سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :12

 باب ڇهون

ٻيلي جي شاعري جا عنوان: مدح، وصف، محبت، معما

 

ٻيلي جي شاعري جا عنوان ساڳيا مشرقي شاعري وارا عنوان آهن. مدح سرائي عربي خواه فارسي شاعري جو اهم جزو آهي ۽ ٻيلي جي شاعري ۾ به نمايان آهي. ٻيلي جي شاعرن به پنهنجي مربين ۽ مهربانن جا دل کولي ڳڻ ڳايا آهن، مگر ٻيلي جي شاعري جو خاص جوهر رزم گوئي آهي، جنهن ۾ ٻيلي جي سنڌي شاعري عرب جي بدوي شاعري مثل آهي. وصف بياني ۾ به ٻيلي جو سنڌي شاعر عرب جي بدوي شاعرن جون سڪون لاهي ٿو. عشقيه شعر ۾ ٻيلي جي شاعر عام سنڌي شاعر جي واٽ ورتي آهي ۽ پنهنجي سوز درد کي اڪثر سنڌ جي مشهور افسانن ۽ عشقيه قصن جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيو اٿس. ”معما“ يا پرولي جي عنوانن کي به ٻيلي جي شاعر خاص طرح سوڌي سنواري اوج تي رسايو آهي. اسان هن باب ۾ ٻيلي جي شاعري جي انهن مختلف عنوانن يعني مدح، وصف، عشق ۽ معما کي قدري روشن ڪنداسون.

1- مدح

ٻيلي جو سائين ۽ سرتاج، سخين جو سردار ۽ سوالين جو اجهو آڌار، سخي سپڙ ڄام هو جو ٻيلي جي رونجهن حاڪمن جي چوٽاڻي پاڙي مان هو. بقول راوي، ڄام سپڙ چوٽي جو پٽ هو ۽ هن پنهنجي پٽ تي به وري پنهنجي پيءُ جو نالو چوٽا رکيو. سپڙ ڄام دل جو درياه هو ۽ سخا سندس سرشت ۾ سمايل هئي. ڪڏهن به سوالي خالي نه ڇڏيائين ۽ نڪي ڪنهن منگتي کي موٽايائين: جيڪا به سندن گهر هئي سا ٿي پوري ڪيائين. چون ٿا ته ڪو سنڌ جو سوالي وٽس هڪ سؤ گهوڙن جي گهُر جو قصد ڪري آيو. سخي سپڙ ڄام وٽ دير ته هئي ڪانه، سو يڪدم سؤ گهوڙن ساڻ پنهنجي پٽ چوٽا کي ساڻس گڏ چاڙهي روانو ڪيائين جو هن سوالي کي وڃي سنڌ جي سرحد تائين اُماڻي آيو ۽ موڪلائڻ وقت هڪ سؤ گهوڙا کيس سونپيائين.

سپڙ ڄام جي سخاوت سنڌ ٻيلي سرهي هئي، انهيءَ ڪري شاه صاحب به هن سخيءَ کي، سُر ”پرڀاتي“ ۾ گهڻو ساراهيو آهي ۽ سندس سخا کي دل کولي ڳايو آهي ته:

”ماڻڪ موتي مال خزانا، ڏيندءِ ٻيلي سائين“

سپڙ ڄام جي تعريف ٻيلي جي هڪ جهوني شاعر صفر منگني پنهنجن بيتن ۾ هن طرح ڪئي آهي ته:

نه مون تند نه تال، نه آءٌ واڄٽ وڄائڻ سکيو

ڪيئن چڱن وٽ چوريان، هٿن سندو حال

اوڙ نه ڄاڻان ايڪ ڪا، نڪو باب برحال [1]

لڌو لڱي مڱڻي، صفر چئي، سکپال [2]

منهنجي تن تسال، ته تون ڏاتار ڏڏن جو [3]

تون ڏاتار ڏڏن جو، ٿو ڏاتار نوازين ڏڏ

لڌا لڱي مڱڻي، موتي ماڻڪ گڏ

سڻي تنهنجا سڏ، ريڌو پاڻهي راڄيو.

ريڌو پاڻهي راڄيو، ٿيو ميون مهربان

سپڙ وٽ، صفر چئي؛ سندو منگتين مان

هوء جي ڳاون گن گيان، سي رسيا رونجهي ڄام کي.

رسيا رونجهي ڄام کي، هو ٿيا انعامي

آءٌ ڳالهه نه ڄاڻان ڳاجهه ڪا، ريجهه نه رباني

ان پر احساني، ڪج پازيءَ تي پانهنجي.

ڪج پازي تي پانهنجي، نظر نرمل نر

راڄيا! تنهنجي ريجهه جي، مونکي ڪانه پوي ٿي ڪر

سردارن سکر، متڻ مونکي ڇڏيائين

متڻ موکي ڇڏيئين، ڍول ڍلي ڪنهن ڳالهه

سرتيون سوارو ڪيو چورين چرکو چال

هيءَ جا هيڻي هڏ ۾ سڀ ڄمارون سال

انهيءَ حال احوال، هي پازي پرتئه پانهنجو.

ڪريمداد چيو ته: هڪ سوالي مڱڻو، ٽنگ کان لنگڙو، بيڪس ۽ بيحال هو جنهن کي ڄام تائين پهچڻ جي طاقت ڪانه هئي، مگر ان کي ڄام سپڙ گهر ويٺي گهڻو ڪجهه ڏيئي نوازيو. سپڙ ڄام جي هن لنگي مڱڻي سان هيڏي مهرباني، هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويئي؛ جيئن ته شاه صاحب به انهيءَ کي ڳايو آهي ته:

چارڻ لڱو، پنڌ گهڻو، ڪي چوٽاڻي چئيج.

