سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1974ع

مضمون:

صفحو :9

پرڪاش جي دل تان بار ڍرو ٿيو ۽ کيس چيائين، ”چئبو تنهنجو اشارو انهيءَ پاسي هو!  مون ته ڪميشن کان سواءِ  سندس هڪ پائيءَ کي به هٿ نه لاتو ۽ ڪميشن وٺڻ ته ڪو گناهه به ڪونهي. وڏا وڏا حاڪم به کليل نموني ڪميشن وٺندا آهن.“

چمپا نفرت جي انداز سان کيس چيو، ته ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ تي ايتريقدر ڀروسو رکي، ته پوءِ ان جي اجازت کان سواءِ هڪ پائي به کڻڻ، مان ته گناهه ٿي سمجهان. آءٌ تنهنجي شرافت تڏهن سمجهان ها، جڏهن اهي ڪميشن جا پئسا به سندس حوالي ڪري اچين ها. انهن ڇهن مهينن ۾ هو توسان ڪهڙيءَ ريت هليا آهن. گهر تو پاڻ ڇڏيو، پر انهيءَ هوندي به هو توکي ويهه رپيا ماهوار مسواڙ ڏيندا رهيا آهن! وٽن ڪا سوکڙي ايندي آهي، ته اها به توکان وانجي ڪين کائيندا آهن. توکي گهڙي ڪانه هئي، ته ٺاڪر صاحب پنهنجي گهڙي توکي ڏيئي ڇڏي. منهنجي بيماريءَ  تي سمورو خرچ انهن ڪيو ۽ ڏينهن ۾ ٻه دفعا روزانو پڇڻ ايندا ها. هيءَ ضمانت  ڏيڻ ڪا ٿورڙي ڳالهه آهي؟  اڄوڪي وقت ۾ ڪو پنهنجي مائٽن جي ضامن پوڻ لاءِ به تيار ڪونهي، پر هنن تنهنجي لاءِ هڪدم ڏهه هزار رپيا روڪڙا پيش ڪيا. هينئر جيڪڏهن توکان ڪا غلطي ٿي پوي ته پوءِ سندس نقد ڏهه هزار رپيا ضبط ڪيا ويندا. جيڪو ماڻهو پاڻ تي ايتريون مهربانيون ڪري، ته پوءِ  ان تان  پاڻ کي به سر قربان ڪرڻ گهربو آهي“ پرڪاش ماني کائي سمهيو، ته ضمير کيس سجاڳ ڪري ڇڏيو. چمپا جي ملامت آميز  لفظن پرڪاش جي ضميرکي سجاڳ ڪري ڇڏيو. اها صندوق ڄڻڪ بيحد ڳري ٿي کيس ڇيڀاٽي رهي هئي. ڪيترا ڏينهن گذري ويا، پرڪاش کي بئنڪ ۾ نوڪري به ملي ويئي، انهيءَ  خوشيءَ  ۾ هن مهمانن کي دعوت  ڏني، انهيءَ موقعي تي ٺاڪر صاحب، سندس زال ، وير اندر ۽ سندس ڪنوار به موجود هئا. ٻاهر يار دوست ناچ گاني ۾ مشغول هئا، مانيءَ کائڻ کان پوءِ ٺاڪر صاحب وڃڻ جي اجازت گهري.

”اڄ اوهان کي هتڙي رهڻو پوندو ۽ آءٌ توهان کي ڪونه ڇڏيندس.“ پر ڪاش کين چيو. چمپا کي اهو ضد نه وڻيو، ڇاڪاڻ ته نه وٽن کٽون هيون، نه بسترا ۽ نه وري  ڪا مناسب جاءِ  ئي هين.  هروڀرو  ساري رات پاڻ  به تڪليف ڪرڻ ۽ ٺاڪر صاحب  کي نه تڪليف ڏيڻ، چمپا خراب پئي سمجهيو.  پرڪاش ضد ڪندو رهيو، آخر ٺاڪر صاحب ها ڪئي.

رات جا ٻارهن ٿيا هئا، ٺاڪر  صاحب مٿي سمهيو پيو هو، پرڪاش ٻاهر ورانڊي ۾، ۽ ٽيئي عورتون اندر ڪمري ۾ ستل هيون. پرڪاش جاڳي رهيو هو، ويراندر جي سيرانديءَ  هيٺان چاٻيون کنيائين، پنهنجي ڪمري مان زيورن جو دٻو کڻي۽ ٺاڪر صاحب  جي گهر ڏانهن روانو ٿيو. ڪجهه وقت اڳ ۾ ڏڪندي ڏڪندي ٺاڪر صاحب جي گهر ۾ داخل ٿيو هو پر ان وقت کيس ڪنڊي لڳڻ جو انديشو هو ۽ هينئر ڪنڊي نڪرڻ جو! ان وقت سندس قدم پوئتي هٽي رهيا هئا، مگر اڄ اڳتي  وڌي رهيا هئا. ٺاڪر صاحب  جي گهر  پهچي پرڪاش آهستي ويراندر جو ڪمروکولي ٺاڪر صاحب جي پلنگ هيٺان  دٻو رکي آهستي ٻاهر نڪري گهر ڏانهن موٽيو.

چوري ڪرڻ واري ڏينهن  سندس جسم بلڪل  بي سَتو هو، پر اڄ ان ۾ بيحد  طاقت آيل هئي ۽ هو بلڪل مٿانهون هو، ۽ کيس  حقيقي خوشي ميسر ٿي هئي . جڏهن واپس گهر پهتو، ته ويرو آرامي هو، ۽ پرڪاش ڪنجين جو ڇلو سندس سيرانديءَ  کان رکي ڇڏيو.

صبح جو ٺاڪر صاحب جن گهر ڏانهن روانا ٿيا، پرڪاش روزانو شام جو پڙهائڻ ويندو هو، پر اڄ بي صبريءَ کان هميشه کان سويرئي وڃي ٺاڪر صاحب  وٽ پهتو، کيس اهائي اڻتڻ هئي ته ڏسجي ته ٺاڪر صاحب جن کي ڪيتري خوشي ٿي آهي. ويراندر  کيس ڏسندي ئي خوشيءَ مان چيو، ”بابو! اوهان جي ڪالهوڪي دعوت ڏاڍي مبارڪ ثابت  ٿي، جيڪي زيور چوري ٿي ويا هئا، رات اهي سڀيئي ملي ويا!“ ائين ڪندي ٺاڪر صاحب به اچي ويو، ۽ چوڻ لڳو، ”توهان جي دعوت سٺي  ثابت ٿي، پوري چوري  واپس ملي ويئي  ۽ هڪڙي چيز به گهٽيل ڪانه آهي، ڄڻڪ چور امانت ڪري رکي هئي.“ پرڪاش  کي انهن ڳالهين  تي تيستائين يقين ڪيئن اچي، جيستائين هو پاڻ اکين سان نه ڏسي. ڀلا ائين به ٿي سگهي ٿو ڇا، ته ڇهن مهينن جي ٿيل چوري سئيءَ سڳي سميت واپس ملي وڃي! هن سنجيدگيءَ سان  دٻو کولي ڏٺو ،”حيرت جي ڳالهه آهي، منهنجو ته عقل ئي ڪم نٿو ڪري!“

ٺاڪر: نه فقط تنهنجو، پر ڪنهن جو به عقل ڪم نٿو ڪري، ويروءَ جي ماءُ پيئي چوي  ته غيبي معجزو آهي، ۽ اڄ کان وٺي  مون کي به معجزن تي يقين ٿي ويو.“ ”جيڪڏهن اکين ڏٺل ڳالهه نه هجي ها، ته مون کي به بنهه اعتبار نه اچي ها.“ پرڪاش وراڻيو.

