سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :21

 

چوماسو

ٿر جو هيءُ عام مقبول گيت، سانوڻ جي مند ۾ هڪ جيڏيون سرتيون گڏجي ڳائينديون آهن. ڏورانهين پنڌ تي پرڻيل ڇوڪريءَ جي پنهنجي اباڻي ڳوٺ، مائٽن ۽ سرتين لاءِ اُڪير ۽ برسات جي مند ۾ اباڻي ڳوٺ اچڻ ۽ مائٽن سان ملڻ، هن گيت جو مرڪزي مضمون آهي.

چوماسي جي مند ۾ ڀرجي آيل ڪارن ڪڪرن، کنوڻين ۽ گوڙين کي ڏسي، هيءَ پري پرڻايل ڇوڪري وطن، مائٽن ۽ سهيلين کي ياد ڪري ٿي. آخرڪار کيس ڀاءُ وٺڻ لاءِ اچي ٿو، جنهن سان گڏجي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڏانهن اچي ٿي. واٽ تي مينهن وسي ٿو، جنهنڪري سندن ڪپڙا پـُـسن ٿا. ڳوٺ جي ٻاهران هو پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻيويي کي ڏسي ٿي، جي ٻنيءَ ۾ هر پيا ڏين ۽ ٻج پيا ڇٽين. ڳوٺ ۾ اچي پنهنجي مائٽن ۽ سهيلين سان ملي، وسڪاري جي خوشي ملهائي ٿي.

يا وري جڏهن ڀاءُ، ڀيڻ کي وٺڻ لاءِ اچي ٿو، تڏهن هوءَ ڀاءُ لاءِ طرح طرح جا طعام تيار ڪري ٿي. سالو ڀيڻيويو گڏجي ماني کائين ٿا. ماني کائيندي سالو، ڀيڻيويي کان پنهنجي ڀيڻ جي موڪل گهري ٿو. ڀيڻيويو لاچاري ڏيکاريندي چوي ٿو ته: تنهنجيءَ ڀيڻ جي وڃڻ کان پوءِ ڪير مونکي ڀتو آڻي ڏيندو، اٽي پيهڻ ۽ ڏڌ ولوڙڻ جو ڪم ڪير ڪندو؟ منهنجي جوان ڀيڻ جهرڪيءَ مثل آهي، جا اڄ پرڻجي يا سڀاڻي. ماءُ به ٻڍڙي اٿم، جا اڄ مري يا سڀاڻي مري. اهو رکو جواب ٻڌي، هو رُسي، گهوڙو سنجائي وڃڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو. تڏهن ڀيڻ کيس پنهنجون تڪليفون ٻڌائي تاڪيد ڪري ٿي ته مائٽن سان اهو ذڪر نه ڪج، نه ته کين ڏک ٿيندو. هن گيت جون ٻه روايتون مليون، جي هيٺ ڏنيون ويون آهن.

 

(1)

وراڻي:  اُونڏو گجي گاج گهوري جائون، ورسارو آيو ڏيس،
        (گهوري وڃان، گوڙ پئي ٿئي، ديس ۾ وسڪارو آيو آهي)

 

گهوري جان، چوماسو آيو ڏيس.
(گهوري وڃان، ديس ۾ چوماسو آيو آهي)

 

وَرسـِـي ڀريا ٽوڀا ٽوڀڙِين، ڀريوڙو ڏاڏاڻي رو ڏيس-
(وسي ٽوڀا ۽ ترايون ڀريون آهن، ڏاڏاڻو ديس ڀريو آهي)

 

گهوري جان، چوماسو آيو ڏيس...

اوُنڏو مـَـنڏي وِيرا گاسـِـيڙو، ڍِيلـِـي ڇڏ موهار-
(اُٺ تي وڏو گاشو وجهي، مهار ڍلي ڇڏ)

 

گهوري جان، چوماسو آيو ڏيس...


اُونڏو مـَـنڏي ويرا گاسيڙو، ڌِيئا ٻائي نان تيڙو جا-
(ادا وڏو گاشو ٺاهي، ڀيڻ کي وٺڻ وڃ)

 

گهوري جان، چوماسو آيو ڏيس...


