سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :10

 

سچل سرمست جي سرائڪي شاعري

ملڪ نديم

 

(1)

سنڌي زبان کان پوءِ سچل سرمست جي مٺڙي، موهيندڙ، سريلي شاعري سرائڪي ٻولي ۾ آهي. سچل سرمست جون ڪيتريون سرائڪي ڪافيون ۽ گهڙوليون سنڌي ۽ سرائڪي عوام جي زبان تي آهن، مثال طور:

نگڙا نماڻي دا

جيوين تيوين پالڻا

يا

مئن تان گهڙولي ڀرندي هان

سرائڪي زبان کي اسان جيڪڏهن جاگرافيائي حالتن تحت لهجي بدليل سنڌي زبان چئون ته وڌاءُ نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته سنڌي زبان جا ڪي اهڙا لفظ، اکر ۽ اُچار آهن، جيڪي اردو، فارسي ۽ عربي ۾ ساڳي لهجي ۽ آواز ۾ اچاري نه سگهبا آهن، پر سرائڪي ۽ پنجابي ٻولي ۾ اچاري سگهجن ٿا.

مثال طور: ڻ، ڄ، ڏ، ڳ، ٻ، ڃ وغيره

سچل سرمست کي سرائڪي زبان تي سنڌي زبان وانگر عبور حاصل هو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي چوڻ موجب حضرت سچل سرمست سرائڪي زبان جو باڪمال شاعر آهي. سندس سرائڪي ڪلام ۾ فن ۽ فڪر جون خوبيون آهن ته ان  ۾ زبان ۽ محاوري جو نزاڪتون به نظر اچن ٿيون.          (سچل جو سنيهو صفحو 33- ڊاڪٽر ميمڻ)

سچل سرمست جي سرائڪي شاعري ۾ ايتري ته فڪري خوشبوءِ ۽ فني خوبصورتي آهي. زبان تي ايتري ته دسترس آهي، جو سرائڪي زبان جو وڏي ۾ وڏو شاعر خواجه غلام فريد به سچل سرمست جي سنڌي ۽ سرائڪي زبان کان بي حد متاثر هو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب ”سچل جو سنيهو“ ۾ لکي ٿو ته ”سرائڪي زبان جي بلند پايه شاعر حضرت خواجه فريد سندس سرائڪي ڪلام مان استفادو ڪيو آهي. سندس ڪيترين ڪافين ۾ حضرت سچل سرمست جي تتبع ڪيل نظر اچي ٿي.“(صفحو 33)

ياد رکڻ گهرجي ته خواجه غلام فريد سن 1845 ۾ ڄائو، جڏهن ته سچل سرمست ان کان گهڻو اڳ 1739 ۾ تولد ٿيو. سچل سرمست جي هڪ سرائڪي ڪافي آهي:

وسين اسان ڏڙي ويڙهي

ٿيوين نماڻي دي نيڙي

سبق وساريا سچو ڪون سارا

تيڏي عشق سوا ويڙي

ان ڪافي کان خواجه فريد هينئن متاثر ٿيندي نظر اچي ٿو:

هر دم وسين پيا ساڏي ويڙهي

دليان تي ديان تيڏي دري

جندڙي ڇٽڻ فريد هي مشڪل

ويڙهيا عشق اويڙي

(سچل سرمست جو سرائڪي ڪلام- محمد صادق راڻيپوري)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سچل نيشنل سيمينار خيرپور مارچ 1982 ۾ ڇپيل پنهنجي مقالي ”سچل سرمست جو سرائڪي شاعرن ۾ مقام“ ۾ ڄاڻائي ٿو ”تيئن هتان به سچل سرمست اهڙو شاعر آهي، جنهنجو ملتان ۾ خواجه فريد (وفات 1901) تي اثر ملي ٿو.“ (صفحو83)

سنڌي ماڻهن ڪنهن به ٻولي کان نفرت نه ڪئي آهي، جنهن به ٻولي ۾ شاعري ٿئي ٿي، ان کي پيار جي زبان سڏي ان ۾ پريت ۽ پاٻوه سان شاعري ڪئي آهي. سنڌي شاعرن برصغير جي ٻولين هندي، پنجابي، سرائڪي، بلوچي، اردو وغيره سميت مسلمانن جي ٻولين عربي ۽ فارسي ۾ وڏي چاه سان شاعري ڪئي آهي. باقي پنهنجي ٻولي مٿان ڌاري ٻولي مڙهڻ وارن جي بدنيت کي رد ڪيو آهي. نه ته سچل سرمست جي سرائڪي ۽ فارسي زبان ۾ شاعري ان جو ثبوت آهي ته اسان جي شاعرن پيار جو پيغام پکيڙڻ لاءِ ڪنهن به عوامي ٻولي ۾ شاعري ڪرڻ عيب نه سمجهيو آهي.

