سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :6

باب ٻيو

 

لس ٻيلي جون قومون ۽ قبيلا

 

لس ٻيلو قديم قومن ۽ قبيلن جو آماجگاه آهي. سڪندر يوناني جي وقت ۾، موجوده ڪراچي کان اولهه طرف لس ٻيلي جي حد ۾ ’آرايِي‘، ۽ ’اوريــــٖـتِي‘ ۽ ’گيدور‘ نالي قومون آباد هيون. سامونڊي ڪناري لڳ ماهي خور وسيل هئا. هن وقت جا گدور ۽ ميد نالا غالباً انهن قديم قومن جي نالن جو يادگار آهن. سامي نسل قبيلا به ڪنهن سمي اچي هن ملڪ ۾ آباد ٿيا، جن جي وسيلي ئي بي بي ’ناني‘ جي تڪيي جي آبياري ٿي. اسلام جي فتوحات سان عربي نسل جي قبيلن هن اراضي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. ان بعد نسبتاً ويجهي تاريخي دور ۾ هڪ طرفان سنڌ جي قومن ۽ ٻئي طرفان بلوچ قبيلن اچي لس کي وسايو ۽ ان کي سنڌ ۽ بلوچستان جي گڏيل تهذيب جو آئينو بنايو. موجوده دور ۾ لس ٻيلي ۾ آباد ٿيل سڀني قومن ۽ قبيلن جو بيان ڪرڻ مشڪل آهي، مگر ڪن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو، انهيءَ لاءِ ته اسان لس ٻيلي جي رهاڪن سان قدري روشناس ٿي سگهون.

سنڌ جي قومن آڳاٽي وقت کان وٺي لس ٻيلي کي پنهنجو وطن بنايو، بلڪ سنڌ جون قومون لس ٻيلي کان اڳتي وڌي وڃي بلوچستان جي ڪن علاقن ۾ پڻ آباد ٿيون ۽ اڄ تائين دودا، شاهوڪ، برباز (حسناڻي جي شاخ)، مردوئي، ساسولي، ڇُٽا، صابرا، موندرا، ٻُرا، ڄاموٽ، سيهان، آٿا، راهو، براديا، لنگها ۽ ٻيون سنڌي قومون خاص لس ٻيلي جي حدن اندر آباد آهن. ڪن زباني روايتن موجب لس جون سنڌي قومون ڄام هالي جي اولاد مان آهن، جنهن کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ ڏيرو ٻيو هوٿي. ڏيري مان موندرا ٿيا ۽ هوٿي مان صابرا، سينهان، ڇٽا وغيره ٿيا. اها روايت صحيح نه آهي ڇاڪاڻ جو ڄام هالي کان گهڻو اڳ سمن اچي لس ٻيلي کي وسايو هو.

بلوچ قومون پڻ لس ٻيلي ۾ ڪنهن آڳاٽي دور کان اچي آباد ٿيون. هن وقت بلوچن مان مئنگل، آڱاريا، راڌا، بنديچا، بزنجو، بڙدي، شهپات، موٽڪ، گبول، رند، ڪُوڪا وغيره قومون لس ۾ آباد آهن جن مان اڱاريا قوم تعداد ۾ نه رڳو بلوچن ۾ مگر لس جي مڙني قومن ۾ وڏي ۾ وڏي قوم آهي. لاکڙي ۾ سيد ۽ ڪَڙياڻي شيخ، اُٿل ۾ جيلاني پير ۽ اُٿل لڳ سنڌ جا ڳاڙهيا سيد آباد آهن.

لس ٻيلي ۾ ڪابه قوم زمين کان خالي ڪانهي، سڀ ڪنهن کي ڪجهه نه ڪجهه زمين آهي. وڏي زمينداري گونگن جي آهي. مينگل، ڄاموٽن ۽ ڇٽن وٽ مال گهڻو آهي. مينگل ۽ ڄاموٽ ٻئي جنگجو قومون آهن. ٻُرن ۽ ٻين قومن مان به وڏا بهادر ٿي گذريا آهن. ڪَڙياڻي شيخ لس ٻيلي جو فاقيرو ۽ درويش گهر آهي.