اوُنڏين کـنوين کـِـنوڻين ري گهوري، جهـِـرمـِـر ورسين مـِـيهنَ-
(پري کان کنوڻيون پيون تجلا ڪن ۽ مينهن به پيو وسي)

 

گهوري جان، چوماسو آيو ڏيس...


ڀيجـِـي ڪرهـِـلئي ري مـُـهار، ڀيجيو مانهجي ويريرو مورهيڙو-
(اُٺ جي ماهر ۽ ڀاءُ جو پٽڪو به پـُـسي پيو آهي)

 

گهوري جان، چوماسو آيو ڏيس...


ڀيجي هر کيڙتي رو ٻاجهرو، ڀيجي ڌيئا ٻائـِـي رو هار-
(هر ڏيندڙ جي ٻاجهر ۽ ڀيڻ جو هار به پـُـسي پيو آهي)

 

گهوري جان، چوماسو آيو ڏيس...

(2)

سانوڻ تو آيو مين سڻيو، آيوڙو ڄيٺ آساڙ-
(سانوڻ آيو، ڄيٺ ۽ آکاڙ مهينا به لنگهي ويا)

 

مينهن جـهـُـڙ منڏيو.
(مينهن جهڙ منڊيو)

 

آئو ويرا! ٻيسو آنگڻي، ڪران مـَـنـَـڙي رِي وات -
(ڀاءُ اچ! اڱڻ تي ويهه ته توسان دل جي ڳالهه ڪريان)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

مـِـٽـِـي مـَـنگاڙان ويرا چـِـيڪڻي چـُـلها گهتاڙان چار-
(اي ڀاءُ! چيڪي مٽي گهرائي چار چـُـلها ٺهرايان)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

هيڪ رڌاڙان لاپـَـسي، ٻيجو رڌاڙان ڪـُـسار-
(هڪڙي لاپـَـسـِـي رڌايان ۽ ٻي چاشني رڌايان)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

ٽيجو رڌاڙان کيچڙي، چوٿو چندني رو ساگ-
(ٽيون چانور ۽ چوٿون مريڙي جو ساڳ تيار ڪرايان)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

سالو ڀيڻويو ڀيڙا جـِـيمي، ڪري منڙي ري وات-
(سالي ۽ ڀيڻويي گڏ ماني کاڌي ۽ دل جي ڳالهه ڪيائون)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

ميلو ڀيڻويا! مانجي ڀيڻ نان، آئي سروَاڻ ٽـِـيج-
(ڀيڻويا! منهنجي ڀيڻ کي موڪل ڏي، جو سانوڻ جي ٽيج آئي)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

مـَـنان ميلي نان سري، ڪـُـوڻِ مانجي ڀتو لاءِ-
(آءٌ موڪل ڏيان ته پوءِ ڪير منهنجي لاءِ ڀتو کڻي ايندو؟)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

ڪوڻ ري پيسي پـِـيسڻو، ڪوڻ مـَـهـِـي ولوڙ-
(ڪير منهنجي لاءِ ڏارو ڏريندو، ڪير ڏڌ ولوڙيندو)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

ڀيڻ پيسي ٿانرِي پيسڻو، ماتا مـَـهي ولوڙ-
(تنهنجي ڀيڻ ڏارو ڏاريندي ۽ ماءُ ڏڌ ولوڙيندي)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

ٻيهـِـن مانري چڙڪـَـلي، آج اُڏي پرڀات-
(منهنجي ڀيڻ جهرڪي آهي، اڄ اُڏي يا سڀاڻي)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

ماتا مان ڏوڪرِي، آج مري يا رات-
(منهنجي ماءُ پوڙهي آهي، اڄ مري يا سڀاڻي)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

اتو ڪهي سالو ريسياڻو، ڪريو گهوڙليئو تيار-
(تڏهن سالو ڪاوڙيو ۽ گهوڙو سنجي روانو ٿيو.)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

گهڙي ٿنڀ ٿانرو ويرا گهوڙلو، ڪران منڙي ري وات-
(ڀيڻ چيو ته گهوڙي کي ٿورو بيهار ته دل جي ڳالهه ڪريان)
پگي ٻڙتي هـُـون ڦـِـران ويرا! ٻڌان اڪ را پان-
(ڀاءُ! آءٌ پيرن اُگهاڙي ڦران ٿي، پيرن تي اَڪن جا پن ٿي ٻڌان)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

