سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :25

 

ڪانگلڙو يا ڪاڳڙو

سنڌ توڙي ٻين ملڪن ۾  ”ڪانءُ“  خبرون ڏيندڙ يا قاصد پکي آهي. سنڌ ۾  ”ڪانگ“  کي  ”کيانتو“  يعني  ”خوشيءَ جي خبر آڻيندڙ“  سڏيو ويو آهي. هن لوڪ گيت جو مرڪزي مضمون پڻ کينءَ جون خبرون آڻيندڙ  ”ڪانگ“  آهي، جنهنڪري ان تي اهو نالو پيو آهي. هيءُ گيت سنڌ ۽ ٿر جي وچ واري،  ”مـُـهراڻي“  جي اراضيءَ ۾ رائج آهي.

ڪانگلڙو يا ڪاڳڙو زنانو لوڪ گيت آهي، جو زالون خوشيءَ جي عام موقعن تي مجلس ۽ مارڪن ۾ ڳائينديون آهن. هن جون ٻه روايتون مليون آهن: پهرين روايت جو مضمون محبت ۽ مجاز آهي، جنهن موجب صبح ويل ڪانگل جي لنوڻ جي تمنا آهي، جيئن ڪانگ لنوي ته سڄڻ اڱڻ تي اچي. ٻي روايت خاص ٿرپارڪر مان  ”ڪاڳڙو“  جي عنوان سان ملي آهي، جنهن ۾ پرڻيل عورت ڪانگ کي لنوندو ڏسي کانئس پڇي ته: پاڙي واريون مون کان پڇن ٿيون ته ڪانءُ تنهنجي مائٽن مان ڪهڙو نياپو کڻي آيو آهي ۽ ڪهڙي سوکڙي آندي اٿس؟ جيتوڻيڪ ماءُ مون ڏانهن هڪ منڊي ۽ ڀرت ڀريل بوڇڻ موڪليو آهي، پر پرديس ۾ ڀاءُ جي اچڻ کان وڌيڪ ٻي سوکڙي ٿي نٿي سگهي، تنهنڪري اي ڪانگ، تون اُڏام ۽ وڃي منهنجي موڀي ڀاءُ کي وٺي اچ.

---------

 

(1)

وراڻي:  آيم رات وريم ڪالهه، وير کان وريو ڪانگلڙو،

 

لئو صبحا، لئو صبحا.

پـُـويو پـُـويو پائيان، هن ڪانگل کي ڪوڏيون،
ڏيکاريندم ڏيهه ڌڻي، هن لالڻ جون لوڏون،
منهنجو لوڏن وهيڻو ڪانگل جاني.

 

لئو صبحا، لئو صبحا...

هيٺـِـين ڍنڍَ، مڇي مري، مٿانس مياڻي،
اُڃ مرندي نه پيان، هن پرينءَ ري پاڻي،
منهنجو اُڃ وهيڻو، ڪانگل جاني.

 

لئو صبحا، لئو صبحا...

مون ۽ جيڏل وچ ۾، سونو ٻهارو،
سوري سوري ڇڏيان، پر هينئڙو ويچارو،
منهنجو ڪوڏ وهيڻو ڪانگلڙو.

 

لئو صبحا، لئو صبحا...

(2)

وراڻي:  ڪوٺي مٿي ڪاڳڙو، لنيو ڏي لاتـِـين،

 

پڇي پاڙي وارئين، مامِ! ڪاڳ ڪڄاڙو چوءِ،
ڙي ٻڙا ڪاڳڙا! تون اُڏامي وڃ،
آءٌ ويٺي وس گهران، پنهنجي وڳر ته شال وران!

اچي ميڙي اوجلي، جنهن ۾ لڳي ٿڌو واءُ،
ڪتيان ويٺي چـُـونئن ۾، آيم موڀي ڀاءُ،
ڙي ٻڙا ڪاڳڙا! تون اُڏامي وڃ...

ماکيءَ مٺي مصري، مٺو ماءُ وياءُ،
مٺي پرڏيهه سوکڙي، مٺو موڀي ڀاءُ،
ڙي ٻڙا ڪاڳڙا! تون اُڏامي وڃ...

ماءُ ته مونکي موڪليو وٽيءَ ۾ آمون،
آمون کاڌم پيٽ ۾، وٽيءَ جي نشاني،
ڙي ٻڙا ڪاڳڙا! تون اُڏامي وڃ...

اَڇو اُبيڇڻ ڇانپ سين، مڪو منهنجي ماءُ،
مرڪي ڪنديس مٿي تي، اُوچٽيئن ڪوڏ منجهاءُ،
ڙي ٻڙا ڪاڳڙا! تون اُڏامي وڃ...