هت ڪي هلائيج، اتي آءٌ نه اچڻو (پرڀاتي)

سپڙ ڄام جون سڪون وري ٻيلي جي موجوده حاڪم گهراڻي جي سخي مردن، ڄام ميرخان ۽ ڄام عالي خان لاٿيون جن جي تعريف ۾ سندن درٻار جي شاعرن ڪيئي بيت چيا.

شاعر نم هيٺين مدح ۾ پنهنجي مربي ڄام عالي خان ثالث کي ڳايو آهي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ پنهنجي اڳوڻي مربي ڄام ميرخان کي ساراهيو آهي. شاعر نم، ڄام ميرخان ۽ سندس فرزند عالي خان جي جهڳڙي ۽ اختلاف جي به سهڻي نموني سان پرده پوشي ڪئي آهي. اسان جي خيال ۾، عام سنڌي شاعريءَ ۾، شاعر نم جو هي قصيدو، مدح سرائي جو بهترين مثال آهي ۽ هوبهو بدوي عرب شاعر جي قصيدي وانگر هن ۾ مدح سان گڏوگڏ گهوڙن جي وصف توڙي ڪڪرن ۽ مينهن جو بيان به ضمناً موجود آهي:

ساراهيان سچو ڌڻي، ڪم سندا ڪلتار

اول الله مڃيان، جنهن جوڙي جوڙ جبار

ٻيو مڃيان محمد مصطفيٰ، ٽيو چار نبيءَ جا يار

پنجتن پاڪ مڃان ٿو درس چڱا دلدار

مريدي ميران جي، آءٌ سهي مڃان سؤ وار

اهي سڀ نيڪ مدارت نم سان، ڪندا وير وهار

ايءَ مڙوئي ايتري، ٻڌو ٻيءَ جا پار:

الله عالياڻي ڪيا آهن ست پيڙهيا سردار

سي سورهيه سينهن سپڙ جي گاديءَ تي گرنار[4]

موري متارا ٿيا، تن جون پاڙون منجهه پاتار

مير خان ملوڪ، اڙٻنگ عالي، پوشيدا پتوار

دانہ در درياه ٻئي آهن وير عقل وينجهار

ڪا گهٽ ڪنهن ۾ ڪانڪا، آهن ٻئي ٻجهڻهار

عادل عدالت سين، ٻئي سالڪ سمجهدار

پيءُ پٽ پانڊؤ ٿي، قصوريا ڪانٽار [5]

پر ڪنهن تي گلا ڪانڪا، جان تورڪيم تڪرار

اهي جنگيون جهيڙا جهڳڙا، آهن الاهي اختيار

ٻه ٽي ورهيه وچان پيا، تن جو ناه مون کي ني سار

پوءِ مير خان منزل رسيو، مٿس ناه ميار [6]

اها عالي ڄام ۾ وري وڌي سگهه ستار

تنهن جي ڪانهي ريس ڪرم سان، جنهن کي ڏات ڏني ڏاتار

سو سورهيه سخي سُوَڙو ننگ سندس نروار

اڳ جيئن سپڙ تي (ٿي) سوالين کي ڏان ڏنا ڏاتار

هن ڀي سا پر پاري پاتشاه ڪؤنريجي ڪانٽار [7]

تنهن جا سينهن سپاهي، ڀلاڀائي، خاشا خدمت دار

ڪلڪتي قنڌار ۾ آهي اسم سندس اظهار

آيو راجا رنگ محل ۾، تنهن لاٿا غم غبار[8]

هنڌ حويليون حجرا آهن ماڙيون محل منار

مُلا، منشي، مفتي، تتي قاضي ڪلاندار

اتي عالي ڄام عقل ۾ جيئن وير وڏو وينجهار

سو شرع شفيع ڄام جي مرد مڃي موچار

تنهن جا بهوت بنگلا، محڪم ماڙيون، چٽ مٿن چؤڌار

گلم غاليچا، گل رنگي، ٻي چمن چڱي چمڪار

عالي ڄام اُت ويهيِ ٿو ڪري کل خوشي کينڪار

سو پنهون پانو پنرو جهَرڪي جوت جنوار

تنهن جي خوب کٿوري کٽن تي ٻيڙن جي ٻهڪار

بوڇڻ، لنگيون بافتا، آهن بخملون بلغار

ڪئين قبائون، لال لباتا، عَلم زريون اپار

چوکا شالون- پٽوا، ٻيا دُشالا دهدار

روپا سونا راوَ جا، چڱا چونڊ هٿيار [9]

جال جنوريون جانوريين جوڳيون ڪئين جنسار [10]

اسپ عراقي آڪرا، جابو جلوه دار [11]

رڻ جهاڳ، رنگي سي رنگلا، هلڻ منجهه هوشيار [12]

تن تي سونا سنج سنگين بنيا، ٻي تازيين لئي تلڪار[13]

ڪاڇي، ڍاٽي قيمتي، مڪراني موچار [14]

ڇند ڇهل سين ڇاپري، ڪن ڇم ٻڌيو ڇمڪار [15]

گل ڦل گوهر گوڏن گهنگهرا، جهوڙن جي جهمڪار

منهن ۾ مڇيون، سونهن سيليون، ڳانا ڳچيءَ هار [16]

تن جون پٿراڻيون سر پيتليين، موتين ساڻ مهار

سونيون روپيون نڪن ناٺيون سوچاڻن سڳدار [17]

سي هوشوند هلڻ ۾، ڪن وک وڌيو وينجهار

قطر ڪشڪن ڪينڪي جبل ۾ جهانار [18]

عجب عالياڻي ان تي، حسن چڱا هسوار

ڀيڙيو بحري باز گهاءِ، ٿا ڪن شقرا شيل شڪار [19]

آهي عالي ڄام جي پوري پت پچار

تنهن راجا راڄ دلاسيا، نڳهيا نامدار [20]