رونجها

سڀ کان اول جنهن سنڌي قوم لس ٻيلي ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، سي رونجها هئا. اٺين صدي هجري (چوڏهين صدي عيسوي) ۾ سنڌ اندر سمن جو عروج شروع ٿيو ۽ غالباً ساڳئي وقت لس ٻيلي ۾ رونجهن جو اقتدار شروع ٿيو. ’رونجهو‘ نالي سمو وڏي بخت وارو ٿيو ۽ سندس اولاد رونجها سڏجڻ لڳا. چون ٿا ته رونجهو پٽ چَپڙ جو هو. رونجهن مان سپڙ چوٽاڻي ٻيلي جو ڄام ٿيو. عام روايت موجب ڄام سپڙ، رونجهي جي ارڙهين پيڙهيءَ ۾ هو، سندس شجرو هن طرح آهي: ڄام سپڙ پٽ ڄام چوٽا پٽ ڄام جونا پٽ ڄام ٿاڻو پٽ ڄام پَٻو. ڄام پٻي جو اولاد ’پٻي پوٽا‘ سڏجڻ لڳا. شاعر نم سندن باري ۾ چيو ته، ”پَٻي پوٽا پڌرا، رونجها راڄ هئا.“ ڄام پٻي کان اڳتي رونجهن ڄامن جو شجرو هن طرح چيو وڃي ٿو: پٻو پٽ انڙ پٽ هالو پٽ وڪيو پٽ بيگ پٽ سر کنڊ پٽ ميراس پٽ سلطان پٽ ذوالقرن پٽ وزير پٽ باديڻ پٽ ڏيپار پٽ مُنگر پٽ راهو پٽ رونجهو. هن وقت رونجها خاص طرح ٻيلي جي شهر ۽ ان جي چوڌاري علاقي ۾ آباد آهن. ونگا، ڪُماچا، سِسي، کٻيڻا، ٻُريا، کِينئرا وغيره سندن پاڙا آهن.

گونگا

رونجهن کان پوءِ گونگن لس ٻيلي ۾ اقتدار حاصل ڪيو. گونگا هن وقت خاص ڪري لاکڙي واري علاقي ۾ آباد آهن ۽ سڄي لس ۾ وڏي زميندار قوم آهي. پيروز پوٽا، مُندراڻي، رئيس پوٽا، ڇڳير پوٽا وغيره سندن پاڙا آهن. هڪ روايت موجب[1] سندن وڏو ڏاڏو ’جهَلو‘ هو، جنهن کي ٽي پٽ ٿيا: پيروز، زومڪ ۽ ميران. پيروز جو اولاد پيروز پوٽا ٿيا. پيروز کي چار پٽ ٿيا: هڪ لڌو، جنهن جي اولاد مان معتبر لکمير، ٻيو رئيس جنهن جي اولاد مان معتبر سليمان، ٽيون آدم جنهن جي اولاد مان معتلر علُو عمراڻي ۽ چوٿون گهرام جنهن جي اولاد مان پريو عارباڻي. جهَلــٖـي جو ٻيو پٽ زومڪ، جنهن جي اولاد مان گهڻا پاڙا ٿيا. زومڪ کي چار پٽ ٿيا: هڪ سيٺار، ٻيو وَهريو، ٽيون الانو (الهڏنو) جنهن جي اولاد مان جمن دوسواڻي معتبر ۽ چوٿين پٽ جي اولاد مان مندفراڻي [مظفراڻي] ٿيا. جهلي جو ٽيون پٽ ميران جنهن مان ’ميران پوٽا‘ ٿيا: ميران جو هڪ پٽ سرمان جنهن جو پٽ زؤر جنهن مان معتبر جيِسفُ. ميران جو ٻيو پٽ بودر ۽ ٽيون پٽ موٽيو جنهن جي اولاد مان معتبر پريو.