مٿي موڏِي هـُـون ڦـِـران، ٻاڌان پيپلي را پان-
(اي ڀاءُ! آءٌ مٿي اُگهاڙي ڦران ٿي، ۽ پپر جا پن ٻڌان ٿي)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

ماتا نان ويرا مـَـت ڪـَـهي، جهرسي ورساري ري رات-
(اي ڀاءُ! اهي ڳالهيون اَمان کي نه ٻڌائج، نه ته وسڪاري
                        جي رات مري ويندي)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

ڀاڀـَـچِ نان سـُـڻي ويرا، مـَـت ڪـَـهي ڪرسي پيهر ۾ وات-
(ڀاڄائي سان اهي ڳالهيون نه ڪج، هوءَ مائٽن کي چوندي)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

ٻاپ نان سـُـڻي ويرا، مت ڪـَـهي، ڪرسي ڪـَـرهيو تيار-
(بابي سان اهي ڳالهيون نه ڪج، نه ته انهيءَ مهل اُٺ پلاڻيندو)

 

مينهن جهڙ منڏيو...

---------


 

 

سانوڻ ٽيج

هيءُ پڻ ٿر واري ڀاڱي جو گيت آهي، جنهن جو تعلق سانوڻ جي مند سان آهي. سانوڻ مهيني جون  ”ٽيجون“  ڏهاڙي طور ملهايون وينديون آهن: هڪ سهائي پک واري ٽيج، جنهن کي  ”ننڍي ٽيج“  چون، ۽ ٻي اونداهي پک واري ٽيج، جنهن کي  ”وڏي ٽيج“  چون انهن ڏينهن تي ننڍيون ڇوڪريون ۽ نيون پرڻيل ڪنواريون  ”ٽيج جو ورت“  رکن. ننڍيءَ ٽيج جو ورت اَسـُـر کان وٺي مـُـنهن اونداهي ٿيڻ تائين هلي، ۽ وڏيءَ ٽيج جو ورت اَسر کان وٺي چنڊ اُڀرڻ تائين ٿئي. انهيءَ درميان ماني ڪانه کائين، پر کيرپڙا، ڏونگهيون ۽ ميوات وغيره کائين. ڇوڪريون وڻن ۾ پينگهون ٻڌي سڄو ڏينهن لـُـڏن، ۽ تـَـراين تي وڃي، هڪ هنڌ گڏجي  ”سانوڻ ٽيج“  جا گيت ڳائين. رات جو به هڪ هنڌ گڏجي ورت کولين. ان کان پوءِ به اڌ رات تائين گڏجي گيت ڳائين. انهن گيتن ۾ اڪثر پرديس پرڻجي ويل ساهيڙيءَ جي جذبات جو اظهار هوندو آهي، جنهن کي وطن، عزيزن ۽ ساهيڙين کان وڇڙي ڪافي وقت گذري ويو آهي ۽ هوءَ سانوڻ جي مند ۾ آسمان ۾ ڇانيل ڪڪرن جون گوڙيون ۽ کنوڻين جا چمڪا ڏسي، مائٽن ۽ ساهيڙين سان ملڻ لاءِ تانگهائي ٿي.

سانوڻ ٽيج جي گيتن جون ٽي روايتون مليون آهن. پهريون  ”سانوڻ ٽيج“  جي عنوان وارو گيت، ننڍي ٽيج توڙي وڏي ٽيج تي ڳائي سگهجي ٿو. هن گيت ۾ تازو پرڻيل ڇوڪري ماءُ کي نياپو موڪلي، پنهنجي سس جا ظلم ٻڌائي ٿي ته  ”سانوڻ جو مهينو آيو آهي، پر آءٌ هتي جنڊ پيهڻ جي مصيبت ۾ آهيان. سڀ ساهيڙيون، راند ڪرڻ ۽ وهنجڻ لاءِ ويون آهن، پر آءٌ اڪيلي آهيان. ٻيا سڀ ڀاتي سٺو کاڌو کائين ٿا، پر مونکي ٻاجهريءَ جو سڪل ڍوڍو، لسيءَ ۽ لوڻ جي چپٽيءَ سان مليو آهي. هاڻي ننڍڙي ڀاءُ کي جلد موڪليو، جو ڀائرن لاءِ هن سڪندڙ ڀيڻ کي هتان موڪلائي وٺي وڃي.“

