سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :12

 

شيخ عبدالمجيد سنڌي- هڪ تحريڪ

 

خان محمد پنهور

شيخ عبدالمجيد سنڌي جو جنم 7- جولاءِ 1889ع مطابق 8- ذوالقعد 1304هه آچر ڏينهن تي سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي ۾ ٿيو. سندس وڏا اصل سيوهڻ مان لڏي ٺٽي ۾ اچي ويٺا هئا. سندن نسب نرياڻي پاڙي سان آهي. سندن والد جو نالو ليلارام هئو، جيڪو ان وقت روينيو کاتي ۾ ملازم هئو. سندس والده جو نالو ليلان هئو. سندن گهر ٺٽي شهر جي تندسر محلي ۾ هئو، جتي ليلارام ۽ سندس ٻه ڀائر ڪٽنب سميت رهندا هئا. شيخ عبدالمجيد جو اصل نالو ڄيٺانند هئو، پاڻ پنهنجي والدين جو چوٿون ٻار هئو. سندس وڏي ڀيڻ اڳئي گذاري وئي هئي. ٻي وڏي ڀيڻ جو نالو ڪرشنا هئو، جڏهن ته سندس وڏي ڀاءُ جو نالو گيانچند هئو. شيخ صاحب کي ٺٽي جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ پهرئين ڪلاس ۾ داخل ڪيو ويو. ستت ئي ديوان ليلارام کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ ديوان ٽلومل سان گڏ ڪراچي وڃڻو پيو. ڇاڪاڻ ته روينيو کاتي جي ملازمت مان رٽائر ڪرڻ کانپوءِ کيس ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ تپيداري ڏني وئي. ڪراچي ۾ سندس رهائش کارادر جي علائقي ۾ هوندي هئي. ڪراچي ۾ شيخ صاحب کي بولٽن مارڪيٽ جي هڪ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. ان عمارت ۾ اڄڪلهه انسپيڪٽوريٽ آف اسڪولز جي آفيس آهي. شيخ صاحب اسڪول ۾ پنهنجي ڪلاس ۾ تمام هوشيار، محنتي ۽ پابند شاگرد هئو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ پليگ جي بيماري اچي منهن ڪڍيو، جنهن ڪري ڪيترائي موت ٿيا. ان حالت ۾ ماڻهن ڪراچيءَ مان لڏڻ شروع ڪيو. شيخ عبدالمجيد جا ٻه سئوٽ پڻ ان وبا جو شڪار ٿي گذاري ويا. هينئر سندس خاندان کارادر ڇڏي باٿ آئلينڊ ۾ هڪ جڳهه ۾ منتقل ٿي ويو. ان وقت ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ ٺٽي جي عاملن جو وڏو اثر رسوخ هئو. انهن ڪراچي ۾ پنهنجي جدا ڪالوني پڻ جوڙائي جيڪا اڄ به ”ٺٽائي ڪمپائونڊ“ جي نالي سان مشهور آهي. ديوان ليلارام جيئن ته مذهبي لوڙهه رکندڙ هئو، ان ڪري ماڻهو کيس ساڌو ڪري ڪوٺيندا هئا. جڏهن پليگ جي وبا تمام گهڻي پکڙجي وئي ۽ ان وبا شيخ صاحب جي خاندان کي به پنهنجو نشانو بنايو، تڏهن ديوان ليلارام پنهنجي ٻنهي فرزندن گيانچند ۽ ڄيٺانند (شيخ عبدالمجيد) کي پنهنجي ڀيڻوئي ديوان ايسرداس وٽ ميرپورساڪري موڪلي ڇڏيو، جيڪو ان وقت اتان جو مختيارڪار هئو. ديوان ايسرداس، ڪراچي ميونسپالٽي جي پهرئين پريزيڊنٽ ديوان ٽهلرام ايڊوڪيٽ جو ڀاءُ هو.

