سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :5

 

 مير علي شير قانع ٺٽوي

”سرشار“ عقيلي

نوٽ: مرحوم الحاج الهه بخش ”سرشار“ عقيلي صاحب جي هيءَ تقرير پاڻ تاريخ 1-11-1948ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان نشر ڪئي هئائون. مضمون جي افاديت کي نظر ۾ رکي، مهراڻ ۾، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٿورن سان محفوظ ڪجي ٿو- ادارو

 

سنڌ جي تاريخ بابت اڄ جن چند قديم فارسي ڪتابن مان مدد ملي سگهي ٿي، تن ۾ مشهور ڪتاب ”تحفته الڪرام“ آهي، جنهن جو مصنف سنڌ جي قديم تخت گاهه ٺٽي جي هڪ مشهور ساداتن جي خاندان جو فرد هو. ٺٽي جي شهر جو بنياد سمن جي حڪومت جي پڇاڙيءَ تائين سال 893 هجري مطابق 1488 عيسوي ۾ سمه حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام ننده بن ڄام بابينه وڌو.

سمن جو اصلي تخت گاهه شهر ساموئي ان جاءِ کان ٽي ميل پري هو، جو پوءِ ويران ٿي ويو ۽ ٺٽو تخت گاهه بنيو- پر تخت گاهه جو بدلجي ٺٽي ۾ ٿيڻ لاءِ سمن لاءِ نيڪ فال ثابت نه ٿيو. قنڌار کان سنڌ کي جوکي هجڻ وارو مشهور پهاڪو ان وقت سچو ثابت ٿيو ۽ قنڌار جي والي شاهه بيگ ارغون جي مغل فوج ترت ملڪ کي وڪوڙي وئي. بکر ۽ سيوهڻ جا قلعا ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ ئي مغل فتح ڪري ويا باقي سنڌ جو هيٺيون ڀاڱو ڄام نظام الدين پٽ ڄام فيروز کان مغلن فتح ڪيو ۽ 15 محرم 926 هجري مطابق 1519 عيسوي ۾ مغلن جي فوج ٺٽي ۾ داخل ٿي وئي، يعني ٺٽي شهر جي آباد ٿيڻ کان 33 سال پوءِ سنڌ ۾ حڪومت جو چرخو ڦري ويو ۽ سنڌ جي اصلي باشندن جي حڪومت ختم ٿي وئي، مگر شاهه بيگ ارغون جي حڪومت قائم ٿيڻ سان سنڌ کي ڪيتريون ديني ۽ علمي برڪتون نصيب ٿيون. هو پاڻ عالم ۽ ديندار هو ۽ ڪيترن عربي درسي ڪتابن جي شرح لکي اٿس. هن جي سنڌ تي قابض ٿي وڃڻ سان ڪيترن ٻاهر جي عالم صوفين ۽ بزرگن کي سنڌ ۾ اچڻ جي ترغيب ٿي ۽ اهڙي طرح سنڌ ۾ ديني چرچو وڌڻ لڳو. جيڪي مشهور هستيون ارغونن جي اوائلي زماني ۾ سنڌ ۾ آيون، تن مان انهي خاندان جو جداعليٰ به آهي، جنهن جو ذڪر اڄ اسين ڪري رهيا آهيون يعني مير علي شير قانع ٺٽوي جو جداعليٰ قاضي مير سيد شڪر الله حسني شيرازي- هنن جا بزرگ اصل شيراز جا ويٺل هئا- سلطان ابو سعيد جي زماني ۾ هنن شيراز کان لڏي هرات ۾ سڪونت اختيار ڪئي. قاضي مير شڪرالله جو پنجين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو امير سيد جمال الدين عطاءَالله حسني هراتي هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، جو پنهنجي وقت جو مشهور محدث هو ۽ هرات ۾ حديث جي علم جي اشاعت جو باعث ٿيو.