---------

 

سيهڙو

هيءُ ٿرپارڪر واري حـصي جو مزاحيه لوڪ گيت آهي. ٿري محاوري ۾  ”ڄاهي“  کي  ”سيهڙو“  چون. هن گيت ۾  ”ڄاهو“  ميڙي تي وڃڻ لاءِ سنڀري ٿو ۽ کيس اتان ڪن شين آڻڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. ڀانئجي ٿو ته ڪنهن ڇوڪريءَ جو عاشق پهريون دفعو ڳوٺ کان ٻاهر وڃي ٿو ۽ ڇوڪري سندس نالي ظاهر ڪرڻ بدران کيس  ”ڄاهي“  سان مخاطب ڪري ٿي، ۽ اُتان چـُـني، چـُـوڙي ۽ چولي وغيره آڻڻ جي تاڪيد ڪري ٿي. جيئن ته هو رستي جو اڻ سونهون آهي، تنهنڪري کيس واٽ نه ڀلجڻ، ۽ جلدي موٽي اچڻ لاءِ به چئي ٿي. هن گيت جي هڪ روايت ملي آهي، جا هيٺ ڏجي ٿي.

 

سيهڙا! تون ميڙي ملاکڙي جائي، ڙي سيهڙا!
(اي ڄاها! تون ميلي ملاکڙي تي ڀلي وڃ)
سيهڙا! تون چقمق چنڙي لائي، ڙي سيهڙا!
(اي ڄاها! منهنجي لاءِ دل ڇڪيندڙ چـُـني وٺي اچج)
سيهڙا! تون سيهڙي نان سمجهائي، ڙي سيهڙا!
(اي ڄاها! تون اهي ڳالهيون ياد ڪج)
سيهڙا! تون پوپٽ پنڙا لائي، ڙي سيهڙا!
(اي ڄاها! مون لاءِ پوپٽ ۽ پنڙا وٺي اچج)
سيهڙا! تون چـَـندَن چـُـوڙلو لائي، ڙي سيهڙا!
(اي ڄاها! مون لاءِ چندن جو چوڙو آڻج)
سيهڙا! تون آڏو اُبتو مـَـتَ جائي، ڙي سيهڙا!
(اي ڄاها! تون رستو ڇڏي اوجهڙ نه وڃج)
سيهڙا! تون سـِـڪ ۾ مـِـنان مت سڪائي، ڙي سيهڙا!
(اي ڄاها! تون مونکي سڪ ۾ نه سڪائج)
سيهڙا! تون ڇـِـينٽ رو گهاگهرو لائي، ڙي سيهڙا!
(اي ڄاها! مون لاءِ ڇـِـيٽ جو گهاگهرو وٺي اچج)
سيهڙا! تون ڇيڪيرو گهوئي کائي، ڙي سيهڙا!
(اي ڄاها! تون جلدي واپس اچج)
سيهڙا! تون اَلـِـي، ٻورلو لائي، ڙي سيهڙا!
(اي ڄاها! تون اَلي ۽ ٻورلو وٺي اچج)
سيهڙا! تون گهوئي گهـُـمرو کائي، ڙي سيهڙا!
(اي ڄاها! جلدي ورڻ جي وائي ڪجانءِ)

 

---------

 

       

سـَـروَر

سنڌ ۾ هيءُ گيت اڪثر بلوچ قبيلن ۽ ساڻن پاڙيسري سماٽ قبيلن ۾ رائج آهي. سنڌ کان ٻاهر، بهاولپور ۽ ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل خان ضلعن ۾ هيءُ گيت عام مروج آهي، ڇاڪاڻ ته درويش سخي سرور جنهن جي نالي سان هيءُ ڳيچ مشهور آهي، سو ديري غازي خان جي اولهه طرف جبل جي دامن ۾ مدفون آهي. معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ کان نبي صلعم ۽ پنجتن پاڪ جي ساراهه ۽ انهن جي مڃتا مڃڻ ۽ کين سوال ڪرڻ، هن گيت جا بنيادي نـُـڪتا آهن. هي خاص عورتن جو گيت آهي، جو درويش يا ولي جي درگاهه تي مڃتا مڃڻ، مراد پوري ٿيڻ تي، يا خوشي ۽ نيڪ فال خاطر زالون گڏجي ڳائينديون آهن. ڪٿي مـَـنهن مارڪي، يا شاديءَ جي موقعي تي پڻ، ٻين ڳيچن کان اڳ تمهيد طور هي گيت ڳائين. ڪن قومن ۾ شادي يا طهر جي موقعي تي شروعات ئي  ”سرور جي رات“  سان ٿئي ۽ ان رات آيل زالن کي مينديءَ جي وٽي وٽي ڏني ويندي آهي، جنهن کي  ”سرور جي ميندي“  چون. ڪن ڳوٺن ۾  ”سرور جو سڏ“  چوائين ۽ اوڙي پاڙي جون زالون گڏجي هي گيت ڳائين ۽ ميندي ورهائين. هي گيت سرائڪي محاوري ۾ چيل آهي، ڇاڪاڻ جو ان جي ابتدا ديري غازيخان مان ٿي.

