سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :20

 

رائڌڻ وَرُ (1)

هيءُ ٿرپارڪر جو مشهور گيت آهي. خصوصاً وسڪاري جي موسم ۾ زالون ڳائينديون آهن. سٺي وسڪاري بعد ٿرپارڪر ۾ ماڻهو، مال ۽ سڀيئي ساهوارا خوشيءَ ۾ ايندا آهن، تنهنڪري جتي به زالون پاڻ ۾ گڏ ٿيون، ته ڪو نه ڪو گيت آلاپينديون. هيءُ گيت به انهيءَ موقعي جو آهي.

هن گيت جي مضمون مان سمجهجي ٿو ته، سومرن جي دور حڪومت ۾ حاڪم رائڌڻ سومري، ڍٽ ۾، ڪنهن تلاءُ جي ڪپ تي اچي منزل ڪئي. ڀر واري ڳوٺ جون ڪي ڇوڪريون پاڻي ڀرڻ لاءِ تلاءَ تي آيون. ٻيون ڇوڪريون ته پاڻي ڀرڻ لڳيون، پر منجهانئن پٽيل جي ڌيءَ، جا تمام سهڻي هئي، تنهن جي نظر وڃي رائڌڻ سومري تي پئي ۽ ان تي عاشق ٿي پئي. ڇوڪريءَ گهر موٽي اچڻ شرط، گهاگهر پـَـٽ تي اُڇلائي ماءُ کي چيو ته  ”مون کي رائڌڻ سومري سان پرڻاءِ“ . ماءُ پيءُ گهڻوئي سمجهايس ته  ”هو سنڌ جو بادشاهه، سو توسان ڪيئن شادي ڪندو؟ باقي جي چئين ته تنهنجي لاءِ جيسلمير جي ڀاٽي يا هڙونتي جي راءِ کي سڱ جو پيغام موڪليون.“  پر ڇوڪريءَ انڪار ڪيو. آخرڪار ڇوڪريءَ جي پيءُ رائڌڻ سومري کي سڱ جي آڇ ڪئي، جنهن سڱ قبول ڪيو ۽ هنن جي شادي ٿي.

هن گيت ۾ اهو سمورو قصو اچي وڃي ٿو. گيت جي سٽاءَ، مضمون ۽ وراڻيءَ مان خود ڇوڪريءَ جي رائڌڻ سومري سان پرڻجڻ جي خواهش جو اظهار آهي، جيئن  ”او ڀوري اما، او راڻي اما، منان رائڌڻ وَر پرڻاءِ“  جي وراڻيءَ مان ظاهر آهي. اها وراڻي هرهڪ مصرع بعد ورجائي ويندي آهي.

هن گيت جي ٿري محاوري ۾ هڪ روايت ملي آهي، جا هيٺ ڏجي ٿي:

ڪٿي وُٺو مينهن ڀمر، ڪٿي وُٺو ڌرم ڌاروليا،
(اي سڄڻ! ڪٿي زور برسات پئي آهي، ڪٿي پکي- ڏري                                   برسات پئي آهي)

او ڀوري اما! هان راڻي اما! منان رائڌڻ ور پرڻاءِ.
(اي جيجل امڙ! اي راڻي امڙ! مونکي  ”رائڌڻ“  سان پرڻاءِ)
جيساڻي وُٺو مينهن، هان اُوتو ڍاٽاڻي ڀل وٺا ڌرم ڌارُليا،
(جيسلمير ۾ زور برسات پئي آهي، ۽ ڍاٽ ۾ پکي - ڏري
                                برسات پئي آهي)
او ڀوري اما! او راڻي اما! منان ڇـُـگڙي پئي ڇلان رو پرڻاءِ.
 