ٺاڪر:”انهيءَخوشيءَ ۾ مان دعوت ڪندس.“ توهان ڪنهن کان ڪو منتر ٻنتر ته ڪونه پڙهايو هو. پرڪاش چيو.

ٺاڪر : ”ڪيترن ئي پنڊتن کان.“

پرڪاش: ته پوءِ هيءَ انهن جي برڪت آهي.“

گهر پهچي  پرڪاش اها ڳالهه چمپا  کي ٻڌائي، ته هوءَ خوشيءَ وچان ڊوڙندي اچي کيس چنبڙي  پيئي ۽ روئڻ لڳي، ڄڻڪ کيس تمام گهڻي  وقت کان وڇڙيل ور ملي ويو هو.

”اڄ اسان  کي ٺاڪر  صاحب وٽ دعوت آهي.“ پرڪاش چمپا کي چيو.

”آءٌ  به هڪ هزار بکين کي کاڌو کارائينديس.“ چمپا وراڻيو.

پرڪاش کيس چيو ، ته ”تون ته سون رپين جو خرچ ٻڌائي رهي آهين؟“

”مون کي اڄ ايتري خوشي ٿي آهي، جو جيڪڏهن لک رپيا به خرچ  ٿي وڃن ، ته انهن جو  ڪوبه  ارمان نه ٿيندو.“ چمپا چيو.

اهو ٻڌندي ئي پرڪاش جي اکين ۾ ڳوڙها  تري آيا. (ورتل پريمچند  جي ڪهاڻيءَ تان)

(اسٽيفن زوائگ )

·       سنڌيڪار: غلام نبي ميمڻ

گلاب جا گل

(قسط1)

گمنام خط:

هو پهاڙي فضائن کي آخري سلام چئي ڪري موٽي آيو.  صبح جو هو وائنا پهتو. اسٽيشن تي هن اخبار خريد ڪئي، جڏهن تاريخ تي نظر پيس تڏهن کيس ياد آئي ته اڄ سندس سالگره آهي ايڪيتاليهين سالگره !  بجليءَ  جيان اهو خيال سندس دل ۾ ڦري ويو. مگر انهيءَ خيال جي ڪري کيس نه خوشي ٿي نه رنج، هن ٽيڪسي گهرائي ۽ پوئين سيٽ تي ويهي اخبار ڏسڻ لڳو.

گهر پهچڻ تي نوڪر ٻڌايو ته سندس  غير حاضري   ۾ ڪي  ماڻهو ملڻ آيا هئا ۽  ڪن ماڻهن  ٽيليفون ڪئي هئي. خطن جو بنڊل سندس راهه تڪي رهيو هو. هن سرسري نظر سان انهن کي ڏسي  هڪ ٻن  کي کوليو. انهن خطن  ۾ هڪ ڳورو پئڪيٽ به هو. هن انهيءَ  کي کڻي هڪ طرف رکيو. انهيءَ  پئڪيٽ تي هڪ عجيب ۽ غريب  تحرير ۾ ائڊريس لکيل هئا. آرام ڪرسيءَ  تي ويهي هن چانهه پيتي  ۽ اخبار پڙهي . انهيءَ کانپوءِ باقي ٽپال پڙهڻ لڳو. آخر ۾ سگريٽ دکائي  هو انهيءَ پئڪيٽ ڏانهن متوجهه ٿيو. پئڪيٽ ۾ ڪو معمولي خط نه بلڪ هڪ ضخيم مسودو هو. مسودي جي تحرير ڪنهن عورت جي هٿن جي هئي. جا تمام تڪڙ ۾ لکيل هئي.  هن يڪدم لفافي  ۾ ڏٺو ته شايد ڪو خط وغيره به ان سان گڏ هجي. مگر خط ته درڪنار پر مسودي تي به ڪنهن جي صحيح ڪانه هئي. موڪلڻ واري جي ائڊريس به غائب  هئي. عجيب ڳالهه آهي! مسودي کي ڏسندي هن سوچيو ته ان جي شروعات ۾ هي لفظ  هئا.

”تنهنجي لاءِ......جو مون کي سڃاڻين به ڪونه!“

پڙهي کيس ڏاڍي حيرت لڳي_ اهو کيس خطاب ڪيو ويو هو يا ڪنهن خيالي محبوب کي؟ سندس دلچسپي ڪجهه وڌي وئي ۽ هن پڙهڻ شروع ڪيو.

ڪلهه منهنجو پٽ مري ويو. ٽن ڏينهن تائين لڳاتار مان سندس ننڍڙي جان کي بچائڻ لاءِ  موت سان مقابلو ڪندي رهيس. انهن گذريل اٺيتاليهن ڪلاڪن ۾ سندس جسم انفلوئنزا کان ٻري رهيو هو، سندس بستري جي ڀر ۾ ويٺي  رهيس. صبح کان شام ۽ شام کان صبح تائين مان سندس مٿي تي ٿڌي پاڻيءَ  جون پٽيون رکندي رهيس. مان سندس ننڍڙي بيچين هٿن کي پنهنجن  هٿن ۾ جهلي  ويٺي رهيس. . ٽئين ڏينهن شام جو منهنجي  همت جواب ڏيڻ لڳي. مون کي خبر به نه پئي ته منهنجي اک لڳي وئي. ٽن چئن ڪلاڪن ۾ انهيءَ ميز جي سخت تختي تي بيخبر سمهي رهيس. انهيءَ وچ ۾ موت آيو ۽ انهيءَ کي وٺي ويو.

هيءُ پيو آهي منهنجو پٽ ننڍڙي بستري  تي بلڪل انهيءَ حالت ۾ جنهن حالت ۾ سندس دم پرواز ٿيو هو. هينئر صرف سندس اکيون بند ٿي ويون آهن. روشن ڪاريون ڪاريون اکيون!  سندس ٻانهون، سندس خاموش ڇاتيءَ تي پيون آهن. هن وقت کٽ جي چئني پاسن کان چار ميڻ بتيون ٻري رهيون آهن. هڪ هڪ پاسي کان هڪ هڪ بتي.

مون کان هاڻي سَٺو نٿو ٿئي. مگر هتان اٿي ڪنهن هنڌ وڃي به نٿي سگهان. ڏهن بتين جون ڪمزور لاٽون ڦڙڪن ٿيون، تڏهن انهيءَ جي خاموش زرد چهري تي روشنيءَ جا معصوم پاڇا هڪٻئي جو پيڇو ڪرڻ شروع  ڪن ٿا. انهيءَ وقت ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو جيئن سندس چهري مان لطيف نقش و نگار ڪر موڙي جاڳي رهيا آهن، ڄڻ ته  هو مري نه ويو آهي. بلڪ هينئر ننڊ مان سجاڳ ٿي پنهنجي ٻاتڙيءَ ۽ مٺيءَ زبان سان ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪندو.

پر مونکي خبر آهي ته هينئر هو زنده نه آهي. مان وري هن کي ڪڏهن به ڏسي نه سگهنديس. هاڻي مان سندس جيئڻ جي خواهش ڪڏهن به ڪري نه سگهنديس. ڇو ته انهيءَ مان مونکي مايوسي ئي ٿيندي. هو ڪلهه مري ويو آهي، هاڻي تون ئي منهنجي لاءِ وڃي رهيو آهين.صرف تون ! جو مون کي سڃاڻين به ڪو نه ٿو تون جو دنيا سان محض کيل ڪندو رهين ٿو تون جنهن مون کي ڪڏهن به ڪو نه سڃاتو . مگر مان انهيءَ کي پيار ڪرڻ ڪڏهن به وساري نٿي سگهان.