تعليم:

ميرپورساڪري ۾ ٻئي ڀائر ڪجهه عرصي تائين تعليم حاصل ڪندا رهيا، جتان وري کين ٺٽي ۾ اچڻو پيو ۽ اسڪول ۾ داخلا وٺڻي پئي. ديوان ليلارام سنه 1905ع ۾ وفات ڪري ويو، جنهن ڪري سندن ڪٽنب جي پالنا جو بار سندس ڀائرن ۽ ڀيڻوي جي ڪلهن تي پيو. سنه 1905ع ۾ شيخ صاحب جي وڏي ڀاءُ کي ڪراچي ميونسپالٽي ۾ نوڪري ملي وئي، جنهن ڪري شيخ صاحب کي پڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪراچي وڃڻو پيو، جتي کيس اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ڇهين جماعت ۾ داخل ڪرايو ويو. اين جي وي اسڪول جي عمارت ان وقت موجوده ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي عمارت ۾ هوندي هئي، جتان ڪافي عرصي کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي عمارت واقع بندر روڊ تي منتقل ڪيو ويو-(1)

مذهب لاءِ اُنس:

شيخ عبدالمجيد سنڌي جي طبيعت جو لاڙو ننڍپڻ کان وٺي حق جي ڳولا طرف رهندو هو. هميشه پنڊتن ۽ بزرگن جي مجلسن ۾ صحبتن جو خواهشمند هوندو هو. هيٺيان ٽي واقعا سندن زباني ٻڌل، مٿين حقيقت جي ثبوت ۾ پيش ڪجن ٿا:

1- ننڍي هوندي جڏهن اسڪول ويندو هو ته بي تحاشا ماڻهو مسڪين شاهه عليه الرحمت جي مقبري جي ڀر ۾، بنان سمجهه ۽ ويچار جي بيٺا هوندا هئا. هو ان هن طرف ڏسي پوءِ اڳتي وڌي ويندو هو.

(1) Shaikh Abdul Majeed Sindhi, life & achievement by Khan Mohammad Panhwar

2- هڪ دفعي هندن جي ٻن فرقن، سناتن ڌرم ۽ آريا سماج جي وچ ۾ مذهبي بحث مباحثي لاءِ سميلن ڪٺو ٿيو، جنهن ۾ هي به ويو. اتي ڏٺائين ته ٻئي طرف هڪٻئي تي سخت نڪته چيني ڪري رهيا هئا، جا ڳالهه هن کي پسند نه آئي ۽ غمگين ٿي گهر پهتو، سندس وڏي ڀيڻ هن کان ان جو سبب پڇيو. پاڻ حقيقت ٻڌائي چيائين ته مذهبي ڳالهين ۾ هڪ ٻئي کان جدا راءِ رکڻ تي خطا ڪرڻ نيڪ ڪم نه آهي. ڏسو مسلمان جدا مذهب رکن ٿا. پوءِ انهن کي برو ڀلو چئبو ڇا؟ سندس ڀيڻ جواب ڏنو ادا ٺيڪ ٿو چوين، هر مذهب ۾ پنهنجيون خوبيون آهن. مسلمانن ۾ به ڪي عمديون ڳالهيون آهن. ڀيڻ جي اها ڳالهه کيس ڏاڍي وڻي.

3- هڪ دفعي کيس ٻه ڪتاب مليا بائيبل ۽ قرآن، اهي وڃي ميز تي رکيائين ۽ پڙهڻ لڳو. هندو ڇوڪرا قرآن ڏسي مٿائنس کلون ڪرڻ لڳا ته تون مسلمان آهين، جو اهو ڪتاب رکيو اٿئي. سندن اهڙي بيجا روشن تي سندس دل ۾ سخت ردعمل پيدا ٿيو.