ٻيو گيت فقط  ”ننڍيءَ ٽيج“  تي ڳائين. هن گيت ۾ نئين پرڻيل ڪنوار برهمڻ کان خط لکائي، ماءُ ڏانهن موڪلي ٿي، جنهن ۾ پنهنجيءَ سس جا ظلم ۽ پنهنجي بيوسيءَ جو ذڪر ڪندي، چئي ٿي ته  ”سانوڻ جي ٽيج آئي آهي، مونکي گهرايو ته اچي اباڻي گهر جي اڱڻ ۾ ٻوٽا پوکيان. اي امڙ! سس مونکي ڏير جي ڏائي پير جو پادر اڇلائي هنيو، جنهن کان هٿ جون پنجئي آڱريون ۽ چار چوڙا ڀڄي پيا آهن، هاڻي رات ڏينهن اوهان کي ساري روئان ٿي، تنهنڪري هيءُ خط ابي يا ادي کي ڏجئين ته اهي پڙهي مونکي وٺي وڃن.“

ٽيون گيت  ”وڏيءَ ٽيج“  جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي. هي گيت به مضمون جي لحاظ کان پهرين ٻن گيتن وانگر، سس جي ظلمن جو داستان آهي. هن گيت ۾ ويچاري ڪنوار، جا ننڍي هوندي ئي پرڻجي ساهريجن ۾ ويئي هئي، سا سانوڻ جي مند ۾ مائٽن کي ساريندي چوي ٿي ته  ”اي امڙ! اوهان کان ننڍڙي هوندي جدا ٿي هيس، هينئر وڏي ٿي آهيان، هاڻي ڀاءُ موڪل، جيڪو مونکي هتان وٺي وڃي ڇو ته هتي آءٌ ڏاڍن سورن ۾ آهيان. ٻين ساهيڙين سورهن سينگار ڪري نوان ڪپڙا پاتا آهن، پر مونکي ڦاٽل جهٻيو ۽ کاڌيءَ جي چني اوڍيل آهي. ساهيڙيون راند ڪرڻ ويون آهن، پر سس مونکي اَن جو ڀريل ڇڄ پيهڻ لاءِ ڏنو آهي. ٻيا سڀ ڪڻڪ جون مانيون کائين، پر مونکي ٻاجهريءَ جو ڍوڍو ملي. اي امڙ! آءٌ وٿاڻ ۾ کير ڏُهڻ وئي هيس ته اُتي ويڙهو پاڏو پٺيان پيم، ڊپ کان ڀڳيس ته اتي پير ۾ ڪنڊو لڳم، ڇهه مهينا پير ۾ سور هو. هينئر به  ”ٽيج“  تي اهو پير ڏکي پيو.“  تنهن تي ماءُ جواب ٿي موڪليس ته  ”ڌيئڙي! تنهنجو وڏو ڀاءُ تنهنجيءَ ڀاڄائيءَ جي وس ۾ آهي، سو ان کي ڪيئن چوان! وچين ڀاءُ جا وري وچ تي ساهرا آهن، سو وري تو وٽ اچڻ کان اڳ اتي ٽڪي پوندو... ننڍڙو ڀاءُ اڃا ننڍو آهي، رستا اڻانگا آهن، سو ڀلجي ويندو. تنهنجي پيءُ کي موڪليان ته پٺيان جهار اَن کائي ويندي.“  آخر ۾ ڌيءَ، ماءُ کي چوي ٿي ته  ”هاڻي برسات پئي آهي ۽ ڪارا نانگ نڪتا، جي منهنجيءَ سس جي زبان کائي ويا، جنهن سان مون کي هوءَ ويڻ ڏيندي هئي.“

(1)

سانوڻ ٽيج

وراڻي:  آئي آئي، ما! سـِـراوَڻ رِي ٽيج،

 

(اي امان! سانوڻ مهيني جي ٽيج آئي آهي)
سـِـراوَڻ سـِـراوَڻ، ڌيئا ساسري.
(سانوڻ سانوڻ، پر ڌيئڙي ساهرن ۾ آهي)
ٻـِـيجي ٻـِـيجي  ما! رمڻ نان جائي،
(جيجل! ٻيون سڀ راند تي وڃن ٿيون)
ڏيئا نان ڏنو ساسو سو وَڻو،
(پر مونکي سس ٻاجهري ڇنڊڻ لاءِ ڏني)

 

آئي آئي ما! سراوڻ ري ٽيج...

