سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :23

عشق ۽ عقل

شيخ سائينداد جي ڪتاب ۾ هيٺين بيتن جو عنوان هن طرح ڄاڻايل آهي ته ”عشق عقل جا بيت شيخ ابراهيم جا.“ هنن مان ڏهاڪون کن بيت کٽل هئا جي پوءِ اسان ميان صالح محمد ٻُري جي قلمي ذخيري مان لکي پورا ڪيا. شيخ ابراهيم عشق ۽ عقل جي مناظري جي شروعات هن طرح ٿو ڪري ته:

1- الله جل جلالـﮧ سندا ڪم ڪريم

اپايائين عظمت سين پنهنجا عجب عليم

حوا آدم خلقيا جوڙي منجهان جيم [1]

پاڪ ڌڻي پيدا ڪيا منجهان محبت ميم

سي خالق خلقيا خاڪ مان ڏيئي روح رحيم

سوا لک نبين جو آگي ڪيو اولين

تن مان ٽي سؤ ٽيهن اڳرا ڪيا مولي مرسلين

تن ڪئي بادشاهي براهم چئي مٿي روءِ زمين

آهي ڳالهه عظيم، پاند نه لڀي پيچرو.

2- پاند نه لڀي پيچرو، سڻو ڏيئي ڪن

عشق عقل پاڻ ۾ جئن ٿي درس ورهايو ڌن

جئن جنهين جو من، تئن ٿو ڏسي تن کي.

3- عقل چڳي عشق کي پانهنجو خانو ڪر آباد

متڻ وجهين پاڻ تي ڪو ڦڪائي فساد

صبر ۽ سواد، ساه برابر سانڍ تون.

4- عشق چئي عقل کي تون اٻوجهه آهين

ترس رکيوء تن ۾ پاڻ ڀڳو ڀانئين

جي واري لئون لائين، ته درد دونهيون ڀائئين.

5- عقل چئي عشق کي تنهنجي مت نه مڃيان مور

تون روئين رُلين گهڻو سدا وتين سور

حبيبن حضور، سِڪيو وتين سڪندو.

6- عشق چوي عقل کي سڻ هيءَ نصيحت

جدا جِئڻ جهان ۾ مونکي مصيبت

قربت قريبت، جان جيان تان پاريان.

7- عقل چوي عشق کي سُک ادب ۽ آواز

پاڻ پڇي ڪر پانهنجو نمت ساڻ نياز

سدا سرفراز، هووين مٺو ماراڪن ۾.

8- عشق چوي عقل کي اها پياء عداوت

جي پرو پيوء پرت جو ته ڪا سکئين سلابت

هي جا ڪرين عبابت، سا نينهن بناري ناه ڪين.

9- عقل چئي عشق کي، تان ڪي صبر سک

ماڙهو ڏينداءِ مهڻا لڄ پسي تون لڪ

هو جو ملوڪن مرڪ، سو عشق اندازي اوڏڙو.

10- عشق چئي: آرام، ڪهڙو قريبن ري؟

وهان تان نه وندران، من ۾ محب مدام

معشوقن مقام، سدا ديرو دل ۾.

11- عقل چئي عشق کي: تون آهين زر زوال

چکيو مکيو چاڳلو در در پائين سوال

اهڙو جنهن احوال، سو ڪيئن مون سان پَڙٿا پائيين!

12- عشق چئي: اڏ، تون عقل خانو خزائن جو

ڪين ڌن ويچج ڪيم ڪي محب ڌاران مڏ

آءٌ پسان تون گڏ، وڃي پکو پاڙيچن سين.

13- عقل چئي عشق کي: تون آهين اواٽو

تون سڪين، سڏڪين، سڌ مرين، اندر اساٽو

واجهڻ مان واٽو، تنهنجي پاند پلئه پيو.[2]

14- عشق چئي عقل کي: تنهنجي مت نه مڃيان مور

تون نرت نه لهين نينهن جي، تو پاڻان ڄڻين پور

حبيبن حضور، سگهو ٿين سڪنديون.

15- عقل چئي عشق کي: ڪونهي سکڻ سک

سدا جُفا جيءَ کي، ڏکڻ پٺيءَ ڏک

سارو سڀ ملڪ، ڏئي عذر ان کي.