مسلمان ٿيڻ:

شيخ عبدالمجيد سنڌي ننڍپڻ کان وٺي ئي حق ۽ سچ جو ڳولائو هو. سندس گهراڻو حالانڪ مذهبي قسم جو هئو، پر تنهن هوندي به ٻارن کي ڪا باقائده مذهبي تعليم نه ڏني ويندي هئي. سندن خاندان اصل سناتن ڌرم جو پوئلڳ ليکيو ويندو هو، پر عملي طور سڀئي آريه سماج جا پوئلڳ هئا. بهرحال مذهبي تعليم نه هئڻ جي باوجود شيخ صاحب پنهنجن هڪ جيڏن سان گڏجي مندرن ۾ ويندو هو. اتي پوڄاپاٺ ڪندو هئو. سندس طبيعت ۾ اسلام ڏانهن لاڙو اسڪول جي زماني کان ئي ٿيو. اسڪول ايندي هڪ مسلمان بزرگ مسڪين شاهه جي درگاه وٽ بيهي رهيو. هڪ ڏينهن پنهنجي هڪ ساٿي نهلچداس (جيڪو اڳتي هلي سنڌ وزارت ۾ شامل ٿيو) سان گڏ اچي رهيو هئو ته واٽ تي هڪ شخص کي نماز پڙهندي ڏٺائين، نماز دوران ان شخص جي اٿڻ، گوڏن تي هٿ رکڻ، سجدو ڪرڻ ۽ سلام ورائڻ جي طريقي شيخ صاحب کي متاثر ڪيو. ان وقت ٺٽو شهر بزرگن ۽ پيرن جو مرڪز هئو. اڄ به چيو وڃي ٿو ته ٺٽي ۾ سوا لک پيرن ۽ ولين جو مزارون آهن. انهن ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ هڪ هندو فقير پڻ رهندو هئو، جنهن لاءِ چيو ويندو هئو ته هو مسلمانن جي هوٽل تي ماني کائيندو هئو، کين شهر جا ڇوڪرا مجذوب سڏيندا هئا. هڪ ڏينهن شيخ صاحب پنهنجي سنگتي نهلچداس سان گڏ اچي رهيو هئو ته واٽ تي اهو مجذوب لنگهندي کين نظر آيو. شيخ صاحب کيس سڏ ڪري کيسي مان هڪ پائي ڏيندي چيو ته ”ڇا منهنجي لاءِ دعا نه گهرندين؟“ فقير کيس ورندي ڏني ته هو ائين ڪندو. شايد اها دعا ئي هئي، جنهن شيخ صاحب کي اسلام طرف آندو. تن ڏينهن اسڪولن ۾ فارسي زبان پڻ پڙهائي ويندي هئي. شيخ صاحب جڏهن چوٿين جماعت ۾ پهتو ته کيس حڪايت ۽ ڪريما پڙهڻ جو موقعو مليو. سندن فارسيءَ جو استاد ديوان نرملداس هئو، جيڪو عربي ۽ فارسي4 جو وڏو ڄاڻو پڻ هو. جنهن کي اسلام ۽ ٻين مذهبن بابت ڪافي ڄاڻ هئي ۽ ماڻهو کيس صوفي سڏيندا هئا. ڪريما پڙهائيندي ديوان نرملداس شاگردن کي اسلام ۽ رسول ڪريم صعلم جن بابت ٻڌائيندو هو. جنهن کان پڻ شيخ صاحب متاثر ٿيو-[1]

سنڌ ۾ هزارين ورهين کان مذهبي رواداريءَ جو سبق ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن، هندو يوگين ۽ مسلمان صوفين جي ذريعي عام دلين تي ويهاريل هئو، ليڪن هن زماني ۾ سياسي اثر هيٺ، سماج هڪ طرف هندو مذهب کي زور وٺائڻ لاءِ ڀرپور پرچار ڪرڻ لڳا هئا ته ڪن مسلمان عالمن وري انهن جي رد ۾ تبليغ شروع ڪري ڏني هئي. جيئن ته هيءَ هندو گهر ۾ پيدا ٿيو هو، تنهن ڪري سندس دل ۾ اتي جي ماحول خلاف ردعمل پيدا ٿيڻ لڳو.[2]