سووِيو سووِيو، ما! ڇڄ ٻه چار-
(اي امان! اڄ ٻه چار ڇڄ ڇنڊيندي)
اڌ مڻ سووِيو ٻاجهرو،
(اڌ مڻ ٻاجهري ڇنڊي اٿم)

 

آئي آئي ما! سراوڻ ري ٽيج...

ٻيجي سهيليان جهـِـلڻيان ني جائي-
(ٻيون سهيليون وهنجڻ وڃن ٿيون)
ٻائي نان ڏنو ساسو پـِـيسڻو،
(پر ڌيءَ کي سس پيهڻو ڏنو آهي)

 

آئي آئي ما! سراوڻ ري ٽيج...

پـِـيسو پـِـيسو ما! ڍال رو ڍال،
(اي امان! وڏو ٿانءُ پيهندي پيهندي)
اڌ مڻ پـِـيسو ٻاجهرو،
(اڌ مڻ ٻاجهريءَ جو پيٺم)

 

آئي آئي ما! سراوڻ ري ٽيج...

ڦوڙون ڦوڙون، ما! چڪلـِـيئي رو پاٽ،
(اي امان! چڪيءَ جي پڙ کي ڀڃي ڇڏيان)
بـِـگڙ وِکيرون سڀ پيسڻو،
(۽ سمورو اَن پکيڙي ڇڏيان)

 

آئي آئي ما! سراوڻ ري ٽيج...

سهيليان سهيليان، ما! ٻـَـڳريئي نان جايه،
(اَمڙ! سهيليون گڏجي ڏٿ چونڊڻ ويون)
ٻائي نان ڏنو ساسـُـو پووَڻو،
(پر مون سس جون مانيون پچائيون)

 

آئي آئي ما! سراوڻ ري ٽيج...

پويا پويا، ما! روٽيان سؤ چار،
(اَمان! چار سؤ مانيون پچائيندي)
پاڪا ٻائي را پيرونـُـئا،
(منهنجا هٿ ڦلارجي پيا)

 

آئي آئي ما! سراوڻ ري ٽيج...

ٻيجان نان ٻيجان نان، ما! گيهون را روٽ،
(اي امڙ! ٻين کي ڪڻڪ جون مانيون)
ٻائي نان ٻاجهري رو ٻاٽيو،
(پر مون کي ٻاجهريءَ جو سڪل ڍوڍو)

 

آئي آئي ما! سراوڻ ري ٽيج...

ٻيجان نان ٻيجان نان، ما! جهاجهيرو کير،
(امڙ! ٻين کي جهجهو کير مليو)
ٻائي نان ڏنو ساسو راٻڙو،
(پر مون کي سس رٻ جو وٽو ڏنو)

 

آئي آئي ما! سراوڻ ري ٽيج...

ٻيجان نان ٻيجان نان، ما! ڌوٻي ڌوٻي کنڊ،
(اي ماءُ! ٻين کي ٻـُـڪ ٻـُـڪ کنڊ جو مليو)
ٻائي نان ڏني چپٽي لوڻ ري،
(پر ڌيءُ کي لوڻ چپٽي)

 

آئي آئي ما! سراوڻ ري ٽيج...

ٻيجان نان ٻيجان نان، ما! ٽپري گهـِـيءُ،
(ماءُ! ٻين کي ٽپري ٽپري گيهه جي ملي)
ٻائي نان ڏنو مـِـريو تيل رو،
(پر مون کي تيل جو مـِـريو ڀري ڏنائون)

 

آئي آئي ما! سراوڻ ري ٽيج...