ڊاڪٽر نواز علي شوق ”سرمست 5/1985“ ۾ ڇپيل پنهنجي مقالي ”سچل سرمست جي سرائڪي شاعري“ ۾ لکي ٿو ”سنڌ ۾ سرائڪي شاعري جي شروعات ڪنهن کان ٿي؟ اها ڳالهه پڪ سان چئي نه ٿي سگهجي، باقي ڇپيل صورت ۾ سرائڪي ڪلام ارڙهين عيسوي صدي ۾ ملي ٿو، ڪنڊڙي جي ڪلتارن يعني ته سرائڪي شاعري سچل کان اڳ سنڌ ۾ رائج هئي، پر سچل سرمست جو سرائڪي شاعري ۾ سڄي سنڌ ۾ جوڙيا مٽ ملڻ مشڪل آهي، جيڪڏهن کيس سرائڪي شاعري جو سرواڻ سڏجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.“(صفحو45)

ها واقع، جنهن کان سرائڪي زبان جو وڏي ۾ وڏو شاعر خواجه فريد متاثر ٿئي، ان کي سرائڪي زبان جو سرواڻ شاعر سڏڻ ان کي صحيح مقام ڏيڻ آهي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب ”سچل جو سنيهو“ ۾ سچل سرمست جي سرائڪي شاعري بابت مرحوم رشيد احمد لاشاري جو رايو هن ريت ظاهر ڪيو آهي:

”سچل سرمست کي سرائڪي يا پنجابي زبان تي ايترو عبور حاصل هو، جو زنانا محاورا ۽ زنانا جذبات به اهڙي رنگ سان پيش ڪري ٿو، جو خود اتان جا رهاڪو به ڏندين آڱريون وجهي رهجي وڃن ٿا.“  (صفحو 34)

سچل سرمست جو سنڌي زبان وانگر سرائڪي جو به گهڻو ڪلام آهي، جنهن ۾ ڪافين جو تعداد ججهو آهي. سچل سائين جي هڪ مشهور سرائڪي ڪافي جا ڪجهه بند هن ريت آهن:

هڪ ڏينهن ميڪون مرشد آکيا ”مئي پيالا پيوين“

آکيم ”ايوين سائين ايوين“

آکيس پ سڃاڻن ٻاجهون همدم مول نه ٿيوين

آکيم ”ايوين سائين ايوين“

هير رانجهي جي عشقيه قصي جي حوالي سان سچل سرمست جي هڪ ڪافي آهي:

رانجهو ڪيڙا ڏوهين مين هان

هير رهي وڃ ڪٿي ڪٿي

جهنگ سيال تي تخت هزارا

ڏونهين ڏٺم اٿي اٿي

ساڳئي قصي جي نسبت سان سچل سرمست جي هي ڪافي ڪيتري نه وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ آهي.

نور ڀر يا رخ پياري دا

الا پياري دا دلداري دا.

سهڻا مينون ايوين ڀاندا

جيوين گل هزاري دا.

وري سچل سائين جي هن ڪافي ۾ پرين جي هٿن تي لڳل ميندي جو ذڪر ڪهڙي نه شاعرانه ٻولي ۾ ڪيل آهي.

ميندي لاهٿان ڪون آندا، سهڻا ٻانهن لڏاڪي

ڄاتوسي مشتاقان ڪون وت آيا آپ ڪُهاڪي

ڏوهين دستان خون اتهان دي وچون سرخ بڙاڪي

سڀ ڪون آن ڏکائڻ لڳا سچل هس الاڪي.