نومڙيا: برفت

هي قوم سنڌ ۽ لس جي گڏيل قوم آهي. عام روايت آهي ته هي قوم سنڌ جي سمن جي نسل مان آهي: هن روايت موجب نومڙيا اصل ۾ سنڌ جي ونگي- ولاسيي[2] واري ڀاڱي جا سما آهن ۽ ’نهڙيا‘ ۽ ’نومڙيا‘ ساڳئي نسل مان آهن. چون ٿا ته گهڻو آڳاٽو ونگي- ولاسيي واري اراضي مان ’نوَ مڙس‘ سنڌ- بلوچستان جي ڪوهستاني علاقي ۾ آيا جتي اهي ’نهُه مرد‘ (نَوَ ڄڻا) ’نهُه مردي‘ برادري جا باني بنيا، جنهن کي پوءِ عام زبان ۾ ’نومَڙي‘ يا ’نومڙيا‘ ڪري سڏيو ويو. هڪ روايت موجب اهي نَو ڄڻا هي هئا: ڄام هوٿي جا پنج پٽ- عيسب، لالو، ٻُرو ۽ چائڙو ۽ شورو- هڪ غلام، هڪ ميراثي ۽ ٻه ٻيا ڄڻا. ٻي روايت موجب ڄام عيسب پنهنجي پيءُ ڄام هوٿي سان ناراض ٿي راڄ جا هيٺيان اَٺ ڄڻا ساڻ ڪري نڪتو: لولو، ٻُرو، ڄاڙو، پتڙ سورو، سنگهار، الهڏنو، شبان ۽ هڪ غلام.

چون ٿا ته اهي نَو ڄڻا اول بلوچستان جي حدن اندر اچي ويٺا جتي ’مَرک‘ نالي حاڪم کي عيسب ماريو. ان کان پوءِ لس ٻيلي ۾ آيا.[3] 18 صدي جي پوئين نصف ۾ هي سنڌ جي ڪوهستاني علاقي طرف آيا. انهيءَ علائقي جو حاڪم ’بارڻ‘ نالي چانگ هو جنهن جي نالي پويان هي علائقو ’بارڻ‘ سڏجڻ ۾ آيو. ڄام عيسب بارڻ چانگ کان اهو علائقو کسي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. 1.هه.[4]

ٻي روايت موجب مرک کي مارڻ کان پوءِ نَوَ ئي ڄڻا اچي ’رني ڪوٽ‘ واري علائقي ۾ ويٺا ۽ اتي ئي رهيا. پالارين جو وڏيرو ميراڻ پالاري به انهيءَ ماڳ ڌاري ساڻن مليو. ان وقت آري بدو سندن سردار هو ۽ سنڌ واري الهندي علائقي جو حاڪم دودو سورو هو. آري بدو دودي جو پٽ کڻي آيو جو ميراڻ موٽارائي ڏنو. انهيءَ تي دودي سوري مٿي بادشاه وٽ سفارش ڪئي ۽ آري بدو کي جاگير ملي.

تاريخي لحاظ سان معلوم ٿئي ٿو ته نومڙيا غالباً آڳاٽو سمن جي دور ۾ اچي سنڌ بلوچستان جي ڪوهستان واري ڀاڱي ۾ آباد ٿيا. شاهجهان بادشاهه جي دور ۾ نومڙيا هڪ طاقتور قوم هئي ۽ نيرن ڪوٽ (حيدرآباد) کان وٺي شاهه اويس[5] تائين (موجوده ڪوٽڙي ۽ مانجهند تعلقن جي) ٽڪر واري اراضي ۾ ڇانيل هئي[6] انهيءَ عرصي ۾ ٻيا گهڻا راڄ پڻ ’نومڙڪار‘ ۾ شامل ٿيا تان جو ’برفت‘ نومڙين جو سردار بنيو ۽ برفت راڄ کي هڪ جداگانه حيثيت حاصل ٿي. جيئن ته برفتن جو تعلق آڳاٽي دور کان وٺي بلوچ قبيلن سان رهيو، انهيءَ ڪري برفتن کي بلوچ قوم ڪري پڻ شمار ڪيو ويو.

برفت: ’برفت‘ بذات خود هڪ وڏي قوم آهي، جنهن تي اهو نالو سندن وڏي ڏاڏي برفت (بُوالفتح) تان پيو جو چون ٿا ته ڄام عيسب جو پٽ هو. روايتي نسبنامي موجب جنهن ۾ برفتن کي سمن ۾ شمار ڪيو ويو آهي، ڄام برفت جو شجرو هن طرح بيان ٿيل آهي: ڄام برفت پٽ ڄام عيسب پٽ ڄام هوٿي پٽ ڄام چنرو پٽ ڄام هوٿي پٽ ڄام هالو پٽ ساند پٽ رائڌڻ پٽ ڪاڪو پٽ سمو پٽ لاکو پٽ لاکيار پٽ اڍو پٽ اوڍار پٽ نهڙيو پٽ نوتيار پٽ جد پٽ جودار پٽ سمو پٽ جادم. ٻي روايت موجب ابوالفتح (برفت) بلوچستان جي سردارن مان هو، پر ’بارڻ‘ ۾ اچي نومڙين مان شادي ڪري سندن سرداري حاصل ڪيائين.