ٻي رعيت سکياڻي راؤ جي، سره ڪي ستار

ڪارا ڪڪر قيمتي، اچي ٿيا اظهار

کنوڻين خوب خوشي مؤن چست ڪئي چمڪار

وڄن ويس وسڻ جا، ڪيا چؤمکار  چؤڌار

ڪارڻ قوت قلب ۾ اچي ڪوئل ڪي ڪوڪار

پڳ پاڻي پوڄ پٽن تي، تاڙي تت تنوار [21]

مطرن کي موڪل ٿي، ڇمرن ڪيا ڇٽڪار [22]

ڀاڳ ڀري برجاءِ ٿيو، پنگم روءِ پتوار [23]

موريا سرس سندا سارنگ جا گل چڱا گلدار

برسر باغ بسيار ٿيا، کڙيا کٽڻهار [24]

....ليکي ليکيان نه پڄان، سندي سگهه ستار

مون تي مهربانن ٿئين خالق خلقڻهار

دين، عقل، ايمان سندا، ڀري ڏيهون ڀنڊار

ٿي مدت مونکي مصطفيٰ اُمت جا آڌار

نمي ڄام! نم چئي، منهنجي توتي آهي مدار

ڪلمي ساڻ قرار، شل ملي محمد ڄام کي.

لس ٻيلي جي شاعرن هروڀرو ڪنهن جي تعريف ڪانه ويهي ڪئي: مدح رڳو مڻيادار مڙسن جي ڪيائون. ڄام عالي خان بيشڪ پنهنجي ذاتي شخصيت خواه حڪمران جي حيثيت ۾ هڪ نهايت بيدار مغز ۽ لائق انسان هو. انهيءَ ڪري سندس شان ۾ نم جي مدح سرائي بلڪل موزون هئي.

ڄام عالي خان ۽ سندس والد ڄام ميرخان جي وچ ۾ اختلاف ٿيا. ڄام ميرخان جي حڪومت جي آخر ۾ سنه 1886ع کان وٺي ڄام ميرخان جي وفات يعني جنوري 1888ع تائين ڄام عالي خان ڪوئيٽا ۾ نظربند رهيو. ڄام ميرخان جي وفات بعد به سڄو هڪ سال لس ٻيلي جي حڪومت انگريزن جي ايجنٽ هلائي. ڄام عالي خان 20- جنوري 1889ع ۾ واپس ٻيلي جي گاديءَ تي ويٺو.

پويان لس ٻيلي جي هڪ سگهڙ شاعر وڻوير چني لس ٻيلي جي خوشحالي ۽ آبادي ۽ ڄام عالي خان جي واپسي واسطي موليٰ کان هيٺين بيت ۾ دعا گهري. هي بيت به عام سنڌي شاعري ۾ ”دعائيه مدح“ جو هڪ بهترين نمونو آهي. فقير وڻوير چيو ته:

ڪڪر ڪر ڪا ڪار، موليٰ مينهن ملڪ تي

الله تون اُمت تان، ڏرت لاهين ڏاتار

لس، بارڻ لحظي ۾، ٻاڙو وسائين ٻهار [25]

حب، ملير هيڪاندي، سمونڊين سنڌ سنوار

پٻ، اوچڙي پلٽون ڪيون، وندر وڄون وار [26]

مور وسائين، ڍور واهين، ٿيون برساتون برقرار [27]

گهٽ، گودڙا، گاميون، ٿيو چڪ چلڙ چؤڌار

ڀيڄ وسين ڀٽن، ڀريا ڪس ڪنار

اُجاريندين اُٿل کي، ترهايون تلڪار

ڀريا کيٽ کرڙيءَ جا، ٿي ڌمامين ڌڌڪار [28]

سڪڻ، واڙيارو، سائو ڪرين، ڏولو لهين ڏئار [29]

ڪيچ، قنڌارِ، ڪابول، ڪشمير اگا تون اُجار

ان رحم پٽڻ راڄيا، هي سرزمين سينگار [30]

ميرل آيو ماڙئين، ٿئي بادشاهي برقرار [31]

سو عالي ڄام الله آندو [سٻاجهي ستار] [32]

سو لکي سردار لس جو آهي پيرين وڏو پار

ڪارهن مڻي ڪڻڪ ٿئي، سورهن مڻي سار [33]

ارڙهن مڻي اُٿل منجهان، ڀريو اچن جوار [34]

جهنگين منجهه جهگٽيون لڳيون، بنيا چيز چؤڌار

واه چنو وڻوير چئي، منهنجو پاڙو وجهين پار

نبي نظر نهار، ته اُمت هي آجي ٿئي.

2- وصف

وصف بياني ۾ ته عام جو شاعر اُستاد آهي. سندس فڪر جي رسائي کڻي عمقيق ۽ اونهن مسئلن تائين ڪانهي، مگر سندس نظر جي تيزي ۽ ذهن جي صفائي زندگي جي ظاهري اسباب ۽ جنسار کي ايترو ته باريڪ بيني سان ڏٺو آهي جو هو گهر ۽ مال، راڄ ۽ ڀاڳ جي ڳڻن ۽ ڳالهين کي ته پوري طرح سمجهي ٿو، مگر ان سان گڏ جهنگ جهر جي هر گاهه ۽ ٻوٽي جي جنس کي ڄاڻي سڃاڻي ٿو، پکي پکڻ جي ذات کي پرکي ٿو، ۽ وهٽ واني جي عادات ۽ اطوار توڙي سنج ۽ سوار جي هر سنهي ٿلهي وصف ۽ رمز کي سمجهي ٿو. لس ٻيلي جو شاعر، سنڌ جي عام شاعر جو بهترين نمونو آهي. عام شاعري جي خيال جا وٽس خزانا آهن ۽ ان جي باب بيان جا وٽ داستانا آهن: بيان ڪري ٿو ته ذري پرزي جا پارپتا ڏئي ٿو ۽ ڄڻ هر چيز کي پاڻ ڏسي ٿو ۽ ٻين کي ڏيکاري ٿو. وصف بياني ۾ ڪي ڳالهيون ۽ نُڪتا آهن جي نه صرف هو ڄاڻي ٿو مگر ڄڻي ٿو ۽ ڪيئي مقصد ۽ معنائون آهن جي نه رڳو هو ڳائي ٿو مگر هڪ هڪ ڪري ڳڻي ٿو.

