سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1967ع

مضمون:

صفحو :11

”اجهو اهو هيئن ٿيو_ هن جو پيءُ سال کن جيل ۾ هو ۽ اڌ سال وري سخت پهري هيٺ رکيو ويو، تنهن وچ ۾ اسان پنهنجي سڀ ميڙي چونڊي کائي خلاص ڪري ڇڏي. ميڙي چونڊي به ڪا گهڻي ڪانه هئي. منهنجو مڙس جڏهن قيد جي ڪڙين کان ٻاهر نڪتو، تڏهن مون کي گهوڙي جي لِڏ ٻارڻي ٿي پيئي. هڪڙي مالهيءَ مون کي انهيءَ لِڏ جو ڀريل ڇڪڙو ڏنو هو، مون وري ان ۾ ڪاٺ جو چورو گڏي ان مان ڇيڻا ٺاهيا هئا، جي ئي ٻارڻ ڪري پيئي ٻاريندي هئس. ڇا نه ان ۾ مڌ جهڙي بانس هئي، اصل کاڌي جو سواد ئي نڪري ويندو هو. منهنجو ڪڪو ’کوسلا‘ ان وقت اسڪول ويندو هو. ڏاڍو چالاڪ ۽ ڦڙت هوندو هو. اسڪول کان گهر تائين ايندي، جي ڪاٺيءَ ڪنڊيءَ ٽڪر لڀندو هوس ته گهر کنيو ايندو هو. اها بهار جي مند هئي ۽ برف به سمڻ شروع ڪيو هو؛ پر کوسلا کي ته بوٽ کان سواءِ ٻيو ڪجهه پائڻ لاءِ هوئي ڪين. جڏهن پيرن مان بوٽ لاهيندو هو تڏهن اُهي ڳاڙها جهڙا اڱر پيا بکندا هئس. انهيءَ سمي ئي جيل جي اختياريءَ وارن، سندس پيءُ کي جيل مان ٻاهر ڪڍيو ۽ ٽانگي ۾ کڻائي کيس گهر تائين آندائون. کيس جهپٽ اچي ويئي. هو کٽ تي سمهيو پر هڪ هٿرادو مشڪ چپن تي آڻي مون ڏانهن گهوريندو هو. هن ئي مون کي هن سقيم حالت تي آندو هو، ڪٿان آڻيان جو هينئر کيس کارايان! مون کي ته اصل مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيائين، پر مان ڀلا ڪري به ڇا ٿي سگهيس. کوسلا جڏهن کيس ڏٺو ته هن کان اوچتي رڙ نڪري ويئي، منهن پيلو هيڊ ٿي ويس ۽ Text Box: 149
اکين مان گوڙها نڪري آيس، ’امان! بابا کي ڇا ٿي ويو.‘ جواب ڏنومانس، ’ڏينهن اچي چڙهيا اٿس‘ ان کان پوءِ ته اسان جي حالت بد مان بدتر ٿيندي ويئي. مان ويهن ئي ننهن جو زور لڳائي چڪيس، جيترو ٿي سگهندو هو اوترو وڌيڪ ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندي هيس. موت کان به بدتر هئي منهنجي زندگي! ۽ جڏهن نراس ٿي پوندي هيس ته نراڙ تي هٿ رکي، پنهنجيءَ قسمت کي پٽڻ شروع ڪندي هيس. کوسلا اهو سڀڪجهه ڏسندو هو ۽ ائين ئي ڀڻ ڀڻ ڪندو ٻاهر نڪري ويندو هو. هڪ دفعي جڏهن مان پنهنجون اهي حالتون برداشت ڪري نه سگهيس، تڌهن چئي ويٺيس، ”مان ته پنهنجيءَ زندگيءَ مان اچي ڦاٿي آهيان! خدا، نه ٿو مون کي پاڻ وٽ گهرائي ۽ نه وري توهان ٻن مان ڪنهن کي!“ هيءُ ٻڌي کوسلا جي پيءُ ڪنڌ کڻي ڦيريو، شايد سندس دل چوندي هجي، ’دل جاءِ ڪر، مون تي نه ڪاوڙ ڇنڊ، مان ڄاڻ ويس، اٻهري نه ٿيءُ، ٿورو ڌيرج ڌار!‘ پر کوسلا مون ڏانهن گهور ڪري نهارڻ لڳو ۽ پوءِ پٺي ڏيئي گهر مان ٻاهر نڪري ويو. جيترو وقت هو ٻاهر هو، مان پنهنجي چَيلن اکرن تي پنهنجو پاڻ پڇتاءُ ڪرڻ لڳيس. پر ڏڌو کير ڪيئن ٿڻين پوندو. اڃا ڪلاڪ به ڪين گذريو جو هڪ پوليس وارو اسان جي گهر آيو. ’توهين گوسپوزا ششينا آهيو؟‘ هن پڇيو. منهنجي دل ئي ٻڏي ويئي. ’توهان جي اسپتال ۾ ضرورت آهي!، ائين چئي وري ٻڌايائين، ’هڪ واپاريءَ جي گهوڙي هٺيان تنهنجو نينگر چيڀاٽجي ويو آهي!‘ مان سڌي اسپتال ۾ ويس. منهنجو هنيانءُ ٿي ٻريو، پنهنجي مَن کي لعنت ٿي هنيم، پنهنجي پاڻ کي ڏَنوَ پئي ڏنم. مان ڪهڙي نه چنڊال زال آهيان، جو پنهنجن جي لاءِ هيئن بددعا ڀڻڪي ويٺيس!