مون پنجين شمع ٻاري آهي. هن وقت مان ميز تي ويهي توکي خط لکي رهي آهيان. هن وقت پنهنجي دل جي دک جي لاءِ مئل ٻار جي ڀرسان ويهڻ برداشت  ڪري نٿي سگهان. اهڙي  ڀيانڪ گهڙيءَ ۾ مان توکي ڇڏي پنهنجي دل جو دک ڪنهن کي ٻڌائي سگهان ٿي. تون جو منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهين وڃي رهيو آهين. اڄ به  مان پنهنجا  جذبات  شايد  صاف صاف نه بيان ڪري سگهان. شايد تون منهنجي ڳالهه سمجهي!  نه سگهندين.

هن وقت مونکي مٿي کي ڀوڻ اچي رهي آهي ڪنن جون پاپڙيون ڏڪن پيون ۽ جسم ڦاٽي رهيو آهي. ائين پيومحسوس ٿئي جيئن منهنجو سرير بخار ۾ ٻري رهيو آهي. هن  ڪواٽر ۾ اڄڪله الفلوئنزا پکڙيل آهي. اها بيماري يقيناً  مون کي به ٿي پيئي آهي. اهڙيءَ طرح گهٽُجي مري وڃڻ کان ته بهتر آهي ته مان پنهنجي پٽ ڏانهن هلي وڃان ته انهيءَ لاءِ مون کي ڪو به رنج ۽ افسوس نه ٿيندو. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي اکين جي اڳيان اوندهه اچي ٿي وڃي. ٿي سگهي ٿو ته هي خط مان پورو به نه ڪري سگهان، وري به مان ڪوشش ڪنديس ته هن دفعي آخري دفعو توسان سڀئي دل جون ڳالهيون ڪري ڇڏيان. منهنجا محبوب!  توسان جو مون کي سڃاڻين به ڪونه ٿو! هن وقت مان صرف توسان ڳالهيون ڪرڻ چاهيان  ٿي. پهريون دفعو زندگيءَ  متعلق  ڄاڻي وٺ، اها زندگي جا سڄي عمر تنهنجي رهي آهي، مگر جنهن جي متعلق  توکي ڪا به خبر نه آهي. جڏهن توکي منهنجي زندگيءَ  جي راز جي خبر پوندي، تڏهن مان هن دنيا ۾ نه هونديس،  تڏهن  ڪو به انسان نه رهندو جنهن جي سامهون توکي جواب ڏيڻو پوندو. توکي انهيءَ وقت خبر پوندي جڏهن سرديءَ ۽ گرميءَ سان تڙپائڻ وارو هي روڳ منهنجو موت ثابت ٿيندو. جيڪڏهن مان زندهه رهيس تڏهن هن خط کي ڦاڙي  ڦٽي ڪنديس، ۽ خاموش ٿي وينديس. ائين جيئن هميشه خاموش رهي آهيان . هي خط جيڪڏهن تو تائين پهچي وڃي ته ائين سمجهجانءِ  ته هڪ مرده عورت توکي پنهنجي زندگيءَ جو داستان ٻڌائي رهي آهي. انهيءَ  جي حياتيءَ  جو قصو شروع کان انجام تائين تنهنجي شخصيت سان واسطيدار رهيو آهي.

تون ڊڄ نه هڪ مرده عورت توکان ڇا حاصل ڪري سگهي ٿي. نه پيار، نه رحم جي بيک، نه شفقت، نه همدردي، مان توکان صرف هڪ ڳالهه چاهيان ٿي، تون گهٽ ۾ گهٽ  منهنجي انهيءَ  ڳالهه تي يقين  ضرور ڪر، جا مون کي پنهنجو دک تنهنجي سامهون کولي بيان ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. منهنجي تحرير تي ڀروسو ڪر. انهيءَ  کان وڌيڪ مان توکان ڪجهه به نٿي چاهيان، پنهنجي اڪيلي سڪيلڌي پٽ  جي لاش جي ڀرسان ويهي ڪا به ماءُ  ڪوڙ ڳالهائي نٿي سگهي.

هاڻي مان توکي  پنهنجي سڄي زندگيءَ جو داستان ٻڌايان ٿي اها زندگي سچ پچ ته انهيءَ وقت اڃا شروع ٿيندي محسوس  به نه ٿي هئي، جيستائين مون توکي ڏٺو نه هو. انهيءَ  ڏينهن کا اڳ واريون يادگيريون جي منهنجي دل ۾ آهن ، اهي سڀ يادگيرون  جي منهنجي دل ۾ آهن، اهي سڀ  يادگيريون غبار آلوده ۽ ڪوريئڙي  جي ڄار وانگر منجهيل  ۽ پيچيده آهن. اهي ڄڻ  ته ماڻهن سان ڀريل ڪنهن تاريڪ ڪوٺيءَ جو تصور آهي. اهڙو اڻڏٺل ڌرتي  يا اڻسونهون  ديس، جنهن سان دل ۽ دماغ جو واسطو نه هجي. جڏهن تو منهنجي زندگيءَ ۾ قدم رکيو، انهيءَ وقت مان تيرهن ورهين جي هيس. اسان انهيءَ  گهر ۾ رهندا هئاسون، جنهن گهر  ۾ هاڻي تون رهين ٿو. انهيءَ گهر ۾، جنهن ۾ ويهي تون هن وقت هي خط پڙهي رهيو آهين. اسان ٽينءَ منزل تي رهندا هئاسون. اسان جي ڪمري جو دروازو بلڪل تنهنجي ڪمري جي سامهون هو، تو ته هن وقت اسان کي يقيناً وساري ڇڏيو هوندو تنهنجي ذهن تان اها ڏکن جي ستايل اڪائونٽنٽ  جي بيوه ۽ سندس سنهڙي سڪل ڌيءَ ته ڪڏهن جي لهي ويئي هوندي، اسان اتي ڏاڍي مزي سان رهندا هئاسون. ٿي سگهي ٿو ته تو اسان جو نالو به نه ٻڌو هجي، ڇو ته اسانجي دروازي تي نالي واري تختي لڳل نه هئي، نه وري ڪو خاص ماڻهو اسان کي ملڻ لاءِ ئي ايندو هو. وري انهيءَ ڳالهه کي عرصو به ته گهڻو  گذري چڪو آهي. پندرهن يا سورهن سال اهو ٿي  نٿو سگهي جو انهيءَ  طويل عرصي ۾ توکي اسان جي ياد رهي هجي. مگر مون کي ته هڪ هڪ ڳالهه اهڙي ته ياد آهي جوايئن پئي سمجهان ته هيءَ   ته ڪلهوڪي ڳالهه آهي. مون کي ياد اچن ٿا. اهي ڏينهن، اهي گهڙيون، جڏهن مون پهريون دفعو تنهنجي باري ۾ ٻڌو هو، پهريون دفعو ڏ‎ٺو هو، تڏهن مون کي محسوس  ٿيو جيئن ته هاڻي منهنجي زندگيءَ  جو آغاز ٿيو آهي.