هن گيت جون ٻه روايتون مليون آهن، جي هيٺ ڏجن ٿيون:

 

(1)

 وراڻي: الا، اول سوران مين برهي خدا،

 

الا، تنهن تون سوران مين نبي رسول،
الا، ڪلمان جنهن دا پيا هي قبول.
الا، تنهن تون سوران مين سرور پير...
الا، سـُـڪيان نديان وهندائي کير...
الا، تنهن تون سوران مين پير گيلاني،
الا، بـُـکيان نو اَن، ٽهايان نون پاني...

 

الا، تنهن تون سوران مين ميان راڻا،
الا، در الله دي وچ اگهاڻا...
الا، سرور دي گهر وڄدائي دُهل،
الا، جيوي مائي بيبي دا جوڙ...
الا، سرور دي هٿ وچ هي جوکنا،
الا، جيوي مائي بيبي دا ونان...
الا، سرور دي گهر وڄدي هي شاهي،
الا، سرور جملي دي آس پڄائي...
الا، کيڙيان ڀيڙين ڪيتا هي ڊوهه،
الا، سرور دي هٿ ڏونڊي لڪڻ...
الا، کوڙ مريندائي آپـَـئي آپـَـئي،
الا، اس وڻوٺي پهلا هي پـُـور...
الا، سرور دي مـَـنهن وسدا هي نـُـور،
الا، ڪڪي چير نڪتي هي روهه...
الا، اسي ڪوهه ڪريندي نيراني،
الا، ڪڪي پيران دي پاڙ ڇني...
الا، حج وندياڻي حج تي ڳئيئان،
الا، حج ونديان دا حج هي قبول...
الا، ڀرو ڪلمان پووي قبول،
الا، ڀرو ڪلمان پووي قبول...

 

(2)

ثنا:    اول نانءُ الله دا، جنهن نه جيڏا ڪوءِ،

 

صحيح سٽاري عالمي، روزي ڏيندڙ توءِ.
اول هي سارهه برحق خدا، پڇتئون نبي رسول،
ڪلمان جنهن دا قيام تؤن، پياهم قبول.

 

 

وراڻي:  الا، تـِـڪون مين سراهيان نبي رسول.

 

الا، مـَـنهـَـن سرور دي وسدا هي نور،
الا، مـَـنـهـَـن سرور دي وسدا هي نور...
الا، سـُـڪيان نديان وهيندا هي کير،
الا، سـُـڪيان نديان وهيندا هي کير...
الا، سرور دي گهر وڄدا هي دُهل...
الا، لنجهي دي گهر وڄدا هي دهل...
الا، سرور دي گهر وڄدي هي شادي،
الا، لنجهي دي گهر وڄدي هي شادي...
الا، سرور دي گهر جڙدا هي ڇٽا،
الا، لنجهي دي گهر جڙدا هي ڇٽا...
الا، سرور دي گهر وسدي هي شاهي،
الا، لنجهي دي گهر وسدي هي شاهي...
الا، سرور دي هٿ سونهندي هي لڪڙ،
الا، لنجهي دي هٿ سونهندي هي لڪڙ...
الا، کوڙ مريندا هي آپڙ آپڙ،
الا، کوڙ مريندا هي آپڙ آپڙ...

 

 

 

---------

 

مـُـنجرو  (1)

هيءُ گيت ٿرپارڪر ضلعي ۾ رائج آهي. ٿري محاوري ۾  ”مجرو“  (بمعنيٰ سلام) کي  ”منجرو“  چون. انهيءَ ڪري مرشد جي اچڻ تي، مرحبا طور جيڪي گيت ڳائجن، تن کي  ”منجرو“  سڏين. هيءُ گيت مرشد جي اچڻ توڙي ڪن ٻين خوشيءَ جي موقعن تي، جهڙوڪ مڱڻي ۽ مهرات جي وقت، ٻين گيتن کان اڳ سهڻي سوڻ خاطر ڳائين.

 

وراڻي:  پير ڀلي آيو، ٻڪر ٿي ڪهايان،

 

راضي شاهه ڀلي آيو، ٻڪر ٿي ڪهايان،
ماڻڪ موتين سان هليو-

 

پير ڀلي آيو.