ڄام برفت جو اولاد ’برفت‘ سڏجڻ لڳو. وقت گذرڻ سان ٻيا راڄ به ساڻن ڀيڙا ٿيا ۽ اهڙي طرح ’بوف‘ يا ’برفت ڪار‘ جو دائرو به وسيع ٿيو. نسبنامي جي هڪ روايت گهڻن راڄن کي ’برفت‘ جي اولاد ۾ شمار ڪري ٿي، پر خاطري سان چئي نٿو سگهجي ته اها ڪيتري قدر صحيح آهي. هن روايت موجب ڄام برفت کي ڇهه پٽ ٿيا: همرڪ، ڪارو، ڏيڻ، موچي، هميرڪو ۽ شاهو. ’ڪاري‘ جي اولاد مان ’عاقلاڻي‘ آهن؛ ڏيڻ جو اولاد ڏيڻراڻي[7] ٿيا: موچي جي اولاد مان ’موچيجا‘ آهن؛ هميرڪو جي اولاد مان ’هميرڪا‘ ٿيا جي پوءِ جوکين سان گڏيا؛ شاهو جي اولاد مان ’شاهوڪ‘ ٿيا جي لس ۾ آباد آهن.

ڄام برفت کان پوءِ ڄام هميرڪ تي پڳ آئي، جنهن کي چون ٿا ته نَو پٽ ٿيا: وڏو ڄام مڙجوڪ جنهن تي پڳ آئي ۽ سڀني کان ننڍو مهندو جنهن جي پٽ حسن جي پيڙهي مان گهڻو اولاد ٿيو. حسن جي پٽن مان هڪ ’الاڻ‘ جنهن جو اولاد نوري- پوٽا حسناڻي؛ ٻيو سجوٽو (يا سينهوٽو) جنهن جو اولاد قندراڻي حسناڻي؛ ٽيو مانڊڙو جنهن جو اولاد مانڊڙا حسناڻي لس ۾ آباد آهن؛ چوٿون سڄڻ جنهن جو اولاد ساهڪ پوٽا (سحاق- پوٽا يعني اسحاق پوٽا) حسناڻي جي بارڻ جي علائقي ۾ آباد آهن.

ڄام مڙجوڪ جنهن تي پڳ آئي سو برفتن ۾ نالي وارو سردار ٿيو. هن چوويهه پاٿُــرُو (يعني چوويهن علائقن جا سردار) پاڻ سان ڀيڙا ڪيا. ڄام مڙجوڪ جي وفات کان پوءِ پڳ سندس پٽ ڄام باديڻ (يا باديڻ يعني بهاؤالدين) تي آئي جنهن کان پوءِ سرداري سندس پٽ ڄام آري بدو کي ملي، جنهن جي اولاد مان چون ٿا ته موسيٰ ۽ ساسولي آهن جي قلات جي علائقي ۾ آباد آهن.

”ڄام آري،“ ”آري بدو“ جي نالي سان مشهور ٿيو. شايد ”بدو“ کيس انهيءَ ڪري سڏيائون جو هو بدوئن وانگر پهاڙن ۾ رهڻ لڳو ۽ اتان لشڪر وٺي سنڌ جي آباد اراضي کي ڦرڻ لڳو. اهو اطلاع جڏهن دهلي جي مغل بادشاهه وٽ پهتو ته کانئس پڇا ٿي ته ڇوٿو ڦرلٽ ڪرين؟ چيائين ته لاچار گذران لاءِ ٿو ڪريان. انهيءَ تي سنڌ واري اراضي (غالبًا موجوده ڪوٽڙي۽ ٺٽي تعلقي) جو چوٿون حصو کيس جاگير ٿي مليو. اتي جون ٻه قومون شورا ۽ منو پسايو ساڻس ڀيڙيون ٿيون ۽ اڄ تائين برفتن جا ڀائر آهن.