16- توکي عقل نانهه عقل، ٻيا عاقل پڇج عقل جا

[آگي کي عالم جو ڪيو سعيو عشق اصل]

تنهن نينهن منجهان نروار ڪيو ڪَهي ”ڪن فيڪونا“ ڪل

جو اهڙو چيز امل، سو ڇنڻ ڪنهن نه ڇڏيان.

17- عقل چئي عشق کي، ڪجي صحبت طالبن

ٿي مقابل مسجد ۾ اڳيان عالمن

ويٺـــٖـي واعظن، سڀ عنايت اوڏڙي.

18- عشق چئي عقل کي، ڪين ناه بنارٖي نينهن

حافظ، عارف، عابد ٿا رئن راتو ڏينهن

سو تون اچي ڪيئن، مونکي پلئه پائيين!

19- عقل چئي عشق کي: پاڻ مدايان موڙ

توفيق رکي تن ۾، نيئي خيما کوڙ

سا ڇڻڪي وارٖي ڇوڙ، جا پڃيو پوئي پائيين.[3]

20- ڇڏيان جي آئون، وڏا عقل آڌيڙا لهين

بنا عشق عقل کي ڌُران نه ڌئائون [4]

ايهين چيائون، ته نينهن بنا ٻيو ناه ڪي.

21- عقل چئي عشق کي، آءُ جان ڪريون سک

مونکي تو ري نه سري، توکي مون ري ڏک

هڪ رضا ٻيو رُک، گڏج ته گڏجون پاڻ ۾.

22- ڪنهن گن گڏيا پاڻ ۾ گني گياني

عقل عشق ان وٽ آهي احساني

براهم چئي بسم الله پڙهو صفت سبحاني

ڪلمون رباني، پڙهو محمّد مير تي.

ماهيڙ

1- نه تون ڄاڻ سنياڻ، نه تون دونهينءَ پلـﮧ پائيين[5]

ماٽي ڌويو ڌرئيين، اڃا وجهي وڌ ونڊاڻ [6]

اڀاڱي، ابراهيم چئي، ڄٽ وڃايوءِ ڄاڻ

اُٿي آڌيءَ رات جو، مٿان موج ڪندو مهراڻ

وريو وير وٿاڻ، تان ڪنڍيءَ ڪڻڪ پراڙ ۾.

2- ڏڌ ڏينهاڻي جوڙ، رک سدا پاري صاف تون [7]

اَشور جو، ابراهيم چئي، ماهيڙ منڌيا موڙ [8]

هوءِ سين هوءِ ولوڙ، ته مکڻ ماٽيين ميڙئين.

3- ماهيڙ مٺوءِ پاڻ، گڏيوءِ پاڻي کير ۾

مٺي ماٽي ڀڃ تون جئن سمجهي وڌوءِ نه سهاڻ [9]

ماهيڙ تنهنجو ماڻ، هت مڙوئي ماٺو ٿيو.

جواني ۽ ان جو حرص[10]

سالڪن نفس کي هڪ اڙٻنگ گهوڙي سان تشبيـﮧ ڏني آهي. جوانيء يا حرص جو گهوڙو هلي هميشـﮧ ڏنگو ڏوڙو: ان کي قبضي ۾ رکڻ لاءِ سالڪن سبق سمجهايا آهن. شيخ ابراهيم هيٺين بيتن ۾ حرص واري نوجواني کي ”ننڍي نؤڪزين“ (ننڍي نؤخيز يعني جوان گهوڙي) سان تشبيـﮧ ڏيئي، سلوڪ جا سبق سمجهايا آهن ته:

1- ننڍي پسي نؤڪزين، ان جي سواريءَ ڪر م سڌ[11]

پئينڊ، پڇاڙيون، پاوڙا، اَيڌ ڪري ٿي اڌ [12]

جا جاءِ ٻڌي جا ننڊ، تنهن کان بوتو پلج براهم چئي.

