سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1974ع

مضمون:

صفحو :2

ٿي وئي نماز مغرب  هو گهر چراغ و خوان آ،

مون هان خيال ڪافر غم و روڄ ۽ فغان آ.

لُڙڪن سان هِت   وُضو هِن آتش ۾ هِن  نمازون،

                          مسجد کي اڄ جلايو،منهنجي مٺا  آذان آ.

 عجب آ نماز مستن، ڪن ٿا ادا جا دل سان،

                  نه ڪو ياد تن زمالو، نه ڪي فڪر تن مڪان آ.

 ڪٿ هڪ رڪعات پڙهيم، ڪٿ ٻن جون چار پڙهيم،

                    ڪيئن سي خدايا پڙهيم، هت هوشنا زبان آ.

 بيهوش ٿي چڪو هان،جائز نماز ڪانهي.

                  نه ڪوياد  ڪو رڪوع آ،نه ڪا طاقت،بيان آ.

ڪيئن راه حق هلان مان، بيدست و پا هان ”آغا“،

                  سڀ ڪجهه  لُٽائي ويٺس،الله جي آمان!

·                    

دل جا بدخُويار سان اڄ آشنائي ٿي ڪري،

شيشو ٿي پٿر سان قوت آزمائي ٿي ڪري.

 زاهدي آرو يه مسجد، حسن  وارا ڪيئن ڏسي،

  راندهءِ بزم محّبت  پارسائي  ٿي ڪري.

 خلقهءِ ڪاڪل اندر رلندو ڏسي  سهڻي پڇيو،

 ڪنهن جي هيءَ درويش دل اڄ هت  گدائي ٿي ڪري.

حسن  وارن ۾ طمع مان چئو وفا جي ڇا رکان.

 سونهن سوڀيا جن سان پنهنجي بيوفائي  ٿي ڪري.

 شلعهءِ مشرف جنهين سان آ فلڪ روشن ٿيو،

 تنهن کي روشن آتش داغ جدائي ٿي ڪري.

هال محرم حال پرسان ڪو رهيو همدرد ناهي،

 همدم و همراز دل،ڀي ڪج ادائي ٿي ڪري.

گاهه ماري گه جياري ٿي عشاقن کي مُدام،

 چشم، نرگس مست هن جي ڄڻ خدائي ٿي ڪري.

دل چُڪي ٿم سَير  ٿي آغا حياتيءَ کان هتي.

  تند خُو سهڻن سان تڏهين آشنائي ٿي ڪري.                                                                                                                                                                                                                                     

شمع فلڪ ٻَري آ با آتشين زبانه

اي ساقي برهمن اُٿ اُڻ  مئي مُفانه.

ڪشتي ته ڪر رواني ساحل جو فڪر ناهي،

درياي غم کي ڪونهي اي ناخدا ڪرانه.

پيتل پيار پنهنجو پهلوءَ ۾ آ پيارا،

 مدهوش ٿي چمان مان چپ يار بي بهانه.

ڀل ڌار ڪر ته تن کان سر منهنجو هاڻ قاتل،

 هت تنگ آ ڪيو مون  غم، محنت زمانه.

اٿ  هَل هلون ٿا ظاهر اڄ سوئي مئڪده ڀي،

مان بيخود  ۽ شرابي تون بيهُش زمانه

اي اشڪ ماه منهنجا آهين خمار ۾ تون،

 اکين ۾ آهي ظاهر اڃا ڪيف ڪجهه شبانه.

خرجن سان سهڻا  مطرب اڄ آڻ آبر باران،

ڪر زهد خشڪ تر اڄ، ڳائي ته خوش ترانه

باغ و بهار بادل بدمست ساڻ ساقي،

 ساغر صراحي مئي آ ٿئي رقص عاشقانه.

مدهوش آهي ”آغا“ ٿئي لطف گر اي ناصح،

 بزم شاهه ۾ ٿئي تلقين  ِ عارفانه.

·  

آيو اُن ڪوئي يار ۾ پٿر  ته کڻي وڃ،

ڪجهه يادگار شهر ستمگر ته کڻي وڃ.

ڪا ياد سفر چيز تون برسر ته کڻي وڃ.

 ٻي نا ته خاڪ، راءِ فُسونگر ته کڻي وڃ.

اي باد سحر  يار جي ڪوچي ۾ دفن لئي،

 هيءَ خاڪ دل راز ۽  آ بتر ته کڻي وڃ.

 بيباڪ منهنجي قتل جو سامان  نه هتي ڇڏ.

  ثابت  نه ٿيئي خون هي خنجر ته کڻي  وڃ.

 رهندين تون رات ڪين ٿي مهمان  دلربا.

  لَذرانه ۾ تون منهنجو مگر سر ته کڻي وڃ.

 بي زر هان ملي ڪين ٿو ڪجهه مئڪده  منجهان،

  تون دل مان منهنجي باده احمر ته کڻي وڃ.

آميه آهي ٿيندئي ڪافر هي مسلمان،

 ڪعبي ۾ دل  جي هن کي به اندر ته کڻي وڃ.

اڄ نرگس مستان مان  ته ڇُلڪي پئي  صُبها،

 ساقيءَ جي اڳيان ”آغا“ساغر ته کڻي وڃ

شعلهءِ دل آ جلايو هر چراغ انجمن،

آو سوزان وئي پڄي  آ برسر چرغ  ڪهن.

ڪين ويندي  تيره بختي  عاشق  ناشاد جي،

                   ٿي پوڪاري بيسُتون  ۾ اڄ مزار ڪوه ڪن.