هوش سنڀال ! مون کي شروع کان آخر تائين سڀ ڳالهيون چوڻ ڏي، پوءِ توکي  جيڪي وڻي سو سوچيندو رهجانءِ مون کي خبر آهي ته توکي  منهنجون ڳالهيون بيزار  ڪري وجهنديون.

تنهنجي اچ اهي ڏاڍا  خطرناڪ هئا، هميشه وڙهندا رهندا هئا. حالان انسخت نفرت  ڪندا هئا، انهيءَ  ۾ رهڻ وارو ماڻهو ڻ کان اڳ ۾ انهيءَ منزل ۾ جيڪي ماڻهو رهندا ڪ هو بيحد غريب هئا، مگر هو اسان جي غريبيءَ  کي ڏسي اسان کان سخت نفرت ڪندا هئا انهيءَ ۾ رهڻ وارو ماڻهو خوب پيئندو هو ۽ پِي اچي پنهنجيءَ  زال کي ڏاڍو ماريندو هو. اڪثر ڪري رات جو اسان ڪرسين ۽ ثانون جو گوڙ ٻڌي جاڳي پوندا هئاسين. هڪڙي ڏينهن ان شخص پنهنجي زال کي ايترو ته ماريو جو هوءَ ويچاري رتورت ٿي ويئي.  هوءَ ڀڄندي ڇت ٿي مٿي چڙهي ويئي. انهيءَ وقت ان جي حالت ڏاڍي خطرناڪ هئي، بگڙيل وارن ۾ سندس  چهرو ڏائڻن جهڙو نظر اچي رهيو هو، سندس پٺيان ان جو خاندان گاريون گند ڏيندو وٺي ڀڳو، پوءِ ته اهڙو گوڙ مچي ويو جو سڀيئي ماڻهو پنهنجي گهرن مان نڪري  ڏاڪڻ وٽ اچي گڏ ٿيا. سڀني گڏجي انهيءَ شخص کي دڙڪا دهمان  ٻڌائي  ڌمڪي ڏنائونس ته هينئر جو هينئر اسان پوليس کي رپورٽ ڪيون ٿا. اسان جو انهن سان ڪو به واسطو ڪو نه هو، هن مون کي انهن جي چالاڪ ٻارن سان راند کيڏڻ کان منع ڪري ڇڏي. انهيءَ جو اثر اهو ٿيو جو انهن جا بدمعاش  ڇوڪرا هروقت  مون کان بدلي  وٺڻ جو موقعو  ڳولڻ لڳا،  جڏهن به مان ٻاهر نڪرندي هيس تڏهن هو هميشه بيهودا  لفظ استعمال ڪندا هئا، هڪڙي ڏينهن انهن مون کي برف ڳڙو اڇلائي  هنيو، اهو برف جو ڳڙو مون کي نرڙ ۾ اچي لڳو ۽ رت  وهڻ لڳو.

وري هڪڙي ڏينهن خبر نه آهي ته ڪهڙي ڳالهه ٿي جو انهن کي اهو گهر ڇڏي  وڃڻو پيو، انهيءَ ڏينهن اسان ڏاڍو سک جو ساهه کنيون، اهو شخص چوريءَ  جي ڏوهه ۾ پڪڙجي پيو، انهيءَ کانپوءِ ڪافي ڏينهن انهيءَ گهر تي مسواڙ جي لاءِ خالي تختي لڳي رهي.

پوءِ اها هٽائي وئي. ۽ چوڪيدار اسان کي ٻڌايو ته گهر ڪنهن اديب ورتو آهي. جو اڃا  تائين ڪنوارو آهي. اهو يقيناً سنجيده ۽ خاموش طبعيت جو هوندو. انهيءَ ڏينهن پهريون دفعو مون تنهنجو نالو ٻڌو.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ  گهر جي چڱيءَ طرح صفائي شروع ٿي وئي. پوچي ۽ رنگ وارا آيا ۽ ڏاڍو انهن گوڙ مچايو. مگر امان ڏاڍي  خوش  هئي.  ان چيو، ”جند ڇٽي پئي روز روز جي ڪروڌ کان!“ انهيءَ ايتري هلچل ۾ مون اڃا تائين  توکي نه ڏٺو هو. سڄي  سنڀال ۽ آرائش تنهنجو نوڪر ڪندو رهندو هو. جنهن جا وار اڇا ٿي ويا هئا. طبيعت  جو هو ڏاڍ نرم هو. انهيءَ کي ڏسي معلوم ٿيندو هو ته هو خانداني گهرن  ۾ ڪم ڪرڻ وارو نوڪر آهي. هن وڏيءَ محنت ۽ سهڻائيءَ سان سامان ۽ گهر کي ترتيب ۾ آندو. اسان انهيءَ  کان ڏاڍو متاثر ٿياسون. اوچي درجي جو هي نوڪر اسان جي ننڍڙي شهر جي لاءِ هڪ نئين شئي هو. انهيءَ  کانسواءِ ڏاڍو شريف ۽ ايماندار هو. جهڙن تهڙن نوڪرن سان ڪچهري ڪرڻ هو سٺو نه سمجهندو هو. شروع  کان ئي وٺي. هن اسان سان ضعيف عورتن وارو برتاءُ ڪري ڏاڍي عزت ڪئي هئي. مون جهڙي ننڍڙي ڇوڪريءَ سان به هو نهايت  شرافت سان پيش ايندو رهيو.

هڪڙي ڏينهن خبر نه  آهي ته ڪهڙي گفتگوءَ  دوران تنهنجو نالو اچي ويو. هن اهڙي ڍنگ سان تنهنجو نالو ورتو، جيئن هو تنهنجو نوڪر نه بلڪ  تنهنجي خاندان جو ئي هڪ فرد هجي. انهيءَ وقت هڪ پاڪيزه جزبي سبب مان انهيءَ  پوڙهي شخص کي پيار ڪندي هئس. مون کي سندس خوشقسمتيءَ تي  رشڪ ايندو هو ته تون هردم سندس اکين اڳيان  رهين ٿو، ۽ هو تنهنجي هر طرح جي خدمت  ڪري ٿو. خبر اٿئي ته مان اهي سنهڙيون سنهڙيون ڳالهيون ڇو ڪري رهي آهيان؟ مان چاهيان ٿي ته تون سمجهي سگهين ته شروع  کان ئي وٺي مون تي تنهنجي شخصيت جو ڪيترو گهرو اثر ٿيو هو. مان جا هڪ ڏاڍي شرميلي ۽ بيحد ڊڄڻي ڇوڪري  هيس، توکي ڏسڻ کان پهرين مون کي تنهنجو وجود روشنيءَ جو جگمگائيندڙ  عڪس نظر اچي رهيو هو، جنهن جا شوخ ڪِرڻا مون کي پري پري تائين پکڙيل نظر اچي رهيا  هئا. جن ماڻهن جي زندگيءَ  جو دائرو محدود هوندو آهي اهي هميشه نون  رنگن  جي لاءِ بيقرار  رهندا آهن.