اهو سال 1908ع هو، جڏهن ديوان گيانچند کي لڪي لڪي نماز پڙهندو ڏسي شيخ صاحب جي ساڻس اسلام جي موضوع تي پهرين گفتگو ٿي. ديوان گيانچند کيس آڪٽراءِ انسپيڪٽر تاج محمد سان ملايو، جيڪو اسلام جو زبردست مبلغ هئو. ميان تاج محمد، شيخ صاحب کي پهرين عملي طور اسلام جي خوبين کان روشناس ڪرايو، جنهن هن جو قلب روشن ڪري وڌو ۽ پاڻ صدق دل سان ڪلمه طيب پڙهي مسلمان ٿيو. مگر جيئن ته هندن جو ان زماني ۾ زور عروج تي هئو، تنهنڪري شيخ صاحب اسلام کي قبول ڪرڻ واري عمل کي صيغه راز ۾ ئي رکيو. هي اهو ساڳيو وقت هئو جڏهن حيدرآباد ۾ شيخ عبدالرحيم سنڌي نه فقط پاڻ دائري اسلام ۾ اچي چڪو هو، مگر ڪيترن ٻين تعليم يافته هندن پڻ سندن هٿ تي اسلام آندو هو. انهن ۾ هڪ ڊاڪٽر شيخ محمد يعقوب به هئو، جيڪو ان وقت ڪراچي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر هئو.

چند ڏينهن گذرڻ بعد شيخ عبدالمجيد جي ڪٽنب وارن کي مٿس شڪ ٿيڻ لڳو ”ڇاڪاڻ جو هنن سندس عادتن ۾ فرق محسوس ڪيو“. اهڙي صورتحال جي ڪري اهو محسوس ڪيو ويو ته کيس مائٽاڻي ماحول مان ڪڍي حيدرآباد ۾ شيخ عبدالرحيم وٽ پهچايو وڃي. هيڏانهن حيدرآباد ۾ اها حالت هئي جو شيخ عبدالرحيم تي هندن طرفان اڳ ۾ ئي ٽي ڪيس هلي رهيا هئا، جنهن ۾ مٿس عامل ڇوڪرن جي اغوا جو الزام لڳايو ويو هو. اهي نوجوان هئا، شيخ عبدالسلام، شيخ عبدالقدوس ۽ شيخ عبدالله، شيخ عبدالرحيم کي ايڏو ته پريشان ڪيو ويو هو جنهن جو ڪو حساب ئي ڪونهي. شيخ عبدالمجيد کي رات جي اونداهيءَ ۾ ٺوڙهي چاڙهي قريب قاضي امام علي چاڙهيءَ واري مسجد جي پيش امام خليل احمد وٽ پهچايو ويو. جنهن کيس مسجد جي هجري ۾ پناهه ڏني. مگر آسپاس هندن جا گهر هئڻ سبب هجري ۾ ڏئو ٻارڻ به مصلحت جي خلاف هو.