 هت شب وصلت  ۾ڀي هو آفتاب بي نقاب،

                     رشتهءِ  دل ٿو جلائي ۽ ٿو ساڙي جان و تن.

وصف روئي آتشين جڏهين ڪريان ٿو دلربا،

                  ٿا ٻڌن قدسي ادب سان شعر  منهنجو ۽ سخن.

هندوي خالرخ تو زنگيئي  رخسارولب،

                        ٿاڪرن اڄ خج لج انان زينت حسن يمن.

هو رڳو ليليٰ  مٿان هڪ قيس ئي مفتون  مگر،

                   شعلهءِ عشق صنم مِسِمارُ ڪياسُو مرد وزن.

رسم خونخواري ڪئي گر چشم ڪافر  اختيار،

                 ٽڪرا ٽڪرا جان  ٿيندي تند تارون بال وتن.

 سَرنگون سجده  ۾ ويندا اڄ عقيق و نارون،

               ناز سان گلشن اندر  ايندو جڏهن نازڪ بدن.

 اڄ ڏسي زلف دوتا کي يار جي قدمن مٿان،

           شوق پابوسيءَ  لئي ”آغا، ٿا سوين سهڻا سِڪن،

·  

ملڪ منهنجي ۾ نه ايندي هاڻ ويراني وري،

دولت ِ دل جي وتي تو آهه سلطاني وري.

 تو ڪيو هو جان من هن عالم دل کي خراب ،

              توئي ڪئي آباد ننگري آهي هيءَ  جالي وري.

سال ويا سڪندي لنگهي  ها انتظار خشڪ ۾،

                چشم تر مان  آ شروع ٿي هاڻ بارالي وري.

فتنه چشم ستمگر ڪار عاشق  ڪيو تمام،

           ته به ادائي  ڪج ڪري ٿي  عشو پنهاني  وري.

ٿي زليخا جان من آ جان به لب ۽ مؤسفيد،

                سار لهه تنهنجي اچي اي ماه ڪنعالي وري.

تو ڪيو آهي مڪمل درس جانان جان بري،

             ڪر شروع اي سنگدل توڪار  دزداني وري.

ڪعبہ  دل تو وٺي  ڪيو بتڪده ٻيهر صنم،

            هاڻ اُتي  ايندي ڪٿان ڪافر، مسلماني وري.

قتل عالم ٿو ڪرين ناحق  نگاه ناز سان،

           ڇو رکيو رائج اَٿي هيءُ، ظلم بي معنيٰ وري.

محفل، ارباب آهي يار ڀي موجود آ،

              ڇو نه آغا“پو ڪري يارو غزل خواني وري.

·        

اڄ ته اثر  ڪو ڏسي آه شرر بار ۾،

آهه چراغان بپا، دل جي هت غبار ۾.

لازم و ملزوم هِن درد و غم  ۽ عشق هي،

آب و آتش آهي جيئن چشم گوهر بار م.

ڪونه هو خيال تن موت  يا قيام جو،

عمر ڀر رهيا جي هت ، انتظار يار۾.

ويا سڀوئي رهگذر دشت جنون مان هليا

اڄ  نشان قيس ڪٿ ناهي ڪوهسار ۾.

قافلي جو مير هو، ڪنهن نه سڃاتو مگر،

ٿي وڪاڻو مصر جي، ڪوچه و بازار ۾.

بي خبر نه ڄاڻ تون رند  خرابات کي،

رازدان ڪائنات ٿا رهن خمار م.

موت ڪندو منهدم عاشق کي ڪين آ،

زنده رهي مست ٿو آه گو مزار ۾.

ترڪ ”آغا، جن ڪيا تعلقات خلق سان،

ٿيا مقيم سي وڃي منزل قرار ۾.

·                                                                                                                                                                                                                                        

هر غنچو رُخ يار شرمسار ڪيوآ.

هيجان بپا باغ ۾ رخسار ڪيوآ.

گيسو بدوش ڪو ته خرامان باغ  ۾،

نادم گلاب زلف جي هٻڪار ڪيوآ.

سهڻن جي ڏسي ناز ۽ انداز کي آخر،

مرغان چمن رقص ونوا يار ڪيو آ

تر منهنجو رڳو دامن اڄ خون سان يارو،

منهنجيئي ڏسو ديدهءِ خولبار ڪيو آ

باغي  نه دل زار هئي يار  کان ڪڏهين،

پو ڀي  ڇونگهه يار مٿس  وارُ  ڪيو

هرنازتنهنجو دل مون کنيو آهي وليکن،

تو مون کي مگر هر دم بيزار ڪيو آ.

بلبل کي ڪري بند اي صّياد تو ناحق،

ويران خود ئي پنهنجو  گلزار ڪيو آ.

مقبول عرض وصل ڀِي آخر ته هي ٿيندو،

دامن جهلي جو ”آغا‘ هربار ڪيو آ.

تاجل ”بيوس“

نظم

ساڻيهه

هن ۾ موتي  محبت وارا، هن ۾ الفت جا اقرار،

هن ۾ رانجهو تخت هزاري، آيو راويءَ   جي هن پار،

هن ۾ ٻاگهيون ٻهه ٻهه ٻهڪن، هن ۾ سورهن ئي سينگار،

هن ۾ ويس وسڻ جا پهري اڄ پڻ آيو منهنجو يار؛

 هن ۾ منهنجي ماروئڙن جا لک سنهيا، لک سلام،

 هن ۾ محبت ماکيءَ  لارون هن ۾ پيار ڀريو پيغام.