انهيءَ  ننڍڙي بستيءَ  ۾ اسان ڏاڍي بيتابيءَ سان تنهنجي اچڻ لاءِ راهه تڪڻ لڳاسون. جيستائين منهنجو تعلق آهي، منهنجو اشتياق پنهنجي آخري منزل تائين پهچي چڪو هو. هڪڙي  ڏينهن  کان پوءِ منجهند جو اسڪول  کان موٽڻ تي مون ڏٺو ته گهر جي سامهون فرنيچر سان ڀريل هڪ گاڏي بيٺي آهي. وڏيون ڳريون شيون انهيءَ وقت مٿي وڃي چڪيون هيون. مزور هينئرننڍيون ننڍيون شيون کڻي رهيا هئا مان انهيءَ   سامان کي ڏسڻ ۽ دل ئي دل ۾ مان انهيءَ جي تعريف ڪرڻ لاءِ دروازي تي بيهي رهيس. اهي سڀ شيون نهايت خوبصورت ۽ دلڪش هيون. ڪجهه هندستاني مورتون هيون ۽ ڪي اٽليءَ جون. ۽ ڪي تصويرون تمام گٰهرن رنگن جون هيون. آخر ۾ آيا ڪتاب، ڏاڍا سهڻا ۽ جيترو مون سوچيو ٿي انهيءِ کان ڪافي گهڻي انداز ۾، انهن کي دروازي جي ٽيڪ تي رکيو ويو، نوڪر هڪ_هڪ ڪري انهن کي ڏاڍي احتياط سان صاف ڪيو. جيئن جيئن اهو ڍير وڌندو ويو، منهنجون لالچ ڀريون نگاهون انهن کي وڌيڪ دلچسپيءَ سان ڏسڻ لڳيون. مون کي اهڙي طرح گهوريندو ڏسي مونکي نوڪر نه ڊوڙايو ۽ نه وري دڙڪو دهمان ڏنو. مون کي ڪنهن به ڪتاب کي هٿ لائڻ ۾ خوف محسوس ٿيو. حالانڪ چمڙي جي نازڪ جلدن کي صاف ڪرڻ مون کي ڏاڍو پسند هو. مان پنهنجي اها خواهش نوڪر سان ڪئين ظاهر ڪيان، اهو مون کي بنهه سمجهه ۾ نه آيو، ڊچندي ڊچندي مون ڪن ڪتابن جي نالن کي پڙهڻ شروع ڪيو. انهن ۾ گهڻا فرانسي، انگريزي ۽ ٻين مشهور زبانن جا ڪتاب هئا. جن جوهڪڙو لفظ به نه پئي ڄاڻان، اتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي انهن کي مون ڏسڻ ٿي چاهيو. مگر امان مون کي انداران سڏ ڪيو ۽ مجبوراً مونکي اوڏانهن وڃڻو پيو.

انهيءَ شام جو مان سڄو وقت تنهنجي باري ۾ سوچيندي رهيس. مون اڃا تائين توکي ڏٺو نه هو. مون وٽ چند پراڻا ڦاٽل ساٽل ڪتاب هئا، انهن کي مان سڀني شين کان وڌيڪ عزيزسمجهندي  هيس. وري وري انهن کي پڙهندي هيس. مون کي عجب پئي لڳو ته اهو شخص ڪهڙو هوندو جنهن وٽ ايترا ڪتاب  آهن، جنهن ايترو  مطالعو ڪيو آهي ۽ ايتريون  ٻوليون ڄاڻي  ٿو. جو امير آهي ۽ انهيءَ  سان گڏوگڏ  ايڏو سمجهدار. ايترن ڪتابن  جي ڍير جي تصور منهنجي دل ۾ هڪ عجيب ۽ غريب عزت ۽ احترام جو جذبو تنهنجي لاءِ پيدا ٿيو. مان دل ئي دل ۾ تنهنجي  باري ۾ سوچڻ لڳيس. تون ضرور  پوڙهو هوندين، عينڪ پاتل هوندءِ، ڊگها چانديءَ  جهڙا وار هوندءِ، اسان جي جاگرافيءَ واري استاد وانگر . مگر انهيءَ کان گهڻو رحمدل ۽ شڪل  صورت ۾ نهايت سنجيده مون کي خبر نه آهي ته الائي ڇو يقين ٿي ويو هو ته تون ضرور سهڻو هوندين!

انهيءَ رات مون پهريون دفعو توکي خواب ۾ ڏٺو.

ٻئي ڏينهن تون آئين. انتظار ڪرڻ جي باوجود مان توکي  ڏسي نه سگهيس. منهنجو اشتياق رهندو به وڌي ويو. نيٺ آخر ٽئين ڏينهن وڃي مون توکي ڏٺو. توکي ڏسي  مون کي ڏاڍي حيرت  لڳي. منهنجي معصوم تصور جنهن اڌڙوٽ انسان جي تصوير ٺاهي رکي هئي. انهيءَ کان تون بلڪل مختلف هئين. مون ته هڪ عينڪ لڳائڻ واري اڌڙوٽ عمر جي شخص جو تصور  ڪيو هو. مگر تون آئين اهڙن انسانن جي روپ ۾ جن تي گذريل وقت جو ڪو به اثر نٿو ٿئي. انهيءَ وقت توکي ٽويڊ جو هلڪي ڀوري رنگ جو بهترين سوٽ پاتل هو. ۽ هميشه وانگر پنهنجي مخصوص عادت مطابق ٻه ٻه ڏاڪا ٽپندو مٿي چڙهي آئين. مون حيرت ڀريل نظرن سان تنهنجي ٻهڪندڙ چهري ۽ وارن کي ڏٺو. تنهنجو مضبوط جسم ڏسي  مان سچ پچ ته دنگ رهجي ويس.

ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي، جو مون يڪدم محسوس ڪري ورتو هو.جنهن تي ٻين ماڻهن کي هميشه حيرت لڳندي. مون سمجهيو هو ته تنهنجي شخصيت ٻن ڪردارن مان تخليق  ٿيل آهي: تون نهايت جوشيلو هلڪي سلڪي دل وارو انسان آهين. راند روند ۽ جوانن جي هر شي ۾ سست. انهيءَ  سان گڏ پنهنجي فن ۾ بلڪل سنجيده ۽ گنڀير ، پنهنجي ذميوارين متعلق هوشيار،مون چڱيءَ طرح ڏٺوته تون ٻه زندگيون پيوگذارين، انهن مان هڪڙي اهڙي هئي جنهن جي سڀني کي خبر هئي ۽ سڄي  دنيا جي لاءِ کليل ڪتاب هئي:  مگر ٻي جيئن هن دنيا  کان بلڪل الڳ، صرف تو تائين محدود هئي. تيرهن سالن جي هڪ ڪمزور  ڇوڪري  تنهنجي وجود جي ڀرڀور ڪشش سان پهرين نظر ۾ تنهنجي انهيءَ راز کي ڄاڻي ويئي. تنهنجي وجود جي ڀرڀور ڪشش سان پهرين نظر ۾ تنهنجي انهيءَ راز کي سمجهي ويئي. تنهنجي ٻن شخصيتن جي وچوارو خال مون تي روشن ٿي ويو، ڇا تون ڪڏهن سمجهي سگهين ٿو ته مون ڪمزور ڇوڪريءَ کي تون ... ڪيڏو دلڪش ۽ دلچسپ نظر آيو هئين؟ منهنجي سامهون  هڪ اهڙو ماڻهو هو، جنهن جي سڀ ماڻهو عزت ڪندا هئا، انهيءَ ڪري جو هو ڪتاب لکندو هو، ڇو ته هو  سڄيءَ  دنيا ۾ مشهور  ۽ معروف هو. اوچتوئي اوچتو هڪڙي ڏينهن هن پنهنجو پاڻ کي پنجويهن سالن جي هڪ خرشطبع نوجوان جي روپ ۾  ۾ منهنجي سامهون ظاهر ڪري ڇڏيو. اهو مون کي ٻڌائڻ  جي ضرورت  ڪانهي ته انهيءَ ڏينهن کان وٺي منهنجي مختصر  دنيا ۾ هڪ تون ئي اهڙي  شئي هئين جنهن ۾ منهنجون سڀئي دلچسپيون  محفوظ هيون. منهنجي زندگي  تنهنجي زندگيءَ  جي چؤگرد ڀؤنر وانگر ڦرڻ لڳي. مان توکي  باقاعده  ڏسندي هيس، تنهنجي عادتن جو غور سان جائزو وٺندي هيس. انهن ماڻهن کي به ايندي ويندي ڏسندي هيس جي توسان ملڻ ايندا هئا.

