سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: 2/ 1990ع

 

صفحو :21

سَٺو نه ٿيو سُور                                  .

حفيظ ڪنڀار

ڏينهن جو ٽيڙو ٽٽڻ لڳندو هو ته هُو ڳوٺ کان پاسيري پنهنجي گهران نڪرندو هو ۽ گهٽيءَ کي ڍنگهر جي ٽَپ جي کڙها ڏئي شاخ ٽپي اچي ان اڇي اجري پيچري تي پڄندو هو، جيڪو لُنڊي جيئن وٽ کائيندي، ڇُٽي واري ڳوٺ کان ٻاهر نڪري، وڃي وڏي رستي سان هُپ ٿيندو هو.

ڇُٽي واري ڳوٺ ۾ ڍَرڻ شرط سندس نظر گهڻو ڪري ماستر تي پوندي هئي، جيڪو انب جي وڻ هيٺ ڪتاب پڙهڻ ۾ لڳو پيو هوندو هو يا مٿي کي ميندي هڻي سُڪائڻ لاءِ ڪرسي يا کٽ تي ويٺو هوندو هو.

”استاد وڏي جو خير!“

”بسم الله- بسم الله، ميهار خان.“

ميهار اسڪول کي ڏنل چيلهه سريکي ڀت کان ٿيندو، جڏهن سامهون پَل جي ڪپ تي بيٺل گهاٽي پپر هيٺ هوريان هوريان مچندڙ ڪچهري ۾ ”سلاماليڪم“ ڪري اچي رسندو هو ته پپر جون ٽاريون به ڄڻ آتيون ٿي پونديون هجن ۽ پل ۾ وهندڙ ميرانجهڙو پاڻي به کيس ڄڻ جيءُ ڪار ڏيندو هجي. ميهار جي لاءِ ڪچهري ۾ ڪڏهن سوڙ نه ٿي.

”هتان اچ ميهار خان – هتان“ جمعون سُرندي چوندو هو.

”اي ايڏهين ڪاڙهو ايندو، هليا منهنجي ڀر ۾ ويهه.“- سومار گنجو پنهنجي ٽڪڻ تي نراڙ کان ڪياڙيءَ تائين هٿ ڦيريندي چوندو هو.

”وڃ ٻيلي! ميهار تي ايڏي والار.“ ابراهيم جي صلاح ئي اور نموني جي هوندي هئي. پر هو پنهنجو ٽانڪا هنيل ۽ چتيون لڳل بوٽ لاهي، گهاٽي سُٿڻ همراهن وچان بچائيندي ڇڳل تڏي يا ڳوڻ تي پنهنجي مرضيءَ سان ويهي رهندو هو. هن جو ويهڻ معنيٰ ڪچهري سڄي جي سڄي ڀڙڪو کائي مچي ويئي.

ڇڙوڇانڊ، سُڃو سرِ ميهار چڱي خاصي  عمر کي جوڳ ڏئي اچي پوئين پيرين ٿيو هو، پر اڄ به ڪنهن دُوران مڙس کي ويهاري پڃري کڻندو هو ته ڄڻ ستن مڙسن جو ست منجهس اوتجي ايندو هو. اڄ ڏينهن تائين کانئس ڪو چنبي ڇڏائي نه سگهيو هو. ننڍڙين اکين ۽ مٿي تي سدائين گرانٺ جيڏن وارن واري ميهار لاءِ مينهون ڪَنِر ۽ عطاڙُو وڄڻو چوندا هئا.

”سائين! ميهار جو تِڪ ڏيئي پيتل ٻه سير گيههَ پچايل آهي.“

”پڻس به مرهيات جانٺو هوندو هو.... اَچو وري مراد بِني جي ڳالهه چوريندو، جنهن ڀوڳن ۾ سندس نئين ڍڳا گاڏي هڪڙي دفعي رات جو مٿي تي رکي وڃي سندس ڪماند ۾ لڪائي آيو هو. ٻئي ڏينهن راڄ مڙي آيو، چيلهو پڙ تي ٺهي ئي نه، جو گاڏي هٿ اچي. مراد شام ڌاري گڏ ٿيل راڄ کي چيو.

”ابا جي کُري ڏيو ته گاڏي جو ڏس ڏيان“- کُري جي باس ٿي، همراهه ملندي چيو: ”مراد رات دُري هيٺ مٿو ڏئي گاڏي ڪماندن ۾ رکي آيو اٿانوَ.“ همراهه دنگ ٿي ويا.

”اڙي، ماڻهو اهئين ڪ غيبات“- مڙسن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. مراد ميهار جو پيءُ هو، کيس مُئي ورهيه لنگهي ويا، پر ڳالهيون نه کُٽيون. کمون ڳالهه ڪندو هو ته هڪڙي رات وڃي جوتي رام جي دڪان کي اڪيلي سر کاٽ هنيائين. اڍائي مڻ بار پٺن تي، آڌيءَ جو ٽي ڪڙيا ٽپي اچي پرديسي واري ڪنڊيءَ کان ڀڏي تي چڙهيو آهي، اتان ڊکڻن واري ڪڙهه ڏئي،درسن واري هُڙيءَ ۾ اچي پير ڊاٺا اٿس.  وري پوٺي تي چڙهي وڏي تاري ويل ٺڪاءُ وڃي رئيس الهداد (بهشت نصيب ٿئيس) جي اوطاق تي ڪيائين.“

”ها سائين، هن جون ڳالهيون ته هن سان هيون. هل ڙي مراد بنا هل تنهنجي ڄمار.“ ماضيءَ جي منجهيل سٽ مان وري ڪو ٻيو ڌاڳو نڪري ايندو هو ۽ مراد جي ڳالهه ٿيندي هئي ۽ ڪو پيري پڳل همراهه چپ چوريندو هو ۽مماتين جي سيم ۾ پير ڳوليندي مراد جو پير لڪي بيهندو هو.