هندن ان وچ ۾ شيخ صاحب جي تلاش ۾ ڪراچي، حيدرآباد جي ڪنڊ ڪڙڇ جي خاڪ ڇاڻي وڌي، جيڪي به انهن ٻنهي شهرن ۾ مسجدون ۽ مدرسا هئا. اُتي اڪثر سندن جاسوس چڪر ڪاٽيندا وتندا هئا، آخر وري به رات جي خاموشيءَ ۽ اونداهي جو فائدو وٺي کيس ٺوڙهي چاڙهيءَ کان جامع مسجد صدر حيدرآباد ڏانهن متقل ڪيو ويو، جيڪا جاءِ وري به سلامتيءَ واري سمجهي وئي. اتي ڪجهه ڏينهن جي قيام بعد هڪ رات جو کين مرحوم شيخ عبدالغفور ”الحق“ اخبار واري اچي اطلاح ڏنو ته صلاح اها ٿي هئي ته شيخ صاحب کي لاهور پهچائجي، ڇالاءِ جو هندن طرفان کين ڳولڻ جون ڪوششون تيز ٿي چڪيون هيون ۽ هنن پوليس ۾ به رپورٽ درج ڪرائي هئي، جيڪا هندن جيپوري مدد ڪري رهي هئي. لاهور ۾ شيخ عبدالغفور کي شيخ عبدالرحيم تي ٿيل ڪيس جي سلسلي ۾ ڪو وڪيل به  ڪرڻو هئو، جو حيدرآباد ۾ هندن جي زور ۽ اثر سببان ڪو به وڪيل سندن مدافعت جي جرئت نه ڪري رهيو هو، لاهور جو نامور وڪيل شهاب الدين جيڪو پوءِ سپريم ڪورٽ جو جج به بنيو. شيخ صاحب جو وڪيل ٿيڻ قبول ڪيو. شيخ عبدالمجيد صاحب کي وري لاهور کان لڌيانه ۾ شيخ احمد نالي هڪ معمولي تاجر وٽ آندو ويو، جنهن کيس مسجد جي هجري ۾ رهائڻ جو اهتمام ڪيو، مگر هتي شيخ صاحب جي طبيعت ڪجهه ناساز ٿي پئي ۽ مستقل سفر، اونداهن هجرن ۾ رهائش ۽ خوراڪ جي ڪمي کين هيڻو بنائي ڇڏيو. آخر پاڻ ٽرين جي ٿرڊ ڪلاس ۾ سوار ٿي واپس ڪراچي پهتا ۽ جهونا مارڪيٽ ۾ مشهور غلام محمد پشوري جي هوٽل جي هڪ ڪنڊ ۾ بستر وجهي رهڻ لڳا. ان وچ ۾ صلاح بيٺي ته سندس عمر جو سرٽيفڪٽ ڪڍائجي ڇا لاءِ جو ڪيس سندس عزيزن داخل ڪرايو هئو، تنهن ۾ کيس صغير سن ڄاڻايو ويو هو.