هن ۾ ٽانگر ٽاريون ٽهڪن، هن ۾ مُرڪن مينديءَ ڏار،

کائر، پائر کيٽ خماريا، هن ۾ ڦٽا لال ليار،

رم جهم، رم جهم راڳ  رسيلا ، ٿر بر، ٿر بر باغ بهار،

ڇم ڇم ڇمڪا ڇيڄ ڇپر ۾، دم دم دهلن جي ڌڌڪار،

 هن ۾ چوٽا چندن  ٽاريون،هن ۾ راڻيون  رنگ رتول،

 هن ۾ رمزون راڻل واريون ، هن ۾ مانجهي مڙس اڏول،

هن ۾ وايون وحدت واريون،هن ۾ روبينا جاراڳ،

هن ۾ بادل ڀرجن گرجن، هن ۾ جهڙڦڙجهڙُڦڙجهاڳ،

هن ۾ پار پرين جا پيارا،  ،هن ۾ چوڙيلين  جا چاڳ،

 هن ۾ وانگيئڙن  جا ويڙها،  هن  ۾ ڀال، ڀلايون ڀاڳ؛

 هن ۾ گوڙيون گنيرن واريون، هن ۾ لوڌين  کي للڪار،

 هن ۾ غيرن لئه گهوٻاٽا،  گُرز، گليلا، ڌمڪيون ڌار

هن ۾ ڀاڳي ڀاڳ  ڀلاري ڳائي ويٺي  لوئي لال،

ڪنهن ڪنهن  ويلي ڪانڀ ،ڪپر ۾ ڪيچ ڌڻيءَ جي قيل مقال،

چنگ، چڙا، کڙتالون چپڙيون، ڌو ڌو،ڌوڌو ڌوم ڌمال،

هن ۾ سامي سڪ سلامي ، هن ۾ ڏاڍا قرب ڪمال:

 هن ۾ ڪرها ڪيچ قطار يا، هن ۾ هالارن جي هوڏ،

  ويل وچينءَ جو واهه وڻي ٿي هن ۾ لاهيارين جي لوڏ.

هن ۾ جوٽون جرنيلن جون، هن ۾ ٻلو جا ٻار،

هن ۾ چنڊ ڪتين مان جهاتيون پاتيون اڄ پڻ منهنجي يار،

هن ۾ چوءِ مٿان جهنگين جي وڄڙيون ڇوڙي آيون وار،

هن ۾ وڪن، ڪپر، ڪراڙيون، هن ۾ واهڙ ويرو تار

 هن ۾ ساهه سرنهن کان سرهو ، هن ۾ هيرون ۽ هٻڪار،

هن ۾ بوءِ بسنتي “بيوس“ ڄڻ ڪنهن ڇوريءَ ڇوڙيا وار.

مان آهيان نه آهيان.

نه صاحب  سڏايان، نه سلطان آهيان،

مان ”آهيان نه آهيان“ تي حيران آهيان.

 

ڪڏهن ”رب “ ارني“ جون مرليون وڄايان

ڪڏهن ”لن تراني“ جا هوڪا هلايان“

ڪڏهن رازَ برزُخ جا سڀ کي سڻايان.

ڪڏهن پاڻ تي خود پشيمان آهيان.

 

ڪڏهن ذوق وارن ۾ ذاتي صفاتي،

ڪڏهن آهيان بيوس، ڪڏهن بي ثباتي،

ڪڏهن پاڪ پوتر،ڪڏهن خوب خاطي،

ڪڏهن سونهن وارن جو سلطان آهيان.

ڪڏهن  اسم جسمي،ڪڏهن سِرُ  سجاني،

ڪڏهن بيک بشري، ڪڏهن فڪر فاني،

ڪڏهن پاڻ ڪعبو ، ڪڏهن لامڪاني،

ڪڏهن آهيان گوتم، ڪڏهن گيان آهيان.

 

ڪڏهن پيو صليبن سان مقتل ساجايان،

ڪڏهن ملڪ آدم جي آڏو جهُڪايان.

ڪڏهن حڪم هئبت  جا هر هر هلايان،

ڪڏهن ڏس ته مان دار جو شان آهيان.

 

 نه ظاهر نه باطن، نڪي خام خيالي،

نه حاجت ”هئڻ“ جي،نڪي  لازوالي،

نه چارڻ چوايان، يعني سِر سوالي،

مان پنهنجي  ئي هستيءَ  تي حيران آهيان.

 

 نه مؤمن نه ملحد، نه ملان نه قاضي،

نه نيتيان نمازون،نه حاجي حجازي،

نه ساڌو  سڏايان،نه گُرمُک نه غازي،

نڪي آهيان عاقل، نه نادان آهيان.

 

 ڪڏهن ورق ”ويدن“ جا واري واريان،

ڪڏهن پاڻ ”پوٿيون، پڙهان ۽ پڙهايان،

 ڪڏهن غرق،”گيتا“ صبح  شام آهيان،

ڪڏهن ڏس  ته ناطق مان قرآن آهيان.

 

 نه خادم سڏايان نه مخدوم آهيان.

 نه صاحب سخا جو، نمان شوم آهيان،

 نڪي آهيان حاڪم، نه محڪوم آهيان.

مان آدم کان اڳ وارو انسان آهيان.

عدم ملڪ جو ٿو مان ساڪن سڏايان.