قاضي مير شڪرالله هرات کان قنڌار آيو ۽ اُتان جڏهن شاه بيگ ارغون اچي سنڌ فتح ڪئي، تڏهن ٺٽي جي فتح کان هڪ سال پوءِ سنه 927 هجري، مطابق سنه 1520 عيسوي ۾ چند بزرگن جي هڪ قافلي سان گڏ ٺٽي ۾ وارد ٿيو، ۽ اتي سڪونت اختيار ڪيائين. انهي نو وارد بزرگن جي قافلي ۾ چار هستيون بلڪل برڪت واريون هيون، جي ساڳئي وقت ٺٽي ۾ وارد ٿيون، هڪ سيد شاهه منبه جيلاني جو حضرت غوث اعظم جي اولاد مان هو ۽ طريقت جو صاحب هو- شڪرالله هي محله جي ويجهو سندس مزار آهي، جنهن کي هاڻي منبه پير سڏين ٿا. هن بزرگ پنهنجي زندگي روحاني فيض پکيڙڻ ۾ صرف ڪئي ۽ مجرد رهيو. شادي نه ڪيائين هڪڙيئي هنڌ عبادت ۽ مراقبه ۾ زندگي گذاريائين، جتي هاڻ سندس مزار آهي، اهو سندس هڪ مريد جو گهر هو ۽ اتيئي فيض جي مجلس قائم ٿيندي هئي. گهڻو ٻاهر نه نڪرندو هو، اهو سندس مريد ۽ ان جي ماءُ به سندس قبر جي پيراندي دفن ٿيل آهن .

ٻيو بزرگ جو انهيءَ قافلي ۾ آيو، سو آهي سيد ڪمال حسين شيرازي. هي بزرگ پڻ صاحب طريقت هو ۽ مجرد رهيو. ٺٽو شهر جي ٻاهران مڪلي ڏانهن ويندڙ رستي تي ”شاهه ڪمال“ جي نالي سان سندس درگاهه هن وقت به خلق جي آما جگاهه آهي. سندس هڪ ڀاءُ سيد جمال پڻ ساڻس گڏ هو، جو مڪليءَ تي سيد شڪرالله جي پاسي ۾ دفن ٿيل آهي.

ٽيون بزرگ آهي سيد شاهه عبدالله گجراتي، هي بزرگ ساڳئي وقت گجرات مان ٺٽي ۾ وارد ٿيو ۽ مڪلي تي جت هاڻ سندس مقبرو آهي ۽ ميان عبدالله اصحابي جي مقبره جي نالي سان مشهور آهي، اتي گوشه نشين ٿي عبادت ۽ رياضت ۾ رهيو. هنن جو چوٿون ساٿي مير سيد شڪرالله هو، جو امير سيد جمال الدين عطاءَالله هراتي جي ڇهين پشت ۾ هو ۽ سندس سلسلي نسب هن طرح آهي:

قاضي سيد شڪرالله بن وجيهه الدين بن نعمت الله بن عرب شاه بن نسيم الدين ميرڪ شاهه بن امير عطاءَالله.

اهو بزرگ واپاري واري حيثيت ۾ قنڌار کان ٺٽي ۾ وارد ٿيو ۽ هاڻوڪي شڪرالله هي محلي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس عالمانه ۽ درويشانه صفتن جي ڪري شاهه حسن ارغون کيس ٺٽي جو قاضي بنايو. اهو عهدو هن نهايت ديانتداري ۽ شرعي احڪام موجب سنڀاليو. هڪ ڀيري شاهه حسن سندس بي ريائي جو امتحان وٺڻ گهريو ۽ انهي لاءِ هڪ واپاري کان گهوڙو خريد ڪري، ان جي رقم ادا ڪرڻ کان نٽايائين، واپاريءَ قاضي شڪرالله وٽ پنهنجي حق طلبي لاءِ دعويٰ داخل ڪئي، شرعي قاعده موجب شاهه حسن کي قاضي شڪرالله جي عدالت ۾ حاضر ٿيڻ جو سڏ پهتو ۽ جڏهن هو اتي ويو ته قاضي صاحب کيس دعويٰ جي ٻڌڻ تائين مدعي سان گڏ بيهڻ لاءِ چيو. شاهه حسن ته فقط امتحان طور ايئن ڪيو هو، سو بر وقت تاجر جي دعويٰ قبولي رقم ڀري ڏنائين، انهيءَ بعد قاضي صاحب شاهه حسن جا آداب بجا آندا ۽ پاڻ اُٿي بادشاهه کي پنهنجي جاءِ تي ويهاريائين. ان وقت شاهه حسن کيس ٻڌايو ته آءٌ ڪمر ۾ خنجر کڻي آيو هُئس ۽ جيڪڏهن تون منهنجي بادشاهه هجڻ جو شرعي فيصلي ۾ لحاظ ڪرين ها ته تنهنجو خير نه هو- قاضي صاحب به پنهنجي مسند هيٺان تلوار ڪڍي ڏيکاري ۽ چيائين ته انهي لاءِ رکي هيم ته جيڪڏهن تون شرعي حڪم موجب مدعي سان گڏ بيهڻ کان عذر ڪرين ها ته توتي شرعي حد قائم ڪريان ها. قاضي سيد شڪرالله کي شرعي احڪام جو لحاظ ايتريقدر هو جو آخر شاهه حسن کي ڪجهه عرصي بعد قضا جي عهده جي استعفا ڏياري موڪليائين ته بشريت جي تقاضاً موجب آءٌ اهو بار پاڻ تي کڻي نٿو سگهان ۽ خوف خدا جي باعث ڊڄان ٿو ته ڪا لغزش نه ڪري ويهان. آخر سندس صلاح موجب شاهه حسن قاضي شيخ محمد جعفري کي اُچ مان گهرائي ٺٽي جو قاضي بنايو ۽ قاضي شڪرالله جي استعفا منظور ڪيائين.