سچل سائين سرائڪي ڪلام ۾ پنهنجي فڪر ۽ پيغام جي هر پاسي کي شاعرانه خوبصورتي سان سمايو آهي. سندس سرائڪي ڪافين ۾ ڪٿي به ردم ۽ رواني جي گهٽتائي ڪانهي، ڪٿي به مڌر موسيقي جي ڪمي نٿي ٿئي. سندس سرائڪي شاعري ۾ ڪٿي به جهول ۽ اٽڪاءُ ڪونهي. جيئن سچل سرمست پنهنجي مادري ٻولي سنڌي ۾ سولي ۽ سريلي شاعري ڪئي آهي، تيئن سرائڪي سميت هر ٻي ٻولي ۾ عام فهم اصطلاحن ۽ لفظن ۾ شاعري ڪئي آهي. عوامي انداز ۽ اسلوب ۾ شاعري ڪرڻ جي باوجود سچل پنهنجو سک سڪون امن ۽ آجائي جو سنيهو تمام سهڻي نموني لوڪ تائين پهچايو آهي.

(2)

سنڌ ۽ سرائڪي علائقي ۾ سچل سرمست جي سرائڪي شاعري هڪ جهڙي چاه شوق ۽ محبت سان ٻڌي پڙهي ۽ ڳائي وڃي ٿي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهو، سنڌي زبان ۽ سنڌي ثقافت جا، درازا جي ديس کان، ملتان جي مٽيءَ تائين، اثر، رشتا ۽ هڪجهڙائي جا ناتا هئا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سچل نيشنل سيمينار خيرپور 1982 ۾ ڇپيل پنهنجي مقالي ’سچل سرمست جو سرائڪي شاعرن ۾ مقام‘ ۾ لکي ٿو. ”سچل سرمست جي سرائڪي ڪلام جو پڙاڏو گهڻي علائقي ۾ پهتو. سچل جو ڪلام ڪنهن به زبان ۾ هجي، هن جي آواز جي بلنديءَ کيس نمايان ڪيو آهي.“ (صفحو 83)

ڪلاسيڪل شاعرن سماجي مسئلن مان پيدا ٿيل دکن ۽ غمن کي رومانوي رنگ ۾ پيش ڪري عوام سان غمگساري ڪئي آهي. هونءَ به محبت جي ميلاپن جي خوشي ۽ وڇوڙن جا درد پنهنجي ڏيهه ۽ پنهنجي دور ۾ مروج سماجي حالتن جي سوکڙي آهن، انهن سوکڙين کي شاعرن پنهنجي دور مطابق ٿيندڙ شاعري جي رنگ ۾ پيش ڪيا آهن. ماڻهن سان اور اوري انهن جي زخمن تي پها رکيا آهن.

ٻوڙ يا ڀاڄي انساني جياپي جي ضرورت آهي ۽ عشق روحاني غذا آهي. سچل سرمست انهن ٻنهي شين کي ڪهڙي نه خوبصورت انداز ۾ ملائي پيش ڪيو آهي. ماني ۽ عشق هڪجهڙو سماجي مسئلو اهي. سچل ڄڻ اهو ٻڌائڻ چاهيو آهي:

طرفون تيڏي يار پيارل

ڀاڄي عشق دي آئي.

ڊاڪٽر نواز علي شوق سرمست 5/1985 ۾ شايع ٿيل پنهنجي مضمون ”سچل سرمست جي سرائڪي شاعري“ ۾ سندس عشقيه شاعري لاءِ هيئن چوي ٿو ”سچل سائين جي سرائڪي شاعري ۾ سنڌي شاعري وانگر حسن ۽ عشق وارن موضوعن کي وڏي اهميت حاصل آهي“ (صفحو 67) ته وري ٻئي پاسي ڊاڪٽر صاحب سچل سرمست جي عوامي شاعري لاءِ هيئن لکي ٿو ”سچل سائين جي ڪلام ۾ عوامي شاعري جا ڪي نمونا پڻ نظر اچن ٿا، سندس سرائڪي ڪلام ۾ عوامي زبان ۽ محاوره عام جام نظر ايندا.“ (ساڳيو ڪتاب صفحو 68)

ڪلاسيڪل شاعر پنهنجي شاعري ۾ عوامي زبان ۾ عوامي امنگون ان ڪري پيش ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته هنن جو واسطو، رشتو، لاڳاپو ۽ ڪچهري عوام سان ئي هوندي هئي. هنن وٽ وڏيرڪيون اوطاقون نه، پر اوتارا هوندا هئا، جيڪي وڏن ماڻهن سان نه پر، پورهيت پنهوارن سان ڀريل هوندا هئا. هو عوام کي سچ جو، سڪ جو، محبت جو، مساوات جو سبق ڏيندا هئا، سيکاريندا هئا، پر عوامي زبان ۽ عوامي محاورا عوام کان سکندا هئا.