انهن سڀني ڳالهين ڪري منهنجي دلچسپي گهٽجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي. تنهنجي فطرت  جي دور نگي چال تو وٽ اچڻ وارن مختلف ماڻهن مان به صاف جهلڪندي رهي هئي. انهن ۾ ڪي نوجوان هوندا هئا تنهنجا دوست، ڪي لاپرواهيءَ سان ڪپڙا پهريل  طالب عالم، جن سان تون کلي ۽ خوشطبعيءَ سان ڳالهائيندو هئين. ڪي عورتون هونديون هيون جي موٽر ۾ چڙهي توسان ملڻ اينديون هيون. هڪ دفعي هڪ ڊرامي جوپروڊيوسر جنهن کي هڪ ٻه دفعو مون پري کان ڏٺو هو، هٿ ۾ لڪڻ کڻي توسان ملڻ آيو.ملڻ وارن ۾ ڪي نوجوان ڇوڪريون به هونديون هيون، جي غالباً  ايڪانامڪس ڪلاس ۾ پڙهنديون هيون، جي ڏاڍو شرمائيندي ۽ لڄائيندي تنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿينديون هيون. تو وٽ اچڻ وارن ۾ اڪثر ڪري عورتن جو تعداد  گهڻو هوندو هو. مون انهن متعلق  ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان نه سوچيو ۽ نه وري انهيءَ وقت مون ۾ سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي طاقت هئي.

هڪڙي ڏينهن اسڪول ويندي مون ڏٺو ته هڪڙي پرده نشين عورت تنهنجي ڪمري مان پئي نڪري، انهيءَ وقت مان صرف تيرهن سالن جي هيس. مون انهيءَ ڪَچيءَ عمر ۾ ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪيو ته جنهن دلچسپيءَ سان تنهنجي چرپر کي ڏسندي هيس، اهو در حقيقت  شديد قسم جوپيار ئي هو.

انهيءَ ڏينهن مان پنهنجي اسڪول جي ساهيڙيءَ  سان گهمي آئي هيس. اسان ٻيئي دروازي تي بيهي ڳالهيون ڪري رهيون هيونسين  ته انهيءَ وقت هڪ موٽر اچي بيٺي، انهيءَ  مان تون بلڪل بيقراريءَ  سان ٽپ ڏيئي ٻاهر آئين، تنهنجي اها ادا منهنجي لاءِ هميشه دلچسپ ۽ دلفريب رهي آهي. انهي وقت تون ڏاڍو تڪڙو هئين، مونکي خبر ناهي ته ڪهڙي محبت  جي زير اثر بي اختيار مون تنهنجي لاءِ دروازو کولي ڇڏيو. انهيءَ ڪري مان تنهنجي اڳيان ائين اچي ويس جو ذري گهٽ ٽڪرجي پياسون. تو مون ڏانهن بيحد همدرديءَ  سان ڏٺو ۽ پوءِ ڏاڍي لطيف انداز ۾ مرڪي ڏنو. منهنجو آهستگيءَ  سان شڪريو ادا ڪيو ۽ مٿي هليووئين.

بس ايتري ڳالهه ٿي هئي، مگر انهيءَ وقت جڏهن تو مون ڏانهن پيار ڀريل نظرن سان ڏٺو هو، ان وقت مان توتي نڇاور ٿي ويئي هيس، انهيءَ وقت مون توکي پنهنجي معصوم دل سونپي ڇڏي هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ مون کي خبر پئجي ويئي ته هر ملڻ واري عورت کي تون انهيءَ ئي انداز سان ڏسندو آهين. اهو نهايت ئي پيارو ۽ دلڪش انداز هوءِ تنهنجو، جنهن جي اڳيان  گهڙي پل ۾ سڀڪجهه عريان ٿي ويو ٿي. اها نگاهه شايد پيدائشي نفس پرست جي هئي، انهيءَ پنهنجي مخصوص انداز ۾ تون دڪان جي سيل گرل ۽ دروازي  عورتن کي پنهنجي دام ۾ ڦاسائيندا هئو، مگر تنهنجي بيقرار فطرت اڻڄائيءَ  ۾ تنهنجي اکين  کي نشيلو ۽ مخمور بنائي ڇڏيو ٿي، انهيءَ ننڍي عمر ۾ مون کي اهڙو ڪو به احساس نه هو. پوءِ به ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ ته منهنجي سڄي بدن  ۾ باهه لڳي ويئي آهي. مون کي يقين هو ته محبت ۽ نرمي صرف منهنجي لاءِ ئي آهي، ايڏي وڏي خيال کان انهيءَ وقت مون معصوم ڇوڪريءَ جي دل ۾ هڪ عورت جو مڪمل احساس جاڳي اٿيو، ائين جيئن مان هميشه جي لاءِ تنهنجي ٿيڻ واري هيس.

”اهو ڪير هو_؟“ منهنجي ساهيڙيءَ پڇيو.

مان ڪو به جواب ڏيئي نه سگهيس، تنهنجو نالو زبان تي آڻيندي مون کي ڏاڍي مشڪل درپيش آئي، اوچتو جيئن منهنجي لاءِ هڪ وڏو پاڪ لفظ بنجي ويو هو. انهيءَ وقت ۾ مون انهيءَ کي ستن ڪلفن ۾ لڪائي رکڻ چاهيو ٿي.

”اڙي هي ڪير آهن، جي هن گهر ۾ رهن ٿا“

”ليڪن جڏهن هن توڏي نهاريو ته مان لال ڇو ٿي ويئي هيس.؟“

منهنجي انهيءَ ساهيڙيءَ ٻاراڻي انداز ڏاڍي اشتياق سان پڇيو. مون کي ائين محسوس ٿيو جيئن هن پڇا ڪري مون تي چٿرون ڪرڻ چاهيون ٿي. جيئن هن منهنجي راز جي تهن تائين پهچڻ چاهيو ٿي. منهنجا ڳل گلابي ٿي ويا اڳ ۾ ته ڪڏهن به ائين نه ٿيو هو. خواه مخواه مان ان سان وڙهي پيس.

”تون ڏاڍي جاهل آهين. بيوقوف ... ڪميڻي ...!“ دل چاهيو ته انهيءَ ڪميڻيءَ جو گلو گهٽي ڇڏيا! هوءَ منهنجي انهيءَ ڪاوڙ تي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي ڪيڏي نه طنزيه ۽ زهر ڀريل مرڪ هئي سندس!

منهنجي اکين ۾ انهيءَ وقت ڳوڙها تري آيا.

پوءِ ان کي دروازي تي ئي ڇڏي مان مٿي هلي ويس.

روانگي:

تڏهن کان مان توکي پيار ڪيان ٿي.