 

ڇڏي شان شاهي،لڱين ڌوڙلايان،

ڍڪيان  ويس خاڪي، جڻيان جسم پايان،

گهڙي پلڪ لئي هت مان  مهمان آهيان،

مان”آهيان نه آهيان،“ تي حيران آهيان.

گيت

هل ته هلئون هُن  پار، او ساٿي،هل ته هلئون هُن پار،

من ڪري ميهار ، او ساٿي،هل ته هلئون هُن پار،

 هُن ڀر کيت خماريا، هُن ڀر مُرڪن مينديءَ  ڏار،

هُن ڀر ويس وسڻ جا ڪيڙا، اڄ پڻ  منهنجي يار،

هل ته هلئون هن پار

هُن ڀر حسن حقيقي، هن ڀر جانب جا جنسار ،

هُن ڀر هادي حق حقائق، صورت جو سردار،

هل ته هلئون هن پار،

هُن ڀر عشق عجب اثباتي، آدم تي اظهار،

هٿن ڀر ساڌو، سنت سنياسي،وحدت جو واپار،

هل ته هلئون هن پار

هُن ڀر ناد، لفيلون، هن ڀر ٻيجل جا ٻاڪار،

هُن ڀرمست موالي، هن ڀر ملان من مردار،

هل ته هلئون هن پار، او ساٿي.

وائي

ائٽ اُکيڙي عاج جو، ولڙيءَ وار وڇائيا!

ٽيڙو رات نه اُڀريا، ڪيسو گل ڪومائيا،

                                        ونڙيءَ وار وڇائيا!

هيءَ هيءَ آتڻ، اوپرا آيل! اڄ نه آئيا،

                                         ونڙيءَ وار! وڇائيا!

ڪچا ڌاڳا ڪوڙ جا، وينگس ڪين ورائيا،

                                          ونڙيءَ وار وڇائيا!

آڌيءَ ويل اماس جي، ماڙيءَ مينهن وسائيا.

                                         ونڙيءَ وار وڇائيا!

ڪافيون

ڪون  و مڪان جو مالڪ مختار بڻجي آيو،

پوشاڪ پهري خاڪي، پڳدار بڻجي آيو.

کولي نقاب لوري، ظاهر ڪري حُسن  کي،

وحدت جي وادين ۾ انوار بڻجي آيو.

ونحن جو ويس پهري،

 سڀ پاڻ ۾ سمائي، انسان سرالاهي، اسرار بڻجي آيو.

ڪٿ ”نانهن“ ۾ نمازي ڪٿ مست ميڪدن ۾، ڪٿ ”ڪين“  مان ڪمائي ، ڪلتار بڻجي آيو.

بيوس ٿي بي حجابي، ”لا“ جو نقاب لاهي،

 ”ڪون“ جو حڪم هلائي هالار بڻجي آيو.

ڪر اناالحق اظهار، اصل اقرار،  مزو وٺ يار محبت وارو،

ٻڌڇير ته ٿئي  ڇمڪار، نسنگ نروار،مزو وٺ  يا ر محبت وارو.

تون ظاهر باطن ذاتي آن،

هر صورت منجهه صفاتي آن،

ڇو خيالن اندر خاطي آن،

ڪر عشق  سندو اظهار ،هلي هڪوار، مزو وٺ يارمحبتوارو.؟؟

 ڇو پنهنجو پاڻ لڪائين ٿو،

 مٽّيءَ تي محل اڏائين  ٿو،

ڪثرت جو باغ بڻائين ٿو،

ڪر وحدت جو واپار، ڀلي بسيار، مزو وٺ يار محبت وارو.

تون روپ  نگر جو راڻو آن،

ڇو وهمن ۾ ويڳاڻو آن،

 هن ڪاڪ محل جو ڄائو آن،

ٿي دَم دَم  جو ديدار، سڄو سنسار مزو وٺ يار محبت وارو.

 ڪو ”بيوس“  ڪو بدنام چوي،

 ڪو خاص چوي ڪو عام چوي،

ڪو داد اندر بي دام چوي،

 ٿي سوريءَ جو سينگار ، نه ڪر انڪار، مزو وٺ يار محبت وارو.

*

واه جو هنرهلايو ٿي،

سڀ صورت پاڻ پسايو ٿي.

”ونحن اقرب“ ورد پڙهائي،      سڀ ۾ پنهنجو  پاڻ سمائي

پوڇو پاڻ لڪايو ٿي.

”ڪن فيڪون“جو ساز وڄائي،  ڪين منجهان هي ڪُل بڻائي،

ڪيڏو رنگ رچايو ٿي.

ڪٿي صاحب سر سبحاني ،     ڪٿّي گوتم  گرمک گياني

ڪٿيّ ساڌُ سڏايو ٿي.

هيٺان آڙه عشق مچائي،     جان جگر سڀ جوش جلائي،

ڇمر مٿان ڇمڪايو ٿي.

”اناالحق“اظهار ڪرائي،                      خيال خوديءَ جا ساهه سمائي،

”بيوس“ ڪيئن بڻايو ٿي.

*

سامي ٽوڙي سڱ سياپا، آلک جي آڌار ويا.

ڏونگر ، ڏيرا، ڀون ڀڀوتي،واسي سڀ وڻڪار ويا.

ڪالهه هُيا جي ڪيچ وڻن ۾، هاڻي سي هن پار ويا.

هنڌين ماڳين هُل هلاچا، گاروڙي گرنار ويا.

بابو ”بيوس“ بيک مٽائي، پورب ڏي پينارويا.