پير ڀلي آيو، چانور ٿي چڙهايان،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو-

 

پير ڀلي آيو...

پير ڀلي آيو، ديڳيون ٿي چاڙهايان،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو-

 

پير ڀلي آيو...

پير ڀلي آيو، نياڻيون ٿي ڪوٺايان،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو-

 

پير ڀلي آيو...

پير ڀلي آيو، پـَـٽ ٿي ٻهاريان،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو-

 

پير ڀلي آيو...

پير ڀلي آيو، گلم ٿي وڇايان،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو-

 

پير ڀلي آيو...

پير ڀلي آيو، ڳاڙهي کٽ ٿي وڇايان،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو-

 

پير ڀلي آيو...

پير ڀلي آيو، ميندي ٿي گهوٽايان،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو-

 

پير ڀلي آيو...

پير ڀلي آيو، گهوڙا ٿي سنجايان،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو-

 

پير ڀلي آيو...

پير ڀلي آيو، ترگس ٿي ڦيرايان،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو-

 

پير ڀلي آيو...

پير ڀلي آيو، کير ٿي گهرايان،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو-

 

پير ڀلي آيو...

پير ڀلي آيو، پلاهه ٿي رڌايان،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو-

 

پير ڀلي آيو...

پير ڀلي آيو، خوش ٿي کارايان،
ماڻڪ موتين ساڻ هليو-

 

پير ڀلي آيو...

---------

 

پيراڻو  (1)

هيءُ گيت فقط پير پٿوري (آستان، ضلعو ٿرپارڪر، لڳ پٿورو اسٽيشن) جي ساراهه ۾ آهي ۽ سنڌ جي ميگهواڙ قوم ۾ رائج آهي، ڇاڪاڻ ته ميگهواڙ ان درگاهه جا مريد آهن. سالياني ميلي (بڊي مهيني جي پهرين تاريخن) جي موقعي تي مينگهواڙ زيارت لاءِ اتي وڃن ۽ سندس ساراهه ۾ گيت چون. هن گيت جي فقط هڪ روايت ملي، جا هيٺ ڏني وئي آهي.

 

وراڻي:  رِکيا سنڀريا ماڙي تي، ماڙي سچي سون جهرڪو لايو-

 

آهي اسان جو پير.

اسان کي سـُـمريا سڏ ڏي، سو آهي اسان جو پير-

 

آهي اسان جو پير...

مريد هليا پـِـڙَ ۾، لال پـَـڙ اچي ڦولي ڇانيو-

 

آهي اسان جو پير...

ماڙي پٿوري  ”ماڏڻ“  ڀاڻِ جي، جنهن جٿي سائي نيل-

 

آهي اسان جو پير...

هيڏي هاڪ پٿوري ڀاڻ جي، وري گجي گلابي پيو-

 

آهي اسان جو پير...

پٿورو ويٺو کٽ تي، لال کٽ، سونا ڇٽ-

 

آهي اسان جو پير...

مرشد لڏي لال هندوري، هندوري ڳاڙها گل-

 

آهي اسان جو پير...

مرشد جون مينهون ڀوريون، لال چرن نانگرويل-

 

آهي اسان جو پير...

پٿوري جون گئون گورڙيون، لال چرن ساوا گاهه-

 

آهي اسان جو پير...

اسين وڃون مرشد ماڙي تي، سامهان مٽ کير جا لال-

 

آهي اسان جو پير...

روجهو گهوڙو پٿوري لال جو، مٿي آهن سونا سنج-

 

آهي اسان جو پير...

ٻين سڀني تي مورهيا، لال پٿوري مٿي لـُـونگي-

 

آهي اسان جو ق ْير...

پَير پڪو کوڙيم پــِـر ۾، جهالر رو پئي جهڻار-

 

آهي اسان جو پير...

مريد آهن مـُـهـَـرَ جا، وريو اُتر جو پير-

 

آهي اسان جو پير...

---------

 

جاڳا

هيءُ گيت سڄيءَ سنڌ ۾ عام مشهور آهن.  ”جاڳا“  يعني اهي گيت جي رات جو جاڳي چئجن يا روزن رکڻ لاءِ ماڻهن کي جاڳائڻ خاطر چئجن. رمضان جي مهيني ۾ جاڳو چوندڙ، اڌ رات جو ٽولا ٺاهي، بعضي گهنڊ گهڙيال کڻي، رستن ۽ گهٽين ۾ سـُـر سان  ”جاڳا“  چوندا آهن، ته جيئن ماڻهو سجاڳ ٿي روزو رکن. سنڌ ۾ جاڳن چوڻ جو رواج غالباً آڳاٽي وقت کان شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته ڪن آڳاٽن شاعرن جا چيل  ”جاڳا“  پڻ مليا آهن. رمضان شريف جي آمد، روزي جي برڪت، نصيحت ۽ هدايت  ”جاڳن“  جا خاص مضمون آهن. سرِدست ڏهه  ”جاڳا“  مليا آهن، جي هيٺ ڏجن ٿا.