مون کي پوريءَ  طرح خبر آهي ته تون عورتن کان اهو ٻڌڻ جو عادي آهين ته اهي توکي چاهين ٿيون. مگر مون کي يقين آهي ته ٻي ڪنهن به عورت توکي ايترو پيار نه ڪيو هوندو جيترو مون ڪيو آهي. هڪ معصوم ٻار جي خاموش  محبت سان ڪا به برابري ٿي نٿي سگهي. ان جو پيار بي لوث ۽ خدمت جي جذبي  سان ڀرپور  هوندو آهي. انهيءَ ۾ آهستگي  ۽ شدت  ٻيئي احساس ڪارفرما هوندا آهن. عورت جي جنس واري محبت ان جي حقيقت کي ڪڏهن به پهچي نٿي سگهي. انهيءَ  جو اُڃايل پياراڻڄاڻائيءَ سبب پنهنجو بار ٻين تي لڏڻ چاهيندو آهي. پاڪ محبت جو جذبو صرف معصوم ٻارن جي فطرت ۾ ئي سمايل ٿي سگهي ٿو.

منهنجو پيءُ گهڻو وقت اڳ ۾ ئي مري ويو هو. امان پنهنجي مصيبتن کي ڦٽو ڪري ڪنهن ٻئي جي باري ۾ سوچي به نٿي سگهي. پنهنجي مختصر پينشن مان ڪيئن گذارو ڪري. انهيءَ کان سواءِ پنهنجي جوان ٿيندڙ نياڻيءَ جو فڪر،منهنجي اسڪول جون ڇوڪريون جن جو شعور اڃا ڪَچو ۽ زندگي ناپاڪ هئي مون کي منڍ کان  ئي چڱيون نه لڳنديون هيون. اهي منهنجي اهڙن خيالن  تي چٿرون ڪنديون هيون جي منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ قيمتي ۽ عزيز ترين هئا.  منهنجي اندر ۾ انهيءَ وقت جيڪو به خيال اُڀرندو هو اهو جتي منهنجون همعصر ڇوڪريون هونديون هيون. پهچندي ئي منتشر ٿي  ويندو هو. تنهنجي لاءِ اهو هردم  تو ۾ منتقل ٿي ويندو هو. تون منهنجي لاءِ مان ڇا چوان منهنجي جذبات کي ڪهڙي  تعريف صحيح طور تي ظاهر ڪري سگهي ٿي. بس تون منهنجي لاءِ منهنجي زندگي جو آڌار بنجي ويو هئين. منهنجي لاءِ دنيا ۾ صرف انهيءَ  شئي جو وجود رهجي ويو هو جا تنهنجي متعلق هئي. انهيءَ کي ڇڏي منهنجي لاءِ باقي سڀ بيڪار هو.

تنهنجي محبوب چاهت منهنجي ته ڪايائي پلٽي ڇڏي. مان جا اڃا تائين اسڪول ۾ بلڪل خاموش ۽ ڪمزور رهندي هيس، اوچتو ئي اوچتو سڀني کان اڳتي وڌي ويس. توکي ڪتابن سان عشق هو، اهو ڏسي مان به ڪافي رات گذرڻ تائين نوان نوان ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ لڳيس. امان اهو ڏسي حيران هئي. مون ضد ڪري  پيانو سکڻ به شروع ڪيو، خبر ته آهي ته مون کي الائي ڪيئن خبرپئجي ويئي ته تون موسيقيءَ جو ٻه ڏاڍو شوقين آهين. مان چاهيندي هيس ته توکي متان نه پسند  پوان، انهيءَ لاءِ مان پنهنجي ڪپڙن کي باقاعدي  ٺيڪ رکندي هيس. منهنجي اسڪول جي ڊريس ۾ ايڏي وڏي اها وڏي  چَتي لڳل هئي، اها ڊريس  اسان جي پراڻن ڪپڙن مان تيار ٿيل هئي. مون کي هميشه اهو ڊپ رهندو هو ته تون مون کي ڪٿي ڏسي نه وٺين ۽ مون کان نفرت  نه ڪرين، انهيءَ جڏهن به مان ڏاڪڻ تان لهندي ۽ چڙهندي هيس تڏهن انهيءَ چتيءَ  کي مان پنهنجي ڪتاب جي دستي سان ڍڪي ڇڏيندي هيس. اهو سوچي مان ڏڪي ويندي هيس، انهيءَ تي ڪٿي تنهنجي نظر به پئجي وڃي هاءِ! ڪيڏي نه بيوقوف هيس مان پر پوءِ به ته تون مون ڏي رڳو نهاريو به ڪونه، پوءِ به منهنجا ڏينهن تنهنجي انتطار۾، ۽ توکي ڏسڻ ۾ گذرندا هئا، اسان جي سامهون دروازي ۾ هڪڙو سوراخ هو، جنهن مان تنهنجي دروازي جو ڪجهه حصو  نظر ايندو هو. تون منهنجي بيوقوفيءَ تي کلين متان، مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ  انهيءَ سوراخ مان لڪي  تنهنجي دروازي کي ڏسندي رهندي هيس. سچ پڇين ته انهيءَ  حرڪت لاءِ اڄ به مان شرمندي نه آهيان انهيءَ وقت هال جو فرش برف جهڙو ٿڌو هوندو هو، ۽ مون کي ڊپ به ٿيندو هو ته متان امان کي نه شڪ پئجي وڃي. مگر انهيءَ ننڍڙي سوراخ ۾ مان مهينن جا مهينا  ڊگهي  عرصي تائين ڪتاب هٿ ۾ کڻي ٻپهريءَ تائين جهاتيون پائيندي رهندي هيس، منهنجي حالت انهيءَ  وقت انهيءَ ستار وانگر هوندي هئي جنهن جون تارون تنهنجي قربت جي تصور کان ڇڙي وينديون هيون، مان تنهنجي قريب هميشه بيقرار ۽ بيتاب رهندي هيس. مگر توکي انهيءَ جو ذري جيترو به احساس نه هو، بلڪل ائين جيئن توکي پنهنجي کيسي واري واچ جي لطيف ڌڙڪڻ جو احساس نه هوندو هو. هو توکي هر وقت  ايمانداريءَ سان وقت ٻڌائڻ لاءِ تيار رهندي آهي. هر وقت تنهنجي سيني سان لڳي تنهنجي دل جو آواز ٻڌندي رهندي آهي. ٻڌاءِ انهيءَ ڳالهه تي نظر ڪئي اٿئي، تون ان جي ڌڙڪن  کي ٻڌين ٿو يا نه؟ پرانهيءَ جي لاءِ ڇا اهو گهٽ آهي ته لکن گهڙين کانپوءِ به هڪ پل لاءِ سهي انهيءَ تي نظر ڪرم ته ڪرين ٿو.

