سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :26

ڳوريءَ جا سورهن سينگار

ڪبير شاه ’سينگار شاعري‘ جو پڻ وڏو سڄاڻ شاعر هو. هيٺيان بيت هن سلسلي ۾ سندس اعلى فن جي ساک ڀرين ٿا.

1. جب ڳوري ڳهڻا ڪري، نَوَ ست نرمل نار(1)

’اٺ‘ رکي اغماز سين، ٻئا چڱا چئنچل ’چار‘(2)

مهندان مجبوبن جي، ’چلڻت‘ آه چه ڪار؟(3)

’اُڏڻت‘ اولي سين پئا پُري پريان کون پار (4)

’ڦول‘ ڦِڪا ڪِئا سڄڻين، ’ڦَلَ، ڦاٽي ٿيا ڦار

اهي سڀ نظر ساڻ نِڪار، ڪِئا ڪامڻ، ڪبير شاه چئي.

2. جب ڳوري ڳهڻا ڪري سيلا سر سنگينِ

ڪِيۡل برق قربان ڪئا، مٿان بئنسر بِين

ڪنچن بيضا ڪم ٿيا ديکي جُلِبُ جَبين

سِسُ سَسيۡهَر سُسئا، پئا مرگهه ملحظي مين

دادَرُ دُبين ڀُلايون، سِنگُ صدقي تان چين

ڌاران عشق نه ڌار ٿا ٻولي ٻولن ٻي نه

اهڙا محب مَهين، منهنجا قابل ڪبير شاه چئي.

جب ڳوري ڳهڻا ڪري زيور ذاتيون ذات

ويس وڳا واسينگ ڪيا بادل ۾ برسات

پِنگَمُ روءِ پريان جو جلوو وڌ جَباتُ

ڪنجل هنجهه ڪنبي وئا مُڙي ڪري مصلات

ڪن سَرَوَ سلامان سڄڻين، نمن نميو نخلات

ديهي پَسِي ڌِمَ ڇَپي، ڀُڻي، وِرۡسي منجهه ولات

شمس قمر صورت سان محبوبن ڪيا مات

مور ڪَٺي، مُکۡ مِين جيئن، سُچَ سونهن سقلات

ڏوڏر دڇن دَهان ۾، لب لالي لال لغات

پَسي الۡف عجيب جو، سوئيءَ لڳي سڪرات

نَواڙو تنهن نرمل کي پوڄي ٿو پرڀات

ڪوئل، ڪبير شاه چئي، چُپِ ڪي وائي وات

تنهن فهميدي فرحات، دلبر ڏينمِ دل کي.

فصل -2

لبن لالي لال، ڪا جا سرخي سڄڻين

پسندي آڌر پرينءَ جا ٿئڙو گم گلال

ڪَنوَل نين قريب جا، ڏسڻ صورت سال

ٿا نوازين نگاه سين مهر ڀريا متوال

جن ڳالهاڻ لاءِ ڳلين ۾ ٿي سهسين ڪيم سوال

سي اڄ مرڪيا محب مهر منجهئون خوش ٿي خوب خيال

اُتم ٻنڌ عجيب پرين، هو هنئڙي حال احوال

مٿي قرب ڪنگال، ڪج ڪو ڪبير شاه چئي.

ـــــ

چَرن چراغ پرينءَ جا، لاکيء رنگ لبيس

سَسُوئا رنگ سڄڻين، پُنا ڪَسرا ڪيس

ڪُرنگا قولن تي ٿيا، لڳي لڪ تان صدقو ليث

گؤنگ نه آويٖ ٽور ٽرنديٖ، ڪيلن ڪي ڪاويش

بَريـــٖن بَر ڦٽا ڪيا، ڪن ڪئيسريا وس ويس

دِس نه پئي ڪنن ديس، جهڙا منهنجا قريب

ڪبير شاه چئي(1) .

ڪبير شاه مجازي محبوب جي سينگار کي گلن جي سونهن ۾ سموهيندي چوي ٿو ته (2):

سرس سدا رنگ سارنگ جا گل ڦل جايون جام

ستبرگ، چمپا، ڪيوڙو، ڪيتڪي، دائودي دلدام

ارزن بار، گلاب، ڪرنا، سيوتُي، سورج ڪن سلام (1)

بيل، چنبيلي، سرڪنڊي، زرد، اُپمي عام

دوپهري دل پيچ هئا، تڪما ترِه تمام (2)

ٺوٺي ٺامر ٺيڪ ڪئي، مٿي مک مدام (3)

ان باغ بنئي ۾ برهه سين هڪ هئي ڪامڻ آهو گام

سا کنوڻين جئن کنهبا ڪيو، پئي لڏي ليمي لام(4)

مليس چنڊ چمن ۾، ڳوليندي ڳل ڄام (5)

تڏ دست بُطي، ڏئي پيالا پرکي، ائين گڏيا گل اندام(6)

تنهن ڪوئل، ڪبير شاهه چئي، ٿي ٻولي ٻولي ٻام

وســـــــــي بــــــــادل بـــــــام، بــــــــونــــــــد پـــــــڄايـــــــس ڪـپڙا (7)