سرٽيفڪٽ حاصل ڪرڻ لاءِ کين ڪراچي سول اسپتال وڃڻو پيو ۽ جيئن ئي ڊاڪٽري تپاس ڪرائڻ بعد پاڻ اسپتال کان ٻاهر اچي رهيا هئا ته سامهون ”ٺٽئي ڪمپائونڊ“ مان نڪرندي سندن چاچي ٽلومل جي مٿن نظر پئجي وئي، تنهن ڊوڙي اچي کيس ڀاڪر ۾ قابو ڪيو، پوڙهي ماءُ جيڪا پٽ جي وڇوڙي سبب پريشان هئي، انجي محبت ۽ شفقت جا واسطا وڌائينس ته واپس گهر هلي. مگر شيخ صاحب جيڪو اسلامي جذبي سان سرشار ٿي چڪو هئو، سو ڪٿي ٿو دنيا جي لاڳاپن کي دين تي ترجيع ڏئي سگهي. چاچي جي گرفت مان زبردستي جند ڇڏائي شيخ صاحب ڊوڙندو اچي جهونا مارڪيٽ پهتو، جتان وري کيس کڏي ۾ حضرت مولانا عبداللہ ۽ سندس فرزند حضرت مولانا محمد صادق جن جي سنڀال هيٺ ڏنو ويو. کڏو هميشه مسلمانن جو مرڪز پئي رهيوآهي. تسلي اها هئي ته چمن محله ۾ ڪم از ڪم هندن کي اچڻ جي جرئت نه ٿيندي، ان وچ ۾ مولانا موصوف جي رضا تي 8 فبروري 1908 تي شيخ صاحب جن کي سنت وهاري باقاعده مسلمان ڪيو ويو. سندن صبر جي آزمائش لاءِ اتفاق اهڙو بنيو جو سندن حالت ضعيف ٿي رهي هئي ته ٻئي طرف سٽي ڊپٽي ڪليڪٽر جي وارنٽ سان هڪ گورو ايس پي اٽڪل ڏيڊ سئو پوليس وارن جي لشڪر سان سڄي کڏي کي گهيرو وجهي رهيو هو. غرض ته شيخ صاحب کي لڪايو ويوهو. اُتي کين پوليس جي پهري سبب ڪا به طبي امداد پهچي نٿي سگهي ۽سندن حالت هر گهڙي وڌيڪ ڪمزور ٿيندي وئي. ٻي ڪا واهه نه ڏسي شيخ صاحب جن بارگاه ايزدي مان دعا گهري پروردگار جيڪڏهن منهنجي زندگي اهل اسلام جي خدمت لاءِ ڪارگر بڻجڻي هجي ته مونکي صحت بخش، نه ته مونکي ترت موت ڏي . هن عذاب کان نجات ڏي ”اللہ جو شان، هيڏانهن شيخ صاحب دعا گهري ۽ هوڏانهن رت پاڻيهي بند ٿي ويو“. هيءِ اهڙي پرتا هئي، جنهن مان اهو اشارو ٿي مليو ته قدرت هن مرد قلندر کي اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت لاءِ منتخب ڪيو آهي. صحتياب ٿيڻ شرط کين اٺ تي سوار ڪري سمنڊ جي ڪناري تان پوليس گهيري کان ٻاهر آڻي ڪياماڙي کان ڦيرائي اچي اسٽيشن تي ٽرين ۾ سوار ڪيو ويو، جتان کين لاڙڪاڻي پهچايو ويو. هتي ضلع مئجسٽريٽ وٽ سندن بيان ڏياري عمر جو سرٽيفڪيٽ رڪارڊ تي رکايو ويو. ان دوران مرحوم رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي ولايت مان بئريسٽري پاس ڪري حيدرآباد ۾وڪالت شروع ڪري ڏني هئي. شيخ صاحب کي رئيس موصوف جي طلب ڪرڻ تي حيدرآباد پهچايو ويو. جتان رئيس سٽي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪراچي کي هڪ خط جي ذريعي اطلاح ڏنو ته شيخ صاحب سندس تحويل ۾ آهي ۽ ڪيس جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي، جيئن کيس عدالت ۾ پيش ڪجي. مقرر تاريخ تي جڏهن شيخ صاحب کي ڪورٽ ۾ آندو ويو، تڏهن هزارها هندو ۽ مسلمان ڪورٽ جي ٻاهران جمع ٿي ويا ۽ امن و امان جي مسئلي سبب پوليس جي به هڪ وڏي جمعيت ڪورٽ ۾ موجود رکي  وئي هئي. ٻنهي طرفان زبردست دليل بازي هلي ۽ باوجود عمر جي سرٽيفڪٽ ڪورٽ شيخ صاحب کي مقدمي جي دوران مائٽن جي تحويل ۾ ڏيڻ  جو فيصلو ڪيو. بازي هٿن ما ويندي ڏسي رئيس ڀرڳڙي اتهائي جرئت کان ڪم وٺندي ڪورٽ کي چلئج ڪيو ته هو هڪ بئريسٽر جي حيثيت ۾ پنهنجي مؤڪل جي تحويل جي پوري ذميواري پاڻ تي هموار ڪرڻ لاءِ تيار هو. پوءِ ڪورٽ ڪهڙي قانون هيٺ ڇوڪري جي مرضيءَ جي خلاف کيس زبردستي مائٽن جي حوالي ٿي ڪيو.

