ۽ جهڪر مان لڏي ڪي مهرون ۽ مورتيون  آهن (2) ڪشن گهراڻي کان پوءِ هندستان تي گيتا گهراڻي جو راڄ آيو. دهليءَ ۾ راجا چندرگپت  جي لڳايل لوهي ٿنڀي تي ٿيل اُڪر مان پتو پوي ٿو ته هن سپت سنڌوءَ وارين  ندين کي اَڪري پنهنجي راڄ  جون حدون وڌايون هيون.  پر معلوم ٿو ٿئي ته هن نه ته سنڌ  ۾ ڪو وائسراءِ رکيو ۽ نئي قبضو  جاري رکيو ، پر رڳو اروڙ جي راجا کان ڏن وٺندو رهيو (3) ڇهين صديءَ عيسويءَ  ڌاري سنڌ هڪ دفعو ٻيهر  ايرانين  جي ماتحت  نظر اچي ٿي. اهڙا ثبوت  جهڪر ۽ ٻين دڙن مان مليل مٽيءَ جي ٿانون تي اُڪريل نقش آهن. ڇهين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن ايران جي ساساني شهنشاهيت اوج تي هئي.

___________

(1)   ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا، ص 532(2) سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ، ايڇ ٽي لئمبرڪ، ص 125. (3) ارلي هسٽري آف  انڊيا، اين اين گهوش ص 275.

تڏهن نوشيروان سنڌ تي ڪاهه ڪري ان کي زبردستيءَ هيٺ آڻي ڇڏيو. ايران کان سنڌ  کي آزادي ڏيارڻ جو سهرو، مشهور راءِ گهراڻي جي سِر تي اچي ٿو، جنهن بابت ڪي قدر احوال اسان کي گهٽتائيءَ، وڌائيءَ ۽ ڪچائي پڪائيءَ سان چچنامي ۾ ملي ٿو. رلوٽيءَ جو خيال آهي ته راءِ گهراڻي جي اوائلي دور ۾ سنڌ ڪو سڌيءَ ريت ايران جي ماتحت ڪانه هئي،  پر هن رڳو اُن  جي بالا دستي ڪئي هئي ۽ ايران کي نالي ماتر  ڏن ڏيندي هئي. (1)

تاريخ جي اڀياس مان ائين ٿو لڳي ته راءِ گهراڻي سنڌ ۾ تڏهن اڀرڻ ۽ طاقتور ٿيڻ شروع ڪيو جڏهن اها  موريا گهراڻي  جي ٻڌمت  رکندڙ راجائن جي ماتحت  هئي. آسوڪا کان وٺي  راءِ سهاسيءَ تائين سنڌ ۾ ٻڌمت  جو زورنظر اچي ٿو. راءِ گهراڻي جو انت چالاڪ ۽ حرفتي  برهمڻ، چچ آندو، ۽ اهڙيءَ  ريت برهمڻ گهراڻي جي راڄ جي شروعات  ٿي، جو شايد سڀ کان ننڍو  راڄ ۽ ننڍو گهراڻو ثابت  ٿيو. ڇو جوستت  ئي چچ جي پٽ راجا ڏاهر کان سنڌ عربن کسي ورتي. چچنامي مطابق  راءِ گهراڻي  جي عهد ۾ سنڌ هڪ سلطنت هئي، جنهن ۾ چار صوبا  هئا ۽ بن جون حدون اهي ئي هيون جي رگ ويد ۾ سپت سنڌوءَ جون ڄاڻايون ويون آهن: يعني: اوڀر ۾ ڪشمير ۽ قنوج، ڏکڻ ۾ ديبل ۽ سمنڊ، اولهه ۾ مڪران ۽ اُتر  اولهه وارو علائقو اچي پئي ويا. ستين صدي عيسويءَ جي مُهڙ ڌاري راءِ گهراڻو  اوج کي رسي چڪو هئو. هن ٻڌمت واري راجائن جي گادي به اروڙ هو ۽ ٻين چئن صوبن جون راڄڌانيون ملتان ۽ اسڪند يا اُچ، پنجاب ۾، ۽ سيوستان  ۽ برهمڻ آباد (سنڌ  ۾) هيون، جن تي وائسرائن معرفت راڄ ڪيو ويندو هو. پراڻو موسيقانس وارو علائقو  ۽ سبي ۽ ڪڇيءَ وارا پاسا سڌيءَ ريت  اروڙ جي ماتحت هوندا هيا(3).

راءِ ۽ برهمڻ  گهراڻي  واري اروڙ بابت چچنامي ۾ گهڻو ڪجهه  ملي ٿو. هن شهر بابت ان مشهور تاريخ مان ڪي ٽڪرا هِت  رکن ٿا: ”هيءُ شهر جو هند ۽ سنڌ جو تختگاهه آهي، سيحون (مهراڻ نديءَ جي ڪپ تي آهي) قسمين قسمين اوچين ماڙين ۽ محلاتن، چراگاهن ، گلن، باغن، حوضن، نهرن ۽ گلڪارين سان سينگاريل هڪ وڏو شهر آهي. هن رونق واري شهر ۾ راءِ سهارس نالي هڪ راجا رهندو هو، جنهن وٽ  ججها خزانا  ۽ پوريل ناڻا هئا. هو  دنيا ۾ مشهور  هو ۽ سندس سخاوت جي ڌاڪ هئي.“ ص : 2 ”هو (راجا ڏاهر) گرميءَ جا چار مهينا  اروڙ ۾، سياري جا چار مهينا  برهمڻ آباد ۾ ۽ بهار جا چار مهينا  اروڙ ۾ رهندو هو“ ص: 93، ان مان ڏسجي ٿو ته ان دور ۾ اروڙ جي آبهوا وڻندڙ ۽ دلڪش هئي، انڪري ئي

_____

(1)              جنرل آف ايشيائٽڪ  سوسائٽي بنگال، 1902ع: ص 56،

(2)             چچنامو: سنڌي ترجمو  : ص 21.

(3)             سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ: لئمبرڪ ص 139.

منجهس ججها باغ ۽ ساوڪ هئي. هن شهر جي شاهوڪاريءَ جي هاڪ ۽ ڌاڪ ڏوران ڏور پکڙيل هئي. بصري جو گورنر حجاج بن يوسف، جنهن کي اسلام جي تاريخ، سفاڪيءَ ۽ ظلم سبب يزيد ثانيءَ جي نالي سان ياد ڪري ٿي، پنهنجون حريص  ۽ لالچي نگاهون هن شهر ۾ کپايون هيون. سنڌ تي چڙهائي ڪري آيل عرب فوج جي سپهه سالار محمد بن قاسم ڏانهن هڪ خط ۾ هو لکي ٿو: ”هند ۽ سنڌ جي بادشاهيءَ جا ٿنڀا اروڙ ۽ ملتان  آهن، جي تختگاهه آهن . بادشاهن جا خزانا  ۽ دفينا به اتي آهن سو اُهي هٿ ڪر ته ڄڻ  هند ۽ سنڌ هٿ ڪيئي (1)  سهتن مان سونهان هٿ ڪري ، عرب اروڙ تائين آيا جو هند سنڌ جو تختگاهه هو، ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو  شهر هو. اتي جا رهاڪو اڪثر فنڪار، هنر مند ۽ هاري هئا (2)  شهر جي واپار ۽ ڪاريگريءَ  جي به عربن ڪافي ساراهه ڪئي آهي. جڏهن هي شهر  عربن جي هٿ آيو ۽ اتان جي شهرين  جي قتل عام  جو حڪم ٿيو  تڏهن راڻي  لاڏيءَ، محمد بن قاسم کي چيو، ”هن ملڪ جا ماڻهو ڪاريگر، واپاري  ۽ هاري آهن، انهن جي ڪري ئي هي ديس آسودو ۽ شاهوڪار  آهي. انهن ڪري ئي هن ديس جي دولت آهي ۽ شهر خزانن سان ڀريل آهي. جي انهن کي ختم ڪندين ته سڀ مال متاع ختم ٿي ويندئي“ (3)

تاريخ معصوميءَ جي مصنف، مير معصوم بکريءَ (جو اڪبر اعظم جي ڏينهن ۾ بکر جو گورنر هو ۽ جنهن پاڻ به ڪئي ڀيرا اروڙ ڏٺو هو) به راءِ گهراڻي واري اروڙ جي شان ۾ گهڻي  قصيده گوئي ڪئي آهي. هولکي ٿو: ”اروڙ“ هڪ وڏي عالم پناهه سان مهراڻ جي ڪپ  تي وسيل هڪ وڏو شهر هو، جو محلاتن، ميويدار وڻن، ۽ نهرن سان ڀرپور هو ۽ ان ۾ تمدن ۽ شهريت جو اهو سڀ سامان موجود هو، جنهن جي ڪنهن مقيم يا مسافر کي خواهش ٿي سگهي ٿي(4).

راءَ سهارس جي ڏينهن ۾ ايران جو شهنشاهه نيمروز سنڌ تي ڪاهي آيو. ۽ مڪران جو علائقو هٿ ڪري ايراني سلطنت  سان گڏي ڇڏيائين. راءِ سهارس ڪٽڪ وٺي  ڪاهي ويس. ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ ڀيانڪ لڙائي لڳي ۽ راءِ سهارس ڪٽڪ وٺي ڪاهي ويس. ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ ڀيانڪ لڙائي لڳي ۽ راءِ سهارس ديس جي بچاءَ ۽ عزت خاطر  لڙندي لڙندي جان ڏيئي  ويو. سندس موت بعد پٽهنس  راءِ سهاسي تخت تي ويٺو .هن راڄ ماڻڻ شرط ئي اندروني حالتن ۽ انتظام سڌارڻ جوڪم هٿ ۾ کنيو. اروڙ ۾ ويهي هن سياسي ۽ سماجي  سڌارا آندا. خلق لاءِ آرام ۽ آسائش جا وسيلا  مهيا ڪيائين. هو واپارين ۽ ڪاريگرن جو وڏو قدردان ۽ همٿائيندڙ هو. سندس ڏينهن ۾ اروڙ واپار ۽ هُنر جي لحاظ کان اوج  کي رسيو(5).

_____

(1)              چچنامو: سنڌي ترجمو: ص 315.

(2)             چچنامو: سنڌي ترجمو:ص 336.

(3)             چچنامو : سنڌي ترجمو:ص334.

(4)             تاريخ معصومي: سنڌي ترجمو ص 32.

(5)              تاريخ معصومي: سنڌي ترجمو: ص 46_47

راءِ سهاسي جي مرڻ تي چچ برهمڻ ڪل جي راڄ جو پايو وڌو. چچ اروڙ جي قلعي کي وڌيڪ مضبوط ڪرايو ۽ هڪ نئون  قلعو راوڙ به اڏرايو. هن نئين قلعي راوڙ بابت ڪنهن تاريخ  ۾ ڪو پتو ڪو نه پوي، ۽ نه ئي ان  جي جاءِ وقوع بابت ڪا سڌ ٿي ملي. چچ جي مرڻ بعد ستن سالن لاءِ سندس ڀاءُ چندرسين تخت تي ويٺو، جنهن بعد هن گهراڻي  جو آخري راجا ڏاهر تخت نشين ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ راجا  رامل اروڙ تي ڪاهي آيو. چچنامي پٽاندر هيءُ  جيسلمير جو راجا هو ۽ تحفتة الڪرام موجب قنوج جو. ڏاهر جي ڀيڻ راڻي ٻائيءَ جو سڱ رامل جي پٽ سان  ٿيل هو. پر پوءِ نجومين جي چوڻ تي لڳي راجا ڏاهر هن سان پڻ ويڏي پڙهائي، ۽ شاديءَ جي پهرين رات ئي وٽس پنهنجي تلوار مڙس طور ڇڏي هليو ويو (1) راجا رامل سوڀن راءِ ڀاٽيا وڏو لشڪر وٺي وير وٺڻ لاءِ اروڙ تي ڪاهي آيو.سنڌين سان گڏ آهي عرب به راجا رامل سان وڙهيا، جي محمد  علافي، خلافت جي مشهور ڪرد باغيءَ سان سنڌ ۾ اچي پناهگزين ٿيا هئا، راجا رامل کي شڪست پلئه پئي ۽ اروڙ تباهيءَ  کان هيڪر بچي ويو. (2)  پر اروڙ ان تباهيءَ کان گهڻو وقت نه بچي سگهيو. ستت ئي عربن هن شهر تي قبضو  ڪيو. عربن جي فتح اروڙ جي واڌ  ۽ اوج  تي روڪ ۽ رنڊڪ  ثابت ٿي. ڪيترن ئي ڌارين سان مقابلو ڪندڙ هيءُ شهر عربن جو وار نه سهي سگهيو. برهمڻ خاندان  جي پڄاڻي اروڙ جي زوال  جي شروعات  ثابت ٿي. اڻ ميو خزانو  سنڌ ۽ خاص ڪري اروڙ مان بصري ۽ دارالخلافت جي بيت المال ڏانهن موڪليو ويو. شهر جا اڪيچار هنرمدن، ودوان ۽ ڪاريگر  غلام بڻائي وچ اوڀر جي بازارن  ۾ نيلام ڪيا ويا. فتح کان ڪجهه سال پوءِ جڏهن عمر بن محمد بن قاسم سنڌ جو گورنر  ٿي آيو، ته هن اروڙ کي ڇڏي منصوره نالي نئين گادي اڏائي،  اروڙ جي سياسي حيثيت  ختم ڪندڙ عربن جو اهو نئون اڏايل  شهر به اڄ  عربن جيان سنڌ ۾ اڻلڀ آهي. ترت  ئي اها گاديءَ جي مٽاسٽا مقامي راجائن ۽ ماڻهن جي بغاوت  سبب عمل  ۾ آئي. خليفي هشا م بن مالڪ جي ڏينهن ۾ ئي  اروڙ تي هڪ مڪاني هندو راجا، راجا ڏاهر جي پٽ گوپيءَ جي اولاد مان، قبضو ڪري ورتو، جو قبضو سومرن  جي دور تائين جاري رهيو (3) اهڙيءَ ريت  ستت ئي سموريءَ  سنڌ ۾ ڪيتريون ئي الڳ آزاد رياستون ٺهي  پيون جن تي مڪاني سنڌي راجا راڄ ڪندا هئا، ۽ منصوره جي عرب گورنر  جي حيثيت رڳو ڏن وٺندڙن جي وڃي رهي، سا به جلدئي هوريان هوريان ختم ٿي ويئي، ۽ سنڌ تي سومرا دور شروع ٿيو.

اروڙ جي تباهيءَ جو آغاز  ٿي چڪو هو. تباهيءَ جي ڌار ڌار منزلن  ۽ ڏاڪن جا به ڪي اشارا  تاريخ ۾ ملن ٿا. پران جي تفصيل بابت به تاريخ  ائين ماٺ  آهي جيئن سندس عروج جي تفصيل  بابت . تاريخ ظاهريءَ ۾ هڪ واقعو ملي ٿو جو غور سان ڏسڻ شرط،  ڏند ڪٿا .

__

(1)   جنت السنڌ: مولائي شيدائي، ص 91 (2) سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ: لئمبرڪ ص 178 (ءِ) جنت السنڌ: مولائي شيدائي، ص 248.

کان مٿي نٿو لڳي. هن تاريخ جو مصنف مير طاهر ٺٽي نگر وارو ارغون فاتحن جو درٻاري هو ۽ انهن جي ارشاد تي ئي تاريخ طاهري تصنيف ڪئي هئائين.هن چيو آهي ته اها تباهي راجا دلوراءِ سومري جي ظلمن جو نتيجو هئي. ساڳي ئي راجا جي ظلمن کي هُن وري اڳتي هلي برهمڻ آباد جي تباهيءَ جو ڪارڻ به ڄاڻايو آهي. سترهين صديءَ جي هن مؤرخ جي چوڻ موجب راجا دلوراءِ  هر رات هڪ نوجوان ڪنواري عورت کي خلوتگاهه ۾ گهرائيندو هو. هڪ لڱا  هڪ عرب واپاري درياهه رستي سفر  ڪندو اچي سنڌ سهڙيو ۽ اروڙ ۾ ننگر انداز ٿيو. رواج انوسار راجا دلوراءِ هن واپاريءَ سيف الملوڪ جي سهڻي سدا ملوڪ  نينگر بديع الجمال لاءِ  ارادو ڏيکاريو. واپاري اٽڪل ويڙهائي عقل هلائي راجا کان ٽن ڏينهن جي مهلت  ورتي. انهن ٽن ڏينهن ۾ هن ايران کان فرهاد جهڙا سنگتراش گهرايا ۽ ڏينهن رات ڪم هلائي، بند ٻڌي، ٻن ٽن ڏينهن ۾ درياهه جو رخ اروڙ کان ڦيرائي ڇڏيو ۽ سلامتيءَ سان  ٻيڙا ڪاهي هليو ويو، جنهن بعد  اروڙ تباهه ٿي ويو.

هڪ عام  فهم ۽ عقل وارو ماڻهو  به ان داستان کي ڏند ڪٿا کان وڌيڪ نه سمجهندو  هن دور ۾ ئي جديد ٽيڪنڪ ۽ مشينري هوندي، ننڍي نديءَ جي رخ ڦيرائڻ لاءِ به ڊئم يا پل  ٻڌڻ ۾ سالن جا سال ٿا لڳي وڃن. سو ان عرب جو ٽن ڏينهن اندر بنڌ ٻڌي رخ ڦيرائڻ جوسوال  ئي نٿو  اُٿي. مصنف اهو ڄاڻي واڻي دلوراءِ کي بدنام ڪرڻ لاءِ قصو  گهڙيو آهي. اڳتي هلي هن راجا دلوراءِ کي پنهنجي ڀاڄائيءَ  سان به ناجائز لاڳاپن جو ڏوهي ڏيکاريو آهي. جي اهڙو واقعو يا ڪردار وارو راجا ان دور ۾ ٿيو هجي ها ته ان دور جي تاريخدانن يا سياحن کان ڳجهو نه هجي ها. مشهور سياح ابن بطوطه سومرن جي آخري دور ۾ سنڌ ۾ آيو  هو ۽ اروڙ ۾ ويو هو.  جي اهڙو انقلاب ويجهڙائيءَ ۾ آيو هجي ها ته هو ان جو ذڪر پنهنجي سفرنامي ۾ ضرور  ڪري ها (1)  ان کانسواءِ سڀ تاريخون ان تي متفق  آهن  ته درياهه اروڙ کان رخ راجا دلوراءِ  جي دور ۾ نه پر ان کان گهڻو اڳ  ڦيرايو هو. سومرن جي پهرين گادي محمد طور يا مهاتم  طور چئي ٿي وڃي، جا ڪن جي چوڻ موجب درياهه جي ڪپ تي اروڙ جي ڀر ۾ هئي. ڪن مئورخن  ان کي مهاتم  طور يا ٿرڙي  به لکيو آهي 02) هينري ايليٽ جنهن تاريخ  طاهري انگريزيءَ ۾ ايڊٽ ڪئي، تنهن سنڌ  جي سير بعد ڄاڻايو آهي ته محمد طور ، ديرڳ  پرڳڻي ۾ اروڙ جي ڀر ۾ درياهه جي ڪَپ تي هو. تنهن جي معنيٰ  ته سومرا دور جي اوائل ۾ درياهه اڃا اروڙ جي  ڀرسان وهندو هو. سڀ تاريخون  يڪراءِ آهن ته درياهه ڏهين صدي عيسويءَ  (چوٿين صدي هجري)  ڌاري رخ ڦيرائي اروڙ بجاءِ بکر کان وهڻ شروع ڪيو. راوٽيءَ جي بيان موجب  درياهه 941ع (335هه)  ڌاري بکر طرف رخ ڪيو. سنڌ گزيٽئر ۾ دلوراءِ وارو زمانو 1221ع ڄاڻايو ويو آهي (3) لب تاريخ واري وري بکر جي 

___

(1)              عجائب الاسفار: ابن بطوط: جلد ٻيو، اروڙ جي بيان ۾، (2) تاريخ معصومي: سنڌي ترجمو: ص 99. (3) گزيٽيئر آف دي سنڌ پراونس: اي ايڇ ائٽڪن: ص 89.

تعمير جو سن 333 هجري ڏيکاريو آهي، جا راويءَ جي ان بيان جي تصديق ٿي ڪري ته رخ ڦيرائڻ بعد اروڙ ولرن وڃي روهڙي ۽ بکر جا شهر وسايا (1) درياءَ جي رخ ڦيرائڻ بابت ائپٽ جو رايو به راوٽيءَ جي تائيد ٿو ڪري.  هن جي چوڻ موجب درياءَ 992ع ۾ رخ ڦيرائي بکر طرف  ڪيو. (2) انڪري دلوراءِ  واري زماني، يعني 1221ع ۾ درياءَ  جي رخ ڦيرائڻ  جو سوال ئي نٿو اٿي. اهو ته ان کان گهڻو اڳ  منهن موڙي ويوهو. جنهنڪري سومرن  گادي مٽي وڃي وڳهه ڪوث  ۽ روپاه ماڙيءَ طرف ڪئي هئي، سو تاريخ طاهريءَ جي من گهڙت ڏند ڪٿا رڳو مڪاني سنڌي حاڪمن  کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڌارين جي حربي کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com