سچل سرمست جي سرائڪي شاعري اديب صديق طاهر پنهنجي اردو مقالي ”سچل سرمست ڪي اردو شاعري“ ۾ سچل سرمست جي سرائڪي شاعري بابت هيئن چوي ٿو ”سرائڪي ادب ۾ حضرت سچل کان اڳ ايڏو وڏو ڪوبه صوفي شاعر نه ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي شاعري جي تمام وسيع ڪينواس تي انساني جذبات ۽ دلي ڪيفيتن جون جيڪي شعري تصويرون ٺاهيون آهن، اهي سرائڪي زبان جي شعري ادب جو لازوال سرمايو آهن.(سچل نيشنل سيمينار خيرپور 1982)

اردو جو مشهور اديب ڊاڪٽر آفاق صديقي اردو زبان ۾ سچل سرمست تي ڪافي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. سچل نيشنل سيمينار ۾ ڇپيل پنهنجي هڪ مقالي ”سچل سرمست ڪا سرائڪي ڪلام“ ۾ لکي ٿو، حقيقت هي آهي ته سچل سرمست جي سموري شهرت ۽ مقبوليت جو انحصار سنڌي ۽ سرائڪي شاعري تي آهي، جيڪا شاعري ۽ موسيقي جي ملي جلي ڪيفيت جي لحاظ کان سدا بهار ار مغان سوزو سرور آهي. (صفحو 150)

هن ملڪ ۾ سرائڪي چئني صوبن يعني سنڌ بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب ۾ ڪافي تعداد ۾ ماڻهو ڳالهائن ۽ سمجهن ٿا، ان ڪري سچل سرمست کي سرائڪي زبان جي حوالي سان پاڪستان ۾ عوام توڙي اديبن مان ڪافي تعداد ۾ ٻڌو، پڙهيو ۽ سمجهيو ۽ ڳايو آهي. سموري پاڪستان ۾ سچل سرمست شاعر جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هن ملڪ جا تمام گهڻا ماڻهو سندس ههڙيون ڪافيون جهونگارين ٿا:

اکيان باز عقاب سهڻي ديان- شور گهتن شهر زوريان

مست هون مستانيان ڏوهين- ڏاڍي ڪيف ڪڪوريان

سچل سرمست جهڙو شاعر هجي- محبوب جي اکين جي ڀيٽ شينهن سان هجي ۽ هجي به سرائڪي جهڙي سريلي ۽ رسيلي زبان ۾ ته شاعري جي دنيا ۾ هڪ لازوال ۽ بي مثال نينهن جو نغمون جڙي ٿو.

عالم ڪون ٿا شير جهنگل دا، ماريه يا وت کاوي

ميڪون شير اکين دي کاڌا، تنهن ڪنون ڪون ڇڙاوي

اکين کان پوءِ پرين جي ڪارن وارن تي سرائڪي ڪافي ۾ سچل سرمست جو هي موهيندڙ انداز آهي.

ڇلي ڇي وال سهڻي دي، نانگ بشيهر ڪالي

عاشق ٻانهان ٻڌ کڙو تا، ويک ڪي صورت والي

عشق اسانون علم تسانون نال اسان ڪيون ٺهين ٺهين.

(3)

سچل سرمست جو هي رايو انهن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن لاءِ آهي، جيڪي علم جي مفهوم کي محدود ڪن ٿا، جيڪي علم جي مقصد کي سوڙهو ڪن ٿا، جيڪي علم کي فقط پنهنجي ذات گروهه پنهنجي طبقي لاءِ استعمال ڪن ٿا، علم جي عالمي مفهوم ۽ مقصد کي لڪائن ٿا، سوچ ۾ تنگ نظر آهن، نظريي ۾ ڪٽر آهن. علم سان عشق جو گڏ نه هجڻ، علامت آهي، اهو عالم جنهن وٽ علم ته آهي پر سچائي ڪونهي ايمانداري ڪونهي، عمل ڪونهي، بهادري ڪونهي، بيباڪي ڪونهي، ان ڪري اهڙا دل ۽ دماغ جا سوڙها پڙهيل ڳڙهيل حلقا انهن عالمن سان ڪڏهن به نه ٺهندا آهن، جن وٽ علم سان گڏ عشق يعنيٰ سچائي ايمانداري، بهادري، بيباڪي آهي، جيئن سچل سرمست وٽ سورهيائي ۽ سوچ جي اورچائي آهي. سچل سرمست به پڙهيل ڳڙهيل آهي، پر ڪٽر ناهي، سچل سرمست جو علم جڏهن عشق سان هٿ ملائي ٿو جڏهن سچل سرمست جي سوچ رابيل ۾ گلابن جي خوشبوءِ سان سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي شاعري ۾ ظاهر ٿي پڙهندڙ ٻڌندڙ کي مُعطر ڪري ٿي.