2- ننڍي پسي نوڪزين، ري ڪڻياري نه ڪاهينس [13]

پئڙي ڪري پانهنجي، ڀلي نه ڀائينس [14]

هورين هلائينس، هن گهڻا وير وتائيا [15]

3- نچي پنبي ناز ڪري، ٿي ڪري تازياڻي تاڻ

سا هورين هلي ڪينڪي مت تنهنجي مهراڻ

پير تنهنجي پاوڙي جانچي رک جواڻ

متان ڪيري ڪاڻيارو ڪريئي دوستن جي ڌيان

جنهن ۾ ايڏو زور زيان، تنهن کان پلج بوتو شيخ ابراهيم چئي

سر گندري

1- مڇي جن مرڪ، مارڻ ملاحن کي

ککي باس، براهم چئي، عطر کان به عرق

سمي ڄام سمگجي، ڪيو ان تان ڏن ترڪ

ورين سال ورق، گهر گهر گداريـــٖـن گادليون.

2- گهر گهر گندارين گادليون، مڇي نه مارين [16]

مارڻ ڪاڻ مڇيءَ جي نڪو نه ڌارين [17]

بحر جي، براهم چئي، وائي نه وارين

عطر مشڪ آهڳ کٿوري هنڌن تي هارين

گهنگهر نه گهارين، مرڪن مڇيءَ واريون.

3- گهر گهر گندارين گادليون، سڀي سهاڳي

اڱڻ اڱڻ سڀڪا، پنهنجي ور سان خوش واڳي

صفت سمي ڄام جي ڪن جال ويهيو جاڳي

سا ڪيئن نورئين نڀاڳي، جنهن تان تن تماچي نه کڻي.

4- جنهن تان تن تماچي نه کڻي، سا نورئين نٻر نانـﮧ

بلند بخت، براهم چئي، تنهنجو افضل آتم آه

تماچي تنهن جاءِ، ٿو هردم نوازي نورئين.

5- ڪيائون عين ڪشال، عين ڪشالي نين مليا

برسي بوند برهه جي چان ڪر واگهي مينگهه مثال

قربئون قربي پاڻ ۾، ٿيا براهم چئي برحال

ويجهو ٿين وصال، وچئون عشق امين ٿيو.

6- کنهباٽا ۽ کنهبيون، ٿو جوت پرهائيس جيئن [18]

موهي من مجنون ڪيو، سندي نورئن نينهن

لال رچي ٿيو لاک جيئن تن تماچي تيئن

ري امر براهم چئي ٿئي قرابت ڪيئن؟

عشق ڪري ٿو ايئن، تيلانـﮧ ڄارو ڄام ڪلهي تي.

سر مارئي

فصل- 1

1- اوليءَ اُڪ ٿياس، مارئي مارو ساريا

ٻيءَ ماه ٻاٻاڻن لاءِ لڙي لڙڪ پياس

ٽيءَ ماه ٽڪاڻن تي سي ٿي سنڀرياس

چوٿينءَ ماه چؤڏول ۾ وس نه ڪنهن وهندياس

پنجينءَ پوهارن ڏانهن ڪوڪون هت ڪندياس

ڇهينءَ ڇوڙي ڇيلڙا وٽ ويڙهيچن ويندياس

ستينءَ پڻ سکالڙين ڏانهن موڪل مير ڏنياس

اَٺينءَ آسون پنيون لهي وهم وياس

نوئينءَ نهاري ڏينهڙي نـﮧ سين نيڻ ٺرياس

پکا پسندياس، آءٌ ڏهئين ڏاڏاڻن جا.

2- پهريءَ ماه پانور کي ساريم سڄو ڏينهن

اکين اوهيرا ڪيو منهن وسايا مينهن

شال م ڇيهي نيهن، جهرن بند براهم چئي.

3- ٻيءَ ماه ٻهون پرين، ساريم هوءِ سنگهار

جاڙ جني ري گهاريان پل پل ياد پنوهار

پيڪڙا پيرن مان شال لهنم قيد قهار

آءٌ ڀري ساڻ ڀتار، وڃي کينديس ڏونئرا ڏيهه جا.

4- ٽيءَ ماه ٽيءَ رات، پييونم ياد پنوهاريون

ارواح کي اُنين جي هردم وائي وات

تن سرتين ساهيڙين جي شال بري نه سڻيان بات

لاهه تون بند، براهم چئي، سندي جيلن جات

تن جني جي تات، تن سرتيين ساهيڙين ملان.