(اي جيجل امڙ! اي راڻي امڙ! مونکي پٽڪي ۾ لڳل ٽونئرن
                                       واري سان پرڻاءِ)
اونچي اونچي سرور ري ٻار، اُوتو رائڌڻ روپاري طنبو تاڻيا،
(تلاءَ جي مٿئين ڪناري تي سهڻي رائڌڻ طنبو کوڙيا آهن)
او ڀوري اما! او راڻي اما! منان رائڌڻ نان پرڻاءِ.
(اي جيجل امڙ! او راڻي امڙ! مونکي رائڌڻ سان پرڻاءِ)
ڀريو ڀريو مان جو ڀيم تلاءُ، هان جي اُو ڀـَـل ڀريو منجهه اڇو
                                              نير سونهي،
(منهنجو ڀيم تلاءُ ڀرجي ويو آهي ۽ منجهس اڇو پاڻي
                                             سونهي پيو)
او ڀوري اما! او راڻي اما! منان رسيلي ڀمر نان پرڻاءِ.
(اي جيجل امڙ! اي راڻي امڙ! مونکي سهڻي سڄڻ سان پرڻاءِ)
ستان سهيليان رو ساٿ، هان جي اُو تو ڌيئڙي نماڻي، نماڻي
                                         پاڻي سانچري،
(ستن سهيلين سان گڏ، نماڻي ڌيءَ پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ هلي آهي)
او ڀوري اما! او راڻي اما! منا رائڌڻ ور پرڻاءِ.
(اي جيجل امڙ! اي راڻي امڙ! مون کي رائڌڻ سان پرڻاءِ)
پنگهٽ ري سامهين وچ، هان جي او رائڌڻ، مڇرالي گهوڙلا گهيريا،
(تڙ جي پوري وچ تي، نازڪ طبع رائڌڻ اچي گهوڙا گڏ ڪيا آهن)
او ڀوري اما! او راڻي اما! منان واتان رو ريجهالو پرڻاءِ.
(اي جيجل امڙ! اي راڻي امڙ! مون کي مٺيون ڳالهيون ڪندڙ
                                                  سان پرڻاءِ)
ٻيجي اي نـِـر کيو اڇو نير، هان جي او، ڌيئڙي ڀل نرکيو
                                           رائڌڻ سومرو،

(ٻين سهيلين وڃي اڇو پاڻي ڏٺو، پر تنهنجي ڌيءَ وڃي
                                    رائڌڻ سومري کي ڏٺو)
او ڀوري اما! او راڻي اما! منان رائڌڻ نان پرڻاءِ.
(اي جيجل امڙ! اي راڻي امڙ! مون کي رائڌڻ سان پرڻاءِ)
گهڙو تو رهيو جل مانهه، هان جي او جيوڙو هتياري رائڌڻ هيريو،
(منهنجو گهڙو ته پاڻي اندر رهجي ويو، ظالم رائڌڻ منهنجي
                                               دل وٺي ويو)
او ڀوري اما! او راڻي اما! منان ڪيسريئي ڪنور نان پرڻاءِ.
(اي جيجل اماءُ! اي راڻي ماءُ! مون کي پـِـيلن ڪپڙن واري
                                شهزادي سان پرڻاءِ)
اُٿي اما! منان گهڙو اُتراوَ، هان جي او ڀوڙي پٽڪان ڌڻ ري انگڻي،
(اي امڙ! مون کي گهڙو لهراءِ، نه ته اڱڻ ۾ اڇلائي ڀڃي ڇڏينديس)
او ڀوري اما! او راڻي اما! منان وانڪڙلي مڇان رو پرڻاءِ.
(اي جيجل امڙ! اي راڻي امڙ! مون کي وَٽيل مڇن واري رائڌڻ
                                سان پرڻاءِ)
ڪنهن تنان ٻوليا ٻول، هان جي او گورل ڪنهن تنان مهڻو ماريو،
(اي ڌيئڙي، ڪنهن توکي ڳالهايو، جنهن توکي طعنو هنيو)
او ڀوري اما! او راڻي اما! منان رائڌڻ نان پرڻاءِ.
(اي جيجل امڙ! اي راڻي امڙ! مون کي رائڌڻ سان پرڻاءِ)
مامي منان ٻوليا ٻول، هان جي او ماسي هتياري مهڻو ماريو،
(مونکي مامي ڳالهايو آهي ۽ ظالم ماسي مهڻا ڏنا آهن)
او ڀوري اما! او راڻي اما! سهماڻي ساٿي نان پرڻاءِ.
(اي جيجل امڙ! اي راڻي امڙ! مون کي صبر واري رائڌڻ سان پرڻاءِ)
ڪنهن تو پرڻاوان، ڌيئا! ڀاٽي جيسلمير رو، ڪنهن تو پرڻاوان
                                 ”هڙونتي“  رو راءِ،
(اي ڌيءُ! چئين ته جيسلمير جي ڀاٽي سان يا هڙونت جي راءِ
                                سان پرڻايانءِ)
او ڀوري اما! او راڻي اما! منان هيڪ جوڙي رو پرڻاءِ.
(اي جيجل امڙ! اي راڻي امڙ! مون کي هڪجيڏي سان پرڻاءِ)
نهين تو پرڻان هڙونتي رو راءِ، ناتو پرڻان ڀاٽي جيسلميررو،
(نڪا هڙونتي جي راءِ سان شادي ڪنديس، نه ڪا جيسلمير
                                جي ڀاٽي سان)
او ڀوري اما! او راڻي اما! منان سنڌ رو سومرو پرڻاءِ.
(اي جيجل امڙ! او راڻي امڙ! مون کي سنڌ جي سومري سان پرڻاءِ)
پرڻي، پرڻي، ڌيئري موٽي پاٽ ري، هان جي او، موٽوڙا ڀل
                                                منگي ڏائجا،
(اي پٽيل جي ڌيءُ! تون ڀل وڃي رائڌڻ سان شادي ڪر ۽ ڏاج به
                                                                   گهڻو گهرج)
او ڀوري اما! او راڻي اما! منان مٺي ٻولي رو پرڻاءِ.
(اي جيجل امڙ! اي راڻي امڙ! مون کي مٺي ٻولي واري سان پرڻاءِ)
هلو سـَـيان جو وڻ جاءِ، هان جي او، رائڌڻ پرڻي لايو ڍاٽاڻي
                                            ري ڊيل،
(اي سهيليون! اچو ته ڏسڻ هلون، جو رائڌڻ ڍاٽ جي ڊيل سان
                                       پرڻجي آيو آهي)
او ڀوري اما! او راڻي اما! منان رسيلي ڀمر نان پرڻاءِ.
(اي جيجل امڙ! او راڻي امڙ! مون کي سهڻي سڄڻ سان پرڻاءِ).