مون کي تنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه خبر هئي، تنهنجي عادتن متعلق  سڀ ڪجهه معلوم هو، ايتري تائين جو نيڪ ٽاءِ تون جنهن ڍنگ سان ٻڌندو هئين، انهيءَ جو باري ۾ به ، مان تنهنجي هر سُوٽ جي رنگ  کي به سڃاڻندي هيس. تو وٽ جيڪي ماڻهو باقاعدگيءَ سان ايندا هئا، انهن کي به جلدي سڃاڻي ويس. انهن اچڻ وارن مان ڪن کي مان پسند ڪندي هيس.۽ ڪن کان نفرت ڪندي هيس. تيرهن سالن کان وٺي سورهن سالن تائين منهنجي هرگهڙي تنهنجي خيال ۽ تنهنجي تصور ۾ گذري. انهيءَ دوران ڪهڙي بيوقوفي هئي جا مون نه ڪئي. دروازي جي جنهن هٿئي کي تون ڇهندو هئين، انهيءَ تنهنجي چپن  هڪ دفعو  چميو تو جيڪي سگريٽ پي اڇليا، مون انهن اڌڙن  کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن جي لاءِ اهي شگفته گلاب جون نازڪ سفيد پنکڙيون، جن کي تنهنجي چپن هڪ دفعو پي ڦٽو ڪيو هو. شام جو سوين دفعا مان بهانا ڪري رستي تي اهو ڏسڻ لاءِ ويندي هيس ته تنهنجي ڪهڙي ڪمري ۾ روشني آهي، ته جيئن مون کي تنهنجي هجڻ جي خبر پئجي سگهي. هفتن جا هفتا جڏهن تون ٻاهر رهندو هئين ته منهنجي دل جي ڌڙڪن ڄڻ ته بند ٿي ويندي هئي، ۽ مون کي زندگي بلڪل بيمزي ۽ بي معنيٰ نظر ايندي هئي، طبعيت هردم اداس رهندي هئي، هر وقت ڏاڍي مايوسيءَ ۽ بيزاريءَ جو احساس ٿيندو هو، ته مان ائين ئي گهُٽجي مري ويندس. سڄو ڏينهن انهيءَ حالت ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي  رهندي هيس. ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو هو ته ڇا ڪيان، وري به احتياط رکندي هيس ته هر وقت اکين ۾ ڀريل اداسي متان امان تائين نه ظاهر ٿي وڃي!

مون کي خبر آهي ته مان جيڪي ڪجهه لکي رهي آهيان، اهي محض ٻاراڻيون ڳالهيون نه آهن، هڪ ڪمزور ۽ بي سمجهه ڇوڪريءَ  جا خيالي پلاءَ ضرور هئا. مون کي انهيءَ تي شرم اچڻ گهرجي، مگر انهيءَ تي مان اڄ به پشيمان نه آهيان. ڇو ته منهنجي محبت ۾ جيتري  پاڪيزگي ۽ شدت انهيءَ وقت هئي، ايتري ڪڏهن به نه رهي. مان توکي ڏينهن جا ڏينهن  ۽ هفتن جا هفتا باقاعدي ٻڌائي سگهان ٿي ته مان ڪيئن تنهنجي تصورن ۽ خيالن ۾ گم رهيس. حالانڪ تون مون کي شڪل ۽ صورت  مان سڃاڻندو به ڪين هئين، جيڪڏهن مان ڪڏهن توکي ڏاڪڻ تي ملي وڃان ها ۽ مون کي پنهنجي بچاءِ جو ڪو به رستو نه هجي ها ته مان يڪدم ڪنڌ هيٺ ڪري اڳتي  وڌي وڃان ها. مون کي تنهنجي ٻرندڙ  نگاهن کان هميشه ڊپ  رهندو هو. انهن کي ڏسي  مان ائين ڀڄندي  هيس. جيئن ڪو باهه جي مچ کي ڏسي  ۽  پاڻيءَ ۾ وڃي ٽپ ڏي.مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ  ۽ ڏينهن جا ڏينهن انهن گذريل سالن جو داستان ٻڌائي سگهان ٿي، جن کي تو ڪڏهوڪو وساري ڇڏيو هوندو. مگر انهن گذريل  ڳالهين کي ياد ڏياري مان توکي بور ڪرڻ نٿي چاهيان. صرف هڪڙي ڳالهه مان توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿي، اهو منهنجي ننڍپڻ جو سڀ  کان وڏو واقعو آهي، تون پڙهي کلجانءَ نه، تون چاهي انهيءَ کي معمولي سمجهين مگر مون لاءِ اهو تمام وڏو واقعو آهي. اهو ڏينهن شايد آچر هو، تون ڪاڏي ٻاهر ويوهئين، تنهنجو نوڪر غاليچن کي ڇنڊڻ کانپوءِ اهي اندر ڇڪي وڃي رهيو هو، سندس  وت ۽ وس کان غاليچا ڪافي وڏا  ۽ ڳورا هئا، مون همت ڪري کانئس پڇيو ، ڇا مان سندءِ مدد ڪري سگهان ٿي_؟ ان کي عجب ضرور لڳو، مگر هن انڪار نه ڪيو، مان بيان ڪري نٿي سگهان ته انهيءَ وقت مون ڪهڙيءَ ڪشمڪش ۽ بيتابيءَ جي احساس ۾ پهريون ڀيرو تنهنجي گهر ۾ قدم رکيو هو. ۽ تنهنجي ننڍڙي دنيا کي غور سان ڏٺو هوم.. لکڻ واري ميز، جنهن تي تون ويهي لکندو هئين. انهيءَ تي ان وقت  نيرن گلدانن ۾ تازا گلاب جا گل مُرڪي رهيا هئا تصويرون ۽ ڪتاب... انهيءَ تي مون ترڇي نظر وڌي انهي ۾ شڪ نه آهي جيڪڏهن مان ”جان“ کان ڪنهن وقت اتي بيهڻ جي اجازت وٺان ها ته هو انڪار نه ڪري ها، مگر منهنجي لاءِ ته ڄڻ اهو به تمام گهڻو وقت هو. منهنجي دل انهيءَ وقت چاهيو ته مان انهيءَ گهڙيءَ ۾ انهيءَ خاموش ۽ پرسڪون ماحول کي پنهنجو پاڻ ۾ سمائي ڇڏيان. پوءِ جيئن سمهندي توڙي جاڳندي تنهنجي خوابن کي نئون روپ ڏئي سگهان.

يڪدم گذري وڃڻ واريون اهي گهڙيون منهنجي زندگيءَ جون عزيز ترين گهڙيون هيون. مان توکي انهن رنگين گهڙين سان گڏ انهيءَ  خوفناڪ گهڙيءَ جي ڳالهه به ٻڌائينديس جا انهيءَ کان پوءِ جلد ئي پيش آئي. جيئن مان چئي چڪي آهيان ته انهيءَ وقت مان تو ۾ ايترو ته گم هيس جو مون کي ڪنهن به ڳالهه  جو هوش نه رهيو. امان ڏينهن رات ڇا سوچيندي هئي. يا انهن ڏينهن گهر اچڻ وارن مهمانن سان ڪهڙيون سرگوشيون رهنديون هيون، مون کي ڪجهه خبر نه هئي. مون کي اها به خبر نه هئي ته عمر رسيده بزرگ جي انسبروڪ جا واپاري  هئا ۽ امان جا اٺين پيڙهيءَ اُٺ، ماڪوڙو ماسات هئا، اڪثر ڪري هتي ايندا هئا ۽ ڏينهن جا ڏينهن اچي رهندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن امان کي ٿئيٽر تي به وٺي ويندا هئا. انهن جي وڃڻ  کان پوءِ مان اڪيلي هوندي هيس ۽ انهيءَ وقت ۾ تنهنجي باري ۾ بلڪل بيفڪرانه انداز ۾ سوچيندي هيس.

مگر هڪڙي ڏينهن اسان ڏاڍي سنجيده لهجي ۾ ڪجهه چوڻ چاهيو، جنهن کي ڏسي منهنجو ته رنگ ئي مٽجي ويو. هانو دهه دهه ڪرڻ لڳو. ڇا امان کي ڪنهن طرح شڪ پئجي ويو آهي....؟ ڇا منهنجي دل جو راز هن معلوم ڪري ورتو آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com