ڄام آري بدو کي چار پٽ ٿيا: لهار، حمل، ٻاٻڙو ۽ باديڻ. ڄام لهار فقير ٿيو ۽ پڳ سندس ڀاءُ حمل تي آئي. حمل جي ڀاءُ ٻاٻڙي جدا پڳ ٻڌي. ڄام حمل جي اولاد مان حملاڻي برفت ٿيا؛ ڄام لهار (جنهن جو پٽ خليفو يا حڪيم) ۽ سندس اولاد مان لهاراڻي برفت ٿيا جي تونگ ۾ آباد آهن؛ ٻاٻڙي جي اولاد مان ’ٻاٻڙا‘ ٿيا ۽ باديڻ جي اولاد چون ٿا ته مُردوئي آهن جي قلات طرف رهن ٿا ۽ هينئر مينگل قوم ۾ شامل آهن.[8]

ڄام حمل کي ٽي پٽ ٿيا: پهريون ڄام مڙجوڪ جنهن تي پڳ آئي، ٻيو اوٿمان (عثمان) ۽ ٽيو چاڳلو. اوٿمان کي چار پٽ ٿيا: وليداد، حاجي خان، ديگي خان (يا ديڳي خان) ۽ سريو خان. وليداد جي اولاد مان اوٿماڻي پوٽا، جي لس ۽ بارڻ ۾ آباد آهن؛ حاجي خان جي اولاد مان ڪي ’بارڻ‘ ۾ رهن ۽ باقي (فقير محمد جو اولاد) ’نار وار‘ بيزنجو حملاڻي سڏائين. ديگي خان جي اولاد مان ڌڻيناڻي، جيئند پوٽا ۽ پنيلڌياڻي آهن جي بارڻ ۾ آباد آهن. سريي خان جو اولاد مڪران وارا حسناڻي آهن؛ چاڳلي جي اولاد مان چاڳلاڻي پوٽا حملاڻي جي بارڻ ۾ رهن ٿا.

ڄام مڙجوڪ وڏي همت ۽ حوصلي وارو هو ۽ وڏي عمر ٿيس ۽ گهڻي وقت تائين سرداري ڪيائين. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ ڄام کِيو سردار ٿيو، جنهن کان پوءِ سندس پٽ ڄام مڙجوڪ (ٽيو) تي پڳ آئي. ان کان پوءِ سندس پٽ ڄام مريد سردار ٿيو ۽ ڄام مريد کان پوءِ پٽس ڄام ڪانڀو تي پڳ آئي. هي وڏي همت وارو هو ۽ هن به ڄام آري بدو وانگر سنڌ طرف ڦرلٽ مچائي جنهن تي دهلي ۾ نظربند ٿيو. بالاخر بادشاهه طرفان سندس گناهه معاف ٿيو ۽ کيس سنڌ واري علائقي (غالباً تعلقي ڪوٽڙي) مان ٽيو حصو جاگير ۽ پڻ ’مَلڪ‘ جو خطاب مليو. اهڙي طرح ’مَلڪ‘ جو خطاب ڄام ڪانڀو کان شروع ٿيو؛ اڳيان سردار ’ڄام‘ سڏيا هئا. ملڪ ڄام ڪانڀو کي ٻه پٽ ٿيا: ملڪ نوردين جيڪو پڳ تي ويٺو ۽ بهدي خان جنهن جو اولاد بهدياڻي ۽ سينڌلاڻي بارڻ ۾ آباد آهن.

ملڪ نوردين کان پوءِ پٽس ملڪ پهاڙ خان پڳ تي ويٺو، جو وڏي بخت ۽ طالع وارو هو. تنهن ٺٽي جي نواب (الف خان يا لطيف خان) کي ماريو جنهن تي کيس دهلي گهرايو ويو پر بادشاهه سندس عرضداشت ٻڌي کيس معافي ڏني ۽ پڻ ڪوهستان جو ملڪ هميشـﮧ لاءِ سندس حوالي ڪيو. باب پهرئين هيٺ بيان ٿي چڪو آهي ته ملڪ پهاڙ خان، گونگن کان لس ٻيلو کسي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. ملڪ پهاڙ خان کي هڪ پٽ عزت خان ٿيو جو ستن مهينن جو هو ته پهاڙ خان وفات ڪئي سندس مقبري جو گنبذ ٻيلي جي علائقي ۾ ’پير ٽيهارو‘ جي مقام ۾ موجود آهي.