---------


 

 

اوڏڻ (1)

هيءُ گيت سنڌ جي لاڙ واري حـصي ۾ عام رائج آهي. هن گيت جو تعلق  ”لاکي ۽ اوڏڻ“  جي مشهور عشقيه داستان سان آهي، جنهن ۾ ڄام لاکي، اوڏڻ جي سونهن تي عاشق ٿي ساڻس شادي ڪئي. شاديءَ بعد هن اوڏڻ کي مال دولت سان مالامال ڪيو ۽ سندن سڀ انگل آرا سَٺا. ڄام لاکي جي سخا ۽ اوڏڻ جي نهٺائي هن گيت جو مرڪزي مضمون آهي. اوڏڻ، ڄام لاکي جي سونن ڳهن کان انڪار ڪندي چئي ٿي ته:

 ”اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان!“

هن گيت جون ٻه روايتون مليون آهن، جي هيٺ ڏجن ٿيون.

(1)

وراڻي:  اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان،
        ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان، ڦٽو ڪر شان اوڏڻ سان،

 

اسان جو پکڙن سان آهي پيار.

سونيون دهريون ٿو ڏيانءِ، سـُـڻ تون اوڏڻ ٻائي!
سي ته سـُـونهـَـن تنهنجي راڻين کي، سـُـڻ راجا ڙي سائين!

 

اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان...
سونا پينگها ٿو ڏيانءِ، سـُـڻ اوڏڻ ڙي ٻائي!
سي ته سونهن تنهنجي محلن ۾، سـُـڻ راجا ڙي سائين!

 

اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان...
سرتيون ٻانهيون ٿو ڏيانءِ، سـُـڻ اوڏڻ ڙي ٻائي!
سي ته سـُـونهن تنهنجي راڻين کي، سـُـڻ راجا ڙي سائين!
اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان...
سونيون ماڙيون ٿو ڏيانءِ، سـُـڻ اوڏڻ ڙي ٻائي!
سي ته سونهن تنهنجي راڻين کي، سـُـڻ راجا ڙي سائين!
اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان...

(2)

 وراڻي: اسين خاڪ مٽيءَ جا اوڏ، اسين تان ڪچي مٽيءَ جا اوڏ،

 

اسين ٻڌون کٿي جو گوڏ، اسين ڪريون لکن جي لوڏ،
لايو لاشريڪان ديس، منهنجو من به اوڏڻ سان -
منهنجو من به اوڏڻ سان، منهنجي دل به اوڏڻ سان.
بينسر گهڙايم سون جي، سـُـڻ اوڏڻ ڙي ٻائي!
ڇا ڪريان تنهنجي بينسر کي، سـُـڻ راجا ڙي سائين!
اسين خاڪ مٽيءَ جا اوڏ، اسين تان ڪچي مٽيءَ جا اوڏ...
دُهري جوڙايم سون جي، سـُـڻ اوڏڻ ڙي ٻائي!
ڇا ڪريان تنهنجي دهريءَ کي، سـُـڻ راجا ڙي سائين!
اسين خاڪ مٽيءَ جا اوڏ، اسين تان ڪچي مٽيءَ جا اوڏ...
ٻانهين جوڙايم سون جي، سـُـڻ اوڏڻ ڙي ٻائي!
ڇاڪريان تنهنجي ٻانهينءَ کي، سـُـڻ راجا ڙي سائين!
اسين خاڪ مٽيءَ جا اوڏ، اسين تان ڪچي مٽيءَ جا اوڏ...

---------

 

ورسارو

هيءُ ٿرپارڪر جو مشهور گيت آهي. جيئن لفظ  ”ورسارو“  (مينهن جو وسڪارو) مان ظاهر آهي، ته هيءُ گيت چوماسي يا مينهن جي موسم جو آهي، جو زالون گڏجي واندڪائي واري وقت ۾ ڳائين.

مضمون جي لحاظ کان، زال جي مڙس لاءِ سـِـڪَ، ڀيڻ جي ڀاءُ لاءِ حب ۽ پرديس ويل عزيزن جو انتظار، هن گيت جا عنوان آهن. شامل روايتن ۾، جڏهن برسات ۾ تل ترايون پلر سان ڀرجي وڃن، هر طرف ٻنيون ڪاهجن ۽ چوطرف سڪار لڳي وڃي، تڏهن هڪڙيءَ روايت موجب زال پنهنجي پرديس ويل مڙس جو انتظار ڪري ٿي، ۽ ساڻس گڏجي ايندڙ مهمانن جي خدمت چاڪري ڪري ٿي، ٻيءَ روايت ۾ به زال پنهنجي پرديس گهاريندڙ مڙس کي ياد ڪري چئي ٿي ته: تو کان سواءِ، مونکي چوماسي جي موسم نٿي وڻي، ۽ ٽئينَ روايت ۾ هڪڙي ڀيڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ جو انتظار ڪندي، ان جي ساراهه ڪري ٿي، جو وڏو ڀاءُ چوپائي مال جي سوداگريءَ لاءِ پرديس ويل آهي. مجموعي طور هن گيت جو بنيادي نــُڪتو  ”انتظار“  آهي، جيئن وراڻين مان ظاهر آهي، مثلاً:

تون آوو تو ورسارو ڀيڙو گهارسان.

---

اي منهنجا پرديسي بادل، تنهنجي بنا ورسارو لونٻيو ڄائي.

---

مال سوداگر ويريئا، ورسارو ٿيو، وري آءُ.

انهن وراڻين سان هن گيت جون ٽي روايتون هتي ڏجن ٿيون، جي ٿري محاوري ۾ چيل آهن. سٽاءَ جي لحاظ کان پهرين ٻن روايتن ۾ ٻن سٽن جي هڪ مصرع ۽ ان بعد وراڻي آهي، ٽئين روايت ۾ هڪ سٽ جي مصرع ۽ ان بعد وراڻي آيل آهي.

(1)

وراڻي:  واٽڙيان تان ورسارو صاحبا، مانڏيو مانهنجا مٺا!

 

(واٽن تي مينهن جو مانڊاڻ منڊيو آهي، منهنجا مٺا)
تاهـِـجو ڏِسلو وٺو، تون ڏسڙي ماڻيو،
(تنهنجو ملڪ وٺو آهي هاڻي پرديس ڪمائي،)
گهـَـران نان نـچ آويجو، تاهـِـجي ڏس تان گهوريس،
(گهر ڏانهن سدا اچ، تنهنجي ڏس تان گهوريس)

 

تون آوو تو ورسارو ڀيڙو گهارسان...
(تون اچ ته سانوڻ گڏجي گذاريون)

 

سانڍَڙي پلاڻي صاحبا، اورهون موڪليو)
(اُٺ پلاڻي پيارا، هيڏانهن موڪلج)
تاهجي تان ٻنڙيءَ ٻج گهرايو، مانهنجي ته من جا ميولا!
(تنهنجي ٻنيءَ تان ٻج گهرايو آهي، منهنجي من جا ميوا)

 

تون آوو تو چوماسو ڀيڙو گهارسان...

لڪ تان چڙهي تاهـِـجي ٻيهينل جووي واٽڙي، سـَـنيان!
(لڪ تي چڙهي تنهنجي ڀيڻ واٽڙي ڏسي، سڄڻو!)
اُٿ ڪو هووي مانهنجو موڀي وِيرو، ته اورهون ميلهيا،
(اتي منهنجو وڏو ڀاءُ هجي ته اوري موڪلجوس)

 

تون آوو تو ورسارو ڀيڙو گهارسان...

هجار هٿان رو، تاهـِـجي گورل رو گهاگهرو،
(هزار هٿن جو آهي، تنهنجيءَ ڪنوار جو گهاگهرو)
ڳچيءَ سونهي نـَـولکو هار، مانهجي سهاڳڻ را صاحبا!
(سندس ڳچيءَ ۾ نو لکو هار سونهي ٿو، سهاڳڻ جا پيارا)

 

تون آوو تو چوماسو ڀيڙو گهارسان...

تاهجي تان ٻيليـِـڙان نان چڙهڻيون ڏيوائجو،
(تنهنجي ته ساٿين کي سواري ڏيارجي)
چڙهڻيون تکي گهوڙلو، مانهنجا ته ڏِسڙيءَ را ڏيولا!
(سواريءَ لاءِ تکي گهوڙا، منهنجا ڏس جا ڏيئا!)

 

تون آوو تو چوماسو ڀيڙو گهارسان...

تاهجي ٻيلڙان نان ڏاتڻيون ڏيوائجو،
(تنهنجي ته ساٿين کي ڏندڻ ڏياربو)
ڏاتڻيو ڪڻيهر ڪام رو، تاهجي تان نالي تان گهوريس،
(ڏندڻ ڪڻيهر وڻ جو، تنهنجي نالي تان قربان)

 

تون آوو تو چوماسو ڀيڙو گهارسان...

تاهجي تان ٻيليڙان نان جهـِـيمڻيون ڏيوائجو،
(تنهنجي ته ساٿين کي کاڌو کارائبو)
جهـِـيمڻون گهـِـيوَر لاپـِـسي، مانهجا ته مٺا ماڙهو!
(گيهه ۾ ٺهيل چـِـلا ۽ لپسي، منهنجا ته مٺا ماڻهو)

 

تون آوو تو چوماسو ڀيڙو گهارسان...

(2)

راڻي:   اڄ اتر ۾ ڌنڌلو، موٽو ڙي ڇنڊارو ورسي مينهن،

 

اي منهنجا وهندڙ بادل، تنهنجي بنان وسڪارو لونٻيو جائي...

اڇي پک رو ٻگلو ٻيٺو، مين تان جاڻيو هنس،
هنسلو ويچارو ڇا ڪري، منهنجو پرديسڻ سان لڳو نينهن-
اي منهنجا وهندڙ بادل، تنهنجي بنا چوماسو لونٻيو جائي...

اُتر ڏِس رومـِـيهولو ورسي، منهنجي ڀـِـڄي امراڻي رِي ڀت،
ساسـُـو تنهنجو ڏِڪرو، چڙهيو منهنجي چـِـت،
مرگها نيني را بالم، تنهنجي بنا ورسارو لونٻيو جائي...

اتر ڏس جو واءُ لڳي، منهنجو ٽـُـٽي نو سـَـر هار،
ساسـُـو تنهنجو ڏِڪرو، ٿي ويو مون کان ڌار-
اي منهنجا وهندڙ بادل، تنهنجي بنا چوماسو لونٻيو جائي...
اڄ سڀ سهيلي سورهن سنگار، اي پرديسڻ اوڍيو نه ڪيئن،
ڪاوَڄ توکي وَرجيو، ڪاماندو پڙيو تون مينهن-
اي منهنجا پرديسي بادل، تنهنجي بنا وسڪارو لونٻيو جائي...

 

(3)

وراڻي:  اتر ڏکڻ ۾ کوڻان کوين، گاج ڪري گوڙ-

 

(اتر ڏکڻ ۾ کنوڻ کنوي ٿي ۽ گوڙ ٿئي ٿي)
مال سوداگر وِيرَئيا! ورسارو ٿيو وري آءُ.
(سوداگر ڀاءُ! وسڪارو ٿيو آهي، موٽي اچ)
ڀريو ڀريو رڻ پٽ رو رائلو، ڀريو موڀي ويري روکيتـَـر-
(ميدان ۽ وڏي ڀاءُ جي ٻني پاڻيءَ سان ڀرجي ويا)

 

مال سوداگر وِيرئيا! ورسارو ٿيو وري آءُ...


ٻيجان وائيـِـن ٻاجهـِـرين، وِيرَئيو پوکي جوئار-
(ٻين پوکيون ٻاجهريون، ادي جوار پوکي آهي)

 

مال سوداگر وِيرئيا! ورسارو ٿيو وري آءُ...


ٻيجا ليڏِڻـِـين ٻاجهـِـرين، ويري ليڏِڻي جوئار-
(ٻيا ٻاجهرين مان، ۽ منهنجو ڀاءُ جوئر مان ليڏاڻ پيا ڪڍن)

 

مال سوداگر وِيرئيا! ورسارو ٿيو وري آءُ...


ٻيجا لـُـڻـِـين ٻاجهـِـرين، ويرو لـُـڻسي جوئار-
(ٻيا ٻاجهريون پيا لڻن، منهنجو ڀاءُ جوار لڻندو)

 

مال سوداگر وِيرئيا! ورسارو ٿيو وري آءُ...


ٻيجان رِين سانڍِين چـَـرِين ڪونڀٽيا، وِيري رِين چـَـرِين                                                                     ناگرويل-
(ٻين جون ڏاچيون ڪونڀٽ چرن ٿيون، ۽ ادي جون ناگرويل چرن ٿيون)

مال سوداگر وِيرئيا! ورسارو ٿيو وري آءُ...


ٻيجان رِين ٻـَـڪرِين چـَـرِين ٻـُـوهه، ويرِي رين سائين ٻورڙين-
(ٻين جون ٻڪريون ٻوهه چرن، ۽ ادي جون ٻڪريون سائي ٻير چرن ٿيون)

 

مال سوداگر وِيرئيا! ورسارو ٿيو وري آءُ...


ٻيجان رين مينسين چرين سائو ڊامڻ، ويري رين گائين  چرين سائو گنٺيو-
(ٻين جون مينهون سائو ڊامڻ، ۽ ادي جون ڍڳيون سائو  ڳنڍير چرن ٿيون)

 

مال سوداگر وِيرئيا! ورسارو ٿيو وري آءُ...

---------


(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر) مان منگهارام  ”اوجها“  کان ملي.

(1) هيءَ روايت وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد بچل کان ملي.

(2) هيءَ روايت لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان زيب النساء کان ملي.

(1) ”سه ماهي مهراڻ“  نمبر 1، 1956ع تان ورتل.

(2) هيءَ روايت ٿرپاڪر (تعلقي ننگر پارڪر) مان منگهارام کان ملي.

(3) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org