”هڪڙي دفعي مينهن ويس وڃائجي. مينهن ڇا هئي، هِي چَلَهه هجنس.... ڳالهه ڪندڙ جون گوڏن تي ٻڌل مُنڊيون کلي پونديون هيون.... وري اهڙي ڀٽاري سڀري جو مَک پئي ترڪي. هي مولائي پڇائيندي پڇائيندي وڃي نڪتو آٿيلن جي ڳوٺ. مينهن جو رڳو ڏس پيو ملي، هِتان وئي هُتان مَٽِي. خير جڏهن شيدين جي ڳوٺ پهتو ته خبر پيس ته سومار شيدي مينهن سڃاتي، سو ڪاهي ڳوٺ ڏانهن نڪري ويو آهي.

سياري جو چاليهو هجي. اُٺيون پيون ڦر ڇڏين. مينهن ته ٿي هٿيڪي، پر مرهياتي جو مينهن ۾ ساهه هجي، سو ڪٿي ٽِڪي. ڳوٺ اٺ – نوَ ميل پري، هن کي بت تي هڪڙي قميص ۽ سٿڻ مٿي تي ٽوال، پر مڙس سيءُ کان لاهرائي ڪنهن کي رات ٽڪائڻ لاءِ چوي سو به ميهڻو.

”مامهند! پوءِ همراهه اچي اتر ڇوٽ کي پوٺي تي سامهون ٿيو. هوڏانهن سيءُ، هيڏانهن مراد. وٺي ڊوڙ ڪڍئين.  ڊوڙ ۾ اڌ پنڌ کٽائي اچي کيڙيءَ ۾ پيو. تنهن وقت ۾ ماڻهن ۾ سياڻپ به هوندي هئي. جي ڪو اوهان پارو هجي ها ته توري ٿيو پيو هجي ها.... پر تڏهن زماني ساز ۽ عقل وارا مڙس جام هوندا هئا. ابا کيڙِ ۾ پيو، ته ڇا ٿو ڪري. واري وڇايئين ٽوال. کڙا وجهي ٻڌئين ڀَري. مٿي تي رکي چئين ته هاڻي پيو اوتون ڪر، منهنجو نالو به مراد بنو آهي. هاڻي جي مري ويس ته بي ميار اهئين. بس پوءِ چوٿ پنڌ مس پڄائين ته اچي پگهر نڪتو. جيئن پگهر نڪري تيئن مڙس تکو هلي، نيٺ شم ٿي وڃي کڙن سوڌي ڀري اوٽي تي اڇلئين. اهو سيءُ اهڙو ته پچائين جو اسان جي ڏسندي پارا پيا ڄمندا هئا. اڪ پيا سڙندا هئا، پر هو گڏ گنجيءَ ۾ پاڻي پيو آڌين جو واريندو هو.

ميهار سندس پٽ هو. جن مراد کي ڏٺو نه هو، اهي ميهار ۽ پڻس جا پاڇا ڏسڻ لاءِ جهوتون ڏيندا هئا، پر مراد جا سنگتي کلي چوندا هئا: ”نه سائين! آهي ته اسان جو ميهار خان ڀائٽيو پر اهي ڦنڪيون ئي ڪونهن، مراد ڪير سڏائي ابا؟“

”ڏاڍو وڙائتو مڙس هو. آڌيءَ جو سڏ ڪر ۽ مراد نه جهلي، سوال ئي ڪونهي؟“

”سائين تڏهن ته سالڪن اهڙن مڙسن لاءِ چيو آهي ته ”مرد تنهنجي ڪا وڃي باقي دنيا منجهه ڳالهه رهندي“. ۽ ائين مراد مرهياتي جا داستان جذبن سان وهنجي سهنجي شروع ٿيندي ٿڌن شوڪارن ۽ ڍرن جملن سان ڪچهرين ۾ ختم ٿيندا رهندا هئا.

ميهار ڪچهريءَ ۾ ويهندو هو ته ڳالهين جا ٽانڪا ٽٽي پوندا هئا. پهرين ته هال پڇبو هو فصلن جو.

”ميهار! مرچن جي خبر ڏي ڀلا؟“

”ياقو ٻيلي مونوارو ته چيڄو ئي سڙي ويو، باقي چنگيون هنيون آهن، دعا ڪر ته ٿئي نه ته تو مون وارو ڀاڳ شخر سان سڻائو آهي.“

”ميهار پاڻ اڳي ڪهڙيون بکاريون ڀريون آهن جو هاڻ مرنداسين. مڙئي جڳ جي نار ۾ هر ڪنهن کي وَهڻو آهي، پوءِ ڪو ڪيئن ڪو ڪيئن پيو وهي.“

”برابر.“ علي خان پَن جي ٻيڙيءَ مان سوٽو هڻندي ڳالهه کي ٺيلهو ڏيندو هو.

ميهار پراڻي ٽوال جا مُٺيا ساکوريندي، ڪانڀ ڪڍي، گهاٽين اڻڀين ڊگهين مڇن کي وٽڻ بجاءِ وکيريندي کيسي مان ٻيڙي ڪڍي ڪچهريءَ کان ماچيس گهرندو هو. سڀن ٻيڙيءَ جي موالين جا هٿ پنهنجي کيسي ۾ پوندا هئا ۽ کڙ - کڙ ٿيندي هئي.

”ٻيلي! هڪڙو باڪس کپي، مون کي دڪان ڪڍڻو ڪونهي.“ ميهار ٻيڙي دکائي ته ڪچهريءَ کي پسڻ پئجي ويندا، ڪا ڳالهه آئي ڪ آئي.