*

پاڻ سڃاڻين آءُ  نه ڄاڻان،

آهيان ڪو اڻڄاڻ الا.

دائي خاطر ديس مٽايم،   آدم جي اهڃاڻ الا-

’ميم‘جو برقعو مام مجازي، سالڪ ڄاڻ سڃاڻ الا-

ظاهر باطن ذات ظهورو، ڪانه ڪڍي  سي ڪاڻ  الا-

گنگا جمنا ڪوههُ ڪشالا، ساجن مون سان ساڻ الا-

”بيوس“ بلڪل باغ بدن ۾، هوت ڏٺو سي هاڻ الا-

جيڏيون! جهنگ سيال،

رانجهن آيو رمز رلائڻ.

منهنجو مرشد مُرليءَ وارو، کيڙا خام خيال.

تخت هزارا ترڪ ڪرايو، هئي هئي هير سيال،

”بيوس“ برسي بوند برهه جي،آئي ويل وصال،

*

کولي هي قلب ربي، پس ذات کي اندر ۾.

دم دم وسي ٿو دلبر، بي انت هن بحر ۾.

اڻڄاڻ ٿي نه ڄاڻي، من جي نه موج ماڻي،

صاحب سهو سڃاڻي، رهه عشق جي امر  ۾

ٿي عام کي نه اولي، ٻيءَ جاءِ ڪين ٻولي،

دل جوڪتاب کولي، ڏس الفت جي اکر ۾.

ڪر نين بي نقابي، منجهه برهه بي حجابي،

، محبوب گل گلابي، ڳولهج الک اندر  ۾.

رک ذوق دل ۾ ذاتي، ڇڏ تاب طلسماتي،

”بيوس“ ٿي بي ثباتي، پس ناز هرنظر ۾.

غزل

اهڙا سهڻا، جهڙا گل،

منهنجا دوها، گيت، غزل.

هاءِ، پرهجا پويان پل،    

 هاءِ اُرَههَ  جي آب اُڇل.

پڪا، پيرون لال ليار،       

 ميڙي آندم ماڪ ڀنل.

کڙندا آهن کيتن ۾،

ڪنهن  ڪنهن ويلي ڪيسُوڦل.

منهنجي ليکي  ٽاڻا ٽوهه،  

هي ته هيا  ڪي ڳاڙها  ڳل.

ڪَڻ ڪَڻ بڻجي آئي ڪالهه،    

هارياڻيءَ جي هورَ  هڪل.

ڪارونجهر جي ڪورَوٺي،

”بيوس“ برسايا بادل.

·                    

مان خود ئي خطائون کڻي آيو آهيان،

گهڻيون ئي گلائون کڻي آيو آهيان.

وفائون، جفائون  کڻي آيوآهيان.

                   جو مون کي ڏنائون کڻي آيو آهيان.

 بُکن جون بلائون کڻي آيو آهيان.

                        اهي ڀي ته آئون کڻي آيو آهيان.

مڃان ٿوته مان پاڻ لئه ڪجهه نه آندو،

                      اوهان لئه دعائون کڻي آيو آهيان.

نتو ڏينهن توبهه ! ڪٿي هو ڪسانو،

                      هلي چو هوائون کڻي آيو آهيان.

وڏي ڳالهه آهي جو دل جي دنيا  ۾،

                       خدا ۽ خدائون کڻي آيو آهيان.

 وڳا  ويس پهري  وَسڻ لاءِ ”بيوس“

               گهڙي  کن گهٽائون کڻي آيو  آهيان.

متفرقه دوها

روشن راهون گم ٿي وينديون ، ٻاٽ نه ڪر ٻيهار،

لاهه  نه ڇوري ليڙ مٿي تان ڇوڙ نه پنهنجا وار.

تنهنجو ساجن تو ۾ آهي،  کڙڪِي  من جي کول، سامي تنهنجا   سير اجايا، روح نه پنهنجو رول،

 

نيٺ  ته کُٽندا ، ڪيسين رهندا  ڪارا ڪارونڀار،

واٽ  وندر جي ڳولهي لهندا  ٻاٻاڻن جا ٻار،

ڇو تو مون لئه ڇُڙڪ اڏي آ، کڻ تون پنهنجا کيل،

ناحق ٿيندا ناس نڀاڳا!  روز نوان رابيل،

 

منهنجي سَر  تي ڪاٺ  ڪهاڙا  ڀري نه هڻ بي پير،

 منهنجو وڍبو  ماس ته پوندا تنهنجي دل ۾ جهير،

مون  ۾ تو ۾ فرق نه ڪوئي ويهه ڪريون ويچار، منهنجي ڪٽبي ٻانهن ته ٽٽندي تنهنجي  دل جي  تار،

  

 تير نه مون تي تاڻ تفنگي، توکي ايندو تاءُ،

مون  ۾ تون موجود ازل کان منهنجا مٺڙا  ڀاءُ،

 

سامي تنهنجا  سير اجايا، جيءُ  ۾ جايون جوڙ،

ايڏنهن ساري اوندهه ڪاري، مهري پٺٽي موڙ.

  

او سر ٻرندا،ٻرندي ٻُجهندا، آخر ٿيندو انت،

مرليون ڦوڪي مٽي ٿيندو،ڪلجڳ جو هي ڪنت ُ.

  

ڇرڪ نه  مون کان، مرڪ ته مون سان، ويهه نه مون کانڌار،

تنهنجو منهنجو انگ ازل جو، اوماڻهو او يار.