رئيس جي انهيءَ اعلان مئجسٽريٽکي پنهنجي فيصلي بدلڻ تي مجبور ڪيو ۽ شيخ صاحب کي هن وٽ رهڻ جي اجازت ڏني وئي. مسلمانن جي انهيءَ جوش جي ڪري هندن ڪيس مان دلچسپي ڇڏي ڏني ۽ شيخ صاحب آزاديءَ سان مسلمان جي حيثيت ۾ سنڌ مدرسة السلام ۾ تعليم وٺڻ شروع ڪئي“_ [3]

شادي ۽ اولاد:

1912ع ۾ ريشمي رومال واري سازش ۾ شيخ صاحب کي فرنگين طرفان قيد ياترا جو پهريون موقعو ميسر ٿيو. ڊفينس آف انڊيا رولس تحت 1919ع تائين رتناگري (پوني نزديڪ) جيل ۾ کيس سختيون سهڻيون پيون. جيل ما ڇٽي اچڻ بعد حيدرآباد پهچڻ تي سندس شادي علي بخش جي نياڻي سان ڪرائي وئي. موصوف شيخ صاحب جي جيل هجڻ واري عرصي دوران سندس مجاهدانه ڪردار کان متاثر ٿي مرڻ کان اڳ اهڙي وصيعت ڪر ويو هو ته شيخ صاحب جيل کان ٻاهر اچي ته کيس سندس نياڻيءَ سان نڪاح جي آڇ ڪئي وڃي شيخ صاحب کي ان شادي مان هڪ نياڻي زهره ٿي جيڪا اڃان زنده آهي.[4]

شيخ صاحب جي ٻي شادي محمد صديق شيخ جي نياڻي عائشه بيگم سان ٿي، جنهن 1984ع ۾ انتقال ڪيو. کيس ان مان ٽي پٽ انور، خالد ۽ طارق ۽ ٽي نياڻيون خديجه،بلقيس ۽ خيرالنساءَ ٿيون، جيڪي سڀ زنده ۽ اولادي آهن.

شخصيت ڪردار ۽ رهڻي ڪهڻي:

شيخ صاحب جي ڪردار بابت  مشهور مؤرخ ۽ سياستدان  پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته: ”شيخ صاحب جي سياسي زندگي جا چند خاص مقصد رهيا مثلاً:

1- هندوستان جي آزادي (1938) کان پوءِ پاڪستان جي آزادي.

2- اسلام ۽ مسلمانن جي سربلندي (آل انڊيا پيماني تي)

3- سنڌ جي ڀلائي (هر لحاظ سان)

”اهي وڏا مقصد هئا، وڏي دماغ وڏي حوصلي ۽ وڏي اخلاق ۽ وڏين صلاحيتن جي وسيلي ئي ماڻهو ان ڏس ۾ ڪجهه اڳتي وڌي  سگهيو ٿي. اهو ڪرشمو شيخ صاحب جو هو، جو سنڌ جهڙي پسمانده ملڪ جو غريب ٿي ۽ بنا ڪنهن سازو سامان يا مال دولت جي، سياست جهڙي سلوڻي لقمي کي وڏيرن جهڙن واسينگن جي وات ما ڇڪي ڪڍڻ (۽ ساڳئي وقت پاڻ به جيئري رهڻ) لاءِ ساري عمر جدوجهد ۽ جتن ڪندو رهيو.

شيخ صاحب وٽ قلم هو، زبان هئي، دماغ هئو، اداري جي قوت هئي، ان کانسواءِ وٽس ٻيو ڪجهه ڪون هئو. هٿن خالي وڙهندو رهيو. ڪڏهن هندن سان، ڪڏهن انگريزن سان، ڪڏهن انگريزن جي ٽوڊين سان، ڪڏهن سياسي ٺيڪيدارن سان، ڪڏهن سيٺين، سردارن ۽ پيرن سان، نتيجو ڪجهه به پئي نڪتو پر دائما هٿ صاف ۽ ڳاٽ اوچو رهيو.

