سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :25

 باب ٻارهون

 

ڪبير شاه: سندس خاندان ۽ شاعري

 

ڪبير شاه، مٽياري ساداتن جي ’ڳاڙهيا پاڙي مان هو. چون ٿا ته سندن وڏي سان حضرت شاه صدر جي ڀلائي ٿي ۽ اتان ’رُتَا‘ جنهنڪري ’ڳاڙهيا‘ سڏجڻ لڳا. ٻي روايت موجب، سندن وڏي سيد جعفر شاه کي پهرين ٻن شادين مان اولاد ڪونه ٿيو. پوءِ ٽئين شادي ڪري، گهوٽ واري ڳاڙهي لباس ۾، ڦاڙهي جي ران پچائي ڪُنو کير جو مٿي تي رکي شيخ ريحان وٽ دعا لاءِ آيو. هن درويش پري کان ڏسي چيس ته:

اچو ميان سيد ڳاڙهيا، هٿ ۾ ڦاڙها

مٿي تي پارا، پنجن پٽن وارا

درويش جي زبان سچي ٿي ۽ شاه صاحب کي اولاد ٿيو جو پوءِ ڳاڙهيا سڏجڻ لڳو.

اُٿل ۾ ميان ابراهيم شاه جو شجرو ڏيکاريو جنهن موجب امام موسى ڪاظم جي اولاد مان آهن. سندن وڏي ڏاڏي جعفر شاه (؟) کان اڳ جو شجرو هن ريت آهي ته: جعفر شاه بن تاج محمد شاه (؟).... بن آرادين شاه بن دهن شاه بن بدر شاه بن حاجي شاه بن معارف (جو پاڻ ۽ سندس ڀاءُ جندو شاه ’سن‘ ۾ رهيا) بن دائود شاه بن ابراهيم شاه بن مينهون شاه بن شرف الدين بن علي شاه بن امير شاه بن ابوبڪر (مصر ۾ رهيو) بن عبدالباقي بن مير علي (تيمورلنگ جو نواب) بن حيدر بن حسين (ڀاڻس محمد) بن مير علي بن علي اڪبر بن حيدر بن مير علي (عراق ۾) بن حيدر بن حسين بن علي (پاڻ ۽ سندس وڏا 95 ورهيه ترمذ ۾ رهيا) بن يوسف بن احمد بن حسين بن محمد بن ابراهيم بن يوسف بن علي بن حسين بن جعفر (عراق ۾) بن (امام) موسى ڪاظم.

جعفر شاه کان هيٺ جو شجرو جو ميان ابراهيم شاه اُٿل (لس ٻيلي) ۾ ڏيکاريو سو صحيح هو مگر مٿي وارو شجرو البت شڪ گاڏئون هو جنهن کي درست ڪرڻ لاءِ جناب محترم غلام مرتضى شاه صاحب (جي. ايم. سيد) کان پڇيم. شاه صاحب موصوف جي تحقيق موجب(1) ڳاڙها سيد، مٽياري سادات جي ’ميان- پوٽه‘ قبيلي جي ’سَنائي‘ شاخ مان آهن. ’سيد ميان‘ جنهن جو اولاد ’ميان پوٽه‘ ٿيا تنهن جو مٿي شجرو هن طرح آهي: سيد ميان بن محمد بن احمد بن شرف الدين بن مير علي (بن حيدر) جو مٽياري سادات جو جد امجد هو. سيد ميان جي پٽ سيد احمد جو فرزند سخي سيد ابراهيم شاه ٿيو جنهن جي اولاد مان سَنائي، ڳاڙهيا ۽ کٽاڻي پاڙا ٿيا. ابراهيم شاه جي فرزند ڌڻي ڏني شاه جو اولاد ’ڳاڙهيا‘ سيد ٿيا جنهن مان ’کٽائي‘ شاخ ٿي. سيد جعفر شاه جنهن جي اولاد مان ڪبير شاه ٿيو، تنهن جي پيڙهي سيد ڌڻيڏني شاه سان هن طرح گڏجي ٿي: جعفر شاه بن سيد علاؤالدين بن سيد رڪن الدين بن سيد ڌڻيڏنو شاه.

مٿئين ڏنل شجري مان معلوم ٿيندو ته ڪبير شاه جا وڏا اصل سنڌ اندر شهر سن ۾ رهيا. چون ٿا ته ڪبير شاه به سن ۾ ڄائو ۽ ساماڻو، ۽ جڏهن وڏو ٿيو تڏهن سن ڇڏيائين ۽ اچي ڪوٽڙيءَ طرف رهيو. ڪبير شاه پاڻ مالوند ۽ ڀاڳيو ماڻهو هو ۽ پنهنجي مڇي مانيءَ وارو هو. چون ٿا ته عشق پئي ڪلهوڙن مان شادي ڪيائين جنهن تي سندس خاندان کانئس ناراض ٿيو. پوءِ بالاخر سنڌ ڇڏي اچي لس ٻيلي کي وسايائين.

ميان ڪريمداد چيو ته: ڳاڙهيا سيد ٺٽي لڳ ڳوٺ ڪلري ۾ (ٺٽي کان 7 ميل اتر اولهه) اچي ويٺا جتان ڪبير شاه جو ڀاءُ احمد شاه(2) اول اول شهر اٿل (لس) ۾ آيو ۽ اچي مريد خادمي ڪيائين. اٿل ۾ ابڙا ڄام سنڌ مان سجاول کان پريان جا اڳيئي هتي آيل هئا. جي ڄام لاسي سان به سڱيڻا هئا. انهن مان ڄام ربڏنو عرف ڄام للو ۽ ڄام درو جنهن جو ٻڌايل ’دُري جو ڳوٺ‘ اٿل لڳ ڏکڻ اولهه طرف موجود آهي، تن وٽ ڪبير شاه جو ڀاءُ ميان احمد شاه آيو ۽ اچي مريد خادمي ڪيائين. پوءِ انهيءَ سانگي ۽ شيخ ابراهيم جي ملاقات لاءِ، ڪبير شاه سنڌ مان ڪهي شاه بلاول جي زيارت ڪندو شهر اٿل ۾ آيو. ا.هه.

باب اٺين هيٺ ڪيل بحث جي بناءَ تي چئي سگهجي ٿو ته ڪبير شاه 86-1776ع واري عرصي ۾ شايد اٿل ۾ آيو هجي.

ڪبير شاه لس ۾ آيو ته سانگي سان، پر پوءِ ڄام مير خان (وڏي) سندس قدرداني ڪري کيس وظيفو ٻڌي ڏنو ۽ اٿل علائقي جي ’ڪاٺين واري‘ مڪان ۾ کيس جاگير عطا ڪيائين؛ اهڙيءَ طرح سندس دل وٺي کيس لس ۾ رهائي ڇڏيائين؛ انهيءَ تي پويان شاهنواز شاه (جو ڪبير شاه جو سوٽ يا سوٽ جو پٽ هو) تنهن بيت چيو ته:

مان تان ڪين اُتون، هو ڪڄاڙي کي ڪيچ ويا

نير ويڻ شاهنواز چئي مان تان ڪونه ڪيون

سٻر ساٿ سندون، ويو لتاڙي لڪيون.

بهرحال ڪبير شاه پوءِ لس کي پنهنجو وطن بڻايو. پنهنجو مال متاع به سنڌ مان اٿل ۾ وٺي آيو. ڪبير شاه جي سانگي ساڻس گڏ سيد محمد علي شاه (وڏو) به پوءِ لس ۾ آيو ۽ اچي ڪبير شاه جي خدمت ۾ گذاريائين ۽ سندس خاص خدمت سبب هو به فقير بنجي ويو. فتح محمد شاه جنهن جي قبر ڪوٽڙيءَ ۾ آهي سو پڻ ڪوٽڙي ۾ اچڻ وڃڻ لڳو. محمد شاه کي جا ڪبير شاه جي جدائي سبب ساڻس ملڻ جي سڪ هئي سا هيٺين بيتن مان ظاهر ٿئي ٿي:

عمر اباڻي ٻار ڏانهن ويڙ پڪو هو ويءَ

ڪين ونديرين ور وسريا پرين سندا مون پيءَ(1)

سون تنهنجو سومرا آءٌ رپو ڀانيان ريءَ

لکيو لوح محفوظ ۾ انگ اڳي هت ايءَ

زوري جهليم جيءَ، نه ته مون مارو مور نه مٽيا.

عمر اباڻي پار ڏانهن، آهن وڄن ڪيا وارا

کڻيو ڀڻن کير جا، هت پنهواريون پارا

اڇا پٽ انهن جا، آهن اڱڻ اوتارا

هت ساعت نه سري سومرا، ان ڌڻولين ڌارا

منهنجو من، محمد شاه چوي، ڪري عمر اوٻارا

ساجن سوارا، منهنجا آهن عاشق هت اُٿل ۾(2).

سيد ميان ابراهيم شاه چيو ته: ڪبير شاه جلال کٽي کي پنهنجو استاد ڪري مڃيو هو پر جلال سان مليل ڪونه هو. جڏهن جلال جي ملڻ لاءِ ويو ته جلال به ان وقت وفات ڪئي هئي ۽ ڪبير شاه وڃي نعش تي بيهي بيت ڏنا. ا. هه.

ڪبير شاه ڄام دري جي ڳوٺ ۾ ئي هميشـﮧ لاءِ رهيو ۽ وفات به اتي ڪيائين. چون ٿا ته ڪبير شاه وفات وقت پنهنجي ڀاءُ احمد شاه کي ساريو ۽ بيت ڏنائين ته ”تانسين موت مَ مار، جانسين پسان پنهنجي پرينءَ کي“- اتي ڏٺائون ته احمد شاه به ڄام دري جي ڳوٺ وٽان پيو اچي: هو آيو، ڪبير شاه ڏٺس ۽ پوءِ وفات ڪيائين. ڪبير شاه ۽ شيخ ابراهيم همعصر هئا، ۽ انهيءَ لحاظ سان ڀانئجي ٿو ته ڪبير شاه تيرهين صدي هجري جي پهرين چوٿائي ۾ وفات ڪئي.  ڪبير شاه جو مقام شهر اٿل کان ٽي فرلانگ ڏکڻ طرف ۽ ڄام دري جي ڳوٺ جي اتران لڳولڳ آهي؛ سندس قبر ٿلهي تي چؤکنڊي اندر آهي. هي چؤکنڊي بنا ڇت جي آهي ۽ منجهس صرف ڪبير شاه جي قبر آهي. چؤکنڊي جي ٻاهران چوڌاري ڪٽهڙو آهي جنهن جي اندر سيد نبي شاه جي چوڻ مطابق هيٺئين ريت قبرون آهن: اتر اوڀر طرف ڪنڊ تي ڪبير شاه جي سؤٽ محمد شاه جي پٽ شاهنواز شاه جي تربت آهي جو شاعر به هو. اتر اولهه طرف سندس ڀاءُ احمد شاه جي پٽ علي بخش شاه جي تربت آهي. چؤکنڊي کان الهندي (پر ڏاکڻي ڀاڱي ۾ ڀت لڳ) احمد شاه پٽ علي بخش شاه جي تربت آهي. هي احمد شاه شاعر هو. ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي مٿئين شاهنواز شاه جي ٻن ڀائرن غلام مصطفى ۽ محي الدين جون قبرون آهن. چؤکنڊي ۽ ٿلهي کان هيٺ ڏکڻ طرف اٽڪل پنجاه قدم پري محمد علي شاه ننڍي جي قبر چيرولي سان لتل آهي جنهن تي لڳل ڪتبي ۾ سندس وفات ماه صرف 1360هه عمر ستر سال ڏنل آهي؛ انهيءَ قبر کان اولهه طرف وڏي محمد علي شاه جي قبر آهي جو ڪبير شاه جو خاص خادم هو(1)

ڪبير شاه جي شاعري

ڪبير شاه جي شعر شاعريءَ جو بيان قدري باب اٺين ۾ اچي چڪو آهي. ڪبير شاه سنڌ ۾ ڄائو نپنو ۽ سامايو جنهنڪري سندس زبان نج سنڌي سلاست ۽ رواني آهي. ڪبير شاه پڙهيل ڪونه هو انهيءَ ڪري سندس ٻولي علمي تڪلف کان آجي آهي ۽ ٻهراڙيءَ جي شسته پخته محاورن سان مالامال آهي. ٻوليءَ تي ڪبير شاه کي ملڪو آهي تنهن جي  جهلڪ هيٺ ڏنل سسئي جي سُر مان سندس ننڍن بيتن ۾ ڏسڻ گهرجي جن ۾ جو لفظ زبان تي چڙهيس سو قافيو بنجي ويو ۽ جو قافيو بنيو تنهن مان پار. فني نقطه نظر کان، ڊگهي وزن ۽ اندروني قافيي کي ڪبير شاه عام مشهور ۽ مروج ڪيو. عمر مارئي جي سُر ۾ ”جئن هت، تئن هت“ واري ورجيس جو به ڄڻ باني مباني آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي شاعرن سندس واٽ ورتي. لس ٻيلي ۾ احمد شاه، سؤڃو بنديچو ۽ سؤڃو مڱڻهار وغيره سندس ٻالڪا ٿيا. سنڌ ۾ ته ڪبير شاه جو ويتر وڏو اثر هو: وڏن عام بيتن جي فن ۾ ڪبير شاه سنڌ جي سڀني عام شاعرن جو ڄڻ استاد آهي.

سمجهجي ٿو ته سسئيءَ جي درد جي داستان جو ڪبير شاه جي جذبات تي وڏو اثر هو. سواءِ هڪ ٻن ”بياني“ بيتن جي، ٻيا جيڪي به بيت ڪبير شاه سسئيءَ جي سُر ۾ ٻڌا آهن سي ڄڻ سندس سڪ ۽ سوز جو داستان آهن. سسئيءَ جي سُر ۾ عام ڊگهن بيتن جي طرز ۾ ڪبير شاه جو هيٺيون بيت بينظير آهي. ڀٽائي صاحب سسئيءَ کي سمجهايو آهي ته: ”هٿين پيرين مونڙين هلج ساڻ هنبين“، ”ڪهج ڀر قدام“، ”ڪهج ساڻ ڪپار“ ۽ ”سرج ساه پساه“. هيٺين بيتن ۾ ڪبير شاه ڄڻ سسئيءَ جي زباني جواب ڏنو آهي ته:

ڪرڙا ڏونگر، ڪــﮧ گهڻي، آءٌ چاڙهه مڙيئي چڙهندياس

منهنجو ٻول ٻروچ سان، آءٌ پيرين پنڌ ڪندياس

پيرن پنڌ ڦٽو ڪيو، آءٌ ٽنگن سين ٽرندياس

ٽنگن ٽرڻ ڇڏيو، آءٌ گوڏن ڀر گسندياس

گوڏن گسڻ ڇڏيو، آءٌ چيلهه ڀر چرندياس

چيلهه چرڻ ڇڏيو، آءٌ سيني ڀر سرندياس

سيني سرڻ ڇڏيو، آءٌ ٻانهن ڀر ٻرندياس

ٻانهن ٻرڻ ڇڏيو، آءٌ هٿن سان هلندياس

هٿن هلڻ ڇڏيو، آءٌ سسيءَ ڀر سرندياس

سسيءَ سرڻ ڇڏيو، آءٌ چوٽيءَ ڀر چرندياس

چوٽيءَ چرڻ ڇڏيو، آءٌ اکين سان ايندياس

بيمانت جي بر ۾ باس نه باسندياس

پکين ۾ پکي ٿي، واهڻ ووڙيندياس

مرن ۾ مرون ٿي، سر به سوجهيندياس

ماڻهن ۾ ماڻهو ٿي، گهر گهر ڳوليندياس

اها مند مجاز جي ويهي نه وڃائيندياس

پوءِ چوڻ اهو چوندياس، ته آهيان گهوڙي گهوٽ پنهل جي.

هي بيت خالص سنڌي حب ۽ محب، سڪ ۽ سچائي، سنبت ۽ سعيي جو بينظير مثال آهي، بلڪ سليس ٻوليءَ ۾ شاعر جي اندر جي اڇل، سڪ ۽ سوز جو بيان آهي ۽ ثابت ڪري ٿو ته ڪبير شاه ”شاعر“ آهي، ۽ ”عاشق شاعر“ آهي.

ڪبير شاهه جا جيڪي بيت اسان کي هٿ آيا آهن سي مختلف عنوانن هيٺ ڏنا وڃن ٿا.

ڏيهه ڌڻي ڏاتار

ڏيهه ڌڻي ڏاتار، جو ڏي نه پچاري پادشاه

والي وارث وحده خالق خلقڻهار

جنهن ارڙهن هزار عالم جا ڪيا عرش زمين اظهار

سڀڪي تو ڪريسنئون جيڪي قلم ڪيو ڪلتار

صاحب ڪل سخاوت جو، پاند نه پارا وار

تنهن پنهنجي پاران پاڻ وهاريو محمد مير مختيار

سو پيڙهي ويٺو انور اعلى دين ٻڌي دستار

نوري نرمل خلقيائين، مهر ڀريو مڻهار

تنهن وٽ جبريل ايندو هو جري جري سين، خاطي خذمتگار

مهر تنهنجي ملڪ مٿي نبوت ٿي نروار

هڪ صديق سچو صدق صاحب هو هادي وٽ هموار

ٻيو عمر اڪابر عادل اعلى محمد مهندان مرد متار

ٽيو حيا حلم عثمان اڳرو ٿيو عاقل عقلدار

چوٿون شاه سخي شامل تن سين يڪدل جانب يار

سي چارئي يار چڱا هئا صاحب مجلس جا مدار(1)

تن دين دڳو ڪيو دارو دڌڪو ڏيهن پيو ڏهڪار

اهڙو اوجر ڏيو مون دل کي جيئن چيهه ڪري چمڪار

دين دنيا جا دان گهران ٿو ٿئي مون قلب قرار

رزق ڪشادي، ڏيو مون شادي، آهيان بد بندو بدڪار

قابل، ڪبير شاه چئي، ٿيو پشت منهنجا پار

ونگو نه تن جو وار، جن کي ڪلمي ذوق قلب سين(2).

نصيحت

1. گذر غريبي گن ڀلو، آ نئڙت ڪل نماز (3)

تندي تڪبر، تڙج طمع کي، رحم گهڻو ڪج راض

جوڀن ويندءِ جاڙ ڪري جئن اڏر اڏامي باز

هئي هئي هڻندين هٿڙا، اهو نت نه هوندءِ ناز

کڻ سڪ صبر جو ساز، ڪـﮧ ڪيرت ڪبير شاه چئي.

2. ايئن نه نوازين نرمل، جئن عجب ٿئي عالم کي!

هت رهي نالو نيڪيءَ جو، ٻيو ڪوڙين پوي نه ڪل

هت کيڙيم هر حرام جا، ڪُوڙي وَليَم وَل

سا پوک ڦُٽي پيدا ٿي، ٿيا بڇڙائي جا ڀَل

آءٌ ڊڄان، تون خاند کمين، وٺندين ڪهڙي ڍل

آءٌ پڻ خلقيو تنهنجو تون ڪر ڪا اُميد اُڇل

اي نيڪ پرين نرمل، ڪِج ڪو وَڙُ ڪبير شاه چئي.

حڪمت

سائي گهڻيئي سڦري، پر گندي اوڍڻ اڇي

ڀت ڳنڌڻ کير آهي، مانيءَ ڳنڌڻ مڇي

پٽ پڇجي پاٽولي کان، ڳالهه به ڏسجي سچي

سِياون سين سڱ نه ڪجي ٽپي ڪڏي نچي

سڱ ڪجي سائو ساڻ، روح به ويندو رچي

ناڻو هجي ته به نَئِي هلجي، مَئي نه ڪجي مچي

ڪميڻيءَ سين نينهن نه ڪجي، ڪُر لڄائيندي ڪَچي

آئي ڪٽڪ ڪنڌ نه ڪڍجي، مڙس به ٿجي مچي

چُوڻا اُوڻا ڪين هوندا، اُتئون به اچبو بچي

اها ڳالهه سچي، سڻ ڪيرت ڪبير شاه چئي.

ــــ

ڳوهه اڳيان ڳالهاءِ، جي کڻي مرليون محت جون هڻي:

ڦڪيون ڏيندي ڦوڪون، جنهن منجهه لاءِ نه ساء:

ان موڳيءَ کي مجلس جو ناهي سر سماء

ڪر کنيو، ڪڇ ڦوڪيو، ٿي گوز هڻي غضباءَ

نور، کپر کي نه پيو، پرتن ڳالهاءِ پساء

ونءُ تون واسينگن وٽ، ترت لهي ترڀاء(1)

مڻ جني جي مٿي ۾ آ شم جهڙي شعلاء

سي سڏ سڻي سر ڏيندا، آئي تان ارواح

ڪندا پاڻ پتنگ جئن، صدقي صدقي ساه

ڪيرت ڪبير شاه چئي، وڃي ڳاجهه اني وٽ ڳاءِ

جن جو ڳڻن ڀريو ڳالهاءُ، سي ٿا عطر اوتين ادب سين.

ــــ

هيٺ ڏنل بيتن ۾ دانائي سمايل آهي: پهريون ۽ ٻيو بيت شيخ سائينداد جي روايت موجب لکيا ويا آهن. مختلف روايتن موجب ٻئي بيت جا بند خلط ملط ٿيل ٿا ڀانئجن. ٽئين بيت کي سنڌ جي سگهڙن، فقير محمد هاشم مڱڻهار ۽ حاجي طاهر گهراڻي جي روايتن جي بناءَ تي مستقل حيثيت ڏني وئي آهي. ميان ڪريمداد جي روايت مطابق ٽيو سڄو بيت ٻئي ۾ ملائي پڪو هڪ بيت ڪري سگهجي ٿو. سنڌي جي مختلف روايتن موجب هيٺيون سٽون مثالن طور عام مروج آهن ته:

- نانگ ناڙو نه ٿئي، ٻڪر وهي نه هر

- ڪانهه ڪمند نه ٿئي، توڙي گري چاڙهي ڳر

- ڪلر منجهان ڪين ٿئي، توڙي جام پيارينس جر

- پر پنهنجو نه ٿئي، توڙي لٽي ڏينس گهر

هيٺين بيتن ۾ ڪبير شاه سنڌ جا اهي مشهور مثال حڪمت عمليءَ سان جمع ڪيا آهن، بلڪ انهن ۾ ڪن نين حقيقتن جو اضافو ڪيو آهي.

پهرين بيت متعلق ميان ڪريمداد چيو ته لس ٻيلي جي ڄام ڪا اُره زورائي ڪئي جنهن تي ڪبير شاه اهو بيت چوائي موڪليس؛ ڄام ٻڌي نمي پيس ۽ پگهار مقرر ڪري ڏنائينس. ا.هه.

ڪي چون ٿا ته: ڄام جي ماڻهن ڪنهن ڍل جي وصوليءَ واسطي ڪبير شاه کي اچي تنگ ڪيو جنهن تي پهرياين ٻه بيت ڄام ڏي چوائي موڪليائين. شيخ سائينداد توڙي سنڌ جي سگهڙن حاجي سرماڻ ۽ سندس فرزند ميان حاجي محمد سوڍي جي روايتن موجب ڪبير شاه پهريون بيت پنهنجي هڪ دوست کي ڏوه ڏوراپي طور چيو. سندن روايتن مطابق سڄي بيت ۾ اصل ضمير مخاطب مونث ۾ آهي. (يعني ته: اره هڻي ٿي- الخ):

1. ارهه هڻين ٿو اڳ ۾ آڻي سينو سيني سر

گوش ڪريو پيو گذرئين ڪي ڌيان اسان ڏي ڌر

ويندوءِ روپ رتيون ٿي ٿيندون ديوانو در در

مار م مشتاقن کي هيڏا هاڃ م ڪر

اهڙي پر ڪپر، ڪر م ڪبير شاه چئي.

2. نانگ جا ناڙا وٽي ڪنهن نه هاٿي ٻڌا هر

ڪيهر شينهن ڪنين وٺي ڪنهن نه گهمايو گهر

سپ نه سپجي سمنڊ ريءَ بيباڻي ڪنهن بر

ڪڏهن سياسين ڪانڪا چڙهي ٻيڙي ڇوه ڇپر (1)

مڇي نه بچي سڪيءَ تي، آڳ نه جالي جر

پهڻ پاڻي نه تري حيلي ڪنهن هنر

سج نه الهندي اڀري، وڄ نه ڌرت سين ڌر

چڙي چڙايو باز کي سا ڪيئن ثابت ويندي سر

مور ڪڪڙ نه ٿئي هنج نه ڪونج ڪٻر

اهڙي پر ڪپر، ڪر م ڪبير شاه چئي.

3. نصيحت تنهن نادان کي ڪري ڪين اثر

ڪلر مان ڪين ٿئي توڙي جام پيارينس جر

شيدي ڳورو نه ٿئي توڙي مهٽي لاهينس مر

اڪ آمون نه ٿئي توڙي ڦٽي ڪڍي ڦر

کٿو چاڙهين کنڀ تي ته به مور نه ڇڏي مر

مرون ڌارائين مينهن کي ته به سندو سوئر ڦر

ڪڻڪ کارائين ڪتي کي ته به کيس چني سين چر

پر پنهنجو نه ٿئي توڙي لٽي ڏئينس گهر

ڪميڻو اشراف نه ٿئي توڙي دليون هجي دلبر

تنهن کان ڏوران بيٺو ڏر، جنهن کان پوءِ لڳي پشيمان ٿين

ـــــ

بَدَ جو ورهيه بَد، گهڙي نافع نيڪ جي

سو ڪميڻو، ڪبير شاه چئي، نگرو ڇڏي نه نِدِ

اهو بدو بي شڪر بدخواه ڪندو بديون تِهئون بيحد؛

هي قابل پنهنجي قرب کان هڪ رتي پوري نه رَدِ

هيڻو هلي حياءَ سان ڪنهن قدر قَريني قد؛

هو جات وڌائي جَـدّ، پيءُ ڏاڏي ۽ پانهنجي.

محبت جو مقدار

ڪانه ٻڌيسين ڪٿهين ڪا محبت ري مروت

پر ڪي هُونِ عقل اڪابر آدمي ته ٿئي اُني کؤن البت

اهي ڀڳي دل سڄي ڪن، ميٽن سان مسرت

ڳُڻن ساڻ ڳنهيو ڪن ڪامل ڪرامت

ڪي هونِ ڪرتن ڪچا، ڪبير شاه چئي، ته نيو گڏين سان غربت

اصل اشرافن جي آ طرح اها تربيت

تنيءَ جي تڪرار لڳي ٿي رُمي ٻاجهؤن رت

سي سرت سناخت سپرين، هون صاحب سلامت

جي هيڏيءَ سان حڪمت، ان کان ڪچي ٿيئي

ڪانه ڪا.

ـــ

محبت هئي جي مال، ته ميڙي گڏ ڪِي موذيين

پر تن کي هڻي بُجو بُجن تي، هو جي نگرا نند نڪال

اصل عاشقن سين اٿس خاص خيال

ٿي رهي رفيقي تن سان جن وٽ قدر ڪمال

سي سانڍينس سڪ مان فيض ڏسيون في الحال

ڪئن جئن عقل علم عشق جو منجهس واس وصال

هو جي بي قدرا بي حال، تن سان ڪري قرب نه

ڪبير شاه چئي.

نيهن ۽ درد

درد ۽ وڇوڙي جا ڪي بيت اڳيئي شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاه جي لاڳيتن بيتن ۾ نقل ٿي چڪا آهن. هيٺيان بيت باقي رهن ٿا، جي شيخ سائينداد جي ڪتاب ۾ ڏنل تسلسل مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪبير شاه جا آهن، حالانڪ نالو ڪبير شاه جو ڪونهي.

1. هاڻي ڪريان ڪيئن، گهوڙا گهر نه سپرين

وجهي نانڀون نينهن، هيڪر ملان هوت کي.

2. پرين بنا پرديس ۾ بس ههڙا جي حال

ڏينهن ڏهه ورهيه گذري، پهر پندرهن سال

ساعت سالان سرهي، گهڙي دم گهڙيال

ساجن جي هن ساه کي آ سڀڪنهن وير سنڀال

جئن جر ۾ لهريون جال، تئن مون جهجها ڳڻ جانب جا.

مجاز ۽ محبت

چاڙهي چاڙهي چاهه منجهارا سينڱ ڇوڙي سبحان

تکا تير تنهين جا پنبڻيون ڪهبر قهري ڪان

گوشا گوشن سان گڏيا، ڇٽڪيا بحري بان

سينو ساهيم سڄڻا تنهنجي نيڻن ڪيا نيشان

قريبن تان قربان، منهنجو سر سيد چئي.

ـــــ

اکيون جت اڙن، اتان ڪو ڇند سان ڇڏائي اچي

اٿن اَٿاڻ عشق جو، ڪڙا منجهه ڪڙن

ڪارڻ جنگ، ڪبير شاه چئي، وجهيو لوهه لڙن

قهري نيڻ قريب جا چهرا نت چڙهن

تن جي پلڪن کي نه پَڙن، هو جي راوت راندِي رڪ جا.

ـــــ

هن نماڻي ناتو، توسان رکيو راول روح جو

محبت جو منهنجا پرين، مون توسان پيچ پگهه پاتو

ٻول ٻڌا ٿي پاڻ ۾ محب ميان ’مان‘ ’تو‘

سي سخن سچا ڪج سپرين، مون ڄاڻ ڀريا ڄاتو

هن منهنجي حال جي آءِ ڪل ڪَرا ڪا تو

تون آهين ادب جاءِ آتِــيۡمِ کي، آءٌ ڇا واکاڻيان واتو

هٿ ڇنڻ مان ڇا تو، ايندو قريب ڪبير شاه چئي.

ــــ

نينهن پرين ناتو، توڙان تو نه ڪرڻ هو

پر عشق جي الول جو، پيچ پرين پاتو

کسي ساه سقيم جو نيئي چشمن سان چاتو

هڪڙي هئي خبر خدا کي، ٻي هئي من اندر مان تو

هاڻي ڇڻن جي ڇاٿو، ڪرين ڪبير شاه چئي.


(1) تاريخ 13 جنوري 1965ع تي شاه صاحب سان خاص ملاقات ۾ هي احوال هٿ ڪيو ويو.

(2) ائين. مگر مليل شجري موجب (جو نه معلوم ڪيتري قدر صحيح آهي) ڪبير شاه جو ڀاءُ محمد شاه هو جو شايد لس ڏانهن ويو يا ته وري سندس پٽ (۽ ڪبير شاه جو ڀائيٽيو) احمد شاه اول لس ڏانهن ويو.

(1) پيءَ ور= ور، خاوند، ڪانڌ

(2)  ٻيلي جي راوين جي چوڻ موجب هي بيت ڪبير شاه جوڙيو مگر نالو محمد شاه جو وڌائين.

(1) نبي بخش شاه جي هن بيان جي مائٽيون ڄاڻايل آهن سي گماني سمجهڻ گهرجن. مٿي ڏنل شجري سان آهي. مائٽيون نٿيون لڳن. مگر شجرو به قدري مشڪوڪ آهي.

(1) س: مجلس جو ملار.

(2) س: وسون نه تن کي وار

(3) ر: نئڙت نت نياز، آ گذر غريبي گن وڏو.

(1) ر: پير ڀري پرڀاءَ.

(1) ر: ته ڪا ٻيڙي چڙهندي ڇوهه ڇپر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org