مثلاً ڪنهن رات مارئي خواب ۾ پنهنجو ملڪ ۽ ڏيهه ڏوريو آهي ۽ ان جيڪي اُت ڏٺو آهي تنهن کي شاعر شيخ ابراهيم جي ذهن ۽ زبان هن طرح عمر جي آڏو بيان ڪيو آهي ته:

ستي رات سڻيج، جو سهڻو لڌو هوم سومرا [35]

جيئن سمجهيم تيئن سڻائيين، ڌيان رکي دل ڏيج

چان ڪر لٿم بند براهم چئي مهندان هن پڻ هيج [36]

چان ڪر وُٺا مينهن ملير تي ٿيو رڻ جهڻ پٽن ريج

وڻ ٽڻ وليون ڦليا، ٿيو سائو سبز سريج

اچيو چونم سرتيون سنبهيو: ڏٿ هليج [37]

ٻرٽ، ٻيڪـﮧ، ڏنهين، کريو (پٽيو) خوب کڻيج [38]

مزِلي، منڌيئڙو، مکڻي، پايو پاند ڌريج

ڀرٽ، ڀونگر، قطرڪامون، ميڙيو مچ ڪريج

ڊڀ، ڊامڻ، پٽ تتر، پوئي، وڻ وڻ ڪيو واريج

للر، مليرو، لنب، لاڻي، لوهيءَ منجهه لڻيج [39]

سائون، کـﮧ ڳنڍير سين، دست مليو موڙيج

ٻرو، ٻاجهر، ٻانٽڻي، سانجر سڪائيج [40]

پٽ بصر، ڪوڍير ڪڻيو، ڌڻيو ڌار ڪريج [41]

ڦرج ڦاروئن کي، ورچي ڪيم وريج

پڪا ڪونر ڪانڌ کي، ادي آڻيو ڏيج

دڌڙ ڌاڃورن سين، نوان چونڊيون نيج

ڳاڱا، راڱا، ڳم، ليهاري، آڻيند ڪي آڻيج

گولون، چپڀڙ، مها مگها، ڪوڙيون جوپ ڪريج [42]

ڏونئرا، پيرون، ڏنگڻي، چيچن چت رکيج [43]

سنگ، سنگراريون، ٻير، ٻڙرو، ٻونگروپاند پايوپرڏيج [44]

ڪن پيرون، ڪل، ڍڪڻي، ٻڏ ڪٽيو رڇ رکيج

هئي ٻڙي هنجيرن کي، واه ڄمون ڄاڻيج [45]

هڪ گهوگهيتا، پره پوتڪون، لوءِ کنڀيون لوڻيج

ڪانهن ٻڪيون ڦرن ڍڪيون، پن- سٽا پٽيج [46]

اڇا ڦانڦن ڦطڙا، ٻرچونڊيو گهر نيج [47]

سرڪاناري، گل سيليو، کليو پيہ پسيج [48]

هت پڳ مينڍڙي موڙ سجوڙ لالائي لائيج

کير، مکڻ، کڙکيت سين، کائج کارائيج

ٿڌا کٽا پن ٿوهرين، اوءِ به مزا ماڻيج

ٻيا به ميوا موڪ ملير ۾ ڀينر ڀاڄي ڏيج...[49]

جان جاڳان تان جيڪي ٿيو، موٽي پيم مجيج

ته ڪٿ ساڻيهه، ڪٿ سرتيون، ڪٿ هنئڙوڪٿ هيج

ڪٿ ملير، ڪٿ مارئي، ڪٿ رڍون، ڪٿ ريج

انهي سيل سفر کي، ويهي ويچارج

ادا عمر عادل آهين، مون مبارڪ ڏيج

تان ڪي تعبيريج، سهڻو منهنجو سومرا.

مگر هن تعبير جو جواب به شاعر خود ئي ڏئي ٿو ته:

ختمو خوب پڙهاءِ، يقينًا يوسف جو [50]

انهيءَ سيل سفر کي ايء عجب سهڻو آه

تحقيق لهندءِ بند براهم چئي، موٽي ملندئين ماء

ڏٿ ڏاڏاڻي ڏيهڙي خانود خوب کلاءِ [51]

کيرون ان خوشامد جون ڏيهه مڙيئي ڏينداءِ

اهي وهم لهي وينداءِ، تون ملير ملندين مارئي.

مٿيون بيت اُستاد شاعر جي وصف بياني جو معجزو آهي جنهن ۾ نه رڳو گاهه جي ڳڻ آهي مگر ڳالهه جي به ڳڻ آهي. بيان اهڙو سنئون سوڌو آهي جو ڄڻ بي اختيار زبان مان نڪتو آهي. قافيا اهڙي ته عجيب معنيٰ سان ملايل آهن جو اهو معلوم ئي ڪونه ٿو ٿئي ته ڪو شاعر خواه مخواه گاهن جي نالن ڳڻڻ واسطي آندا آهن.