قاضي سيد شڪرالله جي اولاد ۾ تمام گهڻي برڪت پيئي ۽ ان مان ڪيترا عالم ۽ درويش پيدا ٿيا. سندس پوٽي سيد شڪرالله ثاني جو پڙ پوٽو سيد نظام الدين بن سيد نور محمد جو بادشاهه اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ شاهجهان آباد پهتو ۽ سندس علمي قابليت جي لحاظ تي بادشاهه اورنگزيب جيڪا عالمن جي ڪميٽي فتوائن جمع ڪرڻ لاءِ ٺاهي هئي، ان جو ميمبر مقرر ڪيائينس. انهي ڪميٽي ۾ سڄي هندوستان جي چوٽيءَ جا عالم چونڊيا ويا هئا. جن 8 سال محنت ڪرڻ بعد ”فتاويٰ عالمگيري“ جو ڪتاب تيار ڪيو، ان تي ٻه لک روپيه خرچ آيو ۽ سنه 1085 هجري مطابق 1674 عيسوي ۾ تيار ٿي ۽ اصلي مواد سڄو عربي زبان ۾ آهي- ان ۾ 124 مکيه فتاويٰ جي ڪتابن جا حوالا ڏنل آهن- انهن 16 چوٽي جي عالمن جي ڪميٽي ۾ ٻه بزرگ سنڌ جا ۽ خاص ٺٽي جا چونڊيا ويا: هڪ سيد نظام الدين شڪرالله هي ۽ ٻيو قاضي ابوالخير از اولاد مخدوم فضل الله. انهي جماعت جو سرگروهه گجرات جو مشهور عالم شيخ نظام برهانپوري هو. انهن عالمن ۾ ڇهه عالم، يوپي مان ڇهه عالم بهار پرڳڻي مان، ٻه عالم دهلي جا، ۽ ٻه عالم مٿيان سنڌ جا هئا.

مير علي شير قانع ٺٽوي مٿي ذڪر ڪيل سيد شڪراللهي ثاني جي ٻئي پٽ سيد ظهيرالدين ثاني جي پڙپوٽي سيد عزت الله جو فرزند هو- سنه 114 هجري، مطابق 1728 عيسوي ۾ ٺٽي ۾ تولد ٿيو. ان وقت ٺٽو سڌي طرح دهلي جي مغل حڪومت جو ماتحت هو ۽ مغل بادشاهه جي پاران ٺٽي ۾ نواب مقرر ٿي ايندا هئا- پر ستت ئي يار محمد خان ڪلهوڙي کي سنڌ جي نوابي ۽ ”خدا يار خان“ جو لقب مغلن وٽان مليو ۽ سنڌ جي گادي ٺٽي جي بجاءِ دادو ضلعي جي خداآباد شهر ۾ ڦري وئي، جو خدايار خان پنهنجي نالي تي آباد ڪيو هو.