حملاڻي ۽ ٻاٻڙا: ڄام آري بدو کان پوءِ برفتن ۾ پڳون ٿيون: ڄام آري جي وڏي پٽ ڄام لهار جڏهن سرداري ڇڏي فقيري اختيار ڪئي، ته سندس ننڍن ڀائرن مان حمل ۽ ٻاٻڙي ٻنهي پڳ ٻڌي ۽ اهڙي طرح حملاڻين جي پڳ جدا ۽ ٻاٻڙن جي پڳ جدا ٿي.

حملاڻين جي سرداري: حملاڻين جي پڳن ۽ ڄامن جو ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون ته حملاڻي ڄام بالاخر ’مَلڪ‘ ٿيا ۽ مَلڪ پهاڙ خان لس ٻيلي ۽ بارڻ جو حڪمران ٿيو. سندس گهر ۾ خاتون چاڳلي ڀُتاڻي هئي جنهن جي پيٽان عزت خان ڄائو. عزت خان اڃا ستن مهينن جو هو جو ملڪ پهاڙ خان وفات ڪئي ۽ ملڪ جون واڳون خاتون چاڳلي سنڀاليون. وڏي همت ۽ حوصلي سان حڪومت هلايائين پر سردار سندس حڪمراني سهي نه سگهيا ۽ بالاخر ڪَنراچ جي ڪؤنريجي ڄام عالي لس ٻيلي تي قبضو ڪيو. خاتون چاڳلي پنهنجي صغير پٽ سان لس ٻيلي مان نڪري اچي بارڻ واري جاگير (ڪوٽڙي) ۾ رهي ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. عزت خان جيستائين وڏو ٿيو تيستائين ملير جي جوکين ڄام بجار جي سرداري هيٺ زور ورتو ۽ آخرڪار اونگر طرف مَلڪن جي ”سيري واري جاگير“ تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. عزت خان، قلات جي خان وٽ مدد لاءِ ويو سندس غير حاضري ۾ لس جي ڄام عالي جوکين جي مدد ۾ اونگر تي چڙهائي ڪئي. ان وقت حملاڻين مان عزت خان جا عزيز (؟) ۽ همت وارا سردار دريا خان ۽ جنگي خان ۽ سندن ڀاڻيجا مرزان ۽ ديگي هئا جي اونگر واري جنگ ۾ ماريا: شايد ’سيري جي جاگير‘ به کسجي وئي ۽ اهڙي طرح حملاڻي ملڪن جي سردار جو دائرو محدود ٿي ويو ۽ ”مَلڪ“ جو خطاب به رسمي بنجي ويو. اهو ڪلهوڙن جو دور هو. ملڪ عزت خان کان پوءِ سندس پٽ ملڪ صوبدار خان پڳدار ٿيو جنهن کي ٽالپر اميرن وڏي عزت ڏني ۽ سندس درجو بلند ٿيو. صوبدار خان هڪ شادي سوڍن مان ڪئي جنهن مان کيس هڪ پٽ نهد خان ٿيو؛ سندس ٻي شادي سردار ڀُوت ڀوتاڻي جي نياڻي بي بي سوني سان ٿي جنهن مان کيس احمد خان، محمد خان ۽ ٻيا پٽ ٿيا. پڳ ملڪ احمد خان تي آئي جنهن کي ٽي پٽ ٿيا؛ صوبدار خان، پهاڙ خان ۽ عزت خان. ملڪ صوبدار خان پڳدار ٿيو. پهاڙ خان کي ٽي پٽ ٿيا؛ ميرداد، عيسيٰ خان ۽ عيسب خان، جن مان ميرداد کي هڪ پٽ ابراهيم ٿيو ۽ باقي ٻه ڀائر لاولد گذاري ويا. عزت کي ٻه پٽ امين خان ۽ رحيم خان ٿيا. ملڪ صوبدار خان جي گهر ۾ ڄام مير خان (ثاني) جي ڀيڻ هئي جنهن مان کيس هڪ پٽ ملڪ سردار خان ٿيو جنهن جو پٽ ملڪ صوبدار خان هو جنهن 11 سيپٽمبر 1922ع تي وفات ڪئي. کيس چار پٽ ٿيا: سردار خان، علي احمد خان، انور خان ۽ نور محمد خان، جن مان پڳ ملڪ سردار خان تي آئي جنهن جو پٽ ملڪ سڪندر خان هن وقت تائين سڀني برفتن قبيلن ۽ راڄن جو پڳدار آهي ۽ نئين ماحول سان نباهي رهيو آهي.