سر مارئي

(1) هيٺيون بيت مختصر طور سنڌ جي سگهڙ حاجي طاهر گهراڻي کان مليو جنهن کي ڪتاب ”عمر مارئيءَ جو قصو- بنا راتين“ ۾ ڏنل روايت سان ڀيٽي قلمبند ڪيو ويو آهي، پر بيت ۾ اڃا به ڏَڌَ آهي. هن بيت ۾ ڪبير شاه ’هُنر‘ ۾ تجنيس جي ڪاريگري ڪم آندي آهي:

جي ور جي ورثي، سي ورن پاس سکاوليون

سيو تنهين کي سيوَتيون، سيو تنهين کي سي (8)

جنهن جون ڪرڙيون قوت، ڪبير شاه چئي، سا طعامن ڪيئن ترسي

اها منج موٽائي ماڙ ڏونـﮧ، جا آنديئه کوهه تان خان کسي

سا مر ساهيڙين سان وڃي وينگيس ني ورسي(1)

ڇيلا ڇوڙي ڇيڪ ڇڏي ور ڦوڳن ۾ ڦر سي

سامر راڄا راڄ رَسي، وڃي ٿئي سنمک ساهيڙين سان (2) .

هيٺيون بيت ڊگهي وزن ۽ اندروني قافيي جو هڪ عجيب مثال آهي.

ڌڻ سو ڌارڻ، چٽ پٽ چارڻ، پهون پڪارڻ، جهڻ جهڳاڙڻ،

تنهن جاءِ سرت سنگهار (3)

پرين اويون، پاڻيءَ پويون، ڏوران ڍويون، تن جا پرس پنهوار

ڪنڌن ڪهاڙيون، ڳنن ڳاڙهيون، وڍين ٽاريون، وجهن واڙيون،

ويل چڱيءَ ولهار

هينئن هرڪيون، کيرن سرڪيون، پين مرڪيون، ڏينهان ڏڌ لغار (4)

لوئي لياريون، وٽن ڄاريون، کٻڙيون کاريون، آهين اباڻن اپار(5)

اڏيون پيهيون، تنبن جيهيون، تن هيٺ ويهيون، (ڪن قريب قرار)

ـــــ

مارئي جي سر ۾ ڪبير شاه جو هيٺيون بيت سنڌي درسي ڪتابن مان، ڪتاب چوٿين ۾ ڏنل آهي. هت هي بيت ڪتاب ”عمر مارئيءَ جو قصو (راتين ۾)“ ڏنل روايت مطابق قلمبند ڪجي ٿو.

”پنهنجا ساريم سومرا، هوءَ جي پهرن پٽ پنهوار

ڏکيا ڪاٽيان ڏينهڙا، آءٌ ويٺي آهيان ڌار

جئن هِت سهج ڪن ٿيون سومريون، هيترا ٻنڌيو هار

تئن هُت پڪا پُويون پاتشاه، اڄ ڀي سرتيون ڪن سينگار

جئن هت پٽ پٽيهر ٻانڌڻيون ٻيا جورا ۽ جنسار (1)

تئن هت لويون ڌويون سومرا، ٿيون ڪن کٿين منجهه خمار

جئن هت انب، آما، آمڙيون ٻيا باغ چڱا بلغار

تئن هت کٻڙيون کاريون ڄاريون، وٽ اباڻن اپار

جئن هت گل ڦل جاءِ ۽ جافران ٻيا دائودي دلدار

تئن هت ٽڙن ٿيون ٽاڪاريون، ٻيا گولاڙا گلزار(2)

جئن هت گل گلاب جا، ٻيا کڙيا کٽڻهار

تئن هت ڦوڳ ڦلاريا ڦر سين ٻيا پڪا لعل ليار

جئن هت چونڪيون چمن چؤدرا، ٻيون ماڙيون محل منار(3)

تئن هت اڏيون پيهيون، تن هيٺ ويهون، رهن ڍنگهر جي ڌار

هت ميان توکان وير وڏا هئا، جن ٿي ڪيا ڪوتن منجهه قرار

سي سڀ مري وئڙا ڳري، هي جوڙ ڇڏي جنسار

اڳيان قبر پڇندءِ خبر، هي حقيقت هيڪار

لٽيندءِ لٽ، ڇڏيندين کٽ، سڻ ميان سومرا سردار!

هوءَ تان پسيءَ تي پٽن ۾ ٿا وهسن ويروتار

تنهنجي ست رڇي مؤن سومرا ڀلو ٻجهن ڇا ٻڪرار!

اُڊيٖ سندي هڏ ان کي پيئي ڪانه پچار (4)

سي تون عمر سڀ آجا ڪر، دلاسي ڌرار

جن جا اهڙا آچار، تن کي ڪڍ قيدئون ڪبير شاه چئي.

ڪبير شاه غالباً مارئي جي سُر مان گهڻا بيت چيا جي اسان تائين نه پهتا آهن. هيٺيان ٻه بيت اهڙن وسريل بيتن جي ساک ڀرين ٿا.

عمر اباڻي پار ڏي ٻه ٽي ٽول ٻجهن:

ڳڙکؤن ڳاڱيون مٺيون، ٻيا پيرون شال پچن

کٻڙ اباڻي کيت جا ڇڳا ڪيو ڇڻن

وڳ مڪائون ويڙ ڏي ٿا پهون پٽ چرن

ڪوٽن منجهه، ڪبير شاه چئي، بوندون بس نه ڪن

اهي سانگي سک وسن، جن آئـٖـي ٿـٖـي عيدون ٿيون.

ـــــ

مونهان پوءِ ملير ۾ مينهن وسِي ڪوهُ ڪن

ارٽ اولائي ڇڏيا سرتين ساهيڙين

وڳ مڪائون ويڙ ڏيٖ واري ويڙهيچن

ڪنبنديون ڪبير شاه چئي، بوندون بس نه ڪن

پَريون پنهوارن، ڪي مونهان پوءِ مَٽـٖـي ڇڏيون.

هيٺيون بيت مارئي جي سُر مان ’هنر‘ ۾ چيائين ته:

ڪَرهي ڪَرهي سومرا! ڪوهه آنديئي ڪَرهَي(1)

وَرَهـٖـي وَرَهـٖـي مُعۡلِم پانهنجا ٿو ساه سڪي وَرَهـٖـي(2)

پَرهي پَرهي سگهي ڪينڪي، شل وڃي پيڪن ۾ پَرهي(3)

نَرَهـٖـي نَرَهـٖـي ناناڻن ري ڪن ڪم نه ڪي نَرهي(4)

ڀانئي ٿي بَرهي، منجهه ڪوٽن، ڪبير شاه چئي(5).

ليلان چنيسر

هوڏ وجهي هوڏي، ٿي مير مٽيوءِ ميڻي تي

چاه چنيسر چت گهڻو ڪيو طرح وڏي توڏي

ڀانيوءِ: وينديس سرتين وچ سونهندي ڳهه ڳچيءَ لوڏي

ٻيا بهوت اڏايئه بنگلا ڪامڻ گهڻو ڪوڏي

پر ڪڍييئه ڪونروءَ ڪمن تان، ٿان اُتان ٿوڏي

تو جن اهڙن ڪچن ڪرتن ڪبير شاه چئي، دل وڌياس ڌوڏي

ڪـانڌ مڱيو ڪو ڏي، کينتل کڻي پانهنجو(1)!

سهڻي

1. دڙهڙ دؤنس درياه جي، جت موج ڪري مهراڻ

تتي توکي تار مان پار لنگهائيندو پاڻ

جن جي محبت ميهر سان، تن کي لهر لوڏيندي ڪانه ڪا.

2. دڙهڙ دؤنس درياه جي جت ڪنن سندو ڪڙڪو

مڙي ڪين مهراڻ جو دور ٻڌي دڙڪو

پيڙس ڪن ڪبير شاه چئي، ڪو پار سندو پڙڪو

کڙڪين جو کڙڪو، ٿيو سونهون ساڻس سير ۾.

مومل

فصل-1

1. مومل مشرو ماڙين، هئي ڍاٽياڻي ڍٽ ۾

ٻريا ماڻڪ ماه جيئن تنهن جي خوب چڱان کٽ ۾

ان جي نذر نياز لئي، اچئو پُرس بيٺا پٽ ۾

سي سوڙهيو سيچاڻي جيئن هنيا سوڍي ٿي سٽ ۾

تن جو سِر زمين، ڌڙ ڌوڙ ۾، ليٽيا پئي لٽ ۾

ڪئين ڪاڪ ڪنڌين ۾، هئا فراقيا ڦٽ ۾

هن ڀي ڪامڻ، ڪبير شاه چئي، اهو چٽڪو ڪيو چٽ ۾

تان ڪؤنۡر پُنو ڪونه ڪو تنهن نار سندي نٽ ۾

جهٽيو تنهن جهٽ ۾، سڀڪو ڦريو ڦٽو ڪيو.

2. مومل مشرو ماڙيين هئي نانگڻ ڀري ناز

زاد هئا تنهن زال کي سڀ اوڍڻ جا په انداز

پڙهي هئي ڪنهن پرت مان باري برهه بياض

هئا ايئن نُڪا تنهن ناز جا، جئن گليلن جان گاز

سا ڪنڌ نه ڦيري ڪيڏهين، ڪِي عشق ڪَنا اغماز

ڪاڪ ڪنڌيءَ ها ڪيترا ان جي نظر کان به نياز

سي سڀ راڻا راوَ همير هئا دولت منجهه دراز

تن ڀي پنهنجا وس وڏا ڪيا جان ڪي عقل جا اعلاز

تان هن بحري وانگڻ باز، سٽيو ساهُو سـٖـي وڌا.

3. مومل مشرو ماڙيين هئي سوڍي ڀري شان

هنڌ حويليون حجرا طنبو تنهن طولان

چونڪيون چمن چؤدرا بيحد ڪَنان  بيان

تنهن ڪَل جوڙائي ڪامڻي عقل ڪري ارڪان

ته آءٌ آهيان وات وڪيل وڪالت ري پانهنجي دِڳي ساڻ ڌيان

سي مرد اچن ميدان ۾ جي هجن ساهُو سرت سجان

تن مان شرط ڀڃي جو شرط سان ايندو مون وٽ ماڳ مڪان

آءٌ تنهن ڪانڌ قبول ڪندي شير سچي سلطان

ان تان ڪاڪ سڄي قربان، ٻيو آن سدا پئي صدقي ٿيان.

فصل-2

ڀينر ٻئي جان ڀيڙيون هيون ماڙيءَ منجهه محل

تنهن سان ستي سيج تي هئي سهج ڪري سومل

ڪا جا مدي مومل من ۾ جنــﮧ ڇند ڪيا ٿي ڇل(1)

ڪانڌ بنا جا ڪوڙي ٿي رکي بوتو منجهه بغل(2)

سا ڏکي مر ڏهاڳ جو حال گذاري هل

اصل عزازيل کي هئي پڌري اِها پل

جان آيو ڪامل سائين ڪاڪ جو منجهان اوز اڇل

تان ٻٽ ڏٺائين ٻه ڄڻا رمز ڪنهين سال رل

هي لڪڻ لاڙي هليو ڏيئي ميي کي موڪل

سو راڻو رُنڍ رکي ويو وڏي خوف خلل

پر حرف رکن ٿا هيڪڙو توتي آڻيو ڪي عاقل:

جُڻۡ هُيَئي ناز نڪاح جي، تِنهنجي ايءَ نه ڪياءِ اٽڪل

جي تو منڌ جاڳائي مينڌرا هاتڪ ڪري هڪل

ته مڙيوئي معلوم ٿيا توتي ان جا عيب عمل

پر سوڍا تنهنجي ڀي ساه ۾ سور سڪڻ ڪيا سل

هوءَ ڀي اُٿي عجيبن لئي ناز منجهان نرمل

ته ٿي ويل منهنجي ور جي، اٿي ڪانڌ ڪريان ڪاڪل:

تان، هئي مٺياس ڌري ويو مينڌرو ڪام ڪنديءَ سين جهل

سا رويو رت ريهون ڪري ٿي ڳوڙها ڳاري ڳل

ڀيڻ وڙهي ٿي ڀيڻ سان، جوش منجهارا جل:

ته ري ڪامڻ! ڪبير شاه چئي، توکي آندو ڪنهن اجل!

ماريئي کي مومل، جنهن سان سُتينءَ سومل سيج تي(3) .

مومل راڻي جي قصي ۾ ڪي عاقل شاعر ڪبير شاه وانگر راڻي تي ميار رکن ٿا، جيئن ته حفيظ تيوڻي جو بيت آهي ته:

مڙس نه هئين مينڌرا هئين ڄٽاڻو ڄٽ

مومل جي ماڙيءَ ۾ ڪونه هئو ڪوڪٽ

مڙس هو ئي هيڪڙو سوني ماري ڪرڻو هوءِ مٽ

هاڻي لاهه لونگي، ٻڌ ڌوتيو، پر هئين ڪهڙو پٽ!

هت لڄايئي ڪاڪ کي، هت لڄايئي ڍٽ

ساهمي تراڙو هٽ، آهي مرڪ تنهنجو مينڌرا.

وٽ باکڙي شاعر چيو ته:

مڙس به هئين مينڌرا پر ڪم ڄٽاڻو ڪيوءِ

مڙس مثل ماڙيءَ ۾ جڏهين ڏوران تي ڏٺوءِ

تڏهن وڌي وک ’وٽ‘ چوء پر ۾ پڇڻ هوءِ

ته ذات به تنهنجي ظاهر ٿئي نالو به نڇاريوءِ

ماڻو به سريئي مينڌرا، هٿ ٿورو به ٿيوءِ

هاڻي ڪر کي ڪٽ ڏنوءِ، ان موٽڻ سين مينڌرا.

مگر ڪبير شاه راڻي کي ميار ڏيندي انصاف جا اکر پڻ ڳالهائي ٿو ته:

راڻي ريب رياءِ، هو مومل ماڙيءَ ۾ ڏٺو

ٻٽ ڏنائين ٻه ڄڻا، تڏ گهوٽ وڏو ٿيو گهاء

مرد هئو ڪ زال هئي، تنهنجو ڄاڻ ڄاڻي خداءِ

پر حق رٺو ٿي حق سان، وچ وڏو پيو واءُ

مومل! ڏئي ٿو مهڻو سڀڪو سوڍي کي به سياء

ڙي ڪامڻ، ڪبير شاه چئي، تو ڪئن رسايو راءُ!

پوءِ دل ڳڻي داناءُ، موٽي ويو مينڌرو.

ــــ

ناحق نَؤد عقل سين تو ترت ڪيو ترتوت

ڪامڻ ڪاڪ ڪنڌن ۾ ڪَونۡر ڪَيئَي ٿي قوت

منڊي چرخ چلٽ جو مڪر ڪيئي مضبوط

تان راڻي هڪڙي راند سين تنهنجا ناٽ ڪيا نابوت

ڙي هوئي پارڻ پيچ پريت جو سندرو سڪ ثابوت

ٿيندئي بت ڀڀوت، جيئن تو عاشق ساڻ اَلَٽ ڪيو.

فصل-3

1. مومل ٻاجهون مينڌرو وير نه سهي وار

ڪِيۡن ڀانـٖئي ڪينۡ ڪريان وڃي تَسالو تڪرار

پوءِ چئي موٽيو من کي، ته ڙي اي نه اصيلن آر

هُئي هڏ ستي سومل سيج تي، پر نالو ٿيو نروار

هاڻ جيڪا منشا هونديس من جي، تنهن جو پوندم سڌ شمار؛

ڪِ هئي برهه بڇوڙي بامني، جنهن ٿي جيءَ تان لاٿو جار

ڪِ ڪو هو مڪر مهريءَ من ۾، تنهن جي

ڪَل ڄاڻي ڪرتار؛

پر جيڪي مون سين سخن سوڍي شرط ڪيا هئا

تِر نه تن ۾ وار

تنهن ري ڪامڻ، ڪبير شاه چئي، قلب ناهه قرار

مونکي عشق ٿيو اظهار، هي ٿيو پَريٖ پهه پرچاوَ جو.

2. مومل ٻاجهؤن مينڌرو وِير نه سهـٖـي ويـٖـل

عشق وڌس ارواح ۾ ڪـٖـي نينهن جا نهرا نـٖـيل

سو قابل، ڪبير شاه چئي، ٿو مري ڪارڻ ميل

اهي سندا خاوند کيل، جيئن ڪَٺڻ جهڙو ڪم ٿيو!

3. تيلان مران مومل لاءِ، جيلان ڪانهي جهڙيس ڪاڪ ۾.

سوڍي وڏي شان سان سندي شمس شعاع

جڏهن ڪڍي ڪر، ڪبير شاه چئي، تڏهن ڄڻ

                باهه پئي ڀڙڳاءِ

وِڄن ويس لڄاءِ، منڌ نه جهڙي ماڙهوئين.

نوري

ڄام ڏٺي هئي، ڄار وجهندي ڪا ڊونڊيءَ ۾ ڊيل

سنمک سُونۡدل سونهڻي سا کنوڻين جهڙي کيل(1)

عقل اڪابر اعلى اڳري نازڪ نينهنِ ڀري نانگيل(2)

سا لٽ سين ليٽيو لٽڪي، ٿي راند ڪري منجهه ريل(3)

تنهن تن تماچيءَ جو نيو نوريئن ناز ڪري سان نيل

ان ڀي آڻي ڪينجهر ڪنڌئين کوڙيا ترت طنبو تنهن ويل

ڪوٺيا، ڪبير شاه چئي، تنهن سڏي سڀ سرکيل:

هٿ پييوَ ڪيئن گندرا گجري اهڙيءَ ات عاقيل(4)

ڪم ڪنبايو جنهن جيءَ پنهنجو، عشق برهه اڻگيل(5)

تنهن تان کارا لاهيو ککيءَ جا، جنهن جو لائق تيل ڦليل(6)

سا چڙهي مر چؤڏيل، منڌ مياڻيءَ وچ ۾(7).

سسئي

سسئي جي سُر ۾ ’فصل-1‘ هيٺ ڪبير شاه جا بيت ”بياني“ آهن جن ۾ شاعر صرف قصي يا واقعي جي خبر سڌن سنون لفظن ۾ بيان ڪئي آهي.

فصل-1

پٽ ڪوٺايو پانهنجا ٿو آڻائي آري

تن اچي اطاقن تي ڪي ڪوڏئون ڪچهاري

ته پنهون آندوَ نه پاڻ سان جو هو آن منجهه اوجاري؟

سو وڃي ڏوراهين ڏيهه تي ٿيو ڪامل قراري

اوهين اُڻيو ڀائرا ڀاءَ کي، ويهو مَ ويسارِي.

تڏ تنهن دم تنين تيار ڪيا ڀري اٺ باري

حُليا پوش هوتن جا هئا جڙيا جنساري

تن سين تکا توڏا تڪڙا، هئا ميا مهاري

سي هليا ڀڙ ڀنڀور ڏي ڪري سنجهي سواري

ايندي تن اُتهين ڪي پنهنجي اختياري

سي پڇي گهر پريٽ جي ٿيا خوشيؤن کينڪاري(1)

هن ڀي ڇڱي جاءِ جتن ليءِ ڪِي تنهن دم تياري

سا ڀاڪر پايو ڀائريـٖـن ٿي زور ڪري زاري:

آنۡ جو ساٿ سلامت آئيو شل ڏورئون ڏيساري.

چئي ڪامڻ: ڪيچڙين کي شل هوئي مرئون موچاري

پر هئي مدي ڏيرن من ۾، ٿيا چوڌاري چاري

هي ستي وڃي سيج تي ساجهر سواري

هن لهي، وقت سنجهي لڏئا، هئا شقرا شڪاري

تن آڌيءَ رات اٺن جي واڳ پوئتي واري

هيءَ جان صبوح جاڳي سسئي اٿي آساري

تان پنهون ناهه پلنگ تي هو جو ساجن سچاري

ساٿي پٽي پار پريٽ کڻي، ڪنهن هوت ڏٺو هاري

هيري، لعل زريءَ سين هئي سيج به سينگاري

سي پٽي سڀ پرزا ڪيا، ٿي ٻانڀڻ ٻاتاري(1)

چئي: ڪيڏهن سي ڪيچي وئا جن باهه برهه ٻاري

سُر پر سمجهيم ڪينڪي سندين سا ساري

نه ته هوند جاڳيس پاس جتن ڪي ڪيم نه قراري.

ڙي ڪئي نه ڪبير شاه چئي تو هر هر هوشياري

سا رُلــٖـي پوءِ رندن تي، جا ٿئي ور جي ويساري

تان چئي: رکان نه رتيءَ جيتري ڪا مٿن مياري(2)

آهيان پورهيت ڄام پنهونءَ جي جو ساجن سنّاري

هو انگ اصل کان ايئن لکيو، ڪرم اها ڪاري(3)

هو ٻروچ، آءٌ ٻانڀڻي، کڻي لکيي لاچاري

مادر آءٌ ماري، گهائي گهاوَ بلوچ جي.

ـــــ

آريءَ اوٺين کي چيو ته سيگهه ڪري سَنۡبَهو نه

آن جو ڀاءُ ڀنڀور م، وهلا اُت وڃو نه

روڏن گوڏن گهنگهرا ٻاروچا ٻڌو نه

لاکي لَٽڪڻ ٽئونرا گلن سين جهاٻا تن جڙيو نه

ڪرمچ قيمت ڪپرا ڪري پاکڙا پَرهيو نه

سي آيا ڄاڻي، شهر سڃاڻي، تن جو ضايع ٿئي ذرو نه

پر ڄاڻان ڪلفت ڪيچين من ۾ سا، سيد چئي، سلتو نه

ڪيائون ”هُرمُگ سُرمُگ شَيۡر بِگيران“

تــــــن جـــــــــــــــــي سُـــــــــــــــرڀــــــــــــــــر ڪــــــــــــــــو ســـــــــــــــــمــــــــڌو نه

هوت وڃڻ جو هو نه، پر ڪيچين ڪم ڪچو ڪيو(1).

ـــــ

سهڻا ڏير سسئي جا سي صاحب سرواڻي

خاشا خان کٽن تي، اڙٻنگ آرياڻي

عقل سڌ شعور جا سي پارس پرياڻي

مرد ملوڪت سونهڻا هئا راوت رهاڻي

هيري لال جنهوار جڙي تن ڏاگهن جي ڏاڻي

نيائون جت جتيم جو، هئا هاتڪ هوتاڻي

سڱ شراڪت نه ڪجي، ڄامن سين ڄاڻي

هاڻي هَئي هئي هٿڙا، پٽين ٿي پاڻهي

وڃ رندوٺيو راڻي، گڏيئي ڪيچي ڪبير شاه چئي (2).

ــــ

بوتا ڀاڙي، پاڻ پلاڻي، جت جنبيا ڏي جوءِ

ٻانڀڻ آهي، وڃي ڪاهي، ڀيلي ڪهڙي ]ڀونءِ[

ڳالهيون ڳولڻ، جاجڪ ڦولڻ ]هاڙهي ۾ هل هوءِ[

ساجن سارڻ دوس نهارڻ، راه رنگي ٿيا روءِ

ساجن سنجهه صبوح، ملندءِ ڪامڻ ڪبير شاه چئي.

فصل- 2

اٿيس اوسيئڙن ۾، ڏٺي هان ڏيرن

کاڄ رڌيان ٿي خوشيءَ مؤن، اوليءَ اوٺيڙن

ٻيجهيءَ سُتا ٻه ڄڻا، مدي رکي من

ٽيجهيءَ ٽوڙيءَ ويا، مِٽيِي مائٽن

چوٿينءَ چوۡتا پَٽ جا، اهي سامي ٿا سُجهن

پنجينءَ پاسا پاهڻ تي، گنديءَ غرض نه ڪن

ڇهينءَ ڇني ويا، ڪي نهزادن

ستينءَ سيلهيون ڪڍيون، وڃي قهري ڪنواٽن

اٺينءَ آديسين جا، ات دونهان روز دکن

ڏهينءَ چٽيا ڏنڊڙا، ڪي جيجان جوڳيڙن

نائين رات نماڻيءَ سان، جيڏي ڪئي جتن

يارهينءَ ڪَنوٽيون ڪنن ۾، سڱ به سيليون ڪن

ٻارهينءَ ٻانڀڻ جا اهي، دونهان روز سيليون ڪن

تيرهينءَ چپ چپ ٿي، پندرهينءَ مان پُڇن

سورهينءَ تي، سيّد چئي، مُنهنجا هوت هڪلون ڪن

سترهينءَ سانباهو ڪري، ارڙهينءَ شال اچن

ڪيچي ڪبير شاه چئي، منهجا ڏمريا ڏير وڃن

آئون وڃان ٿي اڳڀري، سي اوري مانَ اچن

پوءِ سڄڻ ياد پون، ڪيو ووڙ ولهي وڻڪار ۾.

ـــــ

سسئي وَڃ مَ سڃ ڏي ٿا نئن ۾ نانگ سُڄن

ڀُوت ڀَواران ڀولڙا، ٿا وانر وايون ڪن

هاڙا ڦاڙا حب ۾، ٿا رِوجهه رهاڻيون ڪن

ڪوراڙون ڪنڊن ۾، وَرڪيو وات وجهن

پري پيا پسجن، پکا ڄام پنهل جا.

ــــ

ڀَٽون باندر ڀولڙا، جت رڇ رانگڻ رِڻَ رُڪ

ٻانڀ ٻلاڙيون نانگ نَيُنۡ ۾، لُڪون جهولا جهَڪ

شينهَن سَوين شِرَ ڪيترا، ڪن تڙون تالان تَڪ

پلنگ شهه گوش پٽن ۾، وجهن چِٽا چيٽا چَڪ

تَن ماريٖ، منڌ مِرُن کي، دٻيو ڌوٻڻِ چَڪ

بچي برڪت بلائن کان ڪـٖـي پڙهي وِردَ ورق

سا پهڻ پَٽيون پٻ پيچرا، ويئي لنگهي لحِظي لڪ

اها جهلي هوت هٿن ۾، ويئي پَرِيۡٽ پَهَسَ پلڪ

سا ملي پنهنجي حق، وڃي ڪامڻ ڪبير شاه چوي.

ــــ

اڌر نِڌر اڀري، سڌر ڪِي سردار

هئي ڏارِي ساريٖ ڏيهه جي، ڪنهن نه ڪميڻي ڪار

جُتيءَ جوڙ نه سڄڻيـٖـن ڪا پازياڻي پيزار

جڏ گڏيس ڪانڌ، ڪبير شاه چوي، تڏهن ٺريس

نيڻين نار

مڙيئي معذور جا سڀ ڪاڄ ڪِئا ڪلتار

ڪا جا ڪوڪ ڪنن تي پِيس گوليَ جي گفتار

تنهن کي آرياڻي اڳوار، اچي محب رسيو منهبار ۾.

فصل-3

1. نيڻين ننڊ مَ هير، جاڳ ته جانب کي ملين

ڀڄ! ڀنڀور ڦٽو ڪر ڀوري، توکي ڪم ايندو هت ڪير

ٻنڌ ڪمر، ڪهه گام ڪشـٖـي، پُر، پٺيءَ پئو پير

وِر مجِ ڪيم وَيهي ڪٿ ويجهي، دمُ مَ دَمج دير

ڙي ڪامڻ، ڪبير شاه چئي، ڪنهن ڀال بلوچن ڀير

ٿي ساجن ساڻ سمير، جنهن جهڙو ناهي جڳ ۾.

2. نيڻين ننڊ مَ اور، جاڳ ته جانب کي ملين

ڪامڻ، ڪبير شاه چئي، کڻ نيزو برهه ڀنڀور

نينهن سدي هڻ نوبت نرمل، گهر مٿان پـــــٖـيّ گهور

ڀير برهه ڪر ڇير ڇپر ۾، واچيٖ هوت وروڙ

ڌڪڙ دمامان واٽ وڄائج ساٿ پٺيءَ شهزور

سر مندل کڻ ساز صبر جو، ويهه م ڪِي تڪ تور

چنگ چنگيا هڻ نعرو نينهن جو حرج نه پوندوءِ هور

هي سر ستارين گهور، چور ته چانگن کي ملين.

جان مان جاڳيس جيڏيون، نه ٻڌم اُٺنِ اوڳر ڙي

اٿيا اوطاقن کؤن وڃي بِر لنگهئا بَرِ ڙي

مون محبت موڙئي مس ڪڍيا، هو سالڪ ويا سَرڙي

نر نشو نرمل جو، تار نشو تَر ڙي

اوهان سرتيون سڀ سهاڳڻيون، مان ٿيلهينديس ٿرڙي

ٿيلهي تنهن ٿر کي، مان ڏوريان ڏونگر ڙي

ويجهي ٿي وڻڪار کي، ووڙينديس ور ڙي

اڻ تڻ عجيبن جي ظاهر ڪيان ذرڙي

رمز لڳي، ريهون ڪري، مان گهاريان ڪيئن گهر ڙي

ڪامڻ ڪبير شاه چئي، تون موت بنا مر ڙي

دانهه لڳي درڙي، منهنجو پنهون ناهه پلنگ تي (1)

راوي محمد هاشم مري، ڀٽ ڀائٽي تعلقو کپرو.

4. جان مان جاڳي ڙي، تان اٺ نه اوطاقن تي

هويَسِ هوت پنهونءَ سين، پنهنجي ورسين واڳي ڙي

ٿيا سرتيون سور فراق جا، آهي هي دل داڳي ڙي

سا ڀينر ڪيئن ڀنڀور سگهان مان تن ريءَ تاڳي ڙي

ڪَهنديس ڪيچ، ڪبير شاه چئي، تن لڪن لاڳي ڙي

سو ور ساڳي ڙي، ڏسان تان ڏاهي ٿيان.

5. ڪامڻ ڪوهيارن کي ڪيئن چوين ڪَسُ ڙي

ڪارڻ ڪانڌ، ڪبير شاه چئي، ويهه مَ ڪروَسُ ڙي

سنڀري ساجهر ساٿين کي تون راهه رَمي رَسُ ڙي

رند پنڌ روڏن جي رڙهي، ٿي گورن جي گَسُ ڙي

اڳيان آرياڻين جي تون پَئي پُري پَسُ ڙي

جن جات سَجي جَسُ ڙي، تن آءٌ ڪيچين ]ڪچو[

ڪوهه چوان؟

6. ڏور ڏکي جت ڏونگرين، اٿي وائن ۾ وءُ ڙي(1)

اٿئي اجهو ور وڻڪار ۾ تون ڀانءِ مَ ڪو ڀؤڙي

جهل تون ڪانڌ ڪبير شاه چئي، درد منجهان دَؤڙي

ته لال لنگهائي لڪ جي توکي پاڻ وٺي پؤڙي

جا تون پورهيت ڄام پنهونءَ جي، سا ڪا

ڪيچين کي ڪوڙي

ونءَ تاء تکي تؤڙي، توتان منزل معافي مير ڪندو(2)

فصل-4

هيٺيان بيت رسالي جي بيتن وانگر ننڍا ۽ ڪڙيءَ وارا آهن. اهي بيت ڪبير شاه جي پنهنجي عشق ۽ درد جو آئينو بلڪ لفظن ۾ ڏنل سندس سورن جون سٽون آهن. انهن بيتن ۾ ڪبير شاه جي فصاحت ۽ سندس ٻوليءَ تي ملڪو، ٻئي ظاهر آهن. جو لفظ زبان تي چڙهيو اٿس سو بهترين قافيه بنجي ويو آهي. انهن انوکن قافين تي سندس فصيح ٻولي ۽ سليس محاورا ڄڻ منڊيءَ تي ٽڪ ٿي بيٺا آهن. سمجهجهي ٿو ته هن طرز ۾ ڪبير شاه جو ڪو گهڻو گن ڳايل هو جنهن مان باقي هي ٿورا بيت وڃي بچيا آهن.


(1) نو+ست (9+7)=سورهن

(2) اٺ+چار (8+4)= ٻارهن.

(3) چلڻت= هلندڙ سرندڙ جانور

(4) اُڏڻت= اُڏاميندڙ پکي. اولي پئا وڃي لڪا.

(1)  هي بيت اسان سنه 1962ع ۾ راوي عجب پٽ جانور ٻري (ويٺل آوداڻ) کان اُٿل ۾ ٻڌو ۽ تڪڙ ۾ قلمبند ڪيو. غالباً هن روايت ۾ ڪجهه غلطي آهي، ۽ انهيءَ ڪري ڪي فقرا ۽ معنائون تحقيق طلب آهن.

(2) هي بيت اصل شيخ الهڏني جي روايت تي مبني آهي جنهن ۾ شيخ سائينداد، حاميد خان رند ۽ ٻين سگهڙن جي روايتن مطابق مناسب اضافا ڪيا ويا آهن.

(1) الله ڏنو. عينن بار گلابي ڪرنئون، سي وت سورج ڪن سلام.

(2) ر:... تڪمئون طرح تمام.

(3) ر: ٺيڪ ڪيو مٿي مک مدام.

(4) ر: کنوڻ ٿي کنهبا ڪيا لڏيا ليمي لام.

(5) ر: گڏيس چنڊ چمن ۾ وت ڄوليندي ڳل ڄام.

(6) ر: عشق پٽيون پره جون، جتي گڏيس گل اندام. بطي= صراحي.

(7) ر: وسن بادل بام، ان جا بوند ڀڄايا ڪپڙا

(8) سيوتيون= خذمت ڪندڙ.

(1) ورسي= خوشي ٿئي.

(2) ر: وڃي ٿئي سنمک ساڏوهين سان.

(3) ص. ”جڙ جگارڻ تنهنجا“

(4) ص. ”ڏت لگار“

(5) ص. لوئي لياڙيون

(1) ڪپڙن جا جورا.

(2) ٽاڪاري ج. ٽاڪاريون: هڪ ٻوڙي جو قسم.

(3) چؤدار= چئن درن وارا.

(4) اڊو= خوف ۽ حراس (مارن ۾ ان جي پچار ئي ڪانهي).

(1) ڪرهي= غصو ۽ زبردستي؛ ڪرهي= ڄڻ هيءَ (مارئي).

(2) رهي= پيچ؛ ورهي= مرد؛ ورهي= اُٺي جو پاڻي.

(3) پرهي= هيءَ پر، هن ريت؛ پرهي= پائي.

(4) نرهي= نه رهيـ نرهي= هي مرد.

(5) برهي= هي بيابان.

(1) ص. خيتل کڻي پانهنجو.

(1) ر: جنهن ڇنڊ ڪيا ڇاهل.

(2) س: ”ڪانڌ بنا سا ڪوڙي ڪيئن رکي بوتو منجهه بغل“.

(3) ر: ائين هڻي مٺوءِ کي مومل، جئن اچي ساڻس سومل ستينءَ سيج تي.

(1) س: هئي کنوڻين وانگي کيل

(2) ر: عقل اندازي اڪابر اڳري= الخ.

(3) ر: ٿي راند ڪري رانديل.

(4) رۡ ڪين ڪمايو.

(5) ر:... گندرا گجري اهڙي منڌ عاقيل.

(6) ر: هي آ جوڳي تيل ڦليل

(7) ر:  1. چاڙهي ۾ چؤڏيل، آندي منڌ مياڻيءَ ۾ 2. سا چاڙهيان ٿو چؤڏيل، اڄ آءٌ منڌ مياڻيءَ وچ ۾.

(1) ر: سي پڇي گهر پريٽ جو هوءَ ٿي خوشئون کينڪاري.

(1) پاتاري= اٻاڻڪي.

(2) ر: تان چئي: ڪانهي ڪا تر جيتري- الخ.

(3) اها ڪاري= اها ڪئي= ائين ڪيو.

(1) راوي محمد حسن لاشاري، ميرپورساڪرو.

(2) راوي محمد حسن لاشاري، ميرپورساڪرو.

(1) راوي محمد حسن لاشاري، ميرپورساڪرو.

(1) ر: اٿي وادين ۾ وءُ ڙي. وءُ= ونءَ وڃ.

(2) ر: ’جنهن تاهه تڳين تؤڙي، سو منزل معافي مير ڪندو‘. تؤڙي= تهه ڙي= توهه ڙي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org