مير علي شير قانع پنهنجي تعليم علامه معين ۽ مخدوم رحمته الله وٽ ٺٽي ۾ حاصل ڪئي- 12 سالن جي عمر ۾ فارسي شعر چوڻ لڳو- 12 هزار شعرن جو ديوان ٺاهيائين، پر پوءِ درياه داخل ڪري ڇڏيائين- وري مير حيدرالدين ابوتراب جي صحبت ۾ 15 سالن جي عمر ۾ ”مظهري“ تخلص سان نئين سر شعر چوڻ شروع ڪيائين. قانع جو تخلص پوءِ اختيار ڪيو اٿس، سندس قابليت ڪلهوڙا حاڪمن تائين پهتي، جن کيس پاڻ وٽ گهرائي پنهنجو علمي مصاحب بنايو، نور محمد، مرادياب ۽ غلام شاهه ڪلهوڙي ٽن سنڌ جي حاڪمن جي درٻار ۾ رهيو. سنه 1168 هجري ۾ مرادياب جي تخت نشيني تي قصيدو لکيائين، جنهن مان سال جلوس جون 63 33 تاريخون نڪرن ٿيون. ان وقت سندس عمر 28 سالن جي هئي. هو تاريخگوئي ۽ شاعرانه صنعتن جي فن ۾ ڪامل هو، تمام گهڻا ڪتاب فارسي نثر ۽ نظم ۾ لکيائين. انهيءَ مان فقط ”تحفته الڪرام“ ڇپيل آهي، جنهن مان سنڌ جي قديم تاريخ معلوم ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ملي ٿي. اهو سنه 1181 هجري، مطابق 1762 عيسوي ۾ لکي پورو ڪيائين. ”تحفته الڪرام“ جي لکجڻ کان هڪ سال پوءِ 1182 هجري ۾ حيدرآباد جو شهر آباد ڪرائي غلام شاهه ڪلهوڙي ان کي پنهنجو تخت گاهه بنايو. مٿي ڏنل تفصيل موجب ٺٽي جو شهر ڪل 259 سال گاديءَ جو هنڌ رهيو ۽ ان مان 33 سال سمن جو عهد، 41 سال ارغون جو عهد 33 سال ترخان جو عهد ۽ 51 سال مغليه نوابن جو عهد آهي.

مير علي شير قانع 63 سالن جي عمر ۾ سنه 1203 هجري مطابق سنه 1789 عيسوي ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پنج سال اڳ سنڌ تي ٽالپر بلوچن جو قبصو ٿي چڪو هو. معلوم ٿو ٿئي ته مير علي شير قانع تحفته الڪرام کان سواءِ خود پنهنجي زماني جو يعني ڪلهوڙن جي عهد جو مفصل تذڪرو نثر خواه نظم ۾ لکيو هو، سنڌ تي قنڌار جي طرف کان ٻه وڌيڪ ڪاهون خود سندس زماني ۾ ٿيون، جن ڪلهوڙن کي شروع کان قنڌار جو تابعدار بنائي ڇڏيو. نور محمد خان ڪلهوڙي کي سنه 1151 هجري ۾ مغل درٻار مان ٺٽي جو علائقو اڃان ٺيڪي ۾ مس مليو ته سنه 1152 هجري ۾ نادر شاهه قنڌار کان فوج وٺي اچي سنڌ تي ڪڙڪيو ۽ نور محمد کي پنهنجو مطيع ڪري ۽ ويهڻ لکين جو خراج منظور ڪرائي پوءِ موٽيو، ان جي ضمانت ۾ نور محمد جا ٽي پٽ به پاڻ سان کڻي ويو- وري سنه 1167 هجري ۾ ڪلهوڙن قنڌار کي خراج ڀرڻ ۾ سستي ڪئي ته احمد شاهه ابدالي اچي سنڌ ۾ ڪڙڪيو ۽ سيوهڻ ۾ منزل انداز ٿيو- انهي بابت چشم ديد واقعات سندس ڪتابن حالات ڪلهوڙه، ۽ لب لباب تاريخ ڪلهوڙه ۾ ملي سگهندا، پر اهي ڪتاب ناياب آهن. شاعرن جي حالات ۽ اقوال ۾ سندس مشهور ڪتاب مقالات الشعراءَ جو هڪ نسخو موجود آهي. ٻيو پڻ سندس هڪ ڪتاب مختارنامه موجود آهي. انهن کان سواءِ شعر شاعري ۽ تصوف جي مختلف مسئلن تي سندس ڪيترن رسالن جا نالا ملن ٿا، مگر اهي رسالا عدم موجود آهن. بعض ڪتابن جا نالا هي آهن.

زينت الاخلاق- تهذيب الطبايع زيده المقامات- معيار سالڪان طريقت- مثنوي ختم السلوڪ- مثنوي ڪرشمئه قدرت- مثنوي قضا و قدر- مثنوي ڪانِ جواهر- نسخه غوثيه- مڪلي نامه- قصاب نامه- زين الافڪار- حديقته الاولياءَ- شجره مشائخ- سياحت نامه- قصه ڪامروپ- چهار منزله- تزويج نامه حسن و عشق- رساله در صنائع وبدايع- روضته الانبياءِ- بوستان بهار- اعلان غم درذڪر شهداءِ ڪربلا- رسالا شرح معما ديوان قانع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com