ڳالهه ڪهڙي به هجي. ميهار جي واتان سون ۾ ترندي. هر هنئين جي جهولي ۾ پئي پوندي هئي. هو ڪش هڻي دونهن جي ڇلن کي تڪيندي ڪنهن نه ڪنهن قصي کي مُرئي کان ڇڪي کڻي اوريان ڪندو هو، جيئن پاسي واري پَل ۾ وهندڙ مٽي، پاڻي سان گڏ ڪلراٺن آئينن ۾ وڃي زمين جو پيٽ ٺاري وجهندي هئي، تيئن ميهار جي ڳالهين جي چيڪي مٽي اکرن، لفظن ۽ اشارن جي جر سان گڏ لڙهندي ويٺل همراهن جا کوڙ سارا سڙيل هنيانءُ ٺاري وجهندي هئي. سڀ ڳالهيون، چوري چڪاريءَ جون جنهن ۾ رات جو لِڪي ڦٽيون چونڊڻ کان وٺي کونٽي تان مال ڇوڙڻ، ميڙن م جهيڙا ڪرڻ، ماڻس پاران پڻس سان وڙهڻ، راڄوڻي ڪرائڻ. جيئن ڪو ڇوٽ ڏاگهو چوٽيون ۽ ڏهر لتاڙي، ميهار به ويل وقت جي چوٽين تان لهي ڪچهري جي پاتال ۾ پيهي ويندو هو، وري وٺي جو ڊُڪ ڪندو ته ڪنهن نه ڪنهن ساروڻي جي اڀ ڪپري چوٽي تي نظر ايندو.

هو هميشه ڀَري تُري منڊلي مان ابڙڪو ڏئي ”ماشا الله هاڻي“ چئي موڪلائيندو هو. ميهار اٿي هليو وڃي ۽ محفل جي ڦوڙائي دکندي رهي، کوڙوئي نه لڳي. هلڻ لاءِ اٿي ويل ميهار کي ويهارڻ جڙن وهڙن بار رکڻ برابر، پر منٿ ضرور ٿيندي هئي.

”ويهه ميهار ويهه - ڪو نه ٿي تنهنجي وَٽ سُڪيو وڃي.“ کيمي جو هٿ ميهار جي ڳري سٿڻ ۾ سُڪ ٿي ويندو هو.

”توکي قسم آهي ميهار - سڀئي اٿون ٿا، تون ويهه ته سهي.“ رسول بخش ويهڻ لاءِ هٿ سان اشارو ڪندي چوندو هوس.

”يارو ميڙو متو جهيڙو تتو ڇڏجي، سج پيو لهي، گهر پهر ڪونهي.“

سڀني کي خبر هوندي هئي ته پاڻ هيڪلو ئي گهر ۾ آهي، ٻي پهر آهيس ئي ڪا نه تڏهن به گهر ته هوس. ٻه ڀيڻون بنا بدي جي پڻس مراد پنهنجي حياتيءَ ۾ شينهن ڪلهي چاڙهي ڇڏيون هيون، جن کي ميهار پنهنجي ليکي جيئري ماري گڊ چاڙهي چڪو هو. سالن جا سال ورهين جا ورهيه گذري ويا پر اهڙو هنئين جو ڏاڍو جو اوڏانهن وڙڪيو به ڪو نه.

پهرين ته نوجواني، پوءِ ڦوهه جواني ۽ هاڻ ته جواڻي ۾ تکي پاهي ۾ ڏينهن، مهينن، سالن ڪڪرا وجهي ڏاڙهي ۽ مٿي تي ڪئين اڇا اڇلي ڇڏيا هئا، ۽ جيئن پوءِ تيئن سندس اک پوين پهرن تي ٽِڪ ٻڌندي نظر ايندي هئي.

”هاءِ ڙي زمانا! راڄ ته هوندا هئا اڳي، هاڻ ته يُوريا ۽ ڊالڊا ملڪ ئي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيو آهي. نه اهي راڄ، نه مڙس. اصل هٿ لاهي ته جهڙو ڪپهه ۾ هٿ پيو. راڄ ويا، مڙس ويا، طاقتون ويون. اڄ جي همراهه کي هڪڙي ڀيڻي تي اڀ کڙيو ويهار، جي غش ٿي ڪري نه پوي، ته مون کي چئبو ٿُڪ هجنئي ميهار!“

ڳوٺ جا ڪمهوڙا، ڇورا - جيڪي آبٿن ۽ ونگارن ۾ پاڻ پڌرو ڪرڻ لاءِ وڏي سڏان ڳالهائيندا هئا يا ڪا لاٽڻ اڀي ڪرڻ مهل گڏجي ”اچي مچي، آئي آئي“ چئي سڄو زور لائيندا هئا، سي وري ڀوڳ چرچي ۾ ميهار کي ٽوڪر هڻندي ”واندو خان“ چوندا هئا. ”ير! ڪيڙ وارا آهيو، تڏهن ٿا واندو چئو. هيڪلو شل رب دشمن کي به نه ڪري“.

”ميهار، دل ۾ نه ڪر اسين ته پيا کلون“.

”ير! آهيون ڀينگيا - پر وات جي مِٺاس جو ڌن گهڻئي آهي. رب ڪندو ته سڀن جي رهجي ايندي“.

”دعا ڪريو دعا، زبان آهي جيڪا کٽ تي ويهاري جيڪا پٽ تي ويهاري“.

ڪچهري سڄيءَ مان اميدن جي خوشبو اچڻ لڳندي هئي.