”ذاتي رهڻي ڪهڻي ۾ شيخ عبدالمجيد سادگي، صفائي  سنجيدگي جي تصوير بڻيو رهيو. جوڙيءَ جا سفيد ڪپڙا جسم تي، ڊگهيڙي قميص ۽پاجامو، محفل هوندي ته مٿان شيرواني ڪاري، ڪلائين ٽوپي مٿي تي، انگريزي جوتو پيرن ۾، صورت بزرگانه، خسخس پر نوڪدار ڏاڙهي قد ڊگهيرڙو، بت ڇڙڪ، سفر ۾ هلندو ته مختصر اوڇڻ بغل ۾، ڪاغذن ۽ اخبارن سان ڀريل ٿيهلو هٿ ۾. الوحيد پريس جي ڪاٺاين ڪمري ۾ ويهي سلپن مٿان سلپون، مضمونن جون لکيو پيو ڇپجڻ لاءِ اندر ڪمپازيٽرن لاءِ موڪليندو هو، تنهن ڪمري ۾ هڪ پراڻي ننڍي ميز ۽ معمولي ڪرسي پيل هوندي هئي. ڪمري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته ٻوهاري به ڪا نه هوندي هئي مگر اهڙي ماحول ۾ سندس سياسي خيال آسمان کي پيا ڇهندا هئا.“[5]

ذاتي زندگي ۾ شيخ صاحب ڪنهن جي مدد وٺڻ پسند نه ڪندو هو. سندس اٿڻي ويهڻي برصغير جي چوٽيءَ جي سياستدانن ۽ وڏن ماڻهن سان هوندي هئي، پر سندس سادي رهڻي ڪڏهن متاثر نه ٿي. باوجود ايڏي وڏي قدآور شخصيت جي ڪڏهن  به هٺ وڏائي نه ڪيائين. ملڻ جلڻ هر ماڻهوءَ سان آساني سان ۽ هڪجهڙائي سان، عام ماڻهو سان به ساڳيو رويو ته خاص سان به ساڳيو.

شخصيت خصلت سان گڏ سندس طبيعت ۾ صبر ۽ ايثار بابت قاضي عبدالمجيد عابد ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”شيخ صاحب جڏهن شادي بعد ترت ئي جيل ويا هئا، تڏهن پٺيان سندس اهليه کي نياڻي ٿي، مگر بي بي صاحبه پاڻ اللہ کي پياري ٿي وئي.

”اها خبر جڏهن شيخ صاحب کي جيل ۾ پهچائي کانئس پڇيو ويو ته ڇا پاڻ پيرول تي جيل کان ٻاهر اچي پنهنجي رفيقه حيات جو آخري ديدار ڪرڻ پسند ڪندا، ته پاڻ هي چئي انڪار ڪيائون ته اسلام جي هڪ سپاهيءَ جو پهريون رشتو اللہ جي خوشنودي سان آهي ۽ جيڪڏهن اللہ کي اهو منظور هو ته سندس پياري بيگم کيس داغ مفارقت ڏئي سفر آخرت اختيار ڪري ته سندس لاءِ رب جي رضا تي قائم ۽ شاڪر رهڻ ئي مناسب آهي. هيءَ هو انهيءَ سنڌي مجاهد جو ايثار جيڪو اسان جي نئين نسل لاءِ مشعل راهه بڻجڻ گهرجي،“[6]


[1]  جي.ايم.سيد ”جنب گذاريم جن سين“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

[2]  ايضاً

[3]   قاضي عبدالمجيد عابد ”هونداسي حيات“ خان محمد پنهور 1978

[4]   ايضاً

[5]   پير علي محمد راشدي، هونداسي حيات.

[6]   قاضي عبدالمجيد عابد، هونداسي حيات

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com