عطر عنبير جو لاکڙيس، اڄ يار ميڏي گهر آيا

اٿڻ ٻهڻ سڀ نال اهين دي ڪنهن تار مد ريجهايا

سچل سرمست 1829 ۾ لاڏاڻو ڪيو ۽ انگريزن 1843 ۾ سنڌ فتح ڪئي، ظاهر آهي ته لشڪر ڪشي جي تياري گهڻو وقت اڳ ڪئي وئي هوندي، سچل سرمست فرنگي حرڪتن کي محسوس ڪري ورتو هو پنهنجي رومانوي شاعري ۾ ان اهم ۽ خطرناڪ مسئلي ڏانهن ڪهڙي نه خوبصورت انداز ۾ ڌيان ڇڪايو اٿس، سرائڪي ٽيهه اکري جو هڪ بند آهي.

فوجان حسن ديان چڙهه پيان

جيوين چڙهي سپاه فرنگيان دا.

جيئن ته ان دور ۾ سڌو سنئون شاعري ۾ سماجي مسئلا بيان ڪرڻ جو رواج نه پيو هو. پر جيئن ته ڪو به باشعور شاعر سماجي مسئلن ۽ مونجهارن کان اک ٻوٽ نٿو ڪري سگهي. ان ڪري سچل سرمست جهڙن ساڃاه وارن شاعرن صوفيانه ۽ عشقيه مضمونن ۽ رنگن ۾ وطن جي حب ۽ لوڪ جي غمن کي پيش ڪيو آهي. مذڪوره بند ان جي شاهدي آهي. هونءَ ته سچل سرمست سنڌي ۾ سرسارنگ ۾ وطن جي حب جو سڌو سنئون به اظهار ڪيو آهي مثال طور:

سچل سائي سنڌ جي، وري ورتاؤن واٽ

جهڙ ڦڙ جهلي آئي، جهٽڪو ڏيئي جهاٽ

وسي پيا وڏڦڙا، گهيڙ پسائي گهاٽ

لاٿي اڃ اساٽ، سارنگ سنگهارن جي.

رومانوي رنگ ۾ جنگ جا جوکا پيش ڪرڻ سچل سرمست جوئي ڪمال آهي. سچل سرمست کي جنگ جي تباه ڪاري جو نه رڳو شعور هيو پر تاريخ جي حوالي سان دنيا جي ڪجهه حصن ۾ بربادي مچائيندڙ ڪن ملڪن جي لشڪرن جي به معلومات هئي. سندس سرائڪي شعر ۾ ان جو اظهار هن ريت آهي.

قابو نين سياهه ڪون پوون

جوڙ ڏٺاسين جنگيان دا

انهان نال برابر ڪيوين ڪري

سچل لشڪر روميان زنگيان دا

محبت مرد کي متوالو ۽ منڌ کي متوالي بڻائيندي آهي، اهي عشق جا اسرار آهن. اهي روح جا راز آهن، اهي الفت جا آواز آهن. سچل سرمست جي من ۾ به متواليون هيون ڇاڪاڻ ته هو ننهن کان چوٽي تائين ”عشق“ هو. هو جسم ۾ ۽ روح ۾ ”نيهن“ جو درياه هو، هو شاعر هيو محبت جو، هن جي سنڌي يا سرائڪي ۾ عشقيه شاعري وڏ ڦڙي وانگر ورقن تي وسندي رهي.

رنگ گهرا متواليان دا- آون رل ته سير تماشڙي ني

چناه دي ووڪناري ناز ٽرن

ڪر هار سينگار سي خاص اڙي ني

سچل سرمست جو سريلي سرائڪي ۾ هي انداز به موهيندڙ آهي.