ميهار زماني هيلوڪن پٽن تان وکون کڻندو ٻاروتڻ جي انڌاري مان لوهه ڏئي ڪنهن وسريل جاري ۾ سار جي ٽمڪندڙ وٽ وارو ڪو نه ڪو ڏيئو آڻي اڳيان رکندو هو.

.... تڏهن جانُو مون واري ڄمار انهيءَ ڪاڪي جيتري هئي يا ٿوري سرس هئي.... هن جي آنڱر سامهون ڦڙ تي جهڪي پاڻي پيندڙ ڇوڪري ڏانهن اشارو ڪندي هئي،... بس تو وارو ڇوڪرو عرس آهي نه ايترو هجان. نه مُٺ ننڍو نه وڏو. مڇن جي هلڪڙي ساوڪ به اچي پئي، موهيڙا ياد ڪونهي پر رنگ مون وارو اهڙو نڪتو، اهڙو نڪتو جو اصل انب لڳو پيو هجان، جيئن ڳوٺ ۾ چانڊوڪي ۾ مسيت چلڪي تيئن پيو چلڪان. هاڻ ته ڪمن ۽ غمن چيلهه ڀڃي وڌي آهي. ڪيڏانهن ويا رنگ روغن، ڪيڏانهن وئي ڄمار. ميڙو پرديسي فقير جو لڳو پيو هجي. ابي جهليو ته ”ڇورا هيڪلو ميڙي متان ويو آهين، لالا کڻي ويندءِ.“ هوڪو ٽوال ڪلهي تي رکيو پيو ميڙي تي وڃي. ڳوٺ جا ڇورا جهڙوڪر مون کي ساڙڻ لاءِ پيا صلاحون ڪن. هاڻي ميهار ڪري ته ڇا ڪري؟ ملاکڙو ٻيو لڳو پيو هجي. ڪاڙهي زرهه جو گهر ماني کائڻ آيس، ڏاڏو تڏهن حياتي هو. ماني کائي ابي کي ڏٺم. ”هائو ٻيلي! همراهه کُڏ ۾ ستو پيو آهي پر کونگهري جو ٺڪاءُ پيو پوي. بس نڪا هم نڪا تم ڪري وڃي پيهي جو پاسو جهليم. خبر هئي ته امان پئسا اتي ٿي رکي. تر جون رَليون اٿلايو ته يڪا ٻه روپيا اچي پيرن ۾ ڪريا. تڏهن ته رپئو به وڏي ملڪيت هو. پر لالچ به تڏهن اهڙي جا اهڙي هوندي هئي، جهڙي اڄڪلهه جي وقت ۾ آهي. مٿي ڏسان ته قرآن ڇڪي تي رکيو آهي. اچي ڏڪڻي ورتي. توبهان توبهان ڪيم. پر يار! توبهه ڪندي ڳالهه ياد اچي ويم ته ڏاڏا به پئسا قرآن جي بُجڪي ۾ ٿو رکي! هڪڙو قرآن هيٺيان چوري ٻيو قرآن منجهان. چيم ميهار جو اڄ ڪنڌ نه ڀڳو ته ڪڏهن ڪو نه ڀڄندو. وري دل جهلي چيم ته ڪنڌ ڀڄي ته اڪوئي ڀڄي پوي، پر روح ڪو نه رسڪائبو. ڏوهه ته ڪونهي ڪيو. ابا! کڻي جو ڀلاري کي اپٽيانس ته رپئي رپئي جا ٻه ٻيا گجڻي جي واري جا نوٽ پيا هجن. چيم مولا چاندي به تو ڪرائي آهي، هاڻي بشڪ به پاڻ ڪج. چارئي نوٽ هڻي آبداڻ ۾، سڳورو ٺپي چُمي بجڪي ۾ وجهي کڻي ڇڪي تي رکيو. پوءِ ته ڏنو کڙين تي زور. مينهون رهيون موريءَ تي، مون ورتو شاخ جو ڪپ. ڏينهن ماندو ٿيو سج جَهڪو ٿيو، آءٌ به اچي پهتس ميڙي ۾. پئسا ابداڻ مان ڪڍي واري وڌم کيسي ۾. پر ڀاڳ ۽ ميهار ڪو اصل کان وڙهيل... ميهار ڪچهري گهوماٽي کائيندي وري پوئتي اڏامي ويو.

..... بازار مان ڦيرو ڏيندي منهنجي ٿي ڦٽي اچي. اچي جوا جي ڪانٺي تي بيهي رهيس ۽ اها کِٽ به ڪا انهيءَ سال پهرين پهرين آندي هئائون. لالچ ٿيم ته چئن مان اٺ رپيا ئي وڃن ته ڍؤ آهي. پر ٿورو عقل به ويڙهايم. امان وارا پئسا رکي، ڏاڏي وارا ٻئي ٿو ڏيان ڪانٽي جي منهن ۾، پر ڪانٽي واري پان خور ڪانٽي کي اهڙو ته ڌوڻي ڦيرايو جو مون وارا رپيا ٽپي وڃي هڪڙي پنجاهه جي نوٽ تي بيٺو. ٺهيو ٻيلي اهي ٻئي رپيا ڦلهيار ٿي ويا. آءٌ سڙي ويس. پر وري به رپيو رکيم. آکٻي ڪري ڪانٽي تي سو به ويو رئي ٿي. باقي بچيو رپيو، سو وڃي ورتم ڦلا ۽ ڪشمش جي ڀري ملي. پر پئسن وڃڻ جو ارمان، سونڙيءَ کان هيٺ لهي ئي نه. نيٺ اجرڪ جي ٻوڪاني ٻڌي اچي ڪانٽي جي ڀرسان بيهي رهيس. پرديسي سان ٻول ڪيم ته تنهنجي پڙ ۾ وري اهڙو ڪم ڪو نه ڪندس ۽ مراد بني جو پٽ آهيان سو ويل پئسا به واريندس.“ آءٌ پان خور جو پاسو جهلي بيهي رهيس. مُردار جي هٿن ۾ شاهي ٿهي نوٽن جي هجي. هن جيئن ڪانٽي تان ٻيا پئسا روڙي ٿهي ٿلهي ڪرڻ لاءِ هٿ ڍرو ڪيو ته باز جيئن چنبو هڻي وٺي تتر ٿيس. ميڙي جو منهن، قناتون ۽ لڪڙا ٽپندي، الهندي پاسي کپن ۽ ڪنڊڪين جا ٻوڙا ۽ ٻيريون بيٺل هيون، اوڏانهن ڀڳس. ستاويهن اٺاويهن جي ڪاري رات، ”وٺو وٺو“ ٿي وئي. پر ڊوڙ ۾ ڪير پڄي؟ چيم پئسا هُن مُنڪر پگهر وهائي ڪمايا ڪو نه هئا، پرديسي جي پڙ مان اسان جهڙن مولائين کان ڦريا هئائين سو مُٺ ۾ هڻي ڀڳس، پر گس جو پتو پئي نه. اچي لئين ۾ پيس، اتي ڍرو به ٿيس.

”.... هاڻي هوت خان ٿو ٻڌي“... ميهار هوت خان جي گوڏي تي هٿ هڻندي چيو. ميهار ٿوري ساهي پٽي ڇوڪري کي پاڻي لاءِ چيو جنهن ٿڙ سان ٽيڪيل ڳوڻ سان ڍڪيل مٽ مان ڇل ڀري ڏني.

”واه ڙي ڪاڪا واه“ ميهار ڇل خالي ڏيندي چيو ۽ ڇوڪرو گد گد ٿي گول ڪچهري ۾ ٺاهوڪي جاءِ والاري وهي رهيو.

مُڙسن جا منهن بند ڪن ميهار ڏينهن ته ڳالهه کي وري چوري... ميهار ڳالهه کي جوڙ هنيو... منهنجو ڍرو ٿيڻ ۽ هڪل ٿي.

”ڪهڙو آهين؟ بيهي رهو.“

خير سائين! بيهي ته رهيس، پر ڪاري رات، ڪمهلو ٽاڻو، هڪڙو ڄڻو سو ڪچاٽ، چيم هائو ٻيلي مليو ڀت ڀاڳين.  تڪڙ ۾ پئسا وڌم بوٽ ۾. همراهه ٻه هجن، ويجها ٿيا، هڪڙي جي هٿ ۾ ٺاهوڪو بانٺو هجي ٻئي وٽ ڪُهاڙي، تيلي ٻاري ڏٺئون. مون ڏٺو ته ڇورا مون کان سوايا به آهن ۽ هڪڙو ڄڻو هجي ته منهن ڏجي. هاڻي الائي ڇا ڪندا؟ هينئون پهرين هاري ڇڏيم، تيسين هڪڙو ڦاٽو.

”شفو! گدرو اٿئي، گِدرو“ بس مون وارا ڍڍر ئي ڍرا ٿي ويا. ڳالهه سمجهي ويس. دل ۾ چيم: الائي ڏاڏا پيو پٽي، امان پئي ارهي ٿئي يا قرآن جي ڪاني ٿي لڳيم، تيسين ٻئي چيو.

”آهي گِدرو واه واه ورهائبو.“

”ڪير آهين؟“ پهرين پڇيو.“

نڀاڳ ته منهنجو اڳ جهليو بيٺو هو، سو چئي ڏنم، ”وسنداڻي آهيان.“

”اڙي! پوءِ ته ليلان – لهر ٿي وئي، ڪنهنجو پٽ آهين.“

چيم ”مراد بني جو پٽ آهيان، ميڙي تي ويو هوس، گس ڀُلجي ويو آهيان.“

هڪڙي ڄڻي چيو ”نه ڙي نه!  تون ته هٿڪيو ٿيو آهين پٽ!“ ميهار پنهنجا اڇا، ڦِڪا، رنگ برنگي ڏند ڪڍي کلڻ لڳو ۽ گل محمد جي ڪلهي تي هٿ رکي چيائين ”گل محمد! اتي ڏسجئين ڪيئن ٿو نڀاڳي کي نپوڙيان.... ڇورا هجن ڪي متاڻين جا، جن جي ٻانهن ڪاڪي عبدالله کنئي هئي دينا داستي. خير مائي ته ڪو نه واري سگهيا، پر وري ٽي سال رکي، مرهيات بهشت ڍري! ڇوڙيائون گهوڙي، گهوڙي ڇا، پري هئي، پري، سا رات پيٽ ۾ وڃي بديڻا اُڪاري، کاري کان ڪڍي، نيٺ گهوڙي کُرن سوڌي کائي ويو۔ متاڻي دل جا پورا، ڪهڙا پلاند ڪن؟ ڀاڙئي مڙس جو وير وٺڻ اجهو ائين، جو بيگاهه وقت ۾ هڪڙو ڄڻو هٿ اچي ويس ته ويٺا غيرت ڏسين.

هڪڙي ڇوري چيو ته ”مولا مال ڏياريو آهي. هاڻي مَتاڻي ڀلي ڇاتي سامهين ڪري هلن؟ ڇورا جي چُريو آهئين ته ڪُهاڙي سڌي مَڻڪي ۾ ڏيندوسئين.“

چيم ته پاڻ ٿو ڏيو ويهان ته به ٻيڙو ٻُڏو جي نڪري ويس ته... تيسين ساهي به پٽي ورتي هئم. ائين آيت الڪرسي پنج هزاري پڙهي وٺيو ٿو هڻان گهت. سڄي ڄمار گهُتون ڏيندي گهاريسون، پر انهيءَ گهت جي اڃا خبر نه پئي اٿم ته ڪيئن هنيم، ۽ ڪيئن ڦٻي؟

ڍورو جهڪاڻ ۾ هو، ليمون به ٺاهوڪيون ڊگهيون هيون، ڇوري بانٺو اڇلي هڪل ڪئي ”متان ويو آهين پيٽ اگهاڙي جا“ پر اڳڙي ڪا آڏي هئي. شاپڙ شاپڙ ڪري گهڻئي پويان لڳا پر ڊوڙ به ڊوڙ هئي نه. جهَرلو ڇا جهليندا؟ مون رڳو ايترو ٻڌو ”ڇورو ڀلوڙ ڀڄي ويو.“ آءٌ يڪ ساهي ڍورو ٽپي اچي هڪڙي ڦٽل پَل تي وهي رهيس. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم ٿيو خير، اِتي ڪُتي جي باهوڙ ٻڌم. سمَڌس ته ڪنهن وسندي کي ويجهو آهيان. منهن ڀر ليٽي ڏٺم. هائو ٻيلي! آهيان متاڻين واري سيم پر هل! رب رُسي مَت کسي. ڇورا ڦري آيا سو مون وارو دماڳ چرخ ٿي ويو هاڻي مت نه اچي جو وڃي شاخ جي ڪپ تي چڙهان. الله الله ڪندي هڪڙو پڪو چيلهو هٿ اچي ويو. چيلهو ئي چيلهو اچي رئيس تاجي خان واري موڳي تي چڙهيو. بس شاخ جو ڪپ هٿ آيو ته شينهن ٿي ويس. وري ابو ۽ مال موري تي ڇڏيل ياد آيو ته اچي ڪپاڻي ورتو. پر وري به امان ويٺي هئي ڪهڙي پرواهه؟

ائين گهر پڳس. ابي جو کونگهري جو ٺڪاءُ پئي پيو. امان ويچاري لڇندي پاسا ورايندي جاڳي پئي، سا به مون کي ابي وارن موچڙن جي ڊپ کان ٿورو بُٽڪي ماٺ ٿي وئي. اَسُر جو اُٿي نوٽ ڳڻيم ته رپيا يڪا ستر مٿي ست، ٽِن گهٽ چار ويهون هجن. ٻه روپيا ته وري رکيم پيهي هيٺ ۽ پنج نوٽ واري قرآن جي وچ ۾ ڪنهن وڏي سورت ۾ رکيم. ڏاڏو به ڪري ياد! ڀنڀرڪو ٿيو، مينهون ڇوڙي هُڙي واري پاسي نڪري ويس. جوتن کان بچي ويس، پر ميڙي تي اڪيلو وڃڻ کان گيسي ڪري ڇڏيم.

ميهار هر ماڻهو جيئن حياتيءَ جي ساهن پويان پنهنجو ننڍپڻ بي خبري ۾ اورانگهي آيو هو ۽ جڏهن خبر پوندي آهي، ٻالڪپڻو ڪو نه هوندو آهي، ائين ئي جواڻي جا پنڌ وڏين وکن سان ويڙهجي پورا ٿيندا آهن. جڏهن ڦُلي جهڙي عمر پهچندي آهي ته اُهي سڀ ٻرانگهون ياد اينديون آهن. ٻارڙن سان پيار، جواڻ مڙس جو وڻڻ، سڀ چيلهه چٻي ڄمار جي کاري زهر کان پناهه ٿيو پون. ميهار به هٿن مان وهيل واري جيان ڪاٽيل جاوڻي جا ڏينهن سنگت کي ڏيکاريندو هو.

”ميهار! ڀلا اهو ته ٻڌاءِ، جڏهن تون ۽ يارو ميڙي تان پئي آيا ۽ تون ميڙي تي ويندڙ ماين کي گونگو ٿي ڦري آيو هئين ۽ ماين توکي گاريون ڪيئن ڏنيون هيون....“ بچل حجام کُنڍ ڏنس.

خير اهڙيون ته ڪئين گٿل ڳالهيون هو لنوائي به ويندو هو. ميهار هن عمر ۾ پنهنجي ننڍپڻ مان گوهيون ڏيندو جڏهن جواڻي کي ڦلهوريندو هو ته ڄڻ مڙني مڙسن جون اهي ڪٽ مست گهڙيون اچي انهيءَ پوڙهي پپر هيٺ ڳاهٽ ٿينديون هيون.

”.... تڏهن اسان کي وڄ جا پاڻي هجن. پير ۾ اُها طانقت جو ويهه لَڪ لتاڙي اچ ته ڪر ٻه وکون مس کنيون. ضد ۾ پراڙ جي ڀريل گاڏي جو اونٽڻو رکيو ڪلهي بخشڻ اود تي. هينئر جتي ڪاري ميگهواڙ جي مانجهلي پوکيل آهي، اتي يڪو اهو ٽڪر ساريال ئي ساريال هو. اتان ٿو گاڏي کي کنڀيان. اِجنيري بنگلي کان مٿان اسان جا پڊ هجن. همراهه اوطاق جي کٽن تان اُٿي ڏسندي رهجي ويا. گاڏي ڦيرائي سڌي وڃي بخشڻ واري گهٽيءَ تي بيهاري. رت جي ٿوري گرڙي آئي پر ساهي نه پَٽِي.... ڏوڪري بَچي اُهو لقاءُ ڏٺو، اوڏي مهل ڪارو سڳو شوڪاري ڳچيءَ ۾ وجهي چيائين: ”ڇورا! ڇورا! ڏاهو ٿي، ڪنهن جي نظر نه چُهٽي وڃنئي.“ ميهار ڳچي ۾ پيل ڪاري سڳي ۾ آنڱريون وچڙائي ڳالهه کي ٽيڪ ڏيندو رهندو هو. ڇڙو ڇانڊ هو پر اشرافت لاءِ سڀ ساکي هوندا هئا. ڳوٺ ۾ اچي يا گهيڙ تان پاڻي ڀريندڙ يا ڪپهه، مرچن جون لاهياريون ڏسي اکيون پير ۾ کُپي وينديون هئس ۽ مٿي تي ٽوال ويڙهجي ويندو هو. ننڍي ڀيڻ وڏي ماءُ راڄ ۾ رهي راڄ ۾ ڪِن ڪير ڪري؟ ڪُتو به ڪڙم سڃاڻي. اڄ تائين ميهار لاءِ ڪنهن ڪوڙين ڪَنين اهڙي کٿل ڳالهه ڪنهن سُئي. اندر هو ان کان اڳ يا ٻاهر آيو پوءِ به سواءِ سونل جي، جنهن کي به هاڻي سال لنگهي ويا. سونل کان پوءِ ميهار جي دل اهڙي رک ٿي وئي جو اڪيلي سر حياتي جي گاڏي پيو ڌڪيندو هو ڄڻ ته سونل کان سواءِ هن لاءِ ٻي مٽي جڙي ئي ڪا نه هئي. ميهار سونل جي ذڪر جون تندون ڇيڙيندو هو ته اکيون اٻاڻڪيون ٿي پونديون هئس، ۽ هو لفظ لاءِ هٿوراڙيون ڏيندو هو. پنهنجي عشق جي ڳالهه ايڏي ڳري هوندي آهي جو اندر ميامي ڪو نه سگهندي. هي ته اهو عشق هو جو سيڄ تي به ڪو نه چڙهيو پر سونل جي کهنبي وڳي کي رڱي ميهار لاءِ خالي حياتي جي وچڙيل ڳنڍ ڇڏي هليو ويو، جيڪا اڃان ڪو نه کلي هئي... ميهار ماٺ ماٺ ۾ اهي ڳالهيون رات جو تارا تڪيندي به ورجائيندو هو، جيڪي هن سونل سان ڪيون هيون. اڃا به شاخ جي موري تان بيهي انهن سڀني گسن ۽ پيچرن کي ڏسندو هو، جيڪي سونل جا پير پنهنجين اکين تي رکندا هئا. ميهار لاءِ هيڏو راڄ ڀاڳ، ڪچهرين جا ٽاڙهيا، کلن جا ڪوڪرا، جيءُ جيءُ، ميهار تي هٿن جون ڇانئون، مڙس ميهار لاءِ آتا، لک عزتون پر هن جو من خالي خالي... گذريل زماني جا بخيا اڊيڙيندو هو ته جهڙو سنجريل ڦٽن جون ڪَڙيون ٿو لاهي ۽ انهن ڦٽن کي پاڻ اکيلڻ ۾ قرار به ايندو هوس.

”چيٽي ڏينهن هجن، ڀور تي ورتل ڪڻڪون پيون لڏن، آءٌ به شاخ تان وهنجيون سج لڙي مهل ٽوال سڪائيندو پيو اچان. پريان نظر ڪريان ته هوءَ به دلو ڪڇ ۾، دلو مٿي تي رکيو گهيڙ تي هيڪلي هيڪلي پئي وڃي... جواڻي بت ۾ نه ماپي. رڳ رڳ چيري اچي سونل جي جواڻي گوها ڪڍيا. ست راڄ اڪن ڇڪن، ڀريل بت، ڪنجهي جهڙو لسو ۽ ٻهڪي پيو. بس رب واندڪائي ۾ ٺاهي هئي. ماڻهو ڏسي يا ڳلهائينس، ڪنهن ڀاڳ واري کي هلڪي گهور جو وراڪو ڏئي وجهي ته مڙس لوه نه. مٿس شرطون لڳيون، ڪنهن کي کنگهي به ڪو نه. مڙسن زال ذات لاءِ پٽن جهڙيون ڍڳن جون جوڙيون کپائي گهر ڀينگ ڪري ڇڏيا، پر ڪنهن کان پڇئين به ڪو نه ته ڪهڙي باغ جي موري آهئين؟ ميهار ٽٽي وري جڙي ويو.... مون چيو راڄ جا آهيون، ڪنهن چغلخوري جي اک نه اوريان هجي. بنا ڏئي وٺي ميرو ڪري ڇڏي سو ٻنو مٽايم. هوءَ ته ڊڄن واري پهر ئي ڪو نه هئي! ڌاڙيل ڪنهن جو هنئون هئس، مون جو گس مٽايون ته هُن به کڻي ساڳيو ٻنو جهليو. مونکي خبر هئي ته ويڙهاڪي به دنگ آهي، سو کٽڪو ٿيو ته رت گهڻو ٿي ويو اٿم، يا عزت جو جهور ٿي ڪرائي،  لٿس هيٺ ٻاري. اتي ڪو ريج سولو سڪوئي ڪو نه هو، جوتو هڪڙو ويو گپ ۾ گچي، ٻيو جوتو بچائيندي کل جهليندي اکين جي پڇڙن مان سونل ڏانهن ڏسندو به وڃان. هاڻي هوءَ لنگهي وڃي ته وري وڃي جوتو به ڪڍان، تيسين طوطي جهڙو آواز سرٻاٽ ڪري ڪنن منجهان ٿيندي ڪاپار کي وڃي لڳو.

”کايو ڪو نه ٿي وڃان، جو ٽهين پيو ايڏو، جواڻي ٻين وٽ به آهي پر خطا ڪونهي ٿيا“ اکر ئي اهي چيئين. زال ذات لُڇي پُڇي ايترو ڪڇندي ٻيو ڪو هٿ جهلي اچي چهٽندي ته ڪو نه، خير مون چيو سڻائي ٿي.

ميهار ڪانڀ ڇڪيندي ڪنڌ مٿي ڪري چيو هو، ڪنهن کي ائين لڳو ڄڻ هر ڪنهن سونل ساڻ ڳالهائي پئي.

..... مون کي بانسري جو شونق چوٽ تي هجي. مال جا وڳ چاريندا هئاسين. مال سان ڳالهائيندا هئاسين. ڍڳن جي جوڙين سان پيا ڳالهائيندا هئاسين، پر گگدامن کي هڪلون ڏئي ٿڪجي پوندا هئاسين سو وندر ته کپي نه؟ بانسري به اهڙي وڄائيندو هجان جو ٿيا ست خير. پنهنجي واکاڻ ته عيب آهي پر استاد دينو جيڪو تن ڏينهن بانسري جو ڪاريگر هوندو هو، تنهن به چيو ته منهنجو شاگرد سڏائي. خير سونل وئي ته سُر سڙي ويا ۽ بانسري اکين ڀڄندي ڏٺي. مون کي ميخ اوچتو لڳي، اها رات به چوڏهين جي هجي. آءٌ هيٺ ڍوري ۾ لهي ويس، جنهن کان لاڻا ۽ ليون جام هونديون هيون. مينهن جي پاڻي سڪڻ کانپوءِ ڍوري جو سڄو پيٽ ڦوٽجي پوندو هو ۽ اگهاڙي پير ماڻهو هلندو هو ته ڪتڪتويون پيون ٿينديون هيون. هڪڙو پراڻو سڪل ڪنڊو ڍوري جي وچ ۾ هوندو هو. چنڊ هن جي گهر مٿان بيٺو هو. واءُ به سڄو ملڪ ڏوريندي اوڏانهن پيو وڃي. چانڊوڪي جڳ جهان کي ويڙهي هڪ ڪري ڇڏيو هجي. خبر ئي ڪو نه پيم ته ڪيڏي مهل بانسري کڻي چپن تي رکيم. سر ته الائي ڪيئن ۽ ڪٿان ايندا پيهندا پئي ويا. پر اسر ٿيو اچي راڻي تي آنڱريون چوريم. الائي وجود پئي وڳو يا بانسري. جنهن ٻڌو هوندو چهڪجي پيو هوندو. وڄت جيئن آوي جي دُر منجهان دونهن نڪري تيئن پئي نڪتي. اها رات دنگ ٿي وئي. مُلي هاشم ٻانگ ڏني مون ڪو نه ساريو! جڏهن رات ٺپ هَٽي وئي، چانڊوڪي ساڻي ٿي، تڏهن آنڱريون هٽائي ڇڏيم ۽ سمڌم ته اڄ دنگ ڪيوسون. ڀلا ڀلي جو ڇيهه ڪونهي پر هاڻ آءٌ اڳاڙي کان ٿي پڇاڙي تائين پهچي ويو آهيان. اڳتي ان وچ ۾ پيو سُر کي ساکوربو... ماڻهو کي ڪو سُر ٿو عشق آڇي يا عشق ٿو سُرن کي سنواري، سا ته خبر سالڪن کي به ڪونهي. اسان وٽ عشق ۽ سُر ٻئي هئا، عشق ۽ مُشڪ ڪٿي ٿا لڪن؟ جيئن کنوڻ ڦاٽ کائي ڪڪرن مان نڪري ۽ گوڙ جو ڌڌڪو ٿئي، تيئن اسان واري عشق ڦاٽ کاڌو ۽ راڄ گرڻ لڳو. هڪڙا سڙن، ٻيا غيرت ڪن، ٽيان چورت وارا.

هوڏانهن ڀاءُ وري ڏيڍ ٻاڙي جون ڪهاڻيون ڳنن تي پُڇ چاڙهيو ڦيرائيندا وتن. چي ”مارينداسين.“ پر پاڻ کي قسم آهي هن جَر جو جنهن جي ڪپ تي هينئر ويٺو آهيان، دل نه لائي، نه ئي وري سونل ڇرڪي عشق جو ڪک گدڙ کائي ته شينهن ٿي وڃي. هتي ته ماڻهو جهڙي شئي، سونل وڻ ويڙهي جيئن مون تي وڪوڙيي وئي. ائين خاشو وقت لنگهي ويو.

پر نراڙ جو لکيو ته قلم ڪياڙي ڇو وهي؟ قضا جي قاضي کي ڪير جهلي؟ هڪڙي ڏينهن آيو ته سڄي اجهاڻي پئي هئي. اکيون روئي روئي ڳاڙهيون ڪري ڇڏيون هئس. رنگ هيڊو ٿيو پيو هو. نه ڳالهائي نه ڪڇي، تارون ئي سڪي ويو هو. نيٺ خبر پئي ته وهانءُ جون ڳالهيون پيون هلن. مون وارو هينئون کامي ويو. عشق جي ذات ته ٿئي ڪو نه، پر سونل جي ذات گهر رکڻ واري هئي، ٻاهر جي سڱابندي مائٽن لاءِ پُرين کان بدسوڻي هئي. نيٺ سونل جو مڱڻو ڇڊي رت وارن مائٽن ۾ ٿي ويو. پوتي به پئجي ويئي، ڳالهه پڪي ٿي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com