سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1967ع

مضمون:

صفحو :2

اسان جي زوردار تقاضا آهي ته پاڪستان سرڪار، نه صرف حيدرآباد جي آواز ۽ ان جي وسيع الاثر افاديت کي محسوس ڪري، کيس وڌيڪ وڌائي، پر ان سان گڏ، سکر يا خيرپور ميرس ۾ پڻ جدا اسٽيشن قائم ڪئي وڃي. ائين ڪرڻ سان نه فقط سنڌي قوم ۽ سنڌي ادب جي حق کي تسليم ڪندي حق ادائي ڪئي ويندي، پر ان سان گڏ، ڪيترن اهم ۽ ضروري مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ به اهو قدم ڪارائتو ثابت ٿيندو. جن لاءِ مٿي اشارتاً ذڪر ڪري آيا آهيون.

ان سلسلي ۾، ٻي ڳالهه خود ريڊيو حيدرآباد سان وابسته بيان ڪئي وڃي ٿي، جنهن متعلق سنڌ جي سڀني روزنامن ۽ اعليٰ ادارن، رسالن ۽ اديبن پڻ شڪايتون ڪيون آهن ۽ روزانه اخبارن ايڊيٽوريل لکي، احتجاج ڪيو آهي ۽ سوين مراسلا پڻ نظر مان گذريا آهن، جن سڀني حڪايتن ۽ شڪايتن جو اگر تجزيو ڪيو وڃي، ته پوءِ رڳو ائين ئي چئي ٿو سگهجي ته سندن دانهن آهي ته_ ”سنڌي ٻوليءَ جو حصو، سندس حق موجب ادا نٿو ڪيو وڃي.“

افسوس اهو آهي ته سالن کان وٺي، اها پچار پئي ٻڌجي، پر اڄ تائين ان تي ڪوبه توجهه نه ڪيو ويو آهي، ۽ نه ڪا تلافيءَ جي ڪوشش ئي نظر ٿي اچي ۽ نه ڪو اصلاح لاءِ شايد ڪو قدم ئي کنيون ويو آهي. ويتر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اصلاح ۽ جواب جي جاءِ تي مطلق خاموشي اختيار ڪرڻ مان هيڪاري وڌيڪ بدظني ۽ بدگمانيءَ پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي: ايتريقدر جو تازو سنڌ جي موقر روزانه اخبار ’عبرت‘ جي ٦_ ڊسمبر ١٩٦٧ع جي ايڊيٽوريل ۾، فاضل ايڊيٽر صاحب لکيو آهي:

”ستم ظريفي يا ٻيو ڪجهه، ڀارت ۾ جتي چند لک لڏي ويل سنڌي رهن ٿا، اتي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان سنڌيءَ ۾ پروگرام نشر ٿيڻ جي علاوه آل انڊيا ريڊيو تان سنڌيءَ ۾ پروگرامن جي علاوه، خبرون نشر ڪيون وڃن ٿيون.“

اها بلڪل درست حقيقت آهي. اُتي فقط ڏهه لک سنڌي آباد آهن، پر جتي سندن سنڌي زبان کي ڀارت جي قومي ٻولي ڪري تسليم ڪيو ويو آهي، اتي دهليءَ جي مرڪزي اسٽيشن سان گڏ، سندس آواز، بمبئي، احمدآباد، جوڌپور تان باقاعده اچي رهيو آهي، ۽ ٻين سڀني اسٽيشنن تان پڻ ڏاڍي عمدگيءَ ۽ ترتيب سان سنڌي پروگرام نشر ڪيو وڃي ٿو. اهو هڪ عمدو مثال آهي، جنهن کي نظراندز ڪرڻ نه گهرجي.

ان سلسلي ۾ هيٺيون چند شڪايتون پيش ڪيون ويون آهن، جي روزانه اخبارن ۾ ايامن کان پيون اچن.

_ڪراچي ريڊيو اسٽيشن تان، علاقائي گيتن سان گڏ، سنڌي لوڪ گيت پڻ نشر ڪيا وڃن،

_حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي، سنڌي پروگرام کي ڪافي ۽ مناسب وقت ڏنو وڃي، ڇا لاءِ ته اها سنڌيءَ لاءِ واحد ريڊيو اسٽيشن آهي، ان تي سنڌي آباديءَ جو حق آهي،

_ڪراچيءَ اسٽيشن تان سنڌي خبرن نشر ڪرڻ جي بدران حيدرآباد تان نشر ڪرڻ گهرجن. اهو سلسلو ڪراچيءَ کان ’فون‘ جي خراب ٿيڻ تي، بند ٿي وڃي ٿو:

Text Box: 20

_ڪراچيءَ سان گڏ، لاهور، راولپنڊي، ڪوئيٽا، ۽ پشاور تان سنڌي پروگرام اچڻ گهرجن. ڇا لاءِ ته انهن سان ملحق، لکين سنڌي ڄاڻندڙ رهن ٿا. ٻيو ته پوري مغربي پاڪستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آبادي، باقي علاقائي ٻولين کان (پنجابي کان سواءِ) وڌيڪ آهي. ان ڪري سندس حق به وڌيڪ هئڻ گهرجي،

_حيدرآباد تان، سنڌي فرمائش کي اردو جي مقابلي ۾، ڪلاڪ گهٽ نشرڪيو وڃي ٿو. حالانڪ اردو فرمائش ٻين هنڌن تان به نشر ڪئي وڃي ٿي، ان ڪري سنڌيءَ جي واحد اسٽيشن تان، سنڌي فرمائش جو وقت ڪم از ڪم هڪ ڪلاڪ  ڪرڻ گهرجي. بلڪ ان کان به وڌايو وڃي، ته بهتر ٿيندو،

_حيدرآباد اسٽيشن تان، سنڌ جي پراڻن ڳائڻن ۽ فنڪارن، خانصاحب استاد عاشق علي خان، بيبي خان، الهڏني خان نوناري، مٺِو عباسي، جيوڻي، ڪنور ڀڳت، نارو ڀڳت ۽ ٻين مشهور فنڪارن جا گهڻي ۾ گهڻا رڪارڊ پيش ڪيا وڃن،

_ان طرح موجود فنڪارن جي بهترين رڪارڊن جو انتخاب نشر ڪيو وڃي،

_حيدرآباد تان مشورن ۽ تنقيدي راين جو جواب باصواب ڏنو وڃي. ”في الحال اسان لاءِ هي ممڪن ناهي“ جو دستوري جواب، هاڻي مطمئن ڪري نه ٿو سگهي،

_حيدرآباد تان، جمعي رات واري ’محفل سماع‘ وانگر، سنڌي ڪلاسيڪي ادب مان نعت، منقبت ۽ مولود کي مستقل ’محفل سماع‘ ۾ پيش ڪيو وڃي،

_حيدرآباد تان، دوباره ’رس رهاڻ‘ ’اوهان جي پسند‘، ۽ ’صراط مستقيم‘ وارا بند ٿيل پروگرام، فوراً جاري ڪيا وڃن ۽ ڊرامن ۽ افسانن لاءِ به زياده وقت رکڻ گهرجي،

_روزانو ٩ بجه رات جو پيش ٿيندڙ پروگرام ۾، سنڌي پروگرام کي پڻ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي،

حيدرآباد تان، سنڌي ادب جي سڀني اديبن ۽ فنڪارن کي حصو ڏنو وڃي. ڪن مخصوص مصلحتن کي ان سلسلي ۾ نظرانداز ڪرڻ جڳائي، جئن ڪابه شڪايت پيدا نه ٿئي؛

_جئن ڪراچي، لاهور، ۽ پنڊيءَ تان، جديد شاعرن_ فيض، جوش، قتيل، جميل عالي، قيوم نظر ۽ نديم قاسمي_ پارن جو ڪلام نشر ٿي رهيو آهي، تئن هتي جي نون شاعرن جو ڪلام پڻ نشر ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ ڪابه ذاتي مصلحت مانع ٿيڻ نه گهرجي؛

_راڳ جي پروگرام کي نشر ڪرڻ وقت، راڳ جي فن ۽ اصول موجب، وقت ۽ مهل جي راڳ کي نظرانداز ڪرڻ، اصول ۽ فن موجب درست ناهي، ان جو خيال رکيو وڃي؛

_ريڊيو جي نشريات کي وندر ۽ تفريح سان گڏ، زياده کان زياده ’عمل ۽ حرڪت‘ ’اصلاح ۽ معلومات‘ پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. رڳو ’وندر‘ ته ڪوبه افادي پهلونه ٿي رکي!

_پروگرام ۾ دلڪشي پيدا ڪرڻ لاءِ تنوع ۽ رنگيني ضروري آهي، رڳو ساڳئي قسم جي ماڻهن جي ڪلام ۽ نشريات تائين پروگرام محدود نه رهڻ گهرجي؛

_هر ماهه، هڪ ادبي محفل، يعني سنڌي مشاعري ۽ ثقافتي ميڙ لاءِ وقت پيدا ڪيو وڃي،

_هر خيال کان، نوان نوان فنڪار به پيدا ڪيا وڃن. سنڌ ۾ نون فنڪارن ۽ ڳائڻن جو انداز زياده آهي، جن جي به حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي،

 

_قومي مسائل ۽ ديني معاملات کي دلنشين پيرايه ۾ بيان ڪرڻ لاءِ، تقريرن جو سلسلو وڌايو وڃي ۽ ان لاءِخاص پروگرام مرتب ڪيو وڃي، جئن ملڪ جي ذهني ۽ فڪري ترقي ٿيندي رهي.

بهرحال، حيدرآباد جي واحد سنڌي ريڊيو اسٽيشن کي، سنڌي ادب ۽ زبان لاءِ گهڻي ۾ گهڻو ڪم ڪرڻ گهرجي.

اديب، بنا اليڪشن، اسيمبلين تي چونڊيا ويندا

اديب ۽ دانشور طبقي جي سماجي ۽ ذاتي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾، اسان جي ملڪ ۾ جو ڪجهه به انقلابي حڪومت جي تشڪيل کان وٺي اڄ تائين ٿيو آهي، اهو قدر ڪرڻ جي لائق آهي.

پاڪستان رائٽرس گلڊ جي تشڪيل، منتخب ڪتابن کي انعام، معذور ۽ ڪهنه سال اديبن کي لوازمو، فوت ٿيل اديبن جي پسماندن کي ماهيانه مالي امداد، مصنفن ۽ مولفن کي پنهنجي تصنيفات ۽ تاليفات جي لاءِ دائمي رائلٽيءَ جو حق، اديبن صحافين جي مسئلن حل ڪرڻ لاءِ ’اجرت بورڊ جو قيام‘، اديبن صحافين لاءِ ٿوري قيمت تي ڪالونين جو اهتمام، مالڪن ۽ اديبن صحافين جي وچ ۾ اجرت ۽ مزوريءَ جي مسئلن جو حل، اديبن ۽ صحافين جي وظيفن ۽ پگهارن جو وڌائڻ، مختلف علمي ۽ ادبي ادارن ۾ اديبن ۽ دانشورن جي خالص ادبي خدمتن کي فروغ ڏيڻ لاءِ کين مالي امداد ڏيڻ، اديبن ۽ صحافين، ايڊيٽرن ۽ صحافت ۽ ادب سان تعلق رکندڙ ڪارڪنن جي حقن جي حفاظت لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ، وغيره، اهڙا علمي ۽ تعميري ڪارناما آهن، جن جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.

ان کان اڳ، اديبن ۽ صحافت سان تعلق رکندڙ دانشورن جي حالت ناگفته به هئي. هي اهي علمي ڪارناما آهن، جن جي تعريف، آمريڪا، روس، چين ۽ ڀارت جي اديبن ۽ دانشورن به ڪئي آهي ۽ اتي، هتي جي طريقن تي، جماعتون پڻ ٺاهيون ويون آهن. جن پاڪستاني اديبن جي نصب العين کي اڳيان رکي، پنهنجو دستو رالعمل بنايو آهي.

ان سلسلي ۾، هڪ اميدافزا قدم هي کنيو ويو آهي، جو اديبن ۽ دانشورن کي، اليڪشن جي خلفشار ۽ ڇڪتاڻ کان سواءِ، اسيمبلين تي بنا مقابلي آڻڻ لاءِ موجود اسيمبلي اجلاس ۾ هڪ ترميمي بل آندو ويو آهي. ان تي عام بحث جي آغاز ڪندي، وزير قانون ايس. ايم. ظفر چيو آهي:

”دستور جو هي اٺون ترميمي بل، ملڪ جي اندر ذهانت، علم ۽ تجربي جو جيڪو خزانو ۽ ذخيرو موجود آهي، ان مان فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ آهي.“

ان ترميم جي عملي حيثيت موجب، مرڪزي توڙي صوبائي اسيمبلين لاءِ صحافت، ادب ۽ سائنس جي ميدان ۾، بهترين ۽ صحتمند، شاندار ۽ تعميري ڪارنامن انجام ڏيندڙ اديبن، عالمن شاعرن، صحافين ۽ سائسنسدانن لاءِ ڏهه ڏهه نشتون مخصوص ڪيون وينديون.

هي قدم نهايت شاندار قدم چئي سگهجي ٿو. ڇالاءِ ته موجوده دؤر ۾، ڪنهن به اديب ۽ شاعر، صحافيءَ ۽ ايڊيٽر، عالم ۽ سائنسدان جو اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي اچڻ، نهايت ناممڪن مسئلو ٿي چڪو آهي. صدر ايوب جو هي قدم تعريف جي لائق آهي، جو اليڪشن جي خرچ ۽ ڇڪتاڻ کان سواءِ، عالمن ۽ اديبن کي اسيمبلين تي آندو وڃي ٿو.

اسيمبلي ته وڏي ڳالهه آهي_ ڪوبه اديب ۽ دانشور، عالم ۽ سائنسدان، بنيادي جمهوريت جي ڪنهن به اداري، ميونسپالٽيءَ يا ضلع ڪائونسل تي به، چونڊن جي ذريعي اچي نٿو سگهي. چه جائيڪ صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ تي ڪو اديب ۽ عالم، اليڪشن ۾ چونڊجي اچي، جتي وڏا وڏا تجربيڪار ۽ ڄاڻو سياستدان به پير کوڙي نٿا سگهن، ۽ ضمانتون به ضبط ڪرائي ٿا ويهن!

موجوده انتخاب جي دنيا به عجيب آهي، جنهن ۾ بين الاقوامي شهرت يافته برٽرينڊرسل ۽ سارتر جهڙا مشهور فلسفي ۽ عالم، اديب ۽ دانشور به انتخاب ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا آهن. حالانڪ انگلنڊ ۽ فرانس جو ٻچو ٻچو کين ڄاڻي سڃاڻي ٿو ۽ سندس مداح لکن نه پر ڪروڙن جي انداز ۾ موجود آهن_ باوجود ان جي سندن ضمانتون به ضبط ٿي وڃن ٿيون!

پاڪستان، ان سلسلي ۾ شايد پهريون ملڪ آهي، جنهن ان بنيادي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سنئون سڌو قدم کنيو آهي، جنهن ۾ اديبن ۽ دانشورن کي، پنهنجي ملڪ ۽ ملت، ادب ۽ زبان جي خدمت جي سلسلي ۽ صلي ۾، قومي زندگيءَ جي قريب آندو ويو آهي ۽ اليڪشن جي شرط کي نظرانداز ڪري، ڏهه اديب، اسيمبلين ۾ آندا پيا وڃن.

ان سلسلي ۾، ٻي سهولت اها آهي، جا وزير قانون بيان ڪندي ٻڌائي آهي ته:

”پاڪستاني دستور، اهو پهريون دستور هوندو، جو ’يَڪ ايواني‘ هئڻ جي باوجود، دانشور طبقي جي نمائندگيءَ تي مشتمل هوندو، ورنه عام طرح سان دنيا جي ٻين دستورن ۾ ان قسم جي نمائندگيءَ لاءِ ٻه ٻه ايوان رکيل آهن. جن ۾ ’ايوان بالا‘ لاءِ مخصوص طبقن کي نمائندگي ڏني وئي آهي. پر هت سنئون سڌو بلا مقابلي، چونڊيا ويندا.“

پاڪستان جي قومي زندگيءَ ۾، اديبن ۽ عالمن، شاعرن ۽ صحافين کي اڄ تائين اهو مقام نه ملي سگهيو آهي. جو هڪ مهذب ۽ متمدن معاشري ۾ کين ملڻ گهرجي ها.

صدر ايوب، تهنيت جي لائق آهي، جنهن اديبن جي هن بنيادي حق کي تسليم ڪيو آهي، ۽ دانشورن ۽ عالمن جي لاءِ، اسيمبلين ۾ سندن واجب الاحترام حيثيت موجب، جايون مخصوص ڪرايون آهن. اسان ان قدم تي، صدر ايوب کي مبارڪ ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهون.

ان طرح اها به اميد ٿا رکون ته، اديبن جي انتخاب جي سلسلي ۾، جو طريق ڪار مقرر ڪيو ويندو، اهو به افاديت پسند هوندو. ان ۾ ڪنهن به بيجا مداخلت، زوربار، سفارش ۽ مصلحت کي دخل نه هوندو. علمي ۽ ادبي خدمت کي ئي آخري معيار قرار ڏنو ويندو.

مهراڻ جو مواد.

اڳئين پرچي، ۳‐۱۹۶٧ع ۾ اعلان ڪيل هو ته، ”مهران“ ۴‐۱۹۶٧ع ۾ نظم ۽ افسانن جو حصو شايع ٿيندو. ان موجب هن پرچي ۾،نظم جو حصو به آهي، جو مهراڻ جي قديم ۽ جديد ڪرم فرما شاعرن جي بلند ڪلام تي مشتمل آهي. ان طرح افسانا ۽ ڊراما پڻ ڏنل آهن.

نظم جي حصي ۾، ”مهراڻ“ جي دستوري ۽ مقبول روايت کي نباهيندي، شعر و شاعريءَ جون سڀ قديم ۽ جديد صنفون پيش ڪيل آهن، جن ۾ سڀني مشهور شاعرن: جهڙوڪ شيخ اياز، لطف الله بدوي، نارائڻ ’شيام‘، ’تنوير‘ عباسي، ’عارف المولا‘، حافظ ’احسن‘، ذوالفقار راشدي، ’بيخود‘ حسيني، جئسنکاڻي ’سام‘، عبدالڪريم ’گدائي‘، ’نياز‘ همايوني عبدالله ’خواب‘، ’محسن‘ ڪڪڙائي، ’محبوب‘ سروري، ’انور‘ هالائي، شبير ’هاتف‘، ’ڪريم‘ پلي، آصف، ’پروانو‘ ڀٽي، ’استاد‘ بخاري، نشتر، وفا، راز، آثم، ’فراق‘ ناٿنشاهي، ’خالدي‘ ٺٽوي، ’نديم‘ انصاري، عبدالفتاح ملڪ، هري ’دلگير‘، ولي محمد ’وفا‘، ’سليم‘ هالائي، جليل سروري، محمد علي ’جوهر‘’موج‘ لغاري، ’خادم‘ سروري، پرڀو ’ناشاد‘، ’دادا‘ سنڌي جو ڪلام آيل آهي، مثلاً، بيت دوها، ڪافيون، وايون، گيت، لوڪ گيت، نظم، آزاد نظم، نيون طرزون، غزل، قطعا، رباعيون، وغيره. ان طرح لافاني ڪلام ۾ سيد خير شاهه حيدرآباديءَ جي ”مناجات“ ڏنل آهي. جا اڄ تائين ڪٿي به شايع نه ٿي آهي.

ان طرح چار معياري افسانا، ”گونگي ڌرتي، ٻوڙو آڪاس“_ شوڪت حسين، ”رت جو رنگ“_ عبدالقادر جوڻيجو، ”نيرو پنو“_ لاله يثرب، مترجم: غلام نبي ميمڻ، ”قبر جي ڀر ۾“_ ميڪسم گورڪي، مترجم: ڪمل پياسي، ڏنل آهن.

ان طرح هڪ ناٽڪ ”واٽون ۽ نيڻ“، ممتاز مرزا جو ڏنل آهي، جو سنڌ جي پراڻي روايت تي مشتمل آهي.

مضمونن جو حصو، هن ڀيري، چيف جسٽس اي. آر. ڪارنيلس جي، ”مذهب ۽ بنيادي انساني حق“ جهڙي فڪرانگيز تقرير سان شروع ٿيو آهي. ان طرح تاريخي مقالن ۾ ”يورپ ۽ سنڌ جا تعلقات؛ محمد حسين پنوهر؛ ”سر بارٽل فريئر“، لطف الله بدوي؛ ”سلطان علاؤالدين ۽ سومرا“، مير محمد بخش خان ٽالپر، محققانه چيزون آهن.

ان طرح لسانيات ۾، ”يوناني ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سٻنڌ“ ليلو رچنداڻي، ”سنڌي رسم الخط جي تاريخ“، هڪ سابق گورنر سنڌ، ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بنياد بابت ويچار“، ڪرشنچندر جيٽلي، معلومات افزا آهن.

ادبي مضمونن ۾ ”سنڌي ڪهاڻيءَ جو اوائلي دؤر“، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ۽ مرحوم احسان بدويءَ جي آخري تحرير، ”پوڙهو جهازران“، ادبي شاهڪار چئي سگهجن ٿا.

ان کان پوءِ، ”ادب لطيف“ ۾ ’آکا‘، ’فن ۽ فنڪار‘ ۽ ’التجا‘_ فضل الاهي انصاري، آسڪروائلڊ مترجم ذوالفقار راشدي، رابيندرناٿ ٽئگور مترجم تاج صحرائي، آيل آهن.

آخر ۾ دستوري مستقل عنوان، ”مهراڻ جا موتي“، ”مثالي ٽڪرا“، ”علمي خط“، ”پڙهندڙن جا پيغام“، ”تبصرا“، ”آديسي اٿي ويا...“ ۽ ”ثقافتي سرگرميون“، آيل آهن.

مهراڻ جي اڳئين مقبول ۽ جاذب نگاهه ترتيب کي قائم رکڻ جي سلسلي ۾، ”گذارش“ ۽ فهرستن سان گڏ، علمي ۽فڪرانگيز اقتباس پڻ ڏنا ويا آهن. اميد ته ”مهراڻ“ پنهنجي اڳئين روايت تي هلندي، معياري ۽ ڪشش انگيز نظر ايندو. اهو سڀ ڪجهه اسان جي اديبن ۽ شاعرن جي تعاون ۽ وابستگيءَ جو نتيجو آهي، جن اسان سان هر طرح هر حال ۾ تعاون ڪيو آهي. اسان سندن شڪر گذار آهيون.

ڊاڪٽر سيد اسدالله شاهه ”حسيني“، اعزازي سيڪريٽري

سنڌي ادب سان چاهه رکندڙ علمي ادبي حلقن لاءِ، هيءَ خبر مسرت انگيز ٿيندي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جي بلند منصب تي، محترم ڊاڪٽر سيد اسدالله شاهه حسيني کي منتخب ڪيو ويو آهي. اسان ان انتخاب تي، دلي تهنيت پيش ڪريون ٿا.

جناب شاهه صاحب، سنڌ جي علمي ۽ مذهبي تهذيبي ۽ ديني مرڪز، ٽکڙ جي مردم خيز سرزمين جو هيرو آهي. هن جوان همت ۽ جوان حوصله، نوجوان، عمر ۽ علم جي لحاظ سان، جي مرحلا طئي ڪيا آهن، اهي اسان جي نوجوان طبقي لاءِ هڪ عمدو مثال آهن. شاهه صاحب سنڌ جي مشهور برگزيده روزگار، عالم دين، اهل دل، قومي خدمت گذار، خلافتي اڳواڻ، علامه قاضي سيد اسدالله شاهه ”فدا“ حسيني مرحوم مغفور ٽکڙائيءَ جو پوٽو آهي، رب ڪريم شال کيس، پنهنجي برگزيده ڏاڏي جي علمي ۽ ديني صفات سان متصف ڪري، آمين!  جناب ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني، مشرقي ۽ مغربي علوم جي تحصيل ۽ تڪميل جي سلسلي ۾، سنڌ ۽ انگلنڊ جي علمي ادارن کان مستفيد ٿيو آهي. هڪ طرف شاهه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ مان، ڪلاسيڪل فارسيءَ ۾ بي. اي، آنرز ڪئي آهي، ۽ ٻئي طرف، اسڪول آف اورنٽيئل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز، لنڊن يونيورسٽيءَ مان، ڊاڪٽريٽ جو امتيازي مقام حاصل ڪيو آهي.

سندس ڊاڪٽريٽ جو عنوان آهي: ”ايران ۾ تيموري دور ۾، مذهبي طبقن جو معاشري ۽ سياست تي اثر“_ ان عنوان تي، شاهه صاحب، لڳاتار ٻه چار سال، علمي خزانن، مطبوع ۽ غير مطبوع ذخيرن، دستاويزن ۽ علمي آثارن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ان موضوع تي محققانه ۽ عالمانه تاريخي ۽ دستاويزي چيز پيش ڪئي آهي. اهو موضوع نهايت اهم، تاريخي، مذهبي، معاشرتي ۽ سياسي مباحث ۽ مسائل تي مشتمل آهي. ڪاش! ان کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي. ان طرح شاهه صاحب، شاعر ۽ اهل قلم به آهي، سندس ڪلام ۽ تصنيفات کان سنڌ جو هر اديب آشنا آهي. شاهه صاحب، جنهن مخلصانه انداز سان، سنڌي ادب جي خدمت ۽ اشاعت جي سلسلي ۾، اعزازي طور، پنهنجون خدمتون آڇيون آهن، اهي تعريف جي لائق آهن، ۽ نوجوانن لاءِ هڪ آدرش جو درجو رکن ٿيون. اميد ته هن نوجوان ۽ بلند حوصله فاضل شخصيت جي مخلصانه خدمات جي صلي ۾، بورڊ، پنهنجي سابقه روايات کان به وڌيڪ، روشن مستقبل ڏانهن گامزن ٿيندو، ۽ علم ۽ ادب جي خدمت ۾، پنهنجي بين الاقوامي شهرت کي، بام عروج تي پهچائيندو. اسان جي دعا آهي ته شال هي نوجوان ۽ بلند همت عالم ۽ فاضل شخص، پنهنجي مثالي ڪردار ۽ عمل سان، نه فقط بورڊ لاءِ تعميري ۽ افادي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندو، پر ان سان گڏ، ادب جي عظيم روايتن جي اشاعت لاءِ به دانشمندانه بصيرت جو ثبوت ڏيندو.

شڪريه

آخر ۾، اداره ”مهراڻ“، جناب حضرت مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولا“، چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، ۽ جناب پير حسام الدين راشدي صاحب ۽ شيخ علي محمد صاحب (پرنٽر پبلشر رساله مهراڻ) ميمبران بورڊ، جو ٿورائتو آهي، جن مواد جي ترتيب ۽ انتخاب جي سلسلي ۾ معاونت فرمائي ۽ تعريف جي قابل مشورا ڏنا ۽ مواد کي نظر مان ڪڍيو.

ان طرح اداره مهراڻ، جناب ڊاڪٽر سيد اسدالله صاحب ”بيخود“ حسيني (اعزازي سيڪريٽري)، ۽ مسٽر غلام رباني (اسسٽنٽ سيڪريٽري)، محترم علي بخش صاحب، مئنيجر پريس، ۽ سندس ڪارڪنن جو احسانمند آهي، جن ڇپائيءَ جي سلسلي ۾، فني نظر سان تعاون ڪيو ۽ پوري وقت تي رسالي کي شايع ڪيو آهي.

ان طرح ”مهراڻ“ آفيس جي ڪارڪن ۽ رفيق، مسٽر پرڀو ”ناشاد“، مواد جي نقل، ترتيب ۽ پروف بينيءَ ۾ قابل قدر ساٿ ڏنو آهي.          _غ . م . گ  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com