اسين اسپتال پهتاسين. کوسلا هنڌ تي سمهيو پيو هو. سڄو بدن پٽين سان ٻڌو پيو هوس، مون کي ڏسي مشڪيائين... ڳلن تان زار زار ڳوڙها ڳڙڻ لڳس... پوءِ ڀڻڪيائين ته، ’مون کي معاف ڪر، امڙ! هن پوليس واري کي ئي پئسا ڏيڻا اٿئي.‘ ’ڇا جا پئسا؟ کوسلا‘ سوال ڪيو مانس، ’ڇو، اهي پئسا جي ماڻهن مون کي گهٽيءَ ۾ ڏنا، ان واپاريءَ به ڳپل پئسا ڏنا!‘ جواب ۾ چيائين. ’هنن ڇا جي لاءِ پئسا ڏنئه‘ مون پڇيومانس. ’اجهو هن لاءِ!‘ پٽين طرف اشارو ڪيائين ۽ پوءِ ٿورو ڪنجهيو. ’کوسلا، تو ڇا گهوڙن کي ايندي ڪونه ڏٺو؟‘ تمام سڌو سادو جواب ڏنائين، ’گهوڙن کي ڏٺم ڇو ڪين امڙ، پر مون اُتان هٽڻ چاهيوئي نٿي، ڇو ته پڪ هئم ته جي مان گهوڙن هيٺان اچي ويندس ته ماڻهو مون کي تمام ججها پئسا ڏيندا، جي هنن برابر ڏنا آهن!‘ سندس اکر اڃا به ياد اٿم. جو ڪجهه ڏٺم ان مان سڀڪجهه سمجهي ويس. يا خدا هيءُ مون ڇا ڪيو! پر هينئر پڇتائڻ مان فائدو ئي ڪهڙو. ٻئي ڏينهن صبح جو هو گذاري ويو. پڇاڙيءَ تائين سندس هردو صاف هو. هرهر پئي چيائين، ’بابا کي هيءُ وٺي ڏجانءِ، هو وٺي ڏجانءِ. پنهنجي لاءِ به ٽوولَ ۽ ڪپڙا وٺج!‘ ڄڻ ته ڪي لک رپيا مليا هئس! ڪل ستيتاليهه رپيا هئا. مان ان واپاريءَ وٽ به ويس، پر مون کي رڳو پنج رپيا ڏنائين، جنهن لاءِ به پئي ڪنجهيو ڪرڪيو، ’پنهنجو پاڻ ڇوڪر کڻي گهوڙن هيٺان ڦٽو ڪيو، سڄيءَ خلق ڏٺس. هينئر هيئن پنڻ مان ڪهڙو فائدو!‘_ اجهو اها اٿيئي منهنجي ڏکن ڀري ڪهاڻي!“

ڳالهائيندي ڳالهائيندي هوءَ اهڙي ته ٿڌي ٿي ويئي، جهڙي برف! قبرستان ۾ سُڃَ پئي سوساٽ ڪيا... هي جهونيون ۽ نيون قبرون، هيءُ اوچا ۽ گهاٽا وڻ، اهي مِٽيءَ جا دڙا، ڏکن ڏڌي هيءَ عورت، سندس سڏڪا ۽ ڳوڙها! انهن منهنجيءَ دل کي بلڪل ڌوڏي ڇڏيو، مان هينئر موت ۽ انسان جي پيڙا جو پورو روپ ڏسي رهيو هوس!

آڪاس بلڪل صاف هو، جنهن ڪري وڌيڪ تپت پئي محسوس ٿي. مون پنهنجي کيسي مان ڪجهه سڪا ڪڍي، ان مصيبت جي ماريءَ عورت ڏانهن هٿ ڊگهيريو؛ جيڪا دک برداشت ڪندي به اڃا زندگيءَ سان جنگِ جوٽيندي ٿي آئي.

هن انڪار ڪيو ۽ جهيڻي آواز ۾ چيائين، ”پاڻ کي تڪليف نه ڏي! مانجهي مڙس! اڄوڪي ڏينهن لاءِ ڪافي اٿم، ۽ وڌيڪ مون کي ضرورت به ڪانهي، مان اڪيلي ئي آهيان_هن ساري دنيا ۾ بلڪل اڪيلي!

هن ٿڌو ساهه کڻي، پلاند جي ڪنڊ سان ڳوڙهن جي برسات کي اگهڻ شروع ڪري ڇڏيو!

ناٽڪ

ممتاز مرزا

واٽون ۽ نيڻ

 

جي وٽان وِيڙَم اڄُ، سي ڪڏهن ايندا مان ڳري،

پريان جي هُن پارَ ڏي، وڃي دَنڪي ڌَڄُ،

سامونڊيءَ ڪو ڏَجُهه، ماءِ! ماريندم ڪڏهين؟

[شروعاتي موسيقي جو مغموم تاثر، جنهن ۾ پاڻيءَ جي لهرن جو تاثر ملي وڃي ٿو.]

سهجان: نه... تون اُهو نه آهين، اُهوتون نه آهين، جنهن جي لاءِ آءُ ايامن کان، نيڻ وڇايو ويٺي آهيان! آءُ انهيءَ جي واٽ پئي نهاريان، جيڪو اوچتوئي اوچتو مون کان وڇڙي ويو ۽... ۽ مون کي وِرهه جي وِماس ۾ وجهي هليو ويو. هو کاري کيڙائو، موتين ميڙائو، وري واپس وطن تي واڳ واريندو!

[ڏکارو کلي ٿي.]

...مون هن کي روڪيو هو، ترسايو هو، ته انهيءَ سامونڊي سفر تي نه وڃ، توکان سواءِ بندر بازاريون سڀ سڃيون ٿي وينديون! پر وڃڻ وارا ڪڏهن ترسيا به آهن؟ منهنجو خواب سچو ٿيو! منهنجو خواب سچو ٿيو. [سڏ ڪو ڀري ٿي.]

ملوڪ: سهجان.... سهجان... ڏس.

سهجان: منهنجو نالو نه کڻ.

ملوڪ: ڏس آءُ ملوڪ آهيان، تنهنجو ملوڪ!

سهجان: تون پاڻ کي ملوڪ نه چئو، مون

سڀڪجهه پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي... تون ته اُنهن سان گڏجي ٻيڙي مان لٿو هئين، جيڪي پاڻ سان باهه، رت ۽ موت کڻي آيا هئا. باهه ۽ رت، موت ۽ حياتي، ۽ منهنجي شهر جا ڪَکَ... گهڙي کن ۾ ڇا مان ڇا ٿي ويو!

ملوڪ: سهجان، ڌڻيءَ جي نالي مون کان ايترو بد گمان نه ٿي! آءُ ملوڪ آهيان، مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر، آءُ تنهنجو ملوڪ آهيان!

سهجان: ملوڪ جو نالو تنهنجي زبان تي نٿو سونهين!

[رڙيون جنهن ۾ ڏک جو شديد تاثر آهي.]

...اِهو نالو تون نه کڻ اي شخص! نه کڻ! منهنجو ملوڪ تون نه آهين. منهنجو ملوڪ ته کاري جي سفر تي ويو آهي! موتي ميڙڻ ويو آهي، جو هڪ ڏينهن واپس ايندو، هو مون سان انجامي آهي... ۽ جڏهن هو هتي پير ڌريندو تڏهن هن سان خوشيون هونديون، تون ته پاڻ سان باهه کڻي آيو آهين... نه نه، تون منهنجو ملوڪ نه آهين!

ملوڪ: سهجان، آءُ توکي ڪيئن سمجهايان ته آءُ ئي موتي ميڙڻ ويو هوس. ڏس آءُ موٽي آيو آهيان!

سهجان: مون کي اعتبار نٿو اچي. آءُ ڪيئن مڃان، جڏهن دل نٿي مڃي! هن مون کي وڃڻ وقت چيو هو. ها، مونکي اڃان تائين ياد آهي، ائين ئي ياد آهي ڄڻ هو هينئر مون سان ڳالهيون ڪري، واءُ جي وڻندڙ جهوٽي جيان گذري ويو هجي! هن چيو ته، آءُ وري ايندس، ۽ پاڻ سان خوشين جون سوکڙيون کڻي ايندس! ۽ اُهي سوکڙيون فقط تنهنجي لاءِ هونديون! (غمزده کِلَ) پر منهنجو خواب سچو ٿيو!

ملوڪ: تنهنجو خواب ڪيئن سچو ٿيو، جڏهن آءُ تنهنجي آڏو آهيان، سهجان!

سهجان: منهنجو خواب ڪڏهن به ڪوڙو نٿو ٿي سگهي، ڪڏهن به نه!

ملوڪ: خوابن جي سچائيءَ تي جيڪڏهين ڀروسو ڪجي ته ڪر انساني حياتيءَ جو رنگ ئي بدلجي وڃي، سهجان! زندگي حقيقتن جي پيڙهه تي ٻڌل آهي!

سهجان: حقيقتون ۽ خواب!

[ٽهڪ ڏئي ٿي ۽ موسيقي جو تاثر اُڀري ٿو.]

ملوڪ: سهجان! سهجان!

سهجان: جي سائين. چئو، اڄ ڏاڍو خوش پيو ڏسجين!

ملوڪ: تو کي خبر آهي ته اڄ امير عيسيٰ ترخان مونکي سڏايو هو!

سهجان: (ڇرڪ ڀري) ملوڪ، توکي ٺٽي جي بادشاهه سڏايو هو! اڄ بادشاهه جو رعيت ۾ ڪهڙو ڪم پيو؟

ملوڪ: سهجان! هن مونکي هڪ خاص ڪم ڏنو آهي، ۽ مون انجام ڪيو آهي ته آءُ اهو ڪم ضرور ڪندس!

سهجان: ڪهڙو ڪم آهي ملوڪ، جنهن جي ملڻ تي تون ايترو خوش ٿيو آهين!

ملوڪ: آءُ جلدي سفر تي وڃڻ وارو آهيان، سهجان!

سهجان: سفر تي؟ ملوڪ، تازو ته تون سفر تان موٽيو آهين... وري سفر جي تياري.... ملوڪ تون انهيءَ سفر جي پچار نه ڇڏيندين!

ملوڪ: سهجان! آءُ سامونڊي آهيان ۽ سفر منهنجي حياتي آهي. آءُ ان جي پَچر ڪيئن ٿو ڇڏي سگهان، اِهو ته ائين ٿيو ڄڻ ڪنهن کي چئجي ته تون ساهه کڻڻ ڇڏي ڏي!

سهجان: پر ملوڪ، تون اِها ڳالهه ڇو ٿو وسارين ته تنهنجي وڃڻ ڪري، حياتيءَ جون سموريون خوشيون ختم ٿي وڃن ٿيون. گوندر اندر ۾ باهه ٻاريو ڇڏين!

ملوڪ: پر سهجان! آءُ سدائين لاءِ ڪونه پيو وڃان!

سهجان: ائين نه چئو ملوڪ، وائي سوائي ڪجي، مهل ڪمهل جو خيال ڪجي! تون جيڪڏهن نه آئين ته پوءِ منهنجو جيئڻ ڪهڙو! منهنجي حياتي ته جيئري ئي وِهه ٿي ويندي!

ملوڪ: اهڙيون ڳالهيون نه ڪر سهجان! توکي سُڌ آهي ته آءُ کاري جي سفر کان سواءِ رهي نٿو سگهان، ۽ هينئر ته اسان جون خوشيون انهيءَ سفر سان آهن. جيڪڏهن مونکي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ٿي ته اسان جي حياتيءَ جا ڏينهن ئي مَٽجي ويندا، اسان وٽ خوشيون هونديون، ۽ امير عيسيٰ جي ڪچهريءَ ۾ عزت ۽ مان! انهيءَ کان وڌيڪ اسان کي ڇا گهرجي! تون پڪ رک ته هن سفر کان پوءِ، آءُ وري ڪڏهن به ڪيڏانهن نه ويندس.

سهجان: ڪير ڄاڻي، هن سفر کان پوءِ ڇا ٿئي! تنهنجا ته هر سفر تي اِهي ئي انجام هوندا آهن، هن ڀيري وڃان ٿو، وري نه ويندس! آخر اسان لاءِ فقط اوسيڙو ئي آهي، جنهن جي سهاري تي حياتيون گذاري ڇڏينديونسين؟

ملوڪ: نه نه، سهجان، ائين ڪونهي... اڳي اسان پنهنجي مرضيءَ سان سفر ڪندا هئاسين، هاڻي اسان ڪنهن ٻئي جي خوشيءَ خاطر سمنڊ جو سفر ٿا ڪريون... آءُ چاهيان ٿو ته وري ڪيڏانهن نه وڃجي، پر ڇا ڪريان لاچار آهيان. حڪم آهي، انجام آهي! پورائي ڪرڻي ضروري آهي.

سهجان: آخر امير جي توتي اک ڪيئن پئي؟

ملوڪ: حقيقت هيءَ آهي ته امير کي ڪجهه موتي گهرجن، اِهي موتي پري اونهي سمنڊ ۾ ملندا آهن_ امير پنهنجي راڻيءَ کي اِنهن موتين جي سوکڙي ڪري ڏيندو!

سهجان: هڪڙن جي خوشين لاءِ ٻين جون خوشيون کسڻ، اِهو به اميراڻو ماڻو آهي، جيڪو اسان غريبن کي ئي سهڻو پوي ٿو!

ملوڪ: خبر نه آهي توکي ڇا ٿي ويو آهي! توکي ته پاڻ خوش ٿيڻ گهرجي ته آءُ اُنهيءَ ڪم جي پورائيءَ ۾ سفر تي سنڀريو آهيان، جنهن لاءِ ٺٽي جي سمورن مير بحرن ۽ سامونڊين انڪار ڪيو آهي! ۽ آءُ ئي آهيان، جنهن اِها هام هنئي آهي!

سهجان: منهنجون خوشيون ڪهڙيون آهن ملوڪ، توکان سواءِ منهنجي حياتيءَ جي هر گهڙي نانگ بنجي دل تي پنهنجو زهري ڏنگ هڻي حملا ٿي ڪري!... مون ۾ ايتري سهپ ڪٿي آهي جو ايڏو وڇوڙو خوشيءَ سان قبول ڪريان!

ملوڪ: دل نه لاهه... آءُ جلدي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، تنهنجي لاءِ خوشين جون سوين سوغاتون سهيڙي ايندس!

سهجان: اُهي خوشيون، جن جي لاءِ آءُ سڄي عمر واٽون نهاريندي رهندس_ ۽ حاصل ڇا ٿيندو، فقط اوسيئڙو، آءُ انهيءَ اوسيئڙي جي سهاري ئي حياتي گذاريندس. جيڪڏهن تون نٿو رهين ته آءُ تنهنجي لاءِ واٽن تي نيڻ وڇايو ويٺي هونديس. جڏهن تون ورندين ته خوشيون منهنجي پلو ۾ پاڻ اچي پونديون ۽ مون کي انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه گهرجي... ڪجهه به نه گهرجي!

 

[خواب آور موسيقي جو تاثر،

پاڻيءَ ۾ ٻيڙي هلڻ جوتاثر.]

ملوڪ: آسمان رت وانگر ڳاڙهو ٿي ويو آهي.

سهجان: پاڻي به بنهه ماٺو آهي، ملوڪ!

ملوڪ: پاڻي جي انهيءَ ماٺار ۾، ڪنهن وڏي طوفان جي اچڻ جو ڊپ آهي!

سهجان: طوفان... نه نه، ائين نه چئو! طوفاني سمنڊ جون ڇوليون اسان جو ٻيڙوسهي نه سگهندو!

ملوڪ: جيڪو ٺڪر ٺهيو آهي، سو نيٺ ته هڪ ڏينهن ڀڄي ڀُڪا ٿيندو، سهجان!

سهجان: ائين نه چئو ملوڪ... اسان جنهن سفر تي نڪتا آهيون، اُنهي جو انت اِهو ڪونهي!

اسان ته اڃا هينئر پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي آهي... اهو سفر ته خوشين جي سرحدن تي ختم ٿيندو!

ملوڪ: خوشين جون سرحدون! جن جي ڳولا ۾ اسين نڪتا آهيون... جيڪي اسان جي وس کان ٻاهر آهن. اسان جي نصيب ۾ فقط محنت آهي، ۽ محنت ئي اسان جي حياتيءَ جو مول ۽ نچوڙ آهي! سامونڊي! (کلي ٿو)

سهجان: تون... تون پنهنجي هن حياتيءَ مان خوش نه آهين؟

ملوڪ: خوش! (غمزده کِل) اسان فقط خوشيءَ جو نالو ٻڌو آهي، ۽ خوشي ٿيندي ڇا آهي، اُن جو اڃان اسان پاڇو به نه ڏٺو آهي... هر گهڙي خوف ۽ خطري ۾ گذري ٿي! ڪير نٿو ڄاڻي ته اڳتي ڇا ٿيندو!

[طوفان جو تاثر ۽ گوڙ ۽ مينهن جو تاثر]

سهجان: ملوڪ.... طوفان... مونکي پاڻئون ڌار نه ڪر!

ملوڪ: سهجان! طوفان تمام سخت آهي، ڪٿي ڇولين جا واڳون اسان جي ٻيڙي کي ڳهي نه وڃن!

سهجان: طوفان.. ٻيڙو ڀڄي پيو. ملوڪ، ٻيڙو ڀڄي پيو... (رڙ ڪري) ملوڪ تون ڪٿي آهين؟

ملوڪ... ملوڪ...(سهجان رڙ ڪري ٿي)

[مينهن ۽ طوفان جو تاثر ختم]

...           ...           ...

ملوڪ: (فوراً) سهجان... سهجان... سجاڳ ٿي!

سهجان: (ننڊا کڙو آواز) ملوڪ.. تون... نه، آءُ توکي اِنهيءَ سفر تي نه ڇڏينديس.

ملوڪ: (کلي) ڪو خواب ڏٺو هوندءِ!

سهجان: خواب... ها، مون خواب ڏٺو آهي، پر اهڙو جيڪو سچ ٿي سگهي ٿو... مونکي ڪجهه به نه گهرجي! نه دولت نه شهرت نه خوشي، آءُ هن ڪکائين گهر ۾ ئي خوش آهيان.

ملوڪ: ڇا پئي چوين!

سهجان: آءُ جيڪي ڪجهه چوان پئي، سچ پئي چوان. آءُ توکي نه ڇڏينديس!

ملوڪ: پر آءُ وقت جي بادشاهه سان انجامي آهيان... مرد جي زبان هڪ ٿيندي آهي!

سهجان: منهنجي دل چئي ٿي ته مون جيڪو خواب ڏٺو آهي، اُهو ڪوڙو ڪونهي! ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي!

ملوڪ: ڀلا تو ڏٺو ڇا؟

سهجان: مون ڏٺو ته تنهنجي ٻيڙي کي طوفان اچي وڪوڙيو آهي، ۽ اِنهيءَ طوفان ۾ ٻيڙو ڀڄي پرزا پرزا ٿي ويو آهي.... ۽ تون مون کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو آهين!

ملوڪ: خوابن تي ڪڏهن ڪنهن ڀروسو به ڪيو آهي! ۽ توکي خبر آهي ته طوفانن سان جنگ جوٽڻ ته منهنجي عادت آهي. هر ڀيري فتح منهنجي ٿي آهي!

سهجان: زندگيءَ جي انهن طوفانن سان وڙهندي ڪير پورو پيو آهي. هڪ نه هڪ ڏينهن...

ملوڪ: اجايا وهم ۽ وسوسا نه ڪر، سهجان، آءٌ انهيءَ سفر کان سواءِ رهي نٿو سگهان!

سهجان: منهنجي دل چئي ٿي ته تون جهڙو وڃين ٿو، ٿهڙو نه موٽندين... الائجي ڇا ٿيندو! واٽ تي ئي ڪي ڦورو تنهنجي دل تي ڌاڙو هڻي ويندا ۽ پوءِ منهنجي حياتي زهر ٿي ويندي!

ملوڪ: اهڙيون ڳالهيون نه ڪر... دل سان دعا ڪر ته آءُ سلامتيءَ سان سفر تان موٽان، ۽ پوءِ سدائين لاءِ تو وٽ ويٺو هجان... پڪ ڄاڻ سهجان، مونکي تنهنجي پريت جو سُنهن، هيءُ سفر منهنجو آخري سفر آهي! تنهنجي پريت کان وڌيڪ دنيا ۾ ٻي ڪابه شيءَ مونکي پياري نه آهي! توکي ته پاڻ خوش ٿيڻ گهرجي ته هن هيڏي ڀريل ڀڪليل شهر ۾، جتي هزارين غواص موجود آهن، اُتي فقط مون انهن اَمُلهه موتين جي ميڙي اچڻ جي هام هنئي آهي! تنهنجو ڪَرُ فخر وچان مٿي هئڻ گهرجي، جو جيڏين سرتين جي وچ ۾ تون اها ڳالهه چوڻ جي لائق آهين ته ٺٽي جي امير عيسيٰ ترخان، پنهنجي خاص ڪم لاءِ تنهنجي وَرکي چونڊيو آهي!

سهجان: اسان مسڪين ۽ غريب انسان، سدائين وڏن ماڻهو جي نالن پٺيان پنهنجو نالو شامل ڪري خوشي محسوس ڪندا آهيون، ان تي فخر ڪندا آهيون. اسان کي انهيءَ ۾ ئي خوشي حاصل ٿئي! حياتيءَ جو اهو به هڪ رُخ آهي، جيڪو اسان جي گذاري لاءِ وڏو سبب آهي، ملوڪ!

ملوڪ: سهجان! تنهنجي دانائيءَ ۽ سمجهه مون لاءِ مونجهارو ثابت ٿيندو!.... تون ڇا ٿي ويچارين، آءُ ڇا ٿو ويچاريان، اسان جي سوچ جا رستا جدا جدا آهن، پر هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جتي اسان جو عقل ۽ ويچار گڏجي هڪ ٿي وڃي ٿو ۽ اُها آهي اسان جي هڪٻئي سان بي انتها محبت ۽ پريت!... انهيءَ ڳالهه تي اسان جون سموريون ڳالهيون ۽ حجتون ختم ٿي وڃن ٿيون! ڇاڪاڻ ته نه آءُ توکان سواءِ زندگي گذاري ٿو سگهان ۽ نه تون مون کان سواءِ حياتي گهاري ٿي سگهين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com