 

(1)

چنڊ ڏٺو رمضان جو، گهر ڀڳو شيطان جو، ڏيو ٻريو اسلام جو،

 

جاڳڻ ويل ٿي، آهي رحمت ويل ٿي،

اوهين اٿي الله ياد ڪريو، جاڳو اوهين جاڳو مومنا!

 

1-      اٿي الله ياد ڪريو، ٻانها ٻيو ڪي وسار،

 

هيءُ جي حياتيءَ ڏينهڙا، غافل ٿي نه گذار،
توبهه ڪريو تائب ٿيو، پڙهو استغفار،

 

جاڳڻ ويل ٿي آهي...

2-     مهينو ڀلو رمضان جو، تون وِلهو ٿي نه وڃاءِ،

 

پنجئي وقت نماز جا، پوريءَ طرح پڄاءِ،
ڏينهن سڄو سنسار ۾، تون ويهي ڪيم وڃاءِ،
ختما ٻڌي قرآن جا، جڏو جيءُ جاڳاءِ،

 

جاڳڻ ويل ٿي آهي...

3-     مسلمانو مومنو، ساراهيو اوهين سبحان،

 

نـِـيتـَـيـِـو نفل، روزا رکو، پڙهو اوهين قرآن،
آگي امر جن جو ڪيو، فائق منجهه فرقان،
مولو مرهي مهر سان، آگو سڀ عصيان،

 

جاڳڻ ويل ٿي آهي...

4-     غفلت ڇڏيو غافل بندا، مومن مسلمان،

 

ويهي وِهايو راتڙيون، شل آگو ڏئيوَ ايمان!
مڙني مبارڪ مومنو، آيو اڄ رمضان،
 ”لاتقنطوامن رحمت الله“  اهو آگي جو انجام،

 

جاڳڻ ويل ٿي آهي...

5-      مسلمانو مومنو، مٿي آئي رات،

 

صبح سويرو سنڀرو، پسو اوهين پرڀات،
ڪي جاڳو، ڪي سمهو، ڪريو خلق جي تات،
اڳيان پڇندوَ بادشاهه، جت جمع ٿيندي جمات،

 

جاڳڻ ويل ٿي آهي...

6-     هي مهينو مرهه جو، آيو آهي رمضان،

 

مسجدن ۾ رات جو، ٻڌو اوهين قرآن،
دوزخ جا در بند ٿيا، هن منجهه ماهه غفران،
نور منجهس نروار ٿيو، سمورو سامان،

 

جاڳڻ ويل ٿي آهي...

7-     مسلمانو مومنو، ڪريو تلاوت،

 

بند ڪريو گلا ڪوڙ کي، ٻي بدي حڪايت،
باري بخشيوَ ڏوهه سڀ، هـِـت ۽ قيامت،
اٿم اُميد يقين، اهو ڪندو شافع شفاعت،

 

جاڳڻ ويل ٿي آهي...

8-     غفلت ڇڏيو اوهين ننڊ جي، غافل ٿيو هوشيار،

 

عاقل اُٿي اڌ رات جو، جاڳو ڪن اختيار،
ته نعمتون ناز ٿين، منجهان داور جي درٻار،
حاصل ڪن مومن اهي، جيڪي جاڳن ليل نهار،

 

جاڳڻ ويل ٿي آهي...

(2)