5- چوٿينءَ ماه چڻڪن، پيون ياد پنوهاريون

سي وسرن ڪين وجود مان هنئين منجهه هرن

سون برابر سڳڙا ٻڌائون ٻانهن

سکر ڀانيان سومرا کٿي کان کنهبن

جا ڏنيم ڏاڏائن، سا لاهيندي لڄ مران.

6- پنجينءَ پنوهاريون، ساريو ساريان سومرا

رڙن ريڍارن لئي آهينم اکيون اُٻاريون

تنهنجين محلين وهان ڪينڪي ڪري قراريون

وڻ ٽڻ وليون ڦليا گل ڦل گلزاريون

وُٺي موسم مند ٿي، پڪيون ڄام ڄاريون

ڏٿ ڏاڏاڻي ڏيهه ۾، آڻين ٿانءَ ڀريون ٿاريون

لاهج بند، براهم چئي، تون محلن م ماريون

سانبي سي ساريون، جن جا جهنگن پاسي جهوپڙا.

7- ڇهينءَ ڇم کي جان نرتان ڪيم نهار

تان ڏيهه وڻ ڏسڻ کان ڏور ٿيا پانور ۽ پنوهار

مونکي وجل ويڙهيچن جي، جي ريل رهن ريڍار

بننم ڪين براهم چئي سهجڻ ۽ سينگار

ساه نه وجهان سومرا، کـﮧ موتي ٻن مروار [19]

هت وجهنديس هار، وڃي دهرين ڌاڃورن جا.

8- ستينءَ سانبي سومرا مارو من پيام

لوئي لوئي لاک مان ڪتي ڪانڌ ڏنيام

پر هي پرهين نه مٽيان، پهرين جا پرهيام [20]

ڪڙا من ڪڙا ٿيا، جي هئي هئي هت ڏٺام

لوح لکئي لوح ڀائيان، بند بازو ٻڌام

ور ڏسي ور پائيا، ور سين ور ڏنام

ڦر چاريو، ڦر ناريو، ڦريو ڦر ڇنام [21]

عمر راه، لڳ الله، لاه براهم چئي بندام

ڪَچا هت ڪندام، ته تو ٿر ڄايون لڄائيون.

فصل- 2

1- سون تنهينجو سومرا! جوڙ نه مون جڳاءِ

ڳانا ڳاڙهيءَ لاک جا هوا مڪا مون ئي لاءِ

ڪان پيرون ڪنن ۾ سيڻين مڪيم ساه

ور ميدياري، ڳل سيليو، ڏيج ايهوئي آه [22]

لاهي بند براهم چئي، نيئي پنوهارن پهچاءِ

سا لوئي ڪيم لڄاءِ، جا مٿم ماروئڙن جي.

2- عمر لويون لک، آهين اباڻي پار ڏي

پر، هي ڪتي ڏني ڪانڌ جا منجهه هماري حق

سا لڱن اُتان لاهيان ته پئوڻي پيوم پرک [23]

ڪل نفس ذائقة الموت، واري پس ورق

قوت مٿيرا مارئي هت مانڊاڻا ۽ مڪ

تنهنجي بنگلن تي، براهم چئي، آءٌ ڪين مٽيندس ڪک

سڀي لهندم شڪ، جڏ وينديس منهن ماروئڙن جي.

3- عمر لويون لال، هي مون لعل رنگي ڪي لاک سان

سا لال لعلائي ڪين لهي، لوئي جيهي لال

سا م مٽائج سومرا هي تون پڻ لائق لال

ڪر براهم چئي ڀال، ته منهنجي لوئيءَ جي لڄ رهي.

4- اڌ اڌ لوئي انگ تي، اڌ اڌ ٻارن ڏين

ڪي ڪتيو ڪن ڪاريون، ڪي لويون لاک رڱين

اُن اوڇين آجڙيون، سي پٽ نڪي پرهين

ڀريو ڀاڻ، براهم چئي، نيو ڌاڃورن ڌرين

سي ڪيئن کيڻ کين، توجيءَ ست رڇيءَ مؤن سومرا.

5- لالون لويون جن، لما ڳن ڪهاڙيين

منجهان مڃر رتيون پاڳون پنوهارن

اَجهي راه عمر جي پهريو پٽ چرن

سي ڪيئن سندا تن، تون قيد ڪبوتر ڪرئين.

 

فصل- 3

1- ڇڏ سٻرايون سومرا! پسي زورو زر

عمرَ عادل آنهئين ته: ڪپر ڪام ڪر [24]

کڻندئي خان! کٽين تان، گلم ڇڏيندين گهر [25]

سا صَباح ويندياءِ وسري جا پاڇاياڻي پر [26]

پڇنداءِ حرف حساب جا، ورق پسي ويتر

تت ڪيئن ڪندين ڪاٻارو، جت ڪرڙي زور قبر [27]

چيري ۽ چادر، سا بخت سارو براهم چئي.[28]

2- ڪر م زورو ضعيف تي، عمر عادل ٿيءُ

ڏسيو ڏوهه ڏران گهڻو، حال منهنجو هيءُ

ڪر نيڪي ته بدي نه پسين، عهد ڪتابان ايءُ [29]

”انما الخمر والميسر والانصاب والازلام رِجس

مِن عمر شيطان“ سمجهه وار صحيءُ [30]

زبرا ظلم ظالمي! مُ ڪر ماندو جيءُ

”و سقاهم ربهم شراباً طهورا“، پاڪ پيالو پيءُ [31]

لاهه تون بند، براهم چئي، جان وطن پسان ويءُ

ڇوڙ قسمت قيد قوي، لهي مشغولي مسڪين کي.

3- عمر اجڙوال، تنهنجي ڀؤ ڪنان ڀڄي ڏور ويا [32]

تو وٽ جوڀن جواڻيءَ جا آهين خوشيءَ سندا خيال

چاريندياس چريين ۾ پنهنجا ڇيلا وڃي ڇال

وٺن پٽ پراڻ جا، ٻيا لڙهه پڻ ٿئڙن لال

بندياڻيون براهم چئي ٿيون وهسن منجهه وصال

هي هُتي جا حوال، مون قيد وڃايا ڪوٽ ۾.

4- قيد وڃايم ڪوٽ ۾ مونکي موڪل مارن ڏي

تنهنجي ساجن سکپالن تي، مونکي سک نه آياسي

ملي مارن کي، مون سڪ نه لاٿي سومرا.

5- جال گذاريم جن ري، سي پلپل ياد پنهوار

ڇڏ نه ڇڏينديس ڪينڪي سندي پيءَ پچار

پيڪڙا پيرن ۾، لهنم قيد قرار

براهم چئي ڀتار، ڏؤنرا کينديس ڏيهه جا.

فصل- 4

1- ڀٽين آڌا ڀٽ، ڀٽن آڏيون ڀيڻيون [33]

ٽاريين جوڙين ٽپڙا، مارو منهنجا مٽ

هڪ پٿر پائينِ پوئيين، ٻيا سندن پاڪيدا پٽ [34]

ڏٿ وراهين ڏوئيين، ڪن ويڙهيچا وٽ

عطر مشڪؤن اڳري تن ڇيلن ڦَرن ڇٽ

اُني ڏانهن، ابراهم چئي، آهم اندر منجهه اُگهٽ

هت سانبين منجهه سُوَٽ، آءٌ هت جيلين جهلي آهيان.[35]

2- اڄ پڻ اُٺڙيون، وطن وڄون سومرا

جن وسڻ جا ويس ڪيا سي مون ڏٺڙيون

ڀٽن سر پاڻي پيو ڀنيون پٽڙيون

ڳالهيون ڳوٺاين جون، ماکيان مٺڙيون

تن کي لاهج بند براهم چئي، جي قيدن ڪٺڙيون

جيڏيون جٺڙيون، اڃا مون سين ڪنديون ڪيتريون.