رخ پيا رنگ رنگ اتي، اٿئي موج کڙي

ڇوليئن ڇول پئي

خس خار اتان وڏا ڏنس

بدنيڪ ڳئي سارا بحر وچون

وحدت الود جود فلسفو جيترو سنڌي شاعرن تمام سولي ۽ سريلي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. اوترو شايد ٻي ٻولي جي ڪنهن به شاعر پيش نه ڪيو هجي؛ ڇاڪاڻ ته وحدت الود جود جي مفهوم مطابق سنڌي لوڪ ازل کان وٺي انسان کي اللہ جو اولڙو سمجهيو آهي۽ ظالم کان سواءِ هر انسان کي اهو ڪهڙو به رنگ نسل، ٻولي ڪلچر ڌرتي ۽ ديس جو هجي، ڀا5 سمجهيو آهي. ان ڪري اهو فلسفو سندن پنهنجي روح جي فلسفي وانگر رڳ رڳ جو راڳ ٿي نڪتو آهي.

(1)

ذات صفات هڪائي آهي، ڀول نه گهتين ڀولي

سوئي اندر سوئي ٻاهر، سوئي تيڏي چولي

(2)

سراپا سوئي وسدا سڀ ڪجهه يار ڪريندا

جيها اِٿان تيها اُٿا ڇوڙگمان گهريندا

(4)

سچل سرمست جي سرائڪي ڪلام بابت هندور جر تمام وڏي شاعر شيخ اياز جو رايو آهي  ته ”هن جي سرائڪي ڪلام ۾ جا شهد (ماکي) جي خوشبو آهي، جا موم جي خوشبو آهي، جا تصوف جي خوشبو آهي سا هن جي ٻئي ڪلام ۾ نه آهي،“ (سچل نيشنل سيمينار خيرپور مارچ 1972 ۾ ڇپيل مقالو سچل سرمست جي هڪ سرائڪي سٽ. ”چرخي چت نالگندا“ (صفحو 110)

شيخ اياز سرائڪي جي جنهن سٽ جو ذڪر ڪيو آهي اها آهي، چرخي چت نا لگدا، هڻ ڪيوين آتڻ آوان سنئيان“

ان دردناڪ ۽ مايوس ڪن سٽ ۾ جيئڻ ڪارڻ وڏا وس ڪندڙ هڻ مارڪندڙ ان ٿڪل ٽٽل فرد جوذڪر آهي. جنهن کان سندس پرين وڇڙي ويو آهي يا هڻ مارجو ڪو به روحاني يا مادي مناسب سلو يا اجورو ڪونهي، اها غمناڪ سٽ شايد ٻي ٻولي ۾ اهو تاثر نه ڇڏي ها. اهو احساس سچل سرمست کي شايد هيو، ان ڪري ئي ته هن اهڙو سور ۽پور وارو خيال سرائڪي ۾ ظاهر ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سرائڪي زبان ۾ هر خيال خوبصورتي سان پيش ڪري سگهجي ٿو، پر انساني من جي غمناڪ ۽ حسرت ڀري ڪيفيت جو اظهار سرائڪي ٻولي ۾ وڌيڪ متاثر ڪن ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي وانگر سرائڪي ٻولي ۾ دنيا جا ۽ معصوم آواز وڌيڪ گهائيندڙ ٿين ٿا.

سرائڪي ۽ اردو زبان جو مشهور اديب ڊاڪٽر مهر عبدلحٰق سچل سرمست نيشنل سيمينار خيرپور مارچ 1972 ۾ ڇپيل پنهنجي اردو مقالي ”نگڙانماڻي دا“ ۾ سچل سرمست جي سرائڪي شاعري لاءِچوي ٿو:-

”سچل سرمست جي شاعري وساميل دلين جي رک ۾ آفاقي محبت جون چنگاريون لڪائي نه رکي ها ته انسانن جي بي ڪيف و سرور جهان ۾ شعله عشق جي حيات بخش حرارت ڪڏهن به پيدا نه ٿي سگهي ها.“ (صفحو 138)

جڏهن سماج ۾ ”تون“ ”مان- تنهنجو- منهنجو“ ذات پات جون نفرتون وڌن ٿيون، پکڙن ٿيون ته شاعر انهن کي هڪ ”انسان جي صورت ۾ هيئن ميسارڻ چاهي ٿو:

تاب ڪنون بي تاب سنئيان مين تاب ڪنون بيتاب

نان مين گويا نان مين جويا، نان مين سوال جواب

نان مين خاڪي نان مين بادي نان مين آگ نه آب

نان مين حبني نان مين ايسي اناي مائي نان باپ

نان مين سني نان مين شيعه نان مين ڏوه ثواب

ذات سچل دي ڪڀي پڇين نالي تي ناياب

اهڙي با مقصد ۽ مفهوم واري شاعري سنڌي سماج تي پنهنجا ڀرپور اثر ڇڏيا، اهو ئي سبب آهي جو سنڌي عوام جو مزاج صوفيانه آهي. سندس دل ۽ دماغ ۾ ناحق کي ناپسند ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪنهن به قسم جي نفرت ڪونهي

اردو جو مشهور اديب، استاد ۽ دانشور پروفيست ڪرار حسين جو رايو آهي ته ”هي سچل جو روحاني ماحول هيو، اسان هن کي سنڌي روايتن م شاهه لطيف جو وارث ۽ سرائڪي روايتن ۾ سلطان باهو ۽ خواجه فريد جي وچ واري ڪڙي چئي سگهون ٿا.“ (سچل نيشنل سيمينارخيرپور مارچ 1982۾ ڇپيل مضمون ”سچل- تاريخ تصوف شعر (صحفو 173۽184)

غضنفر مهدي سرائڪي زبان جو وڏو اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد آهي، اردو جو به ڄاتل سڃاتل ليکڪ آهي سچل نيشنل سيمنيار خيرپور مارچ 1982۾ هن جو مقالو سرائڪي زبان ۾ ڇپيل آهي، جنهنجو عنوان آهي. ”سرائڪي داسطان- حضرت سچل سرمست“ ان ۾ هو لکي ٿو ته ”اگر ناقدان جائزه گهنون تان سنڌي ٿون زيادءَ سچل سرمست  سرائڪي دي وڏي شاعر معلوم ٿيندا اي“ سچل سرمست نون زياده ڪهين سرائڪي شاعري دي محاورات ته ضرب الا مثال نال سرائڪي زبان وادب دي ذخيري وچ اضافه نهين ڪيتا“ (صحفو215) هو ساڳي مضمون ۾ وڌيڪ هيئن چوي ٿو ”سچل سرمست سرائڪي ادب دي بهون وڏي محسن هِن“ سچل سرمست جو سرائڪي شاعري ۾ ايئن شمار ٿئي ٿو، جيئن سچل سرمست جو سنڌي ادب ۾ مقام آهي.

سچل سرمست هڪ ته مختلف زبانن ۾ شاعري ڪئي ۽ ٻيو رومانوي رنگ ۾ سماجي سور ۽دنيا جا دک پيش ڪيا ۽ ٽيون ته مساوات وارو صوفيانه فلسفو وڏي بهادري ۽ بيباڪي سان ظاهر ڪيو. ان ڪري سچل سرمست جو سنڌي شاعري سرائڪي ادب ۽پاڪستان جي علمي دنيا ۾ هڪ الڳ ۽ منفرد مقام آهي.

سرائڪي زبان ۾ ههڙي با معنيٰ با مقصد، فلسفيانه فهم واري موسيقي سان ڀرپور پيار جي پيغام سان ڀريل شاعري  کي ڪيئن نه ان جي ادبي تاريخ ۾ درجو ملندو، اهميت ملندي حيثيت ملندي:

روز ازل استاد اسان نون هڪ سٽ پريت دي پاڙهي

ساوت دل تي تختي اُتي چاه ڪنون لِک چاڙهي

سچل عشق ٻڍا نه ٿيوي، ڪيا جي چٽي ڏاڙهي

 

حوالا ۽ مددي ڪتاب

(1) سچل  نيشنل سيمينار خيرپور مارچ 1982

(2) رسالو سچل سرمست- عثمان علي انصاري

(3) سچل سرمست جو سرائڪي ڪلام- محمد صادق راڻيپوري

(4) سچل جو سنيهو- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

(5) سچل لغات- ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

(6)سرمست 5/ 1985 سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور

(7) 8/1988  

(8) 9/1989

(9) 4/1984 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com