وراڻي:  آيو ماهه مبارڪ مومنا، اي مومنا!
1-      چنڊ ڏٺو رمضان جو، گهر سڙيو شيطان جو،
        شاديون ڪيو شڪران جو، آيو ماهه مبارڪ مومنا!
2-     هـَـي هـَـي روزا جن کؤن ويا، ڄاڻي مڱر مچ ۾ پيا،
        هـِـت هـُـت اهي رهزن رليا، آيو ماهه مبارڪ مومنا!
3-     راتيان تراويحون پڙهن، ڏينهان روزا ساريو رکن،
        حوران ملڪ تن لاءِ سڪن، آيو ماهه مبارڪ مومنا!
4-     جنهن سال ۾ رمضان رسيو، شيطان دوزخ ۾ دسيو،
        اڄ مينهن محبت جو وسيو، آيو ماهه مبارڪ مومنا!
5-      سهنجي سکي سڀڪنهن جي، آهي جا عيد اسان جي،
        اهڙي خوشي ٻي ڪنهن جي، آيو ماهه مبارڪ مومنا!
6-     جيڪي اُٿن اسور جو، سرهيا ٿين سحور جو،
        تن تي مينهن اُٺو نور جو، آيو ماهه مبارڪ مومنا!
7-     جيڪو پڙهي قرآن کي، قابو ڪري ايمان کي،
        تازو رکي پنهنجي تان کي، آيو ماهه مبارڪ مومنا!
8-     پنجن ۾ پورا رهو، هت ناهه ڪو آن کي وسو،
        ديدار محمد جو پسو، آيو ماهه مبارڪ مومنا!
9-     تو ۾ مري مومن جڏهن، پڇا ناهه ڪا تنهن تي ڪڏهن،
        بخشي خدا تنهن کي تڏهن، آيو ماهه مبارڪ مومنا!
10-    ڪرم ڪريو  ”ڪالو“  سان، هيءُ ٿو چوي ايمان سان،
        مرشد ورتم يقين سان، آيو ماهه مبارڪ مومنا!

 

(3)

وراڻي:  اي ماهه مبارڪ مرحبا، صد مرحبا صد مرحبا.
1-      آئين ڀلا اي دلربا، صد مرحبا صد مرحبا،
        توکي وري آڻي خدا، اي ماهه مبارڪ مرحبا...
2-     تنهنجي آئي ڏک ڏور ٿيا، ٿيا دين جا روشن ڏيا،
        هر جاءِ خوشيءَ جا ڪوڪرا، اي ماهه مبارڪ مرحبا...
3-     تو ۾ در بهشت جا کلن، مومن مڙئي دلشاد ٿين،
        صلواة سيد تي پڙهن، اي ماهه مبارڪ مرحبا...
4-     شرف وارو تون مهينن ۾، وڌ شان ۾ سڀ کان ڏينهن ۾،
        صلواة سيد تي پڙهن، اي ماهه مبارڪ مرحبا...
5-      فرمايو ختم المرسلين، الصلواة والصوم جنت المومنين،
        روزا رکو اي ذواليقين، اي ماهه مبارڪ مرحبا...
6-     روزا خوشيءَ سان رکن، لذت بهشت جي سي چکن،
        حوران ڏسڻ لئي ٿيون اچن، اي ماهه مبارڪ مرحبا...
7-     ”حافظ مير محمد“  کي سچا، سيد عطا ڪريو لقا،
        پڻ التجا بهرِ خدا، اي ماهه مبارڪ مرحبا...

 

(4)

وراڻي:  ڊڄي رب کان ڪريو زاري، ادا! ٿـَـوَ ماهه موچارو،
        گنهه بخشي ٿو سڀ باري، ادا! ٿـَـوَ ماهه موچارو.
1-      ماهه رمضان هي آيو، عبادت جو ڪريو سعيو،
        گهڙي گهر جي نڪا گهاري، ادا! ٿـَـوَ ماهه موچارو...
2-     ادا! هن ۾ سدا جاڳو، ڪرايو معاف سڀ لاڳو،
        فنا دنيا آهي ساري، ادا! ٿـَـوَ ماهه موچارو...
3-     سدا رک نينهن نماز سان، نوائي ڪنڌ نيازي سان،
        نه ان کان ٿي ڪڏهن عاري، ادا! ٿـَـوَ ماهه موچارو...
4-     اجل هردم سڏي توکي، چڱي وڃ پوک تون پوکي،
        مٿان ڏس موت ٿيو ماري، ادا! ٿـَـوَ ماهه موچارو...
5-      نه ڏيکارج خدايا مون، ڪڏهن  ”صاحب ڏني“  کي تون،
        ٻنهي دنيا ۾ دشواري، ادا! ٿـَـوَ ماهه موچارو...

 

(5)

وراڻي:  شڪر ٿيو رب پاڪ مهينو موڪليو رمضان آ،
        خاص خداوند مومنن تي ڪيو اهو احسان آ.
1-      آئين ڀلي، آئين ڀلي، لئي مومنن عيدون ٿيون،
        دين جو نعرو لڳو، ٿي ناس ويو ڪفران آ...
2-     دوزخ جا در بند ٿيا، ۽ در کليا جنت سندا،
        قيد لشڪر پنهنجي سان ٿيو، لعنتي شيطان آ...
3-     اي ماهه مبارڪ تو سندو، آهي شرف اعليٰ گهڻو،
        ٻين مهينن کان خدا، تنهنجو ڪيو وڌ شان آ...
4-     ساراهه سهڻي تو سندي، قرآن ۾ قادر ڪئي،
        شهر رمضان الذي، فائق سندو فرمان آ...
5-      هن ماهه کي اي مومنو! عزت ڏيو بلڪل گهڻي،
        جو خدا آهي اسان ڏي، موڪليو مهمان آ...
6-     دل جي محبت سان جني، هن ماهه جا روزا رکيا،
        نعمتون ٿينديون عطا، ارشاد منجهه فرقان آ...
7-     جن ڪينڪي روزا رکيا، هن ڀلاري ماهه جا،
        تن جي لئي قادر ڪيو، دوزخ اندر آستان آ...
8-     هن مهيني جي ته صدقي، عاصي  ”امان الله“  جون،
        بخش خاوند سڀ خطائون، جو گهڻو غلطان آ...

 

(6)

وراڻي:  شڪر مومن ماهه رمضان آيو،
        جانب يار جيئري موليٰ جيءُ ملايو.
1-      خدا پاڪ پوريون ڪيون اڄ اميدان،
        ويل يار غمخوار واحد ورايو...
2-     رکو پاڪ روزا، پڙهو پڻ نمازان،
        خدا جي فرض کي ويهي نا وڃايو...
3-     ڏيو ڪـَـن اَسـُـر جو، پکي جي پڙهن ٿا،
        ٿيو ڇا اوهان کي، پکين جهڙا ناهيو...
4-     ”جتوئي“  ٻين کي، چئي ڇا ٻڌائين،
        پنهنجو پاڻ ڪر تون، ثمر جو به سعيو...

 

(7)

وراڻي:  اُٿو مومن مسلمانو، هنئين جي هيج سان جاڳي،
        رکو روزا پڙهو تهجد، ڏيئي جند جان کي جاڳو.
1-      ٻڌو قرآن قادر جو، جنهن ۾ آهي جهجهو درجو،
        وسيلو ٿيندو محشر جو، مسلمانو اٿي جاڳو...
2-     اٿي الله سان اوريو، سـِـسي ۽ ساهه سڀ گهوريو،
        جنبي جند جان کي جهوريو، مسلمانو اٿي جاڳو...
3-     تراويحون پڙهو ساري، نڀاڳي نفس کي ماري،
        کريل جو کام ٿو کاري، مسلمانو اٿي جاڳو...
4-     آيو آهي ماهه نوراني، سڳورو گنج سبحاني،
        ڪئي موليٰ مهرباني، مسلمانو اٿي جاڳو...
5-      ڏسي ڏاتار جون ڏاتيون، تنهن جون ڪهڙيون ڪجن باتيون،
        وهائي سڀ پنهنجون راتيون، مسلمانو اٿي جاڳو...
6-     ڪريو هن ماهه ۾ طاعت، ويهون واندا نه ڪا ساعت،
        ڦٽائي پنهنجي سڀ راحت، مسلمانو اٿي جاڳو...
7-     عاصي  ”اسحاق“  چئي يارو! فنا آهي جهان سارو،
        ايندو هرڪنهن مٿي وارو، مسلمانو اٿي جاڳو...

 

(8)

 وراڻي: اي ماهه مبارڪ الوداع، اي ماهه مبارڪ مرحبا،

 

الفراق الوداع الوداع!

1-      چنڊ ٿو وڃي رمضان جو، هي دوست منهنجي جان جو،
        راحت آهي جند جان جو، اي ماهه مبارڪ الوداع...
2-     تنهنجي وِئي دل ٿي جهـُـري، تنهنجي هوندي من ٿو ٺري،
        وس نه ويچاري ڇا ڪري، اي ماهه مبارڪ الوداع...
3-     توکي منهنجي دل نا ڇڏي، تون ٿو وڃين زوريءَ لڏي،
        هر هر توکي ساهه ٿو سڏي، اي ماهه مبارڪ الوداع...
4-     اي دوست منهنجا دلربا، توکي سڪي هينئڙو سدا،
        وري مِل اچي بهر خدا، اي ماهه مبارڪ الوداع...
5-      مسجد ۾ مومن ٿا مڙن، ساراهه پيغمبر جي ڪرن،
        مولود ۽ معجزا چون، اي ماهه مبارڪ الوداع...
6-     جيڪو ثنا سرور ڪري، رحمت مٿس خاوند ڪري،
         ”حافظ مير محمد“  ٿو چئي، اي ماهه مبارڪ الوداع...