3- ٿر ٿاڻا ٿر ٿوڪ، ٿر اڱڻ اباڻن جا

ٿر پيارين پهيڙا، ٿر مارو مهموڪ [36]

تنهن ٿر معافي بند، براهم چئي، نڪا راڄن روڪ

سندي پانور پوڪ، ڪر مان ”ڪن فيڪون“ ٿي.[37]

فصل- 5

1- ڏوٿي هليا ڏٿ کي، اٿيو ڪن اَشور

سهنجر اويون آب مان، ڀريائون ڀرپور

هيءَ قسمت قيدالماء جي، وهمن ڪي وهلور

سا وطن ساريو ويڙ پڇي، چئي: هئي وڃان حضور

ٻر ٻر بند، براهم چئي، جهليس زور ضرور [38]

جئن ڏؤنرا سڄن ڏور، تئن وڃي وهاميو راتڙي.

2- هلو هلان ڏٿ کي، ڪن پانور ايءَ پچار

اَڇو پايو اِيزڪين، کڻن دوڌ ڌرار [39]

ٻڪر ٻيٽا، چارين گهيٽا، رهن روش انهيءَ ريڍار [40]

ٻرٻر بند، براهم چئي، جهليس قيد قهار [41]

آءٌ ور اُٻاري آهيان، هئي وڃان هيڪار

پانڌين ڏور پڪار، هت وڃي وهاميو راتڙي.[42]

3- ڏوٿي هليا ڏٿ کي سَهنجُر صحيء وڃن

آبـــٖـييون، ابراهم چئي، کنيون مَشڪون ماروئڙن

وڻ ڦِر چونڊين ڦلڙا، ايءُ وِرو ويڙهيچن

آءٌ وَر اُٻاري آهيان هت جهليس جنجيرن

جئن ڏؤنرا ڏور سڄن، تئن وڃي وهاميو راتڙي.

سر سسئي

فصل- 1

1- سوين ساٿ اچن، ڀيڻيون شهر ڀنڀور ۾

هن جي پاڳين پيچ اُبتا، ٻي خاصي جوڙ جتن

تن خوب کٿوريون کوليون هنڌ لهي هوتن

شهر سڄوئي واسيون اوڳر ساڻ اُٺن

بلوري، براهم چئي، ٻڌا ٻيڙا ٻروچن

ڪيائون پرڻو پنهون ڄام جو، پڇي کي پرٽين

سور سسئي کي سامهان ڏيج ڏنا ڏيرن

فدا ڪيو فقير کي، وٺيو ور وڃن

ڪر لهندو ڪارڻي پارس پيادن

پيرين ڪير پڄن، ٿي حب رساڻي هوت کي.[43]

2- ليڙا لهه لُر لٽ، جمازي جتن جا

توڏا هلن تڪڙا، ٿا ڪن آليٽيون اُٺ

ٽليـــٖـين ســـٖـيليـــٖـين سونهڻا ٻڌن ڳانا ٻٽ

مهارون مين جون رتيون موڪ مڃٺ

سي چڙهيا بر، براهم چئي، رات نه رهن رٽ

ڏک ڏمر ڏيرن تي ڀيڻيون مونکي بٺ

جيڏيون اهڙيءَ جٺ، منهنجا ڪيچي گڏيو ڪينڪي! [44]


[1] ر: جڏهين جوڙي جيم

[2] واجهڻ: ص. واجڻ. واٽو= حصو

[3] ر: 1. ’جا پڃيو ڀوڻين پاڻ سين‘ 2. ’جا پڃيو پوڻي پائيين‘

[4] ص. ”بنا عشق عقل کي درندو آئون“. ڌر نه ڌئائون= اصل ئي نه ڌڻيائون.

[5] پلـﮧ (ڪذا)= پلئه هڻڻ، واءُ هڻڻ (؟)، پلال يا ڪک پن باهه ۾ وجهڻ.

[6] ونڊاڻ = سيباڻ

[7] پاري= ڪني

[8] منڌيا= مانڌاڻي

[9] سهاڻ= سياڻ= سباڻ

[10] سنڌ جي سگهڙ حاجي سرماڻ جي واحد روايت مطابق

[11] نوڪنزين= نوخيزين، نوجوان

[12] پاوڙا= رڪيب؛ ايڌ= زوراور.

[13] ڪڻيارو= لغام

[14] پئڙي= دلپسند، پياري

[15] وتائيا= ڊاهي وڌا (وتائڻ= ڪيرائڻ، هارڻ)

[16] گندارين= گندرين

[17] نڪو= ڪنڍي.

[18] ر: ”کنهباٽيون کنهبن تي، جوپ پيارين جيئن“.

[19] ساه= سينگار جا سڀ ڳهه

[20] پرهين نه مٽيان= پائيندي نه مٽيان

[21] ناريو= نهاريو

[22] ميدياري ۽ سيليو ٻئي گاهه جا قسم

[23] ”پئوڻي پيوم پرک“ يعني منهنجي پرکا پئوڻي پئجي وڃي، يعني گهٽتائي ٿي پوي.

[24] ر: تڪبر تان م ڪر

[25] کٽين تان= کٽن تان (م)

[26] پاڇاياڻي= بادشاهاڻي

[27] ڪاٻارو= معاملو

[28] چيري (چ ۽ ر جي زير سان) رڱيل ڪپڙو (جو ميت مٿان وجهجي). بخت سارو= يعني اهي آخري ڪپڙا به هر ڪنهن جي بخت آهر نصيب ٿين.

[29] ص. ”ڪرني ڪي تبدي نه پسين احد ڪتابان ايءَ“

[30] (3) سڄي آيت: ”يا ايهاالذين آمنو انما الخمر والميسر والانصاب والازلام رجس من عمل شيطان فاجتنبوه لعلڪم تفلحون“ (المائده) يعني ته اي مومنو! بيشڪ شرابخوري ۽ جوابازي جا سڀ قسم، مثلاً ”ميسر“ ۽ ”ازلام“ يعني تيرن وسيلي پکا ۽ ڪڻا وجهڻ، ۽ بتن تان فالون وجهڻ يا انهن کي ڀيٽا ڏيڻ (انصاف)- اهو سڀ گندو شيطاني ڌنڌو آهي: انهيءَ کي ڇڏيو ته من ڪي ڪامياب ٿيو.

[31] وسقاهم- الخ: (سوره الانسان) جي هڪ آيت جا آخري الفاظ، جنهن ۾ بهشت وارن جي سهڻي ويس وڳي جي وصف بعد ڌڻي تعاليٰ جي اڃا به وڌيڪ نعمت جو ذڪر ته.... ”پوءِ سندن (بهشتن جي) رب کين پاڪ شربت پياريو“.

شيخ سائينداد جي ڪتاب ۾ هن بيت کان پوءِ هيٺيون بيت به ڏنل آهي جو شايد ساڳيو ڀٽائي صاحب جي رسالي جو بيت آهي جنهن ۾ ٻي سٽ جو اضافو ٿيل آهي:

   قيد الماء قوي، پلئه سو پيو

   لکيو لوح محفوظ ۾ ٻر ٻر ٿئي نه ٻيو

   ”جف القلم بماهو ڪائن“ وهي ايئن ويو

   قضا ڪم ڪيو، تڏ ٿر مارو، آءٌ ماڙئين.

[32] 3 ۽ 4، هي ٻه بيت ملير جي سگهڙ ميان ڀرئي خان گبول وٽان مليا.

[33] ڀيڻيون= زمين جون سڌيون پٽيون

[34] پٿر پائين پوئيين= سرهي پوئي گاهه کي هيٺ وڇائين

[35] سوٽ= چڱي وٽ

[36] پهيڙا= مرد؛ مهموڪ= تمام گهڻا (؟)

[37] ڪرمان= ڪرمن کان، نصيبن کان؛ ڄڻ مونکي (؟)

[38] ڪ: ”آني سين ابراهم چئي وڃي ملي ٿيان معمور“

[39] ايزڪ= ننڍي ٻڪر جي کل جي کلي جنهن ۾ کير وجهن

[40] ڪ: ”.... رهن رونشن مئجهه ريڍار“

[41] ”ٻرٻر- الخ“ ڪ: ”بندي لاءِ براهم چئي ڀرج دوس ڀتار“

[42] ”پانڌين ڏور پڪار- الخ“ ڪ: آءٌ تنهنجي ساک ڳايان سردار، جي مون ماروءَ کي ملائيين“.

[43] ر: ”پيرين ڪين پڄن- الخ“

[44] اهڙيءَ جٺ= اهڙي نموني

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org