سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :2

 

متن لوڪ گيت

 

 

جمالو

”جمالو“ سنڌ جو آڳاٽو ۽ مشهور عوامي ناچ توڙي لوڪ گيت آهي. جمالو ناچ ۾ هڪڙو ڄڻو ڳائڻ جا ٻول چوندو ۽ ٻيا ساٿي  ”هو جمالو“  جي وراڻي آلاپيندا. هيءُ گيت سنڌ جي هر ڀاڱي ۾ زالون ۽ مرد ڌار ڌار توڙي گڏجي ڳائيندا آهن. گهڻو ڪري محفل ۽ خوشيءَ جي موقعن تي ئي جمالو ناچ سان گڏ جمالو گيت ڳايو وڃي ٿو.

 ”جمالو“  ۾ دوست يا ساٿي جي وڇوڙي ۽ سندس ساراهه جو مضمون سمايل آهي. چون ٿا ته  ”جمالو“  نالي هڪڙو شخص هو، جو پنهنجي ساٿين کان وڇڙي ويو ۽ ڪي سال وڃي هيٺ لاڙ ۾ جتن سان گڏ گذاريائين. ڪجهه عرصي بعد جڏهن وري موٽي آيو، تڏهن سندس ساٿين توڙي سڪ وارن خوشيون ڪيون. ناچ ڪيائون ۽ پڻ سندس نالي گيت ڳايائون.

سنڌ جي مختلف حصن مان  ”جمالي“  جي مليل روايتن ۾ ڪي مصراعون ساڳيون ۽ عام آهن، مثلاً:

منهنجو جمالو جتن سان - هو جمالو!
لڙي ويو لاڙ ڏي - هو جمالو!
کٽي آيو خير سان - هو جمالو!

 تنهن کان سواءِ  ”جمالو“  جي سونهن جي تعريف جهڙوڪ وارن، ڏندن ۽ چپن، اکين وغيره جي، ۽ سندس پڳ، منڊي، لڪڻ ۽ جتيءَ جي تعريف جون مصراعون پڻ سڄيءَ سنڌ ۾ ساڳيون رائج آهن. البت مڪاني طور، گيت جي ڪن روايتن ۾ سسئي، مومل، ليلا وغيره جي زباني فراق جون مصراعون اضافو ڪيون ويون آهن.  ”جمالي“  جي انهن سڀني روايتن کي پوريءَ طرح ڀيٽي، ڇنڊي ڇاڻي انهن مان زياده مڪمل ۽ مستقل روايتن کي شامل ڪيو ويو آهي.

 ”جمالو“  گيت جا اصلي ۽ مکيه مضمون ٻه آهن: (1)  ”جمالي“  جو جدا ٿي وڃڻ ۽ سندس وڇوڙي تي افسوس ۽ (2). جمالي جو موٽي اچڻ ۽ سندس اچڻ تي خوشي. انهن ٻن اصلي مضمونن کان سواءِ، مڪاني طور هر روايت ۾ ٻيا متفرقا ٻول آيل آهن جي اڪثر  ”جمالي“  چوندڙ جي ذاتي جذبات سان تعلق رکن ٿا. ازانسواءِ خوشيءَ طور  ”جمالي“  جا ڳيچ پڻ چيا ويا آهن، جي شادين جي موقعن تي زالون ڳائينديون آهن. انهيءَ لحاظ سان جملي مليل روايتن کي چئن حصن ۾ ورڇيو ويو آهي: (الف) جمالي جي جدائي، (ب) جمالي جو موٽي اچڻ، (ج) جمالي جا متفرقا گڏيل ٻول، ۽ (د) جمالي جا ڳيچ.

انهن عنوانن تي سلسليوار گيت هيٺ ڏجن ٿا.

 

---------

 

(الف)  ”جمالي“  جي جدائي:

(1)

منهنجو جمالو جتن سان - هو جمالو!
جنهن کي وئي گهڻي وير ٿي - هو جمالو!
جنهن کي سوني مـُـنڊي چـِـيچ ۾ - هو جمالو!
جنهن سان بيهندو ناهي ڀيچ ۾ - هو جمالو!
جنهن سان ڀائن ڪيو ڊوهه هو - هو جمالو!
جنهن ۾ هـُـن جو ڪونه ڏوهه هو - هو جمالو!
جنهن جي دِيد سان ته عـِـيد هئي - هو جمالو!
جنهن دل ڪئي خريد هئي - هو جمالو!
منهنجو جمالو جتن نيو - هو جمالو!
منهنجو ڪـِـهي ايندو ڪيچ کان - هو جمالو!
منهنجو کٽي ايندو خير سان - هو جمالو!

 

(2)

منهنجو جمالو جتن سان - هو جمالو!
او لڙي ايندو لاڙ ڏنهون - هو جمالو!
کٽي ايندم خير سان - هو جمالو!
جنهن جي جـُـتي زريدار هئي - هو جمالو!
جنهن کي قميص ڳلدار هئي - هو جمالو!
جنهن کي سائي سلوار هئي - هو جمالو!
جنهن کي ٽيهه هٿ پڳ هئي - هو جمالو!
او جمالو جتن سان - هو جمالو!

 

(3)

او جمالو جتن سان - هو جمالو!
منهنجو لڙيو وڃي لاڙ ڏي - هو جمالو!
ڪيئون مهري اُٺ مهند ۾ - هو جمالو!
سو ته چوري ڙي چاڙهيو وڃن - هو جمالو!
سو ته موٽائي ڏيو مسڪين کي - هو جمالو!
منهنجو پير پوريون ڪندو - هو جمالو!
اهو جمالو موٽائي ڏيو - هو جمالو!

 

(4)

او جمالو جتن سان - هو جمالو!
جنهن کي وئي گهڻي دير ٿي - هو جمالو!
منهنجو ڪهي ايندو ڪيچ کان - هو جمالو!
جنهن کي سائو رومال هٿ ۾ - هو جمالو!
منهنجو ڪـُـڏي ايندو ڪوڏ مان - هو جمالو!
جنهن کي لاکـِـي جـُـتي پير ۾ - هو جمالو!
منهنجي زاري تنهنجيءَ ذات سان - هو جمالو!
او الله آڻئي جمالا - هو جمالو!
او موليٰ ملايئي جمالا - هو جمالو!

 

(ب)  ”جمالي“  جو موٽي اچڻ:

(5)

منهنجو جمالو جتن سان - هو جمالو!
منهنجو کٽي آيو خير سان - هو جمالو!
منهنجو لڙي آيو لاڙ کان - هو جمالو!
جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾ - هو جمالو!
جنهن جا پير پنج سير لا - هو جمالو!
جنهن جا وار گـُـهنڊيدار لا - هو جمالو!
جنهن جون اکيون ربَ رکيون - هو جمالو!
جنهن جي وات ۾ نبات - هو جمالو!
جنهن جا چپ ماکيءَ مـَـپ - هو جمالو!
جنهن جا ڏند دلبند لا - هو جمالو!
جنهن جي ڀنڀي ڏاڙهي شان سان - هو جمالو!
جنهن جا هٿ مينديءَ رتڙا - هو جمالو!
جنهن جا جاڙا ته ڀرون آهن - هو جمالو!
جنهن کي ڏندڻ گلاب جو - هو جمالو!
جنهن جو عطر ايران جو - هو جمالو!
جنهن جي پڳ آهي پـَـٽ جي - هو جمالو!
جنهن جي لنگي آ لونگن سان - هو جمالو!
جنهن کي سائي جتي ريشم سان - هو جمالو!
جنهن جي گادي آهي گلن سان - هو جمالو!
جنهن جو ڪاڇي اُٺ ٽؤنر سان - هو جمالو!
جنهن کي پٽ جو پهراڻ آ - هو جمالو!
جنهن جو ريٽو آهي رتڙو - هو جمالو!
جنهن جي پڳ آهي پيچ سان - هو جمالو!

 

(6)

منهنجو جمالو جتن سان - هو جمالو!
لڙي آيو لاڙ ڏانهن - هو جمالو!
جنهن کي سوني مـُـنڊي چـِـيچ ۾ - هو جمالو!
جنهن کي ڳاڙهو لڪڻ هٿ ۾ - هو جمالو!
سو ته کٽي وريو خير سان - هو جمالو!
سهڻي لوڏ لاکيڻي جي - هو جمالو!
جيڪو ڪـُـڏي آيو ڪوڏ سان - هو جمالو!
سو ته لڙي آيو لوڏ سان - هو جمالو!
آئي مند سانوڻ جي - هو جمالو!
مينهن وَسي مانڊاڻ ڪيا - هو جمالو!
جهڙي صورت سج جي - هو جمالو!
تهڙا پار پرين جا - هو جمالو!

 

(7)

منهنجو جمالو جتن سان - هو جمالو!
منهنجو کٽي آيو خير سان - هو جمالو!
منهنجو لڙي آيو لاڙ ڏنهون - هو جمالو!
منهنجو راڻو آيو ريل ۾ - هو جمالو!
جنهن جي لکن جي لوڏ آ - هو جمالو!
جنهن کي نـِـيري نيري گوڏ آ - هو جمالو!
جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾ - هو جمالو!
جاڏي پير تاڏي خير لا - هو جمالو!
منهنجو لڙي آيو لاڙ ڏنهون - هو جمالو!

 

Text Box: جمالو

 

(8)

 

او جمالو جتن سان - هو جمالو!
منهنجو لڙي آيم لاڙ کان - هو جمالو!
او کٽي آيو خير سان - هو جمالو!
جنهن کي لاکـِـي جـُـتي پير ۾ - هو جمالو!
جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾ - هو جمالو!
جنهن کي ڪاڇي اُٺ سواري ۾ - هو جمالو!

 

(ج)  ”جمالي“  جا گڏيل ٻول:

(9)

 

 

جنهن تي الله جو راض آ - هو جمالو!
آهي عقل جو اڪابر - هو جمالو!
دل جو دلبر يار آ - هو جمالو!
پورو جنهن سان پيار آ - هو جمالو!
دلبر جو ديدار آ - هو جمالو!
سهڻي جو سينگار آ - هو جمالو!
ڪڏهن دلبر اڱڻ ايندو - هو جمالو!
اهو ڏينهن سدورو ٿيندو - هو جمالو!
گهٽجي غم گوندر ويندو - هو جمالو!
اديون! منهنجي عيد ٿيندي - هو جمالو!
هرڪا پئي واڌائي ڏيندي - هو جمالو!
پرينءَ پاڻ ڀلايو آ - هو جمالو!
وِلهڻ جو وٿاڻ وُٺو - هو جمالو!
مون وٽ هوت آيو آ - هو جمالو!
اَڙين جو آڌار تون - هو جمالو!
سسئي جو سينگار تون - هو جمالو!
مومل جو ماڻو ڏسو - هو جمالو!
ليلان جو لاڏ ڏسو - هو جمالو!
ڀليون ريتيون راڻي جون - هو جمالو!
ٻڌندو آهون ساڻي جون - هو جمالو!
پنهل مون سان پرچي ويٺو - هو جمالو!
هڪ جيڏن ۾ هلين ٿو - هو جمالو!
ٽولي منجهه ٽـِـلين ٿو - هو جمالو!
نـِـماڻـِـيءَ سان ناتو نـِـڀاءِ - هو جمالو!
پرور! پرديسي ملائين - هو جمالو!
تو لئه سڪيس سال ٿي - هو جمالو!
ڇـُـٽي گاڏي ريل آ - هو جمالو!
محبوبن سان ميل آ - هو جمالو!
شوقينن جو شيل آ - هو جمالو!
ويهي يار وساريو تو - هو جمالو!
مـُـونجهن منجهه ته ماريو تو - هو جمالو!
تنهنجي طلب تات اٿم - هو جمالو!
جاڳڻ ساري رات اٿم - هو جمالو!
پلپل مون کي پـُـور پون - هو جمالو!
لهي تنهنجا سور وڃن - هو جمالو!
ٻيلي نالو اٿئي الله جو - هو جمالو!
او پلؤ اٿئي پير جو - هو جمالو!
ڀـِـرُون ڀيڄ ڀڄايا هـِـن - هو جمالو!
رانول رنگ رچايا هـِـن - هو جمالو!
ڀلا ڀير ڀائن جا - هو جمالو!
سايون نـِـمون در تي - هو جمالو!
چـَـتـُـون ٻولين گهر تي - هو جمالو!
منهنجو جمالو جتن سان - هو جمالو!

 

 

(10)

مون سان رُٺو وتي روح ۾ - هو جمالو!
منهنجو وَسي پرديس ۾ - هو جمالو!
مونکي رٺو ته پرچائي ڏيو - هو جمالو!
او مٺا مارو اٿئي ملير جا - هو جمالو!
جنهن کي پـَـٽ جي قميص اَٿـِـي - هو جمالو!
جنهن کي لاڙيچـِـي(1) ڪلهي تي - هو جمالو!
منهنجي آيو اَڱڻ تي - هو جمالو!
منهنجيون پـُـڳيون ٿـِـي مـُـرادون - هو جمالو!

 

(11)

او نالو اٿئي الله جو - هو جمالو!
منهنجو لڙي ويو لاڙ ڏي - هو جمالو!
او جمالو جتن جو - هو جمالو!
جنهن جا وار جنسار لا - هو جمالو!
منهنجو جاني آيو جـُـوءِ تي - هو جمالو!
مون کي رٺا ته پرچائي ڏيو - هو جمالو!
منهنجي ٻولي ٻاروچن سان - هو جمالو!

 

(12)

منهنجو جمالو ٿـِـي باغ ۾ - هو جمالو!
منهنجو جمالو ٿي راڄ ۾ - هو جمالو!
چڙهي جبل چوٽ تي - هو جمالو!
ڏسان پنهل گهوٽ کي - هو جمالو!
پنهل ڪهڙيءَ واٽ ويو - هو جمالو!
ڪونهي سورن ڀائي اڄ - هو جمالو!
پـَـهڻن پير پٿون ڪيا - هو جمالو!
اُٺ ته آريءَ ڄام جا - هو جمالو!
ڪانگل ڏي ڪو ڏس مونکي - هو جمالو!
ڪونهي مـُـئيءَ جو وس اديون - هو جمالو!
او جمالو جتن سان - هو جمالو!

 

(13)

تنهنجي نيلي گهوڙي ناز ڪيو - هو جمالو!
جنهن کي سونو چهبڪ هٿ ۾ - هو جمالو!
تنهنجي کـِـلڻ ته کاري آهيان - هو جمالو!
تنهنجي مـُـرڪڻ ته ماري آهيان - هو جمالو!
تنهنجي سهڻي صورت ساڙي آهيان - هو جمالو!
تنهنجي ته حسن حيران ڪيو - هو جمالو!
جنهن کي چـِـيڪڻـِـي جـُـتي پير ۾ - هو جمالو!

 

(14)

جنهن جو منهن مهتاب آ - هو جمالو!
جنهن جو زلف خمدار آ - هو جمالو!
جنهن جو نڪ تلوار آ - هو جمالو!
جنهن جو حسن سردار آ - هو جمالو!
جنهن کي سـُـرخي گهوڙي سواري ۾ - هو جمالو!
جنهن جا شينهن تابعدار لا - هو جمالو!
تون ته ڪلمي جي ڪارڪر - هو جمالو!

 

(15)

منهنجو جمالو جتن سان - هو جمالو، جيجان جمالو!
لڙي ايندو لاڙ ڏنهون - هو جمالو، جيجان جمالو!
کٽي ايندو خير سان - هو جمالو، جيجان جمالو!
لهي ايندو ريل مؤن - هو جمالو، جيجان جمالو!
ايندو سائي موٽر ۾ - هو جمالو، جيجان جمالو!
لهندو اچي لاريءَ مؤن - هو جمالو، جيجان جمالو!
جيڪو رٺو وتي روح ۾ - هو جمالو، جيجان جمالو!
ايندو سکر واري پـُـل تي - هو جمالو، جيجان جمالو!
منهنجو جمالو جتن سان - هو جمالو، جيجان جمالو!

 

(د)  ”جمالَي“  جا ڳيچ:

(16)

وراڻي:  جهومر ادل جو مان لاڙئون آڻيان - هو جمالو!
        اَدل منهنجو ننڍڙو، چيچ ٻانهن لوڏايان - هو جمالو!

هو جمالو، ماروُ جمالو!

جمالو جمالو، منهنجو جڙيو ته جهنور سان - هو جمالو!

هو جمالو، سانگي جمالو!

جمالو جمالو، منهنجو مڙهيو ته موتين سان - هو جمالو! هو جمالو، اديون جمالو!

جمالو جمالو، منهنجو لپيٽيو ته لعلن سان - هو جمالو! هو جمالو، وهواهه جمالو!

(17)

هو جمالو، مارُو جمالو، جمالو جمالو!
منهنجو جڙيو ته جتن سان، منهنجو جڙيو ته هوتن سان-

هو جمالو، مارُو جمالو...

خاصي نٿ ته گهڙائي مان پير در وڃان،
ابل منهنجو ڪڪڙو، مان ٻي ته ٻانهن لوڏيان-هو جمالو، مارُو جمالو...

اُچي مالها ته گهڙائي مان ادل در وڃان،
ابل منهنجو سهڻو، مان ته ٻي ٻانهن لوڏيان-هو جمالو، مارُو جمالو...

ڀلا ڪنگڻ گهڙائي مان ابل در وڃان،
ادل منهنجو ننڍڙو، مان ته ٻي ٻانهن لوڏيان-

هو جمالو، مارُو جمالو...

(18)

وراڻي:          هو جمالو، جمالو هو جمالو!
                جانيئڙا! وڃي پرديس پئين،
                روئي روئي ساهڙو سدا توکي ساري ٿو-

 

هو جمالو، جمالو هو جمالو!

جانيئڙا! ڪهڙي ڳالهه رُسي وئـِـين،
        مڃي مڃي منٿون سدا ويٺي مڃان ٿي-

 

هو جمالو، جمالو هو جمالو!

ماروئڙا! الله توکي آڻيندو،
        لوڏي لوڏي پنڙو هي نماڻي لوڏيندي-

 

هو جمالو، جمالو هو جمالو!

ماروئڙا! اچي رهه ويڙهي ۾،
        توتي گهوري سـِـرڙو هيءَ نماڻي گهوري ٿي-

هو جمالو، جمالو هو جمالو!

---------


(1) هيءَ روايت اتر (تعلقي سکر) مان محمد عالم عباسي کان ملي

(2) هيءَ روايت اتر (تعلقي فيض گنج) مان محمد صالح منگي کان ملي.

(3) هيءَ روايت لاڙ (تعلقي بدين) مان مقبول احمد بلوچ کان ملي..

(5) هيءَ روايت اُتر (تعلقي اوٻاوڙي) مان فضل قائمي کان ملي.

(6) هيءَ روايت اتر (تعلقي پني عاقل) مان محمد حسن  ”مشتاق“  کان ملي.

(7) هيءَ روايت اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

(8) هيءَ روايت اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان محمد عالم  ”شور“  خانپوري کان ملي.

(9) هيءَ روايت اتر (تعلقي پني عاقل) مان محمد حسن  ”مشتاق“  کان ملي.

(10) هيءَ روايت اتر (تعلقي اٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

(1) اجرڪ يا ڪهاڙي.

(11) هيءَ روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار مان گل محمد  ”آزاد“  کان ملي.

(12) هيءَ روايت اتر (تعلقي فيض گنج) مان محمد صالح منگي کان ملي.

(13) هيءَ روايت لاڙ (تعلقي بدين) مان مقبول احمد بلوچ کان ملي.

(14) هيءَ روايت اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان محمد عالم  ”شور“  خانپوري کان ملي.

(15) هيءَ روايت اتر (تعلقي روهڙي) مان عبدالرزاق ميمڻ کان ملي.

(16) هيءَ روايت اتر (تعلقي ميروخان) مان غلام قادر کان ملي.

(17) هيءَ روايت اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئيءَ کان ملي.

(18) هيءَ روايت اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئيءَکان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

 

هيءَ روايت اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئيءَ کان ملي.

(18) هيءَ روايت اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئيءَکان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org