ورسي ورسي، ما! جهاجهو مينهن،
(جيجل! جهجهو مينهن وسي رهيو آهي)
ڀـِـيڄي ڀايان رِي ٻينڙِي،
(ڀائرن جي ڀيڻ ٻاهر پئي پـُـسي)

 

آئي آئي ما! سراوڻ ري ٽيج...

ميلهي ميلهي، ما! نانـِـيرو وير،
(امان! ننڍڙي ڀاءُ کي ڪوٺڻ لاءِ اُماڻج)
راتان ري نـِـرڻـِـي ڀايان رِي ٻينڙي،
(جو ڀائن جي سڪندل ڀيڻ، نيراني ويٺي آهي)

 

آئي آئي ما! سراوڻ ري ٽيج...

(2)

ننڍي ٽيج

وراڻي:  آبـِـي ماءُ آبـِـي، سرامڻيئي رِي ٽيج،

 

(اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي)
گـَـجـُـوڙا روپاڙان ٻاٻي ري آنگڻـِـيئي.
(ساوا ٻوٽا بابي جي اڱڻ ۾ لڳايان)
ڍريا ماءُ ڍريا جيڏڻيان را ڍورا،
(اي ماءُ سهيليون روانيون ٿيون)
ٻائي نان ساسـُـوڙِي هيلو ماري،
(مگر مون کي سس پيئي سڏ ڪري)
ٻائي نان اَڀاڳڻ هيلو ماري،
(مون کي نڀاڳي سس پيئي سڏ ڪري)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

پيسيو پيسيو مين ڇـَـجليان ري ڇانهيلي،
(مون ڇڄ ڀري اَن پيٺو آهي)
پـَـڇلي پهر رِي آئي اُونگ،
(پوئين رات جو ننڊ اچي ويم)
سـُـتي ماءُ سـُـتي، ڇجايان ري ڇانهيلي،
(ڇڄ تي مٿو رکي سمهي پيس)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

واهي ماءُ واهي، منان، مورک ري پگ ري موجـِـلي،
(سس مون کي مڙس جو پادر اُڇلي هنيو)
ڏيور ري ڏائي پگ ري موجلي،
(۽ پوءِ ڏير جو ڏائو پادر به هنيائين)
ڀڳا ماءُ ڀڳا، مانهجي هٿڙي را پنج ئي پيروئا،
(اما! هٿ جون پنجئي آڱريون ڀڄي پيم)
ڀڳا مانهجا چـُـوڙلـِـيا چار،
(۽ چار چوڙا به ڀڄي پيا)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

گئـِـي تي هون جوسـِـيڙي ري هاٽ،
(آءٌ برهمڻ (لکڻ واري) وٽ ويس)
ڪاڳريو ايوو لکجو، جو پـُـجي مانري پيهريئي،
(اهڙو خط لکج، جو منهنجي مائٽن کي ملي)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

لکجو لکجو پنجيئي پيروئا، اَني لکجو چوڙليا چار،
(اُن خط ۾ پنجن آڱرين، چئن چوڙن ڀڄڻ جو لکجو)
لکجو ڏيوَر ري ڏائي پگ ري موجلي،
(۽ اهو به لکج ته ڏير جو ڏائو پادر هنيو اٿن)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

ڏيجو ڌيئا ٻائي ري ٻاپ نان،
(اهو خط منهنجي پيءُ کي موڪلج)
ڪاگج ڏيجو ڌيئا ٻائي ري ويري نان،
(يا اهو خط منهنجي ڀاءُ کي ڏج)
آنسـُـوڙا ڇمڪيا بي انت ري،
(مون کي لڙڪ تمام گهڻا آيا آهن)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

(3)

وڏي ٽيج

وراڻي:  آبي ماءُ آبي، سـِـرامڻيئي ري ٽيج.

 

(اي ماءُ! سانوڻ جي ٽيج آئي آهي)
ماءُ! سـِـراوڻ ويتو ڀادروو.
(اي امڙ! سانوڻ کان پوءِ بڊو به آيو)

ننڍوڙِي ميلهـِـي ساسرئي،
(مون کي ننڍپڻ ۾ تو ساهرن ۾ موڪليو)
وڏوڙِي ميلهي مانرو ويريئو تيڙو،
(هاڻي وڏي ٿي آهيان، ڀاءُ ڪوٺڻ لاءِ موڪل)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

ڪم ڪري ميلهان، ڌيئا تاهجو موڀي وير،
(اي ڌي! آءٌ ڪيئن تنهنجو وڏو ڀاءُ موڪليان)
موڀي ويرئيو ٿانري باڀل ري آهي وس،
(جو اهو تنهنجي ڀاڄائي جي وس ۾ آهي)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

ماءِ ماءِ، مانهنجو وچٽ ويرو تيڙو ميلهي،
(اي امان! منهنجي وچٽ ڀاءُ کي ڪوٺڻ لاءِ موڪلج)
وچٽ را وچ ۾ ساسرا، ٽـِـڪسي ڇٽ ري چوماس،
(وچئن ڀاءُ جا وچ ۾ ساهرا آهن، جو اُتي ٽڪي پوندو)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

ٻيجو ماءُ ٻيجو، سهيليان نان سوڙهي سنگار،
(اي امڙ! ٻين ساهيلين سورهن سينگار ڪيا آهن)
ٻائي نان ڦاٽل جهٻيو، اَني گهريچو اوڍڻو-
(پر مون کي ڦاٽل جهٻيو ۽ کاڌيءَ جي چـُـني آهي)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

ٻيجو ماءُ ٻيجو، سهيليان نان رَمڻ ميلهي،
(امان! ٻيون سهيليون راند ڪرڻ ويون آهن)
ٻائي نان ڇڄ ڀريو پيسڻو، پيسيو نـَـوَ مڻ جـُـوار-
(مون کي ڇڄ اَن جو پيهڻ لاءِ مليو ۽ مون نـَـوَ مڻ جوارپـِـيٺي)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

پچويا ماءُ پچويا، ساسوڙي گيهون را روس،
(اي امڙ! منهنجي سس ڪڻڪ جون مانيون پچايون آهن)
هيڪ پچويو ٻالڙيو ٻاٽلو جو منان نهين ڀائي-
(۽ ٻاجهريءَ جو ڍوڍو مونکي ڏنو اٿس پر وڻي نٿو)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

جيميا ماءُ جيميا، مانهنجا ڏيور، نڻندل جيٺ،
(اي امڙ! منهنجا ڏير ۽ نڻانـُـون کائڻ ويٺا)
سهيان نان گيهوئان را روٽ ٻائي نان ٻالڙو روٽلو-
(سڀني کي ڪڻڪ جون مانيون مليون ۽ مونکي
                        ٻاجهري جو ڍوڍو مليو)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

ٻيجو ماءُ ٻيجو، سهيان نان ڌوٻي ڌوٻي کنڏ،
(اي امڙ! ٻين کي ٻـُـڪ ٻـُـڪ کنڊ جو مليو)
ٻائي نان لوڻ رو ڪـَـرڪو، اَني پاڻي رو ڇنٽڪو-
(مون کي ذرو لوڻ جو ۽ پاڻيءَ جو چڪو مليو)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

ٻيجيان ماءُ! سـَـهـِـيان نان گهـِـلوڙي گهـِـلوڙي گهـِـي،
(اي امڙ! ٻين کي گيهه جي لوٽي لوٽي ملي)
ٻائي نان ٽـَـڙَڪو تيل اَبي گـُـڙ رو ٽـُـڪريو-
(پر مون کي تيل جو ذرو ۽ ڳڙ جو ٽڪر مليو)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

ٻيجان ماءُ سهيان نان چـَـرُوڙِي چـَـرُوڙِي ڏوڌ،
(اي امڙ! ٻين سڀني کي چونري چونري کير مليو)
ٻائي نان ٽوپسي ڇاڇ، اَني ڇدري جهڻ-
(مون کي ڇڊي لسيءَ جو وٽو مليو)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

گئي تي ماءُ گئي، گائيان ري وٿاڻ،
(اي امڙ! آءٌ ڍڳين جي وٿاڻ ۾ ويس)
گائيا گوڏو جهورڻو، ڏوهيو مين چروڙي ڏوڌ-
(اتي هڪ ويڙهو گابو هو، مون چونري ۾ کير ڏڌو)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

هرمر بـَـرسي ميهولـُـو، ڀنيو مانهنجو سورهي سنگار،
(مٿان برسات وٺي، ۽ منهنجو سينگار پسي پيو)
هيڪ نه ڀنيو جهٻيو، ٻيجو نه ڀنيو گهريچو اوڍڻو-
(پر هڪ جهٻونه پـُـسيو، ٻيو کاڌيءَ جي چني ڪانه پـُـسي)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

گئي تي هون مينسان ري وٿاڻ، مينسئي پاڏو جهورڻو،
(آءٌ مينهن جي وٿاڻ ۾ ويس، اتي هڪڙو ويڙهو پاڏو هو)
جهورتي ماءُ هون ڊوڙي پڳ ۾ ڪـَـنٽيو لڳو-
(هومارڻ آيو ته مـُـون ڊوڙ پاتي، منهنجي پير ۾ ڪنڊو لڳو)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

ڏکسي ماءُ! ڇهه ماس ڏکسي، سراوڻ ري ٽيج رو،
(اهو ڪنڊو ڇهه مهينا سور ڪندو ۽ سانوڻ جي ٽيج
                                تي به ڏکندو)
ڊوڙهي ماءُ ڊوڙهي هـُـون ٻاٽيڙي ري سوس-
(اي امڙ! آءٌ انهيءَ ڪري ڊوڙيس جو لولي جو آسرو هو)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

ميلهي ماءُ ميلهي مانهنجو ننڍڪـِـيو ويريئو ميلهي،
(اي امڙ! مون کي ڪوٺڻ لاءِ ننڍو ڀاءُ موڪلج)
ڪـَـمَ ڪـَـري ميلهان ڌِيئا ٻائي ننڍڪـِـيو ويرو-
(اي ڌيءُ! توڏانهن ڪيئن ننڍڙو ڀاءُ موڪليان)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

ننڍو ويرو نانڪـِـڙو، اڃان رمي پيو ريل ۾،
(اي ڌيءُ! تنهنجو ننڍڙو ڀاءُ اڃان راند پيو ڪري)
واٽين وَڍا ڀريوڙا، ڀـُـلجي جاسي ٻانڌويو-
(رستا اڻانگا ۽ واٽون ڏکيون آهن هو ڀـُـلجي ويندو)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

ماءِ ماءِ! مـَـنان مانرو ٻاپ تيڙو ميلهي،
(اي امڙ! مون کي منهنجو پيءُ ڪوٺڻ لاءِ موڪلج)
جو مـِـنان تيڙي جائي ساسوڙِي مـِـنا ساڙي-
(جو مون کي ڪوٺي وڃي، ڇو ته سس تڪليف ڏئي ٿي)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

ڪـَـم ڪري ميلهان ڌيئا ٻائي ٻاپ نان؟
(اي ڌيءُ! ڪيئن تنهنجي بابي کي موڪليان)
گوڏي سـَـٿر ٻاجهرين، کيتر پڪا پکي کائين-
(گوڏي سٿر جيڏيون ٻاجهريون پکي کائي ويندا)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

تو ميلهي ماءُ! مـِـنان ميلهي چارڻ ڀاٽ،
(ته پوءِ مون کي ڪوٺڻ لاءِ چارڻ ۽ ڀاٽ موڪلج)
جو وڍي جائي ساسوڙي ري جـِـٻـِـانَ-
(جو منهنجي سس کي شرمائي، ڄڻ سندس زبان وڍي وڃي)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

نـِـڪريا ماءُ نـِـڪريا ڪارا واسينگ نانگ-
(اي امڙ! هينئر واسينگ نانگ نڪتا آهن)
کائي گيا ساسوڙي ري جـِـٻان-
(جي منهنجيءَ سس جي زبان کائي ويا)

 

آبي ماءُ آبي، سرامڻيئي ري ٽيج...

---------


(1) هيءَ روايت ٿرپاڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

(2) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگرپارڪر) مان منگهارام  ”اوجها“  کان ملي.

(1) ”سه ماهي مهراڻ“  مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، سنه 1956ع تان ورتل.

(2) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org