بارڻ ۾ حملاڻين جي سرداري ۾ اصل هيٺيان قبيلا شامل هئا: حملاڻي، عاقلاڻي، لوهاراڻي، لالاڻي، موسيٰ، سُونهڻيرا، نياڙي، ڇورا، ٻُرا، ڪانڙا، بنڀرا، ڪاڇيلا، بانگهوريا، گجڻ، لوٽاري، رونجها ۽ شودا. انهن کان سواءِ هيٺيان راڄ پڻ ساڻن ڀيرا هئا: چانگ، بروهي، دل، شورا، گاهيِچا، هيڙها، ٽؤنگل، سما ۽ خاصخيلي.

ٻاپڙين جي سرداري: ڄام ٻاٻڙو پهريون سردار هو جنهن کان پوءِ سندس پٽ (يا اولاد مان) ڄام تماري (يا تهاري) تي پڳ آئي جنهن جي اولاد مان بولا خان (بن صفر بند دودن بن بهادر بن ٻاپڙو بن ڄام تماري) بخٽ ۽ اقبال وارو ٿيو ۽ کيس ’ملڪ‘ جو خطاب مليو. ملڪ بولا خان جو پٽ حيدر خان جنهن کي ٻه پٽ ٿيا: هارون خان ۽ ملڪ بولا خان (ٻيو). ملڪ بولا خان کي ٻه پٽ ٿيا: جيئند خان (لاولد) ۽ سالار خان جنهن جو پٽ سالار خان ٿيو. سالار خان جو پٽ بولا خان جنهن جو پٽ علي بخش.

ٻاپڙين جي پڳ سان اصل ۾ هيٺيان قبيلا هئا: ٻاپڙا، پالاري، حَماتي، ٽينگيا، تارا، هيلايا، ٻٻر، بحراڻي (بلوچ) ۽ گندرا. انهن قبيلن کان سواءِ هيٺيان راڄ ساڻن ڀيڙا هئا: جاکرا، سومرا، آٺا، کڏائي ۽ خاصخيلي. ملڪ بولا خان جي وفات کان پوءِ ٻاپڙين جي جدا پڳ ختم ٿي ۽ پڳداري يڪي حملاڻين ۾ آئي ۽ هن وقت ملڪ سڪندر خان پڳدار آهي.

ڄام گهراڻو

اسان اڳ چئي آيا آهيون ته لس ٻيلي جا ڄام غالباً ڪؤنريجا آهن ۽ ڪؤنريجا سنڌ جي سمن جي هڪ شاخ آهن. خانداني روايت موجب سندن شجرو هن طرح معلوم ٿئي ٿو. ڄام عالي کٿوريو ۽ ڄام ڍاڳر (يا ڊگار) جنهن کي رونجهن ماريو، سي ٻئي ڀاءُ ۽ پٽ ڄام ربني (ربڏني) جا هئا. شهر ٻيلي جي اتر طرف ڄامن جي قبرستان ۾ پنج قبرون پٿر جون لاڳيتيون بيٺل آهن جن مان اولهه طرف کان پهرين قبر ڄام عالي جي، ٻي سندس ڀاءُ ڄام ڍاڳر[9] جي، ٽي ڄام دودي جي، چوٿين ڄام جنگي خان ۽ پنجين بنا نالي آهي. شايد ڄام عالي، ڄام ڍاڳر، ڄام دودو ۽ ڄام جنگي چارئي ڀائر هئا. ڄام ربني جي پيڙهي مٿي هن طرح ڄاڻايل آهي: ڄام ربنو پٽ ڄام لالا پٽ ڄام دُرو پٽ ڄام الله ڏنو پٽ ڄام دُرو پٽ ڄام عالي (وڏو) پٽ ڄام ڍاڳر پٽ ڄام صديق پٽ ