سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :19

 

مومل

 (1)

هيءُ گيت سنڌ جي مشهور عشقيہ داستان  ”مومل راڻي“  تي ٻڌل آهي. راڻو، مومل کان رسي آيو آهي، پر کيس مومل وسري نٿي. چوپڙ راند ڪندي به کيس ياد ڪري ٿو. هنڌ پلنگ به مومل کان سواءِ نه وڻنس. تڏهن بيقرار ٿي مومل کي ياد ٿو ڪري ۽ کيس عمرڪوٽ ڏانهن اچڻ جي التجا ٿو ڪري.

هن گيت ۾ محبت ۽ فراق جو مضمون سمايل آهي. هيءُ گيت ٿرپارڪر واري ڀاڱي ۾ عام مروج آهي.

-----

مان جي رَنگ ڀري مـُـوملڙِي، آئين ني اَمراڻـَـي ري ڏيس.
(منهنجي سهڻي مومل! هڪ ڀيرو عمرڪوٽ ۾ اچ)
راڻو سـُـتو رنگ محل ۾، جوئي پرڏيسڻ رِي واٽِ،
(راڻو رنگ محل ۾ ستو، پرديسڻ جي واٽ پيو ڏسي)
سـِـيرک پٿراڻي سڀ کـَـٽا، منان کاري لڳي کاٽ،
(مون کي هنڌ پٿراڻيون ۽ پلنگ سڀ کٽا لڳن ٿا)
مان جي جيساڻي رِي موملڙي، آئين ني اَمراڻي ري ڏيس...
(جيسلمير جي مومل! هڪ ڀيرو عمرڪوٽ ۾ اچ)
ڪـَـهـِـين تو مـُـولاوان واڍڻ چـُـونڙي، ڪـَـهـِـين مولاوان هار،
(چئين ته سهڻـِـي چـُـني وٺان، چئين ته هار وٺان)
ڪـَـهين تو ڦـُـلـِـي ڦڙڪارِي، مٿي جهانجهر نو جهنڪار،
(چئين ته ڦـُـلي ٺهرايان ۽ ٻي جهانجهر به وٺي ڏيان)
مان جي رسيلي موملڙي! آئين ني اَمراڻي ري ڏيس...
(سهڻي مومل هڪ ڀيرو عمرڪوٽ ۾ اچ)
راڻو رمي رنگ محل ۾، پڻ مومل رو پتو نه پار،
(راڻو محلات ۾ چوپڙ راند ڪري ٿو، پر مومل جو پتو ڪونهي)
ڍاڙو ڍُڙڪـِـي گيو، پـَـڙيو ناهه پونهه ٻار،
(ڍارو گـُـسيو وڃي، ڪڏهن به پؤن ٻارهن جو داءُ نه پيو آهي)
مان جي هيتالو مولڙي! هلين ني اَمراڻي ري ڏيس...
(سڪيلڌي مومل! عمرڪوٽ ڏانهن هل)
آمهان سامهان ڪاگ اُڏاڙان، جوئان جيساڻي ري مارگي،
(ڪانگ پئي اُڏايان ۽ جيسلمير جي واٽ پئي نهاريان)
اُڀو اُڀو عرض ڪران، مـَـن مومل ڪو واڙي،
(بيٺي عرض ڪريان ته من ڪو مومل کي آڻي)
مان جي جيساڻي رِي موملڙي! هـَـلين ني اَمراڻي ري ڏيس...
(جيسلمير جي مومل! عمرڪوٽ ڏانهن هل)
---------

 

ڪـَـجليو

هيءُ ٿرپارڪر جو عام مشهور لوڪ گيت آهي، جو ٻن محبت وارن جي فراق سببان وجود ۾ آيو. هڪ روايت موجب هن گيت جي ابتدا جو واقعو هي آهي: تعلقي ننگرپارڪر ۾،  ”وَڪـُـڙيي“  لڳ  ”تارياڻي“  جو ڳوٺ آهي، جو اڪثر  ”سيدن جو تارياڻو“  ڪري سڏجي. اُتي  ”ڪارو“  نالي  ”ڪارينڌو“  پاڙي جو هڪ ڀيل رهندو هو، جنهن جي هڪ عورت سان محبت هئي. چون ٿا ته مڪاني هلنديءَ وارن کي اها ڳالهه ناپسند هئي، ان ڪري ڪنهن بهاني سان ڪاري ڀيل کي جيل ڏياري ڇڏيائون. پوءِ ان محبت واريءَ پنهنجي محبوب ڪاري ڀيل جي فراق ۾  ”ڪـَـجليو“  ڳايو*.

 ”ڪجليي“  جون ڪي مصراعون انهيءَ واقعي ڏانهن اشارو ڪن ٿيون، پر پوءِ ان ۾ مختلف مضمون وارين مصراعن جو اضافو ٿيندو رهيو. هيءُ گيت ٿري محاوري ۾ چيل آهي، پر مڪاني طور تي ان جي محاوري ۾ پڻ فرق آيو، جيئن لاڙ مان مليل روايت ۾ هڪ مصراع بلڪل سنڌي آهي: سنڌڻ جتي پير ۾، پير جوتي جان. جا يقيناً پوءِ جي ٺهيل آهي. هن گيت جون عام طرح ٻه وراڻيون مشهور آهن:

(1) ڪارا! ڪجليو ٿي گان، ڙي ڪارا! ڪجليو ٿي گان.
(2) ڪاري نان ڪجليو ٿي گان، ڪاري نان ڪجلو ٿي گان.

شامل مواد ۾ هڪڙي روايت پوئين وراڻيءَ سان قائم رکي ويئي آهي.

 

(1)

ڪارا! ڪـَـجلـِـيو ٿـِـي گان، ڙي ڪارا! ڪجليو ٿي گان،
اي ڪارا ڀـِـيل ڪارينڌا! هـُـون ڪجليو ٿي گان.
جانـِـي مان جو جيل ۾، هـُـون ريل ڏي ٿـِـي جان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

جانـِـي مان جو هنج ۾، مٺو نان تيڙڻ ٿي جان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

جاني مان جو ريل ۾، هـُـون هيل ڀريو جان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

جاني مان جو ننڍڙڪو، هـُـون هنج تي تيڙيو جان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

جاني مان جو اُٺ تي، هون پـُـٺ ڏيو ٿي جان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

جاني مان جو جوڌو جوان، ڪارو اُوئي رو نان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

تارياڻي مان تار موڪلي، عمرڪوٽ ٿي جان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

پرين مانهنجو پرديس ۾، هـُـون ڏيڍا ڏَهـُـوڪا گان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

هيڪلي ٿي رمان، هـُـون ڏَهوڪا ڏيتي جان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

لاڌيو پٽيل واهـَـر چڙهيو، هـُـون پگ هڻايو ٿي جان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

(2)

اَڌ پاساڙي ۾ کيتر کيڙيو، تينڏِسين چونڊڻ جان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

گانگهيٽي ۾ گانگهـِـيٽا پڪا، مـُـنجر کائڻ ٿـِـي جان-

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

دڙي مٿي ڪـُـنڍِير پـَـڪا، هـُـون پـِـپان چونڊڻ جان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

اُونهاڙي را پـِـيلـُـو پـَـڪا، هـُـون ٻـُـور چونڊڻ جان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

کيجڙ چڙهي سـِـنگرِين لا، هـُـون کوکا چونڊي کان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

اُونڏي ڏاهرِي لـُـلر پڪو، هـُـون مـِـريڙو چونڊڻ جان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

اڌ پاسا ڙي پـِـپان پـَـڪـِـين، هـُـون ڪـُـنڍير ڪڍيو کان -


 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

کيترئي ۾ ڪارينگ پڪا، هـُـون چڀڙ چونڊي کان -

 

ڪارا! ڪجليو ٿي گان...

(3)

ڪاري نان ڪجليوٿي گان، ڪاري نان ڪجليو ٿي گان.
سـُـملي پاڙي ڍول بـَـجـِـين، هـُـون مـَـٽڪـُـو رَمڻ جان-

 

ڪاري نان ڪجليو ٿي گان...

سـُـملي تڙتي جاني وارو واريو، هـُـون پاڻي ري مـِـس جان-

 

ڪاري نان ڪجليو ٿي گان...

جاتَ جي ته جوڙيگڻ،  ”مروان“  مان جو نان -

 

ڪاري نان ڪجليو ٿي گان...

ڀـُـوئا هـَـسـِـتهُ تبولو چاڙهيو، هـُـون لنگهڻ ٿي جان -

 

ڪاري نان ڪجليو ٿي گان...

ڪاري گڏهه آٿـَـر مـَـنڏيا، ڇلنسـِـي چاڙهيو جان -

 

ڪاري نان ڪجليو ٿي گان...

سـِـنڌڻ جـُـتـِـي پير ۾، پير جوتي جان -

 

ڪاري نان ڪجليو ٿي گان...

 

---------

 

 

ليالو

هيءُ گيت عام طرح سڄيءَ سنڌ ۾ رائج آهي. مضمون جي لحاظ کان ڀانئجي ٿو ته ڪا فراق وارِي پنهنجي دوست جون واٽون نهاريندي رهي، ان سبب هيءُ گيت وجود ۾ آيو. گيت جي هڪ مصرع ۾  ”چوٽل“  جو نالو آيل آهي، شايد اهو دوست  ”چوٽل“  ڳوٺ جو هو(1).

هيءُ گيت اصل ۾ سنڌي محاوري ۾ چيل هو، پر پوءِ مڪاني طور ان جي مصراعن، محاوري توڙي وراڻيءَ ۾ فرق آيو. اتر مان مليل روايت ۾ اترادي لفظ شامل آهن، ته ٿرپارڪر مان مليل روايت وري ٿري محاوري ۾ چيل آهي. لاڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ هن گيت جي عام مشهور وراڻي  ”لياڙي لو، ليالو“  رائج آهي انهيءَ وراڻيءَ سببان گيت به  ”ليالو“  جي نالي سان سڏجي ٿو، پر اتر ۾  ”ڇورا! ليوڙي لان“  جي وراڻي هلندڙ آهي، ان ڪري هن گيت کي  ”ليالو“  کان سواءِ  ”ڇورو“  به چون.

هن گيت جي جـُـملي مليل مواد کي ڀيٽي، مضمون جي لحاظ کان جدا جدا عنوانن هيٺ رکيو ويو آهي: (الف) وڇوڙي وارو گيت، (ب) عام روايتي گيت. وڇوڙي واري گيت ۾ آيل مضمون آڳاٽو ڀانئجي ٿو، ۽ روايتي گيت وارو مواد پوءِ جو اضافو آهي. هيءُ گيت خوشيءَ وارن موقعن تي گهڻا ڄڻا گڏجي ڳائيندا آهن.

 

---------


 

(الف) وڇوڙي وارو گيت(1)

(1)

لـَـياڙي لو، ليالو.

چونڪيون چونئر  ”چوٽل“  جا- ڙي ليالو!
سنهڙا سانول سگهو وَرُ - ڙي ليالو!
دڙي چڙهيو واٽ ٿي نهاريان- ڙي ليالو!
ٻير چڙهيو ٿي پير نهاريان- ڙي ليالو!
ڄار چڙهيو دلدار نهاريان- ڙي ليالو!
اڪ چڙهيو ٿي پـَـڪ وٺان- ڙي ليالو!
کٻڙ چڙهي مان خبر پڇان- ڙي ليالو!
بـَـڙَ چڙهي مان بـَـر ڏسان- ڙي ليالو!
ڪوٽ چڙهي مان چوٽ ڏيان- ڙي ليالو!
گهر چڙهي مان سـَـر ڏسان- ڙي ليالو!
ڪـِـرڙ چڙهي مان ڪـُـوڪ ڪريان- ڙي ليالو!
واهه چڙهي مان راهه ڏسان- ڙي ليالو!
لام چڙهي مان سام پوان- ڙي ليالو!

 

(ب) عام روايتي گيت

(2)

لئي ئاڙي لو، لئي ئا ڙي لو.
بـُـولـِـيءَ واري بـَـند وڌو ڙي- ليالو!
پاساڙي ۾ کيتر کيڙيو ڙي- ليالو!
چولي واريءَ چريو ڪيو ڙي- ليالو!
مـَـنگلينَ وارِي مارو ڪيو ڙي- ليالو!

 

(3)

لئي آڙي لو، لئي آڙي لو.
دڙي مٿي ڀونگي اَڏي- لئي آڙي لو!
چـِـڀڙ پڪا، آڀـُـون پڪا ڙي- لئي آڙي لو!
جاڙِيان ۾ پيلـُـون پڪا ڙي- لئي آڙي لو!
ڦوڳان ۾ تان ڦوڳيسي ڙي- لئي آڙي لو!
پاساڙي ۾ پـِـپان پـَـڪـِـين ڙي- لئي آڙي لو!
سائو اُٺ جهـُـل سين ڙي- لئي آڙي لو!
پتل جـَـڙيل پاکڙو ڙي- لئي آڙي لو!
کيس رو تان گاسـِـيڙو ڙي- لئي آڙي لو!

 

(4)

لـَـيوڙي لان، ڇورا! ليوڙي لان.
بـُـنڊ چڙهي مان گهـُـنڊ ڪريان- ڇورا ليوڙي لان!
ٽـِـٻي(1) چڙهي مان ٽور ٽـُـران- ڇورا ليوڙي لان!
انب چڙهي مان لـَـنب(2) ڏيان- ڇورا ليوڙي لان!
لـَـئـِـي چڙهي مان لاڏڪريان- ڇورا ليوڙي لان!
ڇپر چڙهي مان مڪر ڪريان- ڇورا ليوڙي لان!

 

---------

 

 

هاسـُـل

(1)

هيءُ گيت ٿرپارڪر خطي ۾ رائج آهي. هڪ روايت موجب هن گيت جي ابتدا هن طرح ٿي: تعلقي ڇاڇري ۾ ڀوريلو ڳوٺ ۾  ”هاسل“  نالي عورت رهندي هئي، جنهن جي ڪنهن شخص سان محبت ٿي ويئي. هـُـو ڪنهن ڀرواري ڳوٺ جو رهاڪو هو، سو ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ڳوٺ هليو ويندو هو. هاسل کي اهي جدائيءَ وارا ڏينهن گهارڻ ڏکيا لڳندا هئا. هوءَ انهن ڏينهن تي پنهنجي دوست جي وڇوڙي ۽ انتظار ۾ ورلاپ ڪندي هئي، جي آخرڪار گيت جي صورت ۾ مشهور ٿيا.

هن گيت جون ڪي مصراعون ٿري محاوري ۾ آهن.

-----

وراڻي:  منهنجا مٺا جاني، اڃان ٿي جيئان ڙي،
        ور ڏي تون وراڻي ڪري ڙي-
        منهنجا جوان جاني! اڃان ٿي جيئان ڙي.

        ڪارو تان پٽڪو ڇورا! ڇوٽڪيو ڇـُـڳو ڙي،
        ڇـُـڳي ري ڇيڙئي منان ڪو ماري ڙي-

 

مٺا جاني...

تاهجا اڇا تان ڏند جاني! مانهنجي هينئين بند ڙي،
بندان ري بـِـڇوڙي منان ڪو ماري ڙي-

 

مٺا جاني...

تاهـِـجي لاکـِـي تان لوڏ، آءٌ سـَـوَن ۾ سڃاڻ،
اِئي لوڏرِي ڪوڏ مـِـنان ڪو ماري ڙي-

 

مٺا جاني...

مٺي کي ڏٺي اڄ ٻيو ڏينهن ٿيو ڙي،
مون لاءِ ڄڻ ورهيه جو وڇوڙو پيو ڙي-

 

مٺا جاني...

پري کان ويٺل آءٌ پرين ٿي ڏسان،
گهوڙا آءٌ گهر ۾ ٿي جلان ڙي-

 

مٺا جاني...

اهو ڏينهن نڀاڳو شل موٽي مَ اچي،
ڇنڇر ٿو وڇوڙا وجهي ڙي-

 

مٺا جاني...

سارو ڙي ورساڙو هـُـون سـِـڪتـِـي رهـِـي،
ڦـَـڪا مارڻ کيترئي تون آئي ڙي-

 

مٺا جاني...

ستين تان ڏينهن تون گامڙلي تو جائين،
مانهنجي چولـِـي رِي ڇـِـينٽلڙِي لائي ڙي-

 

مٺا جاني...

ڦوگان مين ڦـِـرتـِـي مين تنان پئي ساريو،
سڄو ڏينهن روئي روئي لـُـڙڪ پئي هاريان ڙي-

 

مٺا جاني...

ڪالهه تان سڄو ڏينهن مين پـِـيلـُـوڙا چـُـونڊيا،
جوئي جوئي ٺاهوڪا مٺي رَي لائي ڙي-

 

مٺا جاني...

جاني لاءِ چونري ۾ کٽڙلـِـي وڇائي،
آڌي رو اُٿيو هـُـون ڀيڙِي ٿي سؤئان ڙي-

 

مٺا جاني...

ٻيون تان سرتيون اڄ سڀيئي سرهيون،
تاهجي  ”هاسل“  تان ويڳاڻي وتي ڙي-

 

مٺا جاني...

---------
 

ٽـُـڙڙڙ، ٽـُـڙڙڙ

 (1)

هيءُ ٿرپارڪر خطي جو گيت آهي ۽ ٿري محاوري ۾ ڳائجي ٿو. هڪ روايت موجب هن گيت ۾  ”مصري“  ۽  ”سـَـمـِـي“  جي محبت جو قصو سمايل آهي، جنهن ۾ مصري بيوفائي ڪري سـَـمـِـي کي ڇڏي وڃي ٿو. سمـِـي انهيءَ صدمي کان جيڪي ورلاپ ڪيا، سي گيت جي صورت ۾ رائج ٿيا. اهو قصو هن طرح بيان ڪيو وڃي ٿو:

آڳاٽي وقت ۾ لاڙ جو هڪ اوٺي، چاري جي سانگي پنهنجون اُٺيون ڪاهي ٿرپارڪر ڏانهن ويو. هو  ”ڇوڙ نئين“  وٽان اچي ٿر ۾ گهڙيو، ۽ اسٽيشن  ”جهالو چونري“  لڳ هڪ هنڌ اچي ٿانيڪو ٿيو. هن اوٺيءَ جو نالو  ”مصري“  هو، پر جيئن ته سندس مٿو هميشه ڪوڙيل هوندو هو، تنهنڪري  ”مصري موڏو“  جي نالي سان سڏجڻ لڳو.

مصريءَ لاءِ اهي پـَـٽَ نوان ۽ اڻ ڏٺل هئا، نه سنگت نه ساٿ، اڪيلي سر پيو اُٺيون چاريندو هو. واندڪائي ملندي هيس ته پنهنجي ورونهن خاطر ويهي نڙ وڄائيندو هو. اڪثر رات جي پوئين پهر، جڏهن آسپاس جا ماڻهو گهريءَ ننڊ ۾ هوندا هئا، ۽ چوطرف ڀٽن ۾ سانت لڳي پيئي هوندي هئي، تڏهن هو ڪنهن ڀٽ تي ويهي نڙ وڄائيندو هو. ڀيڄ ڀنيءَ رات ۾ نڙ جا اَلاپ، ٻڌندڙن جي دل کي ڇڪي وٺندا هئا.

هڪڙي ڏينهن شام جي وقت، مصري نڙ کڻي اچي دڙي تي وڄائڻ ويٺو. هو اهڙو ته محو ٿي ويو، جو مٿان اچي سج لٿو. هاري ناري مال ڪاهي گهرن ڏانهن پئي وريا. اتفاق سان سـَـمـِـي نالي هڪ مائي مال ڪاهي گهر ڏانهن پئي ويئي. هوءَ نڙ جو آواز ٻڌي، مصريءَ ڏانهن وڌي ۽ اچي مٿانئس بيٺي.

مصري ته پنهنجي موج ۾ پئي نڙ کي ڀري وڄايو. کيس هن عورت جي ته خبر ئي ڪانه هئي. جڏهن چوڌاري اوندهه ٿي ويئي ۽ هـُـن اوچتوئي اوچتو نڙ وڄائڻ کڻي بند ڪيو، ته نڙ بند ٿيڻ سان هوءَ بيهوش ٿي مصريءَ جي مٿان ڪـِـري پيئي. مصري ڇرڪ ڀري اُٿي کڙو ٿيو، ۽ وڃي ڊوڙي جهوپڙيءَ مان پاڻيءَ جي سانداري کڻي آيو ۽ ڇوڪريءَ جي منهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيائين. ٿوريءَ دير کان پوءِ هوءَ سامت ۾ آئي. ڪجهه دير ته هڪٻئي کي ڏسندا رهيا، پر پوءِ هوءَ محبت ساهه سان سانڍي، پنهنجي گهر ڏانهن رواني ٿي ويئي.

ان واقعي کان پوءِ ٻنهي جو پاڻ ۾ نينهن ٿي ويو. ٻئي ڄڻا رات جو لوڪ کان لڪي، ڀٽن جي اوٽ ۾ روح رهاڻ ڪندا هئا. آخرڪار وسڪاري جا چار مهينا پورا ٿيا. ٿر بر ٿيڻ لڳو ته مصريءَ مال ڪاهي وطن ورڻ جي ڪئي. سـَـمـِـيءَ سان محبت هجڻ ڪري مٿس چوڪسي اڳيئي هئي، تنهنڪري هڪڙيءَ رات راتوِ واه پنهنجو وڳ ڪاهي، لاڙ ڏي روانو ٿي ويو. صبح جو سـَـمي اُٺن جي جهوڪ تي آئي ته ڏسي ته ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن. ويچاريءَ جا ڇيهه ئي ڇڄي پيا. ڀٽن ۾ گهڻو ئي ڊوڙي ڊُڪي، ڪئين پانڌي پڇايائين، پر مصريءَ جو پار نڪو پتو. سـَـميءَ کي مصريءَ جي بيوفائيءَ تي ايترو صدمو رسيو، جو هوءَ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ چري ٿي پيئي. پوءِ ته مصري موڏي جي محبت، نڙ جي وڄت ۽ اُٺن جي سنگت کي ساري، رات ڏينهن ڀٽن ۾ ڀٽڪندي، پيئي ڳائيندي هئي.

چون ٿا ته هيءُ گيت سـَـميءَ ٺاهيو هو، ۽ هوءَ اهڙيءَ لئي ۾ آلاپيندي هئي، جو ٻڌندڙ ان کي نڙ جو آواز سمجهندا هئا. هوءَ پهرين گيت جي هڪ مصرع چئي، پوءِ وات سان نڙ جي آواز وانگر  ”ٽڙڙڙ، ٽڙڙڙ“  آواز ڪڍندي هئي. ٽڙڙڙ جو آواز، جو وراڻيءَ طور ڪم آيو، تنهنڪري گيت به انهيءَ نالي سان مشهور ٿيو. هيءُ گيت ڪچهرين ۾، توڙي ڌراڙ مال چاريندي ڳائيندا آهن.

مصري ڙي موڏو - ٽـُـڙڙُڙ، ٽـُـڙڙُڙ!

 

(اڙي مصري ته گنجو)

جهالو رو چونرو - ٽڙڙڙ، ٽڙڙڙ!
(جهالو جو چونرو)

مڙهان رِين موذان - ٽڙڙڙ، ٽڙڙڙ!
(ڀـِـٽن جون موجون)

سانڍين تان تاجـِـين - ٽڙڙڙ، ٽڙڙڙ!
(هئي هئي تنهنجون اُٺيون)

گاڏي رين گرازان - ٽڙڙڙ، ٽڙڙڙ!
(گاڏيءَ جون گوڙيون)

سـَـمـِـي تان ڇورين - ٽڙڙڙ، ٽڙڙڙ!
(ان سان سـَـمي ڇوڪري پڻ)

ڀٽان مين ڀورين - ٽڙڙڙ، ٽڙڙڙ!
(ڀٽن ۾ ڀوري)

سـُـڃي سـَـٽان ڏي - ٽڙڙڙ، ٽڙڙڙ!
(اڄ سـُـڃي پيئي سٽون ڏي)

رڙي نه رِڙهڪي - ٽڙڙڙ، ٽڙڙڙ!
(روئي ۽ رڙهي)

ڌڻي ري نان تون - ٽڙڙڙ، ٽڙڙڙ!
(ڌڻيءَ جي نالي تون)

بـَـڙي پڇو آ - ٽڙڙڙ، ٽڙڙڙ!
(وري موٽي اچ)

 

---------

 

گولاڙو

هيءُ گيت ٿرپارڪر خطي ۾ عام رائج آهي. گولاڙن پچڻ جي موسم ۾، جڏهن ڇوڪرا جهنگ ۾ گولاڙا پٽڻ وڃن، تڏهن پاڻ ۾ گڏجي ڳائيندا آهن. لاڙ، ٿرپارڪر سان لاڳو خطو آهي. ڏڪار سڪار جي وقتن ۾ ٿرين جي لڏپلاڻ جو گهڻو اثر لاڙ ڀاڱي تي ٿيندو آهي، تنهنڪري هيءُ گيت لاڙ ۾ پڻ رائج ٿيو. شامل روايت لاڙ واري ڀاڱي مان ملي آهي، جا سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي، ان ۾ ڪي لفظ ٿري محاوري ۾ آهن. غالباً هيءُ گيت اصل ٿري محاوري ۾ چيل هو، جو پوءِ لاڙ ۾ سنڌي محاوري ۾ رائج ٿيو.

سادي سٽاءَ واري گيت ۾ هڪ ننڍي مصرع ٿئي، جنهن جي آخر ۾ لفظ  ”گولاڙو“  بطور وراڻي چوندا آهن. هن گيت جي هڪ روايت ملي، جا هيٺ ڏني وئي آهي.

-----

وراڻي:  گولاڙي جي گول پـَـڪي، گولاڙو.
        ميوو پچي تنهن جو موٽـَـريو - گولاڙو...
        مينهيون بچن تنهنجون ماڻڪيون - گولاڙو...
        ڌڻ بچي تنهنجي ڌونرين جو - گولاڙو...
        ٻئي ڄڻا پاڻ ٻيل چڙهون - گولاڙو...
        لڪ چڙهيو پئي تڪ ڪريان - گولاڙو...
        هي پير ته منهنجي پرينءَ جا - گولاڙو...
        هـُـون ته ريٽو ٺاهيان رانجهن جو - گولاڙو...
        هيءُ مولهيو منهنجي مٺي جو- گولاڙو...
        سال ٿيا تنهنجي سانگي نان - گولاڙو...
        او الله آڻي احمد نان - گولاڙو...

 

---------


 

 

لـَـئيڪو

(1)

 ”لـَـئـِـيڪو“  اصل ۾ بلوچستان جو لوڪ گيت آهي. هر سياري جي مند ۾ بلوچستان جي حدن مان ڪيئي قبيلا هيٺ سنڌ ۾ لهن ٿا، ۽ انهيءَ موقعي تي پيارن عزيزن توڙي محبت وارن ۾ ٿوري وقت لاءِ وڇوڙو پوي ٿو. هن گيت جو موضوع سڪ ۽ محبت آهي. بلوچ قبيلن جي هيٺ سنڌ ۾ لهڻ واري حقيقت ڏانهن پڻ ٻيءَ مصرع ۾ اشارو آيل آهي ته:

 ”وڃان سنڌ - من تؤن گهوري جند.“

 

سنڌ ۾ هيءُ گيت سري ۽ ڪاڇي وارن خطن ۾ رائج آهي، جي بلوچستان جي حدن سان ملن ٿا. محبوب لاءِ سڪ، محبت ۽ ان جي ساراهه هن گيت جا مکيه نـُـڪتا آهن. سٽاءَ جي لحاظ کان هيءُ گيت  ”موري“  وانگر آهي. موري جي هرهڪ بند ۾ ٻه ننڍيون مصراعون وراڻيءَ سميت ٿين. ساڳيءَ طرح هن گيت جي سٽاءَ آهي. مثلاً:

پکي چيهو - لالڻ! ڪا گهڙي بيهو،

 

لالڻ لئيڪو چونداسي...

وڃان هيٺ - لالڻ موٽندو نيٺ،

 

لالڻ لئيڪو چونداسي...

---

وراڻي:  لالڻ لـَـئـِـيڪو چونداسي.
وڃان سنڌ - مـَـن تؤن گهوري جند،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

پير باري - لال جي مڃيم ياري،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

پکي چيهو - لالڻ! ڪا گهڙي بيهو،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

مـُـلڪ ڪـُـرو - لالڻ! ستت ورو،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

ڪيان ڪاٺيون - لالڻ جون نهاريان واٽيون،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

اِنجڻ چـَـلي - لالڻ سان وتان رلي،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

اِنجڻ تـُـو تـُـو- لالڻ ڪاڻ گهمي بوتو،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

وڃان لعلو – لالڻ، نه ڪر ڳالهيون،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

بند ڪانو - لالڻ! هڻ نه طعنو،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

وڃان هيٺ - لالڻ! موٽندو نيٺ،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

سـَـرهن ٽانگي - لالڻ ماڻهو هو سانگي،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

ڪٽڪي جهـُـل - لالڻ! پٺيءَ تنهنجي هل،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

سـُـرندي تند - لالڻ اٿم دلبند،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

سرندي تار - لالڻ ۾ ڪانهي وار،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

ملڪ سـِـيماري - لالڻ! وٺي وئي بيماري،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

پکي ڪونج - لالڻ! ماريو تنهنجي مونجهه،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

آئٺل کورِي - لالڻ! تو ڪانه ٿي پوري،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

وارهه ماڙي - لالڻ جي مٺي ڏاڙهي،

 

لالڻ! لئيڪو چونداسي...

-----

 

 

مڱريو

 (1)

هيءُ گيت ٿرپارڪر خطي ۾ عام مروج آهي. ڪنهن عورت جي مڱريي ذات جي ڪنهن مرد سان محبت هئي، جنهن جي فراق ۾ هيءُ گيت ڳايائين.

مڱريي جي جدائي ۽ ان جي ساراهه هن گيت جا خاص نـُـڪتا آهن. هن گيت جي فقط هڪ روايت ملي، جا هيٺ ڏجي ٿي.

-----

وراڻي:  جڏيءَ جو جيئڻ تان ڪونهي، ڙي مڱريا!

 

آءٌ جڏي ٿي جيان ڙي!

اُونڏي تان ڏُهري ۽ مـُـونگڙلا وايا-
تـِـلڙلي تائڦو ڪريو ڙي مڱريا!

 

آءٌ جڏي ٿي جيان ڙي!

گهاٽيون تان ٻڪريون وَڍي تي واڙو-
ساجنڙا سنڀال ڪري ڙي مڱريا!

 

آءٌ جڏي ٿي جيان ڙي!

اتر ڪو ڏکڻ را وائرا وايا ڙي-
اڃان ڪو پتو نه پيو ڙي مڱريا!

 

آءٌ جڏي ٿي جيان ڙي!

اُتر ۾ ڪڪريو، ماڻهوئين ۾ مڱريو-
اها ڪا نشاني آهي ڙي مڱريا-

 

آءٌ جڏي ٿي جيان ڙي!

آڌي ڪو اَسـُـور تائين واٽڙلين جوئين-
اڃان ڪو پتو نه پيو ڙي مڱريا!

 

آءٌ جڏي ٿي جيان ڙي!

ڪـُـٽـِـي رو ڪٽورو مقامين پڳو ڙي-
کٿابين کائي کٿمو ڏنو ڙي مڱريا!

 

آءٌ جڏي ٿي جيان ڙي!

رايون ۽ سايون اڄ وٿاڻين آيون-
ساري سنڀالي تون پياري مڱريا!

 

آءٌ جڏي ٿي جيان ڙي!

 

 

---------

 

 

لـَـمڪيان ڙي لو

 (1)

هيءُ گيت ٿرپارڪر جي تعلقي عمرڪوٽ ۽ ان جي آسپاس وارين وسندين ۾ رائج آهي. ڏٿ چونڊڻ وقت زالون اڪيلي سر يا ٻه - چار ڄڻيون گڏجي ڳائين. هن گيت جي شروعات جو سبب ساهيڙيءَ جي سڪ آهي، جنهن پنهنجي پياري ساهيڙيءَ جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي. هن گيت جي رائج ٿيڻ بابت تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڪن محبت وارن جو هڪ واقعو بيان ڪندا آهن، جو هن طرح آهي:

چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ تعلقي عمرڪوٽ جي  ”ماروهر“  ۽  ”ميگهار“  ڳوٺن ۾، ۽ ان جي آسپاس ڏاڍي وسندي هئي. هڪ ڀيري اتي جون ڪي ڇوڪريون گڏجي ڏٿ گڏ ڪرڻ لاءِ آسپاس ۾ جهنگ ڏانهن ويون. اتي پهچڻ بعد هو جهنگ ۾ ٽڙي پکڙي ويون. انهن ڇوڪرين ۾  ”مـُـهت“  نالي هڪ ملوڪ ڇوڪري به هئي، جا پڻ ٻين سرتين وانگر هڪ طرف هلي ويئي، ۽ هلندي هلندي ڳوٺ کان گهڻو پري نڪري ويئي.

انهن ڳوٺن جا ڪيترائي جوان  ”مهت“  تي مفتون هئا، پر هوءَ ڏانـُـهن نهاريندي به ڪانه هئي. جنهن ڏينهن مـُـهت سهيلين کان جدا ٿي اڳتي هلي، تڏهن اهي جوان لڪندا ڇپندا هن جي پٺيان لڳا. ان ٽوليءَ ۾  ”ساجن“  نالي هڪڙو ڇوڪرو به شامل هو، جنهن جي محبت کي پڻ مـُـهت ناڪام بنائي ڇڏيو هو.  ”مـُـهت“  جيئن ئي هڪڙي گهاٽي ويڙهه ۾ ڪنڊيءَ تي چڙهي سڱريون ٿي لاٿيون، تيئن هنن جوانن جو ٽولو چوڌاري ڦـِـري ويس.  ”مـُـهت“  هنن کي ڏسي دهلجي ويئي ۽ کين آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳي پر هڪڙي محبت جي ماريل کيس ٻانهن مان جهلي سوگهو ڪيو. ان تي ساجن کي مـُـهت جي شرافت ۽ بيوسيءَ تي اهڙو قياس آيو، جو سٽ ڏيئي مـُـهت کي هنن کان ڇڏائي پنهنجي پٺيان لڪائي بيهي رهيو ۽ پنهنجي سنگتين کي جٺ ملامت ڪرڻ لڳو. اهو حال ڏسي ساٿي ساجن تي چڙهي ويا. ساجن به مڙس ٿي منهن ڏنو ۽ ٻن چئن کي ڊاهي وڌائين، پر آخر اڪيلي سر ڇا ٿي ڪري سگهيو؟ نيٺ گهڻي سٽ ڪٽ کان پوءِ ساجن ساڻو ٿي ڪري پيو.

انهيءَ وچ ۾ مـُـهت وجهه وٺي کسڪي وڃي سرتين سان ملي. شام جو موٽندي سڀئي سهيليون اتان اچي لنگهيون جتي ساجن رت ۾ ڳاڙهو، بيهوش ٿيو پيو هو. هو ساجن کي ههڙيءَ حالت ۾ ڏسي ڊڄي ويون، ۽ تڪڙيون هليون ويون. مـُـهت ۽ ساران جي پويان پئي آيون، سي بيهي رهيون. مـُـهت جهٽ پٽ پنهنجيءَ سانداريءَ جو منهن کولي، ساجن کي پاڻي ڍڪ پياريو ۽ پوءِ پنهنجي چنيءَ جي پلؤ سان هن جو رت اگهڻ لڳي. ٿوريءَ دير کان پوءِ، ساجن ڪجهه هوش ۾ آيو، پر هيڻائي سبب اُٿي ڪين سگهيو. نيٺ ٻي ڪا واهه نه ڏسي، مـُـهت ۽ سندس سهيلي  ”ساران“  ساجن کي جهوليءَ ۾ کڻي اچي ڳوٺ وٽ ڇڏيو.

مـُـهت انهيءَ حادثي جو حال سواءِ ساران جي ٻئي ڪنهن سان به ڪين ڪيو، ۽ ساجن کي به منع ڪري ڇڏيائين ته ڪنهن سان به اها ڳالهه نه ڪري. ساجن مهينو کن کٽ تي پيو هو. انهيءَ عرصي ۾ مهت اڪثر وٽس پڇڻ لاءِ ايندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساران کي به خبر لهڻ لاءِ موڪليندي هئي. مهت کي هاڻي ساجن سان پيار ٿي ويو هو، ۽ جڏهن ساجن چاڪ ٿي کٽ تان اُٿيو، ته هو ٻئي هڪٻئي سان مخفي طور ملي ورونهه ونڊڻ لڳا پر هنن جي عشق جي ڳالهه جلد ئي سڄي ڳوٺ ۾ ظاهر ٿي ويئي. ساجن جا ويري ته اڳ ۾ ئي انهيءَ تاڙ ۾ هئا، تنهنڪري هنن سندن اهڙي ته گلا هلائي، جو ٻنهي جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ بند ڪيو ويو.

مهت جي مائٽن هن جو سڱ ٻاهرين عزيزن ۾ ڪري کيس وناهه ۾ وهاريو. شاديءَ جي رات گهوٽيتا ڄڃ وٺي اچي لٿا. مهت کي ساجن جي جدائيءَ جي سورن ساڻو ڪري ڇڏيو. آخرڪار پنهنجي سهيليءَ ساران کي گهرائي دل جو حال اوريائين، جنهن ساجن سان خبر ڪئي ۽ پوءِ مهت، ساران جي مدد سان، اچي ساجن سان ملي ۽ هي ٻئي هميشه لاءِ هليا ويا ۽ وري ڪين وريا. ڪنهن کي به ڪل ڪانه پئي ته ڪيڏانهن ويا.

ڪي ڏينهن گذريا ته ساران کي پنهنجي سهيلي ياد پيئي ۽ هن کيس ساريندي هڪ گيت آلاپيو، جو پوءِ  ”لمڪيان ڙي لو“  جي نالي سان عام مشهور ٿيو.

ڳائڻ ۾ هن گيت جي طرز ذري گهٽ  ”جمالي“  سان ملي ٿي، پر جمالو تـِـکي لئي ۾ ڳائبو آهي، ۽ هي گيت ڪجهه ڍرِو ڳائبو آهي، پڇاڙيءَ ۾  ”ڙي لو“  بنهه آهستي چوندا آهن. پڇاڙيءَ واري وراڻي  ”لمڪيان ڙي لو“  به  ”جمالي“  وانگر چون.  ”لمڪيان“  جي معنيٰ آهي  ”لمڪي يا لڏي نڪرڻ يا لوڏ سان هلڻ“ . اهو اشارو ساجن ۽ مـُـهت جي آهستي آهستي يعني لـَـمڪي لـُـڏي نڪري وڃڻ ڏانهن آهي. هن گيت جي هڪ روايت ملي آهي جا هت ڏجي ٿي.

-----

سرڪـِـي نڪتو  ”ساجنيو“ ، او - لـَـمڪيان ڙي لو!
پٺيان تنهن جي  ”مـُـهت“  موچاري - لـَـمڪيان ڙي لو!
ڪنهن نه پروڙيو ڪير آهن - لـَـمڪيان ڙي لو!
رات انڌاري ڪاري ڪاري - لـَـمڪيان ڙي لو!
محبت وئينءَ مـُـهت ملهائي - لـَـمڪيان ڙي لو!
راڄ نه توکي روڪي سگهيا- لـَـمڪيان ڙي لو!
ساران توکي ساري ٿي - لـَـمڪيان ڙي لو!
شال هجين خوش ساجن سان، وو - لـَـمڪيان ڙي لو!
بيشڪ توکي برهه بڙهايو(1) - لـَـمڪيان ڙي لو!
تو جيئن ڪنهن کان ڪين ٿيو، وو - لـَـمڪيان ڙي لو!
موٽي ڪڏهن ماڳين ايندينءَ - لـَـمڪيان ڙي لو!
ورهه لنگهي ويا، تون نا وريين - لـَـمڪيان ڙي لو!
ماروهر جا ماڻهو ماندا - لـَـمڪيان ڙي لو!
جيڏيون تو لئي جر ٿيون هارين - لـَـمڪيان ڙي لو!
هڪڙو ڀيرو ماروهر آ - لـَـمڪيان ڙي لو!
مـُـئي ڪنان اڳ ملون وري، وو - لـَـمڪيان ڙي لو!

 

 

 

---------

 

 

وِندُلَ

 (1)

سنگدل سس جو ننهن سان ستم، هن گيت جو مرڪزي مضمون آهي. هيءُ عورتن جو گيت آهي، جو عام طرح سس جون ستايل ڪنوارون چونديون آهن.

چون ٿا ته آڳاٽي وقت ۾  ”وندل“  نالي هڪڙي ڪنوار کي سندس ڏائڻ سس ڪهي ڇڏيو. وندل جو مڙس پرديس ويل هو. جڏهن موٽي آيو ته وندل کي گهر ۾ نه ڏسي، ماءُ کان پنهنجي وني وندل بابت پڇي ٿو ته ڪٿي آهي، ۽ ماڻس کيس ڪوڙو بهانو ڏيئي ٻڌائي ٿي ته فلاڻي يا فلاڻي هنڌ وئي پر موٽي ڪانه آئي. جڏهن رت ڏسي ٿو ته ماڻس چوي ٿي ته اهو رت ٻڪر جو آهي، جو ڪاسائيءَ ڪـُـٺو. اهڙي طرح هي گيت وندل بابت سندس ور جي پڇا ۽ ماڻس جي جوابن تي مشتمل آهي. مڙس کي پنهنجي  ”وندل“  سان محبت هئي، جنهن کيس ياد ڪري پئي آهون ڪيون ۽ سندس اُهي آلاپ ۽ آهون گيت جي صورت ۾ رائج ٿيا، جو پوءِ  ”وندل“  جي نالي سان مشهور ٿيو.

-----

وراڻي:  هت جا ڇڏي هيم ننڍڙي، ڙِي امان، امان!          (پٽ)

        ناهي راول ڌيءَ، ناهي سوداگر نـُـنهن!     (ماءُ)

        رات جا ويئي جنڊ تي، ڙي اَبا، ابا!      (ماءُ)

        سا وري نه موٽي شهزادي وندل ٻائي، 

        جنڊ جنڊ ڪري نهاريم، ڙي اَمان، امان!        (پٽ)

        ناهي راول ڌي، ناهي سوداگر نـُـنهن

 

رات جا ويئي تڙ تي، تڙ تڙ ڪري نهاريم،
رات جا ويئي جيڏئين، هڪ هڪ ڪري نهاريم،
رات جا ويئي مائٽين، گهر گهر ڪري نهاريم،

 

هت جي ڏٺم نـُـورا گهنگهرا، ڙي اَمان، اَمان!           (پٽ)

تنهن نـُـورڙي جـَـر ڇڏيو-
ناهي راول ڌي، ناهي سوداگر نـُـنهن...

هيءَ جا ڏسان ٿو رت ترائي، ڙي اَمان، امان!          (پٽ)

تنهن رتڙي گهاءُ ڪيو-
ناهي راول ڌي، ناهي سوداگر نـُـنهن...

رات جو آيو ڪاسائيڙو، ڙي اَبا، ابا!         (ماءُ)

تنهن ته ٻڪرڙو ڪٺو،

ڪوڙ ٿي ڪرئين ڙي خونڻ مائي!        (پٽ)

 

تو ته  ڪـُـٺڙي منهنجڙي ڪنوار-
ناهي روال ڌي، ناهي سوداگر نـُـنهن...

 

ايءَ ڇڏي ٻي آڻ، ڙي ابا، ابا!      (ماءُ)

جهجها ڏيانس وڳا، شهزادي وندل ٻائي،

جا تو نه سـَـٺي منهنجي وندل وَنڙي!          (پٽ)

سا ڪيئن سهنديئن ٻي ڪا مائي!
ناهي راول ڌيءَ، ناهي سوداگر نـُـنهن...

---------


 

 

مـَـنڍوُڙو

محبت ۽ مجاز جو هيءُ گيت ٿرپارڪر جي ڍٽ واري ڀاڱي ۾ رائج آهي. زالون وندر ورونهه طور گڏجي ڳائين. چون ٿا ته سـُـوٽهڙ قوم جي ڪيسـُـو نالي هڪ ڇوڪريءَ کي سندس مائٽن پرڏيهه ۾ پرڻايو. هن جي دل  ”منڍو“  سوٽهڙ سان هئي. ڪيسوءَ جي وڃڻ کان پوءِ منڍو هن تائين پهچڻ لاءِ گهڻي ئي حيلا ڪيا، پر پڄي نه سگهيو. ڪيسو پنهنجي محبوب منڍو جي فراق ۾ هڪڙو گيت چيو، جو پوءِ عام ۾ مشهور ٿيو. هيءُ گيت ڍاٽي محاوري ۾ چيل آهي.

 

وراڻي:        اُتر ڪو پاسي ڙي، ڪيسـُـو ڇورِي گاجڙلو ڪو گجي ڙي.

هـِـرتي ڪو ڦرتي رو، منڍو اڄ وڇوڙو ماري...
اُتر ڪو ڏکڻ رو، منڍو اڄ واءُ لڳو ڙي...
سائي ڪو راهي رو، منڍو اڄ سنگڙلو ماري...
سائوڪو اُٺڙلو، ڪيسـُـوڇورِي، دنگڙلو مـَـٽيوڙي...
ست ڪو ستراڙيا، منڍو اڄ ڌڪڙلي ماريا...
سچو ڪو سالوڙو، منڍو اڄ وٽڻلي رهيو...

 

---------


 

 

بادَليئو

 (1)

هيءُ گيت ٿرپارڪر خطي ۾ رائج آهي. ٿرپارڪر جي آبادي جو مدار برسات تي آهي. وسڪارو ٿيو ته هر طرف ساوڪ ٿي ويندي، انهيءَ ڪري ٿر وارن کي برسات جو انتظار تمام گهڻو رهندو آهي. جڏهن اتر طرف کان ڪارا ڪڪر چڙهي ايندا آهن ۽ برسات جي ٿڌڙي هير لڳندي آهي، تڏهن هڪجيڏيون سرتيون گڏجي ڏاڍي خوشيءَ مان هيءُ گيت ڳائينديون آهن.

هيءُ گيت آڳاٽو ٿو ڀانئجي، ڇاڪاڻ ته هڪ مصرع ۾ عمرڪوٽ جي راڻن جو ذڪر اچي ٿو، جي برسات نه وسڻ سبب مجبوراً پنهنجي بادشاهي ڇڏي، وسنديءَ ڏانهن هليا ويا هئا:

تو بنا راڻن راڄ ڇڏيو، ڇڏي گهر جي نار.

هيءُ گيت ٿري محاوري ۾ چيل آهي. هن گيت ۾ برسات وسڻ کان اڳ جو نظارو بيان ٿيل آهي ته هاري ناري، ٻنيون نٿا کيڙي سگهن، گاهه جي ڪمي سبب ڍڳين کير سڪائي ڇڏيو آهي، کوهن جو پاڻي سڪي ويو آهي، جنهنڪري  ”پڻهياريون“  حيران آهن، آخر ۾ ڪڪرن کي مينهن وسائڻ لاءِ منٿ ڪيل آهي ته اهڙي اوسر ۾ مينهن وسائي تتل دلين کي ٺارين. آخر ۾ مينهن وسڻ جو ذڪر آهي.

وراڻي:  بادليئا! تون برس  ”اَمراڻي“  ري ڏيس.
        (اي ڪڪر! تون عمرڪوٽ تي اچي وس)

 

تو بنا هاري هـَـرِيئا نه کيڙي، تو بـِـلکي ڦـِـري ڀـَـتـُـوئاري-
(تو کان سواءِ هاري ٻني نٿا کيڙين، ۽ ڀتوئاري پريشان آهي)

 

بادليئا! تون برس  ”اَمراڻي“  ري ڏيس...

تو بنا کـُـوئي پاڻي سـُـڪيو، بـِـلکي ڦـِـري پڻهاري ري-
(تو کان سواءِ کوهن ۾ پاڻي سـُـڪي ويو آهي، ۽ پڻهاري پريشان آهن)

 

بادليئا! تون برس  ”اَمراڻي“  ري ڏيس...

تو بنا ڳئوئان ڏوڌ نه ڏئين، بـِـلکي ڦري ڏوجهاري ري-
(تو کان سواءِ ڍڳيون کير نٿيون ڏين ۽ ڏهڻ واريون حيران آهن)

 

بادليئا! تون برس  ”اَمراڻي“  ري ڏيس...

تو بنا راڻن راڄ ڇڏيو، ڇڏي گهـَـر جي نار-
(تو کان سواءِ راڻن بادشاهي ۽ گهر ڇڏيو)

 

بادليئا! تون برس  ”اَمراڻي“  ري ڏيس...

ڪهي سـَـکي سڻ پريتم پيارا! ڀير پيئي وِهـِـلو آوَ-
(اي پريتم! جلدي آءُ جو تنهنجي ضرورت پيئي آهي)

 

بادليئا! تون برس  ”اَمراڻي“  ري ڏيس...

سندر سهامڻي جي چادر ڀيجي، ڀيجي گورل جو چـِـير-
(ائين وس، جو سهڻي چادر به پـُـسي ۽ گوريءَ جو پلؤ به پـُـسي)

 

بادليئا! تون برس  ”اَمراڻي“  ري ڏيس...

بادليئا! تون برسي نه جاڻي، تو پريتم کي ڪوٺاڙ-
(اي بادل! تون وسي نه سگهين ته پرينءَ کي ڪوٺاءِ)

بادليئا! تون برس  ”اَمراڻي“  ري ڏيس...

---------


(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر) مان منگهارام  ”اوجها“  کان ملي.

* ڏسو سه ماهي  ”مهراڻ“  سنه 1956ع.

(1) هن گيت جو مدار هيٺين روايتن تي آهي: ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند، لاڙ (تعلقي بدين) مان مقبول احمد بلوچ ۽ سه ماهي مهراڻ - 2، سنه 1956ع.

(1) سه ماهي  ”مهراڻ“ ، سنه 1956ع ۾ ڇپيل روايت موجب.

(1) هن گيت جو مدار هيٺين روايتن تي آهي: (1) ٿرپاڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان مليل روايت، (2) اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان فاضل قائميءَ کان مليل روايت، (3) لاڙ (تعلقي بدين) مان مقبول احمد بلوچ کان مليل روايت، ۽ (4)  ”سه ماهي مهراڻ“  سن 1956ع.

(1) ٽٻي = دڙو.

(2) لـَـنب = ٽپ

(1) هيءَ روايت ٿرپاڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻيءَ کان ملي.

(1) هيءَ روايت اُتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻيءَ کان ملي.

(1) پڙهايو.

(1) ’سه ماهي مهراڻ‘ مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، سنه 1956ع تان ورتل.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر) مان منگهارام  ”اوجها“  کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org