 

(9)

وراڻي:  اٿي جاڳو لله يارو! وڃي ٿو ماهه رمضان جو،
        ڀريل برڪت سان سڀ سارو، وڃي ٿو ماهه رمضان جو.
1-      کليا در جنهن ۾ رحمت جا، سدا رب جي عنايت جا،
        وڄائي سو ادا وارو، وڃي ٿو ماهه رمضان جو...
2-     ڇڏيو اي مومنو! غفلت، رکو اسلام سان الفت،
        چڱو آهي اهو چارو، وڃي ٿو ماهه رمضان جو...
3-     نمازن جا ۽ روزن جا، شغل جنهن ۾ چڱا ٿيندا،
        لڳو ٿئي دين جو نعرو، وڃي ٿو ماهه رمضان جو...
4-     گذري وقت جو ويندو، وري سو ڪين هٿ ايندو،
        ڪريو آزي ٿئي آرو، وڃي ٿو ماهه رمضان جو...
5-      ڪريو ان ۾ ختم قرآن، سدا راضي رهي رحمان،
        ٿئي شيطان مـُـنهن ڪارو، وڃي ٿو ماهه رمضان جو...
6-     دنيا ساري کي روشن ڪيو، وڃي ٿو هاڻ لهندو سو،
        عجب اسلام جو تارو، وڃي ٿو ماهه رمضان جو...
7-     ”صاحب ڏني“  جي يا سرور! بحق پنجتن اطهر،
        ڪجو محشر به موچارو، وڃي ٿو ماهه رمضان جو...

 

(10)

وراڻي:  هـِـنئين لڳن ڦوڙائي جا ڪانَ،
        موٽي ڪو ڪج ڀيرو، ادا ماهه رمضان!
1-      آهي مڙني مهينن ۾، توکي ساراهيو سبحان،

 

موٽي ڪج ڪو ڀيرو...

2-     اي تو ۾ تڪرار ڪن ٿا، اوهي ڪامل پڙهن قرآن،

 

موٽي ڪج ڪو ڀيرو...

3-     ڪلمي ۽ صلوات جا، تو ۾ پاڙهين لک لسان،

 

موٽي ڪج ڪو ڀيرو...

4-     هي هي ڇڏيئي هيڪلا، هي عاشق ۾ ارمان،

 

موٽي ڪج ڪو ڀيرو...

5-      رهبر رحلت کي رسيو، سو تان جمعي ڏينهن جوان،

موٽي ڪج ڪو ڀيرو...

 

---------


(1) هيءَ روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

(2) ٿر جو گيت، محمد عثمان ڏيپلائي جي قلمبند ڪيل روايت، رسالو  ”سه ماهي مهراڻ“  سنه 1956ع.

(1) هيءَ روايت اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان فاضل قائمي کان ملي.

(2) هيءَ روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان ملي.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

(1) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

(1) هيءَ روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

(2) چيل ڪالو جو. هن جاڳي جون ٽي روايتون مليون. هڪ  ”مجموعه مولود شريف“  مطبوعه اسلاميه اسٽيم پريس لاهور، ٻي حاجي لونگ خواجه ۽ ٽئين  پيرل ولد ڏاتر ڏني، ويٺل کهڙا تعلقي گنبٽ جي قلمي بياض تان ورتل. پهرين روايت ۾ پنج مصراعون، ٻيءَ روايت ۾ 7 مصراعون ۽ ٽئين روايت ۾ 11 مصراعون آهن، پهرين روايت جي وراڻي قائم رکي ويئي آهي، ٻي روايت بنا وراڻي جي ملي ۽ ٽئين روايت جي 5 مصراعن ۾  ”ڏينهن جمعي مبارڪ مومنو!“  وراڻي آيل آهي. پهرين روايت ۾ شاعر جو نالو آيل ناهي.

(3) چيل حافظ مير محمد جو.  ”مجموعه مولود شريف“  مطبوعه اسلاميه اسٽيم پريس لاهور تان ورتل.

(4) چيل صاحب ڏني شاهه جو.

(5) چيل امان الله  جو. حاجي لونگ خواجه ويٺل کهڙا، تعلقي گنبٽ جي قلمي بياض تان ورتل.

(6) چيل غلام رسول جتوئي جو. حاجي لونگ خواجه ويٺل کهڙا، تعلقي گنبٽ جي قلمي بياض تان ورتل.

(7) چيل اسحاق جو. هيءَ روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

(8) چيل حافظ مير محمد جو.  ”مجموعه مولود شريف“  مطبوعه اسلاميه اسٽيم پريس لاهور تان ورتل.

(9) چيل صاحب ڏني شاهه جو.

(10) حاجي لونگ خواجه، ويٺل کهڙا، تعلقي گنبٽ جي قلمي بياض تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org