هيٺيون بيت مٿئين اُستاد جي شاگرد ولي محمد رونجهي جو آهي جنهن ۾ مارئي ملير ۾ مينهن جي وس سنڀاري آهي ۽ جنهن ۾ نه رڳو گاهه پر وطن جا جملي وڻ ٽڻ ساريا اٿس. جيتوڻيڪ هي بيت استاد جي ڪڙي جو ڪونهي تاهم شاگرد جي وصف بياني جي چڱي خاصي شاهدي آهي. ولي محمد چوي ٿو ته:

وٺو مينهن وس ٿي موريا ٻج ٻيهر

ڪانهه، ڪانڊيرا اٿيا، سڻ موچارا سر

لنب لوت لڳي پيا، پٽين ۾ پوتر

ميها، مگها، مزليون، ڇڳا ڪيا ڇاٻر

ڊڀ، ڊامڻ اٿيو، ڪيا منڌيئڙي مڃر

ڳم، ڳانڍير، ساوڪو، سنگيو چيهي لايا چر [52]

کـﮧ، کٽهڙيون، خوب کنڀيون، ڏنهون ڪيا ڏيهر [53]

ڀن، ڀيڄ ڀڃٽي، موڪ مريڙو، لاڻا، لوت، للر

کيرڻيءَ جا خوشيءَ سين ٿا چرن ٻور ٻڪر [54]

لال لاٽي ڦڳي، ٻي پوئي پٽ پٿر [55]

ڪڏي ڪوتڪ اٿي، اڃا زور ڦلي زهمر [56]

ٽوپَ ڪلهوڙي پنيون پڪيون، جوپ جهجهاتت جر

واهو، ويکو، جوپ جوانسو، ڊامائو ڊڪسر [57]

ڦانڦ سڱوٽيون ڦليون، ٿا ڪن گولاڙن تي گذر

نرو، هرڙو، نڱيا، ڦٽا ڇل ڇپر [58]

ريڪ، ميڍيري، سنيار، سوايو، ڌڻين لاءِ دنور [59]

ڏڌر، ٽانڪاري، اڻند انگي پيو، ٻيا وڙا گنجڪ منجهه گهر[60]

ڏيڏو، ڪڙمت، ٻيل، ٻريڙي، ڊاک جهنگين تي جر [61]

آءٌ ڇل چونڊينديس ڇٻ ۾، ٻاٻاڻن سين ٻر [62]

چڀڙ ميڙي وليون ويڙهي، ڀريو ڪوڙي ڪانبا ڪر

ميها آندم چونڊي پاند ۾، ڪيم کاٽونبن سين کر[63]

ڏونئرا، پيرون پوڄ پٽين ۾، لال پڪا ليهر

درس ديڳوڙا ديسين ۾، ٻيا ڦاروئڙن ڪيا ڦر [64]

لال ليسوڙيون پڪيون، ٻيون ڪوڍيريون ڪثر

آڻيو ڳاڱا ڳوٺ ۾، پتيون ڪن پنهور

کوريون، ٻيريون، ککريون، ٿرين ڦليا ٿوهر

بيد، ڄميون باغ ٿيون، ڪيا گهوگهيٽي گگر [65]

ٻرٽ، ٻانول، ٻيڪهين، پٿر ڀٽ - بصر

ڀرٽ، ڀونگر، ڪرنگهه، ڪتي پڇ، حاجيئڙي هونگر

اُست، ابتيون، ٿيو ڳوهينڊيو، بي جا بيحد گهڻي بتر[66]

ٻاجهه ٻڪني، هنڌ هنڌ هيرڻ، پٽين پڄونگر [67]

خوب خيروليون، هار هسڳريون، چندني ڪيا چڪر

ٽِپنون ٽهڪن، منگليون مرڪن، ڦٽيون ٻڪرهاليون ٻيهر

بڙ، انجير،سرنهن ساڄو ٿيو، ويڙيون ويء ولر

ڪهُوءَ، مهُوءَ وڻ ڪيترا ٻيا پهڻيرا پڌر

لڏي لوهيڙا نڱيا، پاٻوهيا پپر

ٻيل ٻبورين ٻور ٻڌا“ آءٌ چونڊيان ساڪڙ ساڻ سڳر[68]

ڪورڻ، مينديون، چونڊڻ وينديون، جتي جهال جڳر[69]

گرڙ، ڳاراٺي، ويڙ ورينگڻ، کاڌيم سونهاري سڱر

اڪ، ٻوهه اباڻن اڏڙا، نم تت نشانبر

ٽانت، هشنگ، کار، کپون، ميشڪ ڪيا مڃر

ڦوڙ، گرُوڙ، خوب کرڪ ٿيو تتي وڻ تمر[70]

تنهنجا ڪم نه اچيم ڪيوڙا، آما، انب اپر

ليما، ڪويون، آمريون، تووٽ نت پڪا ناير[71]

سرکن، ونجهه ولاتي، پر قوت اسان جو ڪُونر

سرها سانبين سومرا گام اسان جي گهر

کٿوريءَ خوشبوءِ ڪئي اوتيائون عطر

ساريم وڻ وطن جا، ساڄا سڀ سکر

واحد جي وڏائي جي ڪمي ناهي ڪر

مون کي عقل ايترو آيو منجهه اندر

ڪڍ بندياڻي بند مان الله لڳ عمر

ته مٿي اٿي مڃيان سندوءِ ٿورو ٿر

ڪر ڀلائي ڀال وڏو، جان آءٌ وهسان وڳر

البت اباڻن جا، هوندا مٿم ڏک ڏمر

سي سڀ لاهيان سومرا، گڏيي، غم گوندر

ڪر سڻايون سک جون، ٿي مَ ظالم زوراور

ڪنهن پر ڪين قبولينديس هڪ ور مٿان ٻيو ور

هاڻ ڦٽو ڪر هن هٺ کي آهي ڪرڙي زور قبر

اصل عزرائيل کي هو تڙايو تڪبر

کڻ هڙ سلامت هٿهين وڃاءِ ڪيم وکر

همراهي حضرت جي شل ايندم ڪم قبر

ڪامَ ڪاڻياري ٿئي مهندان ڏينهن محشر

سندي دوساڻي در، شل وينديس ولي محمد چئي.