بيت

نثاڙ ”بزمي“

جن کي عشق عجيب جو، ريٽو تني جو رنگ،

ڪنڍَنل ڪنن ۾ وجهي، جاڳن ”بزمي“ جهنگ،

ننگيءَ مٿي ننگ، سدائين سامين جو.

 

جن کي عشق عجيب جو، ڏونگر سي ڏارين،

ٽڪر مٿي باهڙي، ٻارو ٻارين،

واهَ نه ٻي وارين، رهن پنهنجي راز ۾.

 

جن کي عشق عجيب جو، ووڙن ويٺا واٽ،

گذران نه گهر ۾، گهاڙن پنهنجا گهاٽ،

ڏسي ”بزمي“ لاٽ، لاهن لاڳاپن کي.

 

جن کي عشق عجيب جو، تن کي هڏ نه ماسُ،

وڃائي وجود کي، نظر اچن ماس،

الفت ۽ اخلاص، پائن ”بزمي“ پاند ۾.

 

جن کي عشق عجيب جو، تنجو ڏينهن به رات ،

وهائن ٿا وڏ ڦڙي ”بزمي“ هو برسات،

تورن ويٺا تات، ويهن واندا ڪينڪي.

 

جن کي عشق عجيب جو، تن جو ڪهڙو حال،

مڏي يا ڪو مال، گهرن نه ڪنهن جي گهر تان.

جن کي عشق عجيب جو، روئي ڳائن راڳ،

بره واريءَ باه ۾، لهسن تن جا لاڳ،

مٽائن ٿا ماڳ، ووڙن ”بزمي“ وره ۾.

 

جن کي عشق عجيب جو، تن جو نينهن نواب،

اڏامي عرشن تي، ماڻن شان شتاب،

قربن جو ڪتاب، پڙهن ”بزمي“ پيار سان.

 

جن کي عشق عجيب جو، تن کي گهَرُ نه تَڙُ،

ٻُڏي ٻولن ڪينڪي، اهو انهن جو وڙ،

”بزمي“ آهن ڀَڙُ، ويهي رَت رئڻ جا.

 

 

جن کي عشق عجيب جو، تن جو روح رڙي،

ڏيئي وانگر تن جو ”بزمي“ خون سڙي.

قربن منجهه ڪڙي، ڇڏن پنهنجو پاڻ کي.

 

جن کي عشق عجيب جو، تن جو مان ُ مَٿي،

صبح اٿن ساجهري، سمهن سج لٿي،

سورن کي سٿي، ڳائن ”بزمي“ ڳالهه کي.

 

جن کي عشق عجيب جو، تن جو نياز و نام،

سوچي ڄاڻن ڪينڪي، ڪفر ۽ اسلام،

ڪُسي ٿين قتلام، ”بزمي“ ڪنهن جي بره ۾.

 

جن کي عشق عجيب جو، سي نانگا ٿيا نروار،

سَٽي سانگا ساهه جا، باري کڻن بار،

الفت جا اظهار ڏ َسين ”بزمي“ ڏيهه کي.

 

جن کي عشق عجيب جو، تن ۾ رت نه ست،

نڪا پاڻيءَ پياس ڪا، نڪي ڀانئن ڀت،

مرندا وتن مت، ”بزمي“ ڪنهن جي بره ۾.

 

جن کي عشق عجيب جو، تن کي ڊپ نه ڊاءُ،

سهايائون سر تي، گهورن وارو گهاءُ،

سدورو سڀاءُ، اصل عاشق جو.

وايون

·       سروپ چندر ”شاد“

ڀرجي ڀرجي، گرجي گرجي، برسن ٿا بادل _ڀلوڙي، برسن ٿا بادَلَ!

اُڀ ۾ بادل جهومن ٿا، ڄڻ اکڙين منجهه ڪَجل  _ ڀلوڙي، بَرسَن ٿا بادَل!

گاج گجي ٿو، هانءِ ڏري ٿو، ڪُڻڪي قُرب ڪُٺَل _ ڀَلوڙي ، پَرسَن ٿا بادَل!

کِنوڻ کنوي ٿي،ماڙيءَ  تي ڄڻ مُرڪي ٿي مُومل _ڀَلوڙي، بَرسَن ٿا بادَل!

 اُتر واءُ ۽ ڦُڙ ڦُڙ مينهڙا  پڳ لڳ تي پايَل  ڀَلوڙي، بَرسَن ٿا بادل!

پلر جي پالوٽ ٿئي ٿي، چوڌاري جَل ٿَل _ ڀلوڙي  ، بَرسَن  ٿا بادَل!

 شام ويلي ٿو ساوڻ  ڳائي، پيار  ڀريو پَل پَل _ڀَلوڙي، بَرسَن  ٿا بادل!

 گهورون  ساماڻيون ۽ دل دل آهي ٿي گهايَل   ڀلوڙي  بَرسَن  ٿا بادَل !

 تو ڇو لاٿي ، دل آ   ساٿي، جام ٿيندو آن جَل _ ڀَلوڙي،  بَرسن ٿا بادل!

  گاهه گسن تي ڦٽندا، نازڪ انازڪ ۽ نِرمل ڀلوڙي ، برَسَن ٿا بادل!

ڀِٽ  ڀٽ  ڀُڻڪا ، وک وک  نِکري  پوندو نينهن آ جهَل  _ڀلوڙيءَ  بَرسن  ٿا بادل!

چنگ ، چڙا ڏُهرن۾ ٻُرندا، ڇا ڇا هوندا ڇَل ڀلوڙي ، بَرسَن ٿا بادل!

 ڍٽ پيار جو پٽ ٿي پوندو،ڪانه هوندي جَهل پَل ڀَلوڙي، بَرسن ٿا بادل!

·       علي ممد خالدي ٺٽوي

دل ۾ آهن  درد هزار دردن جي تون ڪر نه پچار

دردن تي دل آهي هري وئي،

دل کان ٿيندا درد نه ڌار،

دردن جي تون ڪر نه پچار،

دردن  جي چوڌار چڪڻ ۾،

گذري ويئي آهي ڄمار،

دردن جي تون ڪر نه پچار

ايڏا آهن درد ويا ٿي،

جن جو ناهي انت شمار،

دردن جي تون ڪر نه پچار،

·       نقاش

سانگ سِسِيءَ جا ڏور ڪياسين، روح ۾ راڳ سمايو،

راڳيءَ من ۾ سچ مچايو

پريم ننگر جي پُور اسانجي دل ۾ دونهن د ُکايو.

من کي ڪنهن پر چين نه آيو.

جهلڪو ڏيئي اوجهل ٿي ويا،  اوڏو ڪوبه نه آيو،

 سُهڻن سئو سؤوار سِڪايو.

ٽانڊاڻن  جي چمڪ مٿي  من هيريوسين ته اجايو.

ٿيئڙو پلپل سُور سوايو.

سُک  ڇڏي سڀ سرتا نڪرن، گيت ڪو اهڙو ڳايو،

مانجهي! بر ٿر باهه لڳايو.

سهسين سُورج اُڀ مان آٻڻي سنڌڙيءَ سينڌ سجايو،

 ساٿي!  چانڊوڪي  چورايو.

گهر گهوري  سرساهي نڪرو، پٺتي  منهن نه ورايو،

پيارا!  اڳتي وِک  ورايو.

 سُر تي سِرَ  جو دان ڏيو ۽ سوريءَ  سيج وسايو،

سختيون سچ جي لئه  سهسايو.

تند، ڪٽارو، ڪنڌ ٽنهي کي پاٻو هي پرچايو،

 چارڻ! اهڙي تند تپايو.

نانگا، اي ”نقاش“ نه مڙندا، ڇو ٿا زور  لڳايو!

پنهنجي پت ٿا پاڻ وڃايو.

سالگ سِسِيءَ جا ڏور ڪياسين  روح ۾ راڳ  سمايو،

راڳيءَ من ۾ مچ  مچايو:

·       منير سولنگي 

دل ۾ منهنجي بره جو وئين تون ٻارڻ  ٻاري يار،

                                      وئين تون ٻارڻ ٻاري يار

موٽ مسافر جلدي ، واڳ وطن تي واري يار،

وئين تون ٻارڻ ٻاري يار

ماندي من کي هردم  ڳڻتي تنهنجي ڳاري يار،

وئين تون ٻارڻ ٻاري يار

ڪانگ اڏايم ڪيئي، پلپل  توکي ساري يار،

وئين تون ٻارڻ ٻاري يار

اڄ به ”منير“ لڳل آ ساڳيو، تنهنجي لاري يار،

وئين تون ٻارڻ ٻاري يار

·       ”سائل “ آزاد

 لهندا ڏيهه ڏڪار، اويار،

سُهڻي ڌر تي سائي ٿيندي.

گذري ويندا ڏينهن ڏُکن جا، ٿيندا سهنج سُڪار او يار.

ڄاڻ ته آيون، روهه جبل  کان، ڪونجون ڪري قطار او يار،

منگتا مور نه خالي ويندين، گهٽيءَ گهٽيءَ گرنار َ او يار.

 ديس مٿي سر َ گهورينداسين، لهندي لوڪ ميار َ او يار.

دولهه، دودي، هوشوءَ  پارا، ٻاگهين ڄڻيان ٻار، او يار.

چورن ساڻ به ٿينديون چڪريون، ڀاڳيا ٿيا بيدار او يار،

برهه بهاريءَ  جا ٿا ڏسجن، گلشن  ۾ آثار او يار.

”سائل، دائم قائم رهندا. سُهڻن جا سينگار او يار

·       محمدهاشم  ٽالپر ”خادم“

هت پلپل نوان پاپ ٿين، هت گهڙيءَ گهڙيءَ  نوان گهاءُ الا!

هت سورن جو سوداءُ  الا!

 هت ڌرتي روئي رت ڦڙا، هت پورن جا پڙلاءُ  الا!

 هت سورن  جو سوداءُ الا!

 هت ڏکين کي ٿا ڏنڀ ملن، هت ڏاڍ ن جو ڏهڪاءُ الا!

هت سورن جو سوداءُ الا!

هن نيڻ نماڻا نار وهن ٿا، هرجا آهي هاءِ الا!

هت سورن  جو سوداءُ   الا!

رهزن آهن رنگ محل ۾،  روپن ۾ هت  لاءِ الا!

هت سورن جو سوداءُ الا!

ظلم جا هت زنجير ڏسي ڙي، روئي مٺڙي ماءُ  الا!

هت سورن جو سوداءُ الا!

ڪافيون

·       عبدالڪريم ”گدائي“

عمر اڄ اباڻا وري ياد آيا.

روئي روئي تن لئه پلئه مون پسايا.

ادا اڄ اباڻي ڪڪر ڪئي آ چوٽي،

ماروئڙن  تي مولا مهر ڪئي آ  موٽي:

ڦوڳن ۾ آ ڦوٽي، سڱر ٿيڙا ساوا_عمر اڄ اباڻا......

عمر ٿيءُ سياڻو چڱا ڪر چڱائي،

هميشه  نه هلندا  اهي هٺ وڏائي؛

ادا هن اُڇائي، سوين گهوٽ گهايا عمر اڄ اباڻا....... اباڻن  ”گدائي“ وساري ويچاري،

بندياڻيءَ  جي مولا ڪئي ياڻ ياري.

 نظر فيض واري، سڀئي ڏک ڀُلايا عمر اڄ  اباڻا.......

·       رحيم بخش ”قمر“

ڪر ڪا ڪڪر وڄ، گوڙ،

سگهي وس سانگيئڙن  تي!

 سانگيئڙن تي جهانگيئڙن تي!!

 وس ته وڻن جون ٽاريون ٽهڪن،

ٻوهه ۽ کِپ جا ٻوٽا ٻهڪن،؟؟

”کنڀيون“  ٿين اُت  کوڙ سگهي وس سانگئيڙن تي!سانگيئڙن تي، جهانگيئڙن تي!!

ڄڃ ّ ڪري وڃ، ڪڪريون ڪاريون،

نچندي وسنديون وحدت واريون،

مُنهن تي ٻڌي  اچ موڙ سگهي وس  سانگيئڙن  تي! سانگيئڙن تي،جهانگيئڙن تي!!

وس ُ وس ُ  سانگي سرها ٿيندا،

الهه  سنڀاري آوڙ هو ڏيندا،

لاهج تن جي لوڙ- سهگي وس سانگيئڙن تي!   جهانگيئڙن تي!!

 ڪاش اي لاکا ڪڪر هجان ها!

ويڙ هيچن تي ”قمر“! وسان ها!!

بادل آهين  ڀلوڙ!!! سگهي وس سانگيئڙن  تي! سانگيئڙن  تي، جهانگيئڙن تي!!

·       معمور يوسفاڻي

توکي ياد ڪيم سڀ سور ويا،

دک درد لٿا وهلور ويا.

توکي سهڻل ساريم رات سڄي،

ويا توريءَ ٻيا سڀ خيال کڄي،

منهنجي نيڻن مان وئي ننڊ ڀڄي،

تنهنجا پور  پيا، ٻيا پور ويا.

تنهنجي چاهه جي ڪهڙي ڳالهه چوان،

تنهنجي برهه ڪيا منهنجا ڀاڳ  سنوان،

تنهنجي ياد ۾ نسريا نينهن نوان،

ٻيءَ  آڻ تڻ، جا انبور ويا.

سورن جون سيون،  چاڪن جا چٺا،

دردن جون ڌڙيون ۽ ڏنجهه  ڏچا،

 تنهنجي هڪڙي مٺي ءَ  سان محب مِٺا،

                  ٿي ناس مڙئي ناسور ويا.

جنهن وير وڇوڙي واٽ وئي،

مان ’پيش‘، ٿيس، تنهنجي پيش پئي،

مون تي محب مٺا  تو مهر ڪئي

 منهنجا مشڪل سڀ ”معمور“ ويا.

·       احمد خان  ”آصف“

ڪئي، سندم ساهه سرتين ڇڏيو آ سلهاڙي،اباڻين  اُماڻج عمر تون آداڙي.

ڏسڻ ۾ ته جيئري هلان ۽ چلان  ٿي،  مئل آهيان من ۾ ، پچان ۽ جلان ٿي،

ڏکن ڏيل ڏاريو، ڇڏيو سور ساڙي.

 مَليدا مٺايون ٿي ڀانيان مصيبت،چکان چاشني ڪين شيرن شربت،

پلر پاڪ پيئنديس پهنوارن جي پاڙي.

ڪري مهر  موليٰ وڃان ملڪ موٽي، ٿيم ليڙ لوئي ڏيئي  اُن کي اوٽِي،

پَڪا  جي پَڪا  سي، پٽيان لام لاڙي.

 اٿم آس ”آصف “ وطن شال وينديس، اباڻن  جي آڏو مري ساهه ڏينديس،

لٽن لاش  منهنجو لتن سان لتاڙي،

·       سائل ”آزاد“

خبر ڏي خير جي ڪانگل مٺا  مارو ڪڏهن ايندا،

ڪري آزاد ڪوٽن مان وطن  واري و‎‎‎ٺي  ويندا،

خبر ڏي خير جي ڪانگل،

  پکئيرا  پَرَ چُمان تنهنجا   پچارون ڪر پنوهارن جون،

ڪڏهين اوٺين  اباڻن ساڻ ميلا ٿر اندر ٿيندا،

خبر ڏي  خير جي ڪانگل.

 ڪڏهن ٿينديون وري ڪانگا ڪچهريون قُرب وارن سان،

 دلاسا دل ڏکويل کي ڪڏهن ڏوٿي اچي ڏيندا.

خبر ڏي  خير جي ڪانگل...

 ڪڪر ڪوٽن مٿان ڪارا وڃن پيا   ملڪ منهنجي ڏي،

ڪرم قادر ڪندو مينهڙا محبت جا وسي  ويندا،

خبر ڏي  خير جي ڪانگل...

 اٿم سيني اندر  ”سائل“  سدائين سڪ سنگهارن  جي،

 اُنهن جي واٽ  واجهايان نماڻي نال جي نيندا،

خبر ڏي خير جي ڪانگل...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com