مومل راڻي جي قصي ۾ جنهن وقت راڻي وڃي مومل ماڻي آهي ان وقت شيخ ابراهيم مومل جي خوشي ۽ خوش روئي جو ّڪر ڪندي مومل جي هار سينگار ۽ ڳهن جي جنسار کي ڳايو آهي ته:

سوني ساه، تلاه تلڪي، تنهن سر موتي مڙهياس

بئنسر بولانٿ نموريون سينڌ ٽڪي سر جنهور جڙاياس

جهڳ مڳ جهومڪ جهالريون گجر ڪاڻ گهڙاياس

در، ڪر، دهرا درٻچا، روپ ڳهين رنگ لاياس

ڏيڍيون، ڪوڪيون، پاڪن پنڙاڪنين تي ڪان جهلايائين

مرڪيان، مهريان، اور مٺڙا، سرسونيء ڏانوڻ ڏاياس

ڏر، توڏر، چاڳ ڀتڪيون، مينڍا، ماڻڪ موتي مک متاياس

نورا، ڀنورا، نانگلا، ٻيا هار هسين ڳر پاياس [72]

ڪنڍيان، ٻنڌيان، ٻارتا، سهجان ساه سينباياس

پئنچان، سنگيان، واه ونگئڙا، پوڄ پٽهڙيون ٿي چمڪلين سرچاياس

ايڪ داڻي، ديکو دسري، تؤسي تلسي طوق بڇاياس [73]

ڪٺمالون قيمت ڳوريون تن تي لالون سرلٽڪاياس 

ٻانهين ٻاهونٽيا، سونهن ٻانهيون، بازو بند بنايس

ڪنگڻ، ڪڙولا، ڪتريا تنهان وڌ واڍولا آياس

جهرمر جهانجهر پيرن ڪڙيون، پازيبان گهنگهرا

گجريون وچ تن وچڙياس

ننهڙا، وڇوئان، بهوت منڊيان، گجر لئي گهاٽ گهڙاياس

بوريندا براهيم چئي، جوڙ چڱي جهڻڪاياس

مانگهه ڦليان، ڇالي ڇلا، چوڙا چلڪي چٽڪاياس

بيحد بڇاياس، گلم گلاف ۽ گاديون [74]

شيخ ابراهيم فطري شاعر هو سو پنهنجي بيان ۾ بنا ڪنهن خاص ارادي جي اهي ڳهه ڳائي ويو مگر سندس شاعر ولي محمد مارئي جي هيٺين بيت ۾ قصد ڪري ويهي ڳهه ڳڻيا آهن ته:

وٺا مينهن ملڪ تي جيءَ اندر ويا جار ميان

موريا ڪک ملير ۾ آهن سرها ٿيا سنگهار ميان

ٻڪريون چاريو، ولر ورايو، ٻي رڍن جي رڙڪار ميان

جيءُ ساري ٿو جن کي منهنجو، آءٌ اُڪنڊيس تن پار ميان

پونم ياد، ڪريان فرياد، ٿو اندر ڏئي اُڇنگار ميان

ڪر سڻايون سومرا ايءَ بندي ڪڍ بدڪار ميان

کينديس اِڇون، پينديس پڇون، سرتين سين سردار ميان

توجي رضا، مڃيان نه قضا، بت نه باسي بار ميان

ڪين پرهيان پٽ ۾ پاڻ کي، آهم لوئي جي للڪار ميان

ورڻ کيرون ونڊيون ويهي نه وجهندي ماڻڪ کؤن مروار ميان

ڪنگڻ، ڪڙولا، ٻانهن ٻاهوٽا، تنهنجا مان من وجهان [نه] موچار ميان

سڳيون تنهنجون سونپيون گهوريان، نه ڪريان گجرين سين گذار ميان

ٻارکيون ٻانهن ۾ ڪريان تنهنجي پؤنچن ڪين پچار ميان

دستيون تنهنجون دل ۾ نه پيئيون ننهڙا وجهان نار ميان

ڪڙيون وڇونئڙا پيرن پيڙا نه ڪريان نورن سان نروار ميان

پاءِ زيب ڪڙين ريب، ڪر گهنگهرا پنهنجا غار ميان

جهرمريان جهوڙي، وجهه تون ٻوڙي، ته تي من نه ڪري منٺار ميان

آءٌ در نه وجهان دولت تنهنجي، هس نه هڪيءَ تي هار ميان

چمڪليون چوڙي جهانجهر جون نه وجهان عطر داني اظهار ميان

ڪٺمالون، وجهان نه لعلون، نه ڪريان تنهنجي تائيٿن تار ميان

مٺڙا آڻيو ڪنڍيون پوئن، سرتيين ڌاران سي نه سونهن

جي ڪرين هت هزار ميان

طوق دوسري چمر چپيتي سي نه ڪريان سينگار ميان

نٿ گهڙائي، ڏانوڻ ڏائي، نه وجهان تنهنجو ڪنڍڙو منجهه ڪپار ميان

مينڍين ڦل، پٽيون گل، تنهنجي بيني کؤن بيزار ميان [75]

ايڪ داڻي، وجهان نه ڏاڻي، ڏر نه تنهنجا ڏار ميان

بازوبند، وجهان نه ٻنڌ، جن منجهه لالائي لگار ميان

ڪوڪيون، پتنگ، ڪنين ڏيڍا وجهان نه تنهنجا ڍار ميان [76]

پيڪن پنڙا، ڪوڪيون ڪٿائي ڪريان درٻچ تنهنجا ڌار ميان

واليون تنهنجون وير نه وجهندس نه ڪريان چڳن سين چانگار ميان

ماڙيون تنهنجون مون نه قبوليون، ٿر ري ناچي ٺار ميان [77]

وطن منجهه ولي محمد چئي، ڪن سرتيون منهنجي سار ميان

ڇڏ تون زورو، ٿيندو تورو، ڪندا ساهمي هٿ سنگهار ميان

ساري وٺندا سومرا حق سڀئي حقدار ميان

اهي پرس پرڙج پار ميان، ته ڪونهي جڳ جيڻ جو.[78]

مارئي جي سُر ۾ بيان جي سوڌائي ۽ صفائي جو هڪ بهتري مثال ڪبير شاه جو بيت آهي جو آڳاٽو سنڌي چوٿين درسي ڪتاب ۾ پڻ ڏنل هو- يعني ته: ”پنهنجا ساريم سومرا هو جي پهرين پٽ پنهوار- الخ“ جنهن ۾ ماڙي ۽ ملير جي ڀيٽ کي شاعر نه صرف سهڻو ڪري سموهيو آهي مگر هتي جي توڙي لس جي گاهن جي خبر به لاڳ لاڳيتي ذري پرزي ڏني اٿس.

ٻيو هڪ بيت ڪبير شاه جو سُر گندريءَ مان آهي جنهن ۾ ڄام تماچيءَ جو نوريءَ سان ڪيئن نينهن لڳو انهيءَ واقعي جي خبر کي شاعر پيرائتو بيان ڪيو آهي ۽ پهرئين سٽ ۾ ئي سڄو سمان اکين آڏو آڻي بيهاريو اٿس ته: ”ڄام ڏٺي هئي ڄار وجهندي، ڪا ڊونڊي منجهه ڊيل- الخ“[79]

شيخ ابراهيم ڪيچين جي قافلي ۾ قطاريل ڏاگهن جو بيان سسئي جي زباني هن طرح ڪري ٿو ته:

ڀنڀوران بار پئي جان ڪي سڏ ڪيام ساٿين

اديون اُٺ ڪڍي نيا، ڪاڪيون ڪيچئڙن

ڪڪا، ڪارا ڪيترا هئا بغدي بلوچن

ساه سانوڪ سونهڻا، جهما جهونجهارن

نرتا وڃن نڪريو، بانشا بور سندن

وڃن سوچانا سنرا لڏيا لاکيڙن

پراءُ ڏٺا هوَ پٽ تي ڪي ڌونئرا اُٺ دوسن

زرد ڳاڙها ذوق مان ڪوڏيا قريبن

مڪڙا وڃن موج ۾ تکا نه ترسن

مائگڻ محبوب جا سينگاريا سونهن

ويندا ڏٺا هوَ واٽ تي ڪي منهنجا اهڙن اهڃاڻن

مهري ملوڪن، ڪي چڱي رنگ رمي نيا.[80]


[1] اوڙ= سٽ

[2] سکپال= سهڻو، خواب

[3] تسال= تسلائي، دلجاءِ

[4] ڄڻ لسي ٻيلي جي مشهور سخي سپڙ ڄام جي گادي جا وارث آهن. ر: ”سي طالعوند تخت تي آهن گادي تي گرنار“

[5] ٿي قصوريا: يعني ته پيءُ پٽ جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيو؛ ڄام ميرخان ثاني ۽ سندس پٽ عالي خان جي وچ ۾ پهريون اختلاف سنه 1878ع ۾ ٿيو مگر جلد ئي سندن رضانامو ٿيو. وري سنه 1881ع ۾ جهڳڙو ٿيو ۽ ڄام ميرخان، عالي خان کي نظربند ڪري رکيو ۽ ان بعد سفارش تي هو آزاد ٿيو ۽ وڃي ڪوئيٽا رهيو. ان بعد صلح جي ڪوشش ٿي مگر مير ڄام خان جي حياتي ۾ صلح نه ٿي سگهيو

[6] منزل رسيو يعني وفات ڪري ويو.

[7] شاعر نم ڄامن کي ڪؤنريجي خاندان مان ڪري ليکي ٿو.

[8] شايد هن سٽ ۾ ڄام عالي خان جي نظربندي بعد واپس لس ٻيلي ۾ اچڻ ڏانهن اشارو آهي

[9] راؤ يعني امير

[10] جنوريون= جنهوردار تراريون

[11] اسپ عراقي= عراقي نسل جا ڀلا عربي گهوڙا. جايو= ڀلن گهوڙن جو هڪ قسم

[12] رڻ جهاڳ= رڻ جهاڳيندڙ، منزل ماريندڙ.

[13] سنگين= سهڻا

[14] اُٺن جا قسم

[15] ڇند ڇهل= ناز نٽ. ڇاپري= ڇپر يا جبل جا اُٺ.

[16] مڇي جمع مڇيون= سنجن جو سڳو.

[17] ناٺيون= ناڪيليون.

[18] قطر= قطرو، ذرو؛ جهانار= پهلوان، طاقت وارا.

[19] گهاءِ= وانگر [م]

[20] دلاسيا= دلاسي ۾ رکيا. نڳهيا= نگاه يا نظر ۾ رکيا ۽ انهن جي حفاظت ڪئي

[21] پڳ پڳ= پير ٻوڙ. پوڄ= گهڻو

[22] مطرن= مينهن. ڇمرن= ڪڪرن

[23] ڀري= راضي ٿي.  برجاءِ= پورو. پنگم= مينهن وساڙو جيت. پتوار= پت وارو- سهڻو. ”مينهن وٺو ۽ بخت ۽ ڀاڳ ڄڻ مينهن وساڙي جيت جي سهڻي صورت ۾ پوري اوج تي پهتو.“

[24] هن سٽ بعد اڃا هن مدح جون ٻيون سٽون به هيون جي اسان جلدي سبب قلمبند ڪري نه سگهياسون

[25] ٻاڙو= وندر وارو ملڪ. ٻهار= اٿل جي اوڀر طرف

[26] اچڙو= اٿل کان اوڀر طرف وارو جبل

[27] مور= جبل جو ڪرنگهو. ڍرو= ڍورا

[28] کرڙي، اٿل شهر واري نئن جو نالو.

[29] سڪڻ، نئن جو نالو. واڙيارو، هڪ ڍوري جو نالو

[30] ان رحم پٽڻ يعني رحم موجب [م]

[31] ميرل آيو يعني بادشاه اچي

[32] اصل روايت: ”سو عالي ڄام الله آندو لس نه لوڏ لهندي“ بنا قافيي جي ۽ ٻي سٽ سان ڳنڍيل

[33] ڪارهن مڻي يعني ڪڻڪ رپئي جا يارهن مڻ ۽ سار يعني ساريون سورهن مڻ رپئي وڪامن

[34] جوار اٿل جي شهر ۾ ارڙهن مڻ رپئي ماڻهو وٺيو چن. شل اهڙو ملڪ آباد ٿئي.

[35] سهڻو= خواب        

[36] هيج= خوشيون

[37] ڏٿ هلڻ= ڏٿ چونڊڻ واسطي هلڻ.

[38] کريو= پٽيو؛ هن سٽ کان وٺي شاعر گاهن جا قسم ڳڻيا آهن.

[39] لوهي: لوئي

[40] سانجهر: ساجهر

[41] ڪڻيو: کوٽيو (ڪڻ: کوٽڻ)

[42] ڪوڙيون: پنهيري وڻ جو ڦر

[43] ڏنگڻي: ڀڃٽي

[44] س. سنگراليون: سڱريون

[45] هئي: ائي؛ س. هنجيرن سين

[46] پن سٽا: پن جا سنگ

[47] ڦانڦن: پن جا سنگ جي اڇا ٿين

[48] سيليو: ٻوٽو جنهن جا پن کائبا ۽ چپن کي ڳاڙها ڪرڻ واسطي هڻبا. ”سرتيون هئن سيليو، صبح جو سيڪي- ڏيهاڙي ڏي ڪي پسان مان پنهوار کي“

[49] هن بعد اڃا ڪي سٽون رهيل.

[50] ڇاڪاڻ ته خواب جي تعبير حضرت يوسف ڄاڻي ٿو ۽ من ڪا چڱي وڌائي ڏئي.

[51] اصل خانور= کاهڙ (؟)

[52] سنگيو= (س) سانئون

[53] کٽهڙيون= کٽڙا- پپون؛ ڏيهر= ڏير گاهه

[54] کيرڻي= کيرل

[55] ڦڳي= (ڪذا- س= ڦلاري بروايت شيخ عثمان ”لال لاٽي، ڦنگين پوئي، پٽ بصر“ يعني پوئي گاهه پنن ڦنگن سان) ٿيو يعني سرسبز ٿيو. جبل جي ٻولي ۾ ڦونگي جمع ڦونگيون= کنڀيون

[56] زهمر= ڀتر جو پوٽو

[57] ويکو= وکو گاهه جوانسو= ڪانڊيرو

[58] س- نڱيو

[59] س- سهارو. دور- دنور= ڍؤ

[60] انگي پيو= ڦٽي پيو گنجڪ= هر جاءِ

[61] جر يعني جام، گهڻي

[62] ) ڇٻ= ڪوڇو، ڍورو.

[63] س- چونڊي پانڌم (ڪذا)

[64] ديڳوڙا: گيدوڙا.

[65] وڻ جو نالو گگر، ڦل جو نالو گهوگهيٽو (جو سرهو ٿئي ماڻهو کائينس ۽ بادي کان چڱو آهي) ۽ وڻ جو ٿڙ مان جو رس نڪري سو ٿيو ککر

[66] بتر: ڀتر

[67] ٻاجهه: گهاٽي.

[68] ساڪڙ: اُسري لئي مان ٿئي.

[69] جهال يعني جال- جگر:گهڻو. جال جگر: گهڻيون گهاٽيون.

[70] هي سڀ اٺن جا گاهه آهن. تمر: سمنڊ جي کاري ۾ ناڙي مثل ول

[71] س:’ڪويو اَمريو.‘ ناير: ناريل.

[72] ڀؤنرا: سهاڳ جي ڪنڍي يا هار ۾ سون يا چانديءَ جا پرڻا

[73] ”تؤ سين تل سين“

[74] هن بيت ۾ اسان حاميد خان رند جي روايت کي شيخ سائينداد جي روايت تي ترجيح ڏني آهي ۽ قافيي ۾ مڙهايا، جڙايا جي بدلي مڙهاياس، جڙاياس ضبط ڪيو آهي. شيخ سائينداد جي روايت مان البته حاميد خان رند جي روايت کي مڪمل ڪيو ويو آهي. حاميد خان خبر ڪئي ته جڏهن ڄام مير خان شيخ ابراهيم جو بيت ٻڌو، تڏهن سونارن کي سڏايائين ته منهنجي ڌيءَ جي ڏاج لاءِ آهي جملي ڳهه گهڙي ڏيو. سونارن ٻيا سڀ ڳهه آندا باقي ڪن چئن جي باري ۾ چيائون ته انهن جي اسان کي خبر ڪانهي. چون ٿا ته جڏهن ڄام اهي سڀ ڳهه نياڻي کي پهرايا تڏهن هن لاءِ ڳهن جو بار کڻڻ ڳورو ٿي پيو.

[75] پٽيون گل= مٿي جي پٽين ۾ گل ڀريل

[76] س: ڪوڪي بتڪ ڪنين- الخ

[77] ناچي= نه اچي

[78] س: اهي پارس- الخ. هي بيت شيخ عثمان جي روايت تي قائم ڪري ان کي شيخ سائينداد جي روايت تي ڀيٽيو ويو آهي

[79] ڏسو باب ٻارهون.

[80] شيخ سائينداد جي ڪتاب ۽ سنڌ توڙي ٻيلي جي روايت موجب هي بيت شيخ ابراهيم ڏانهن منسوب ٿيل آهي، بيت ۾ شيخ ابراهيم جو نالو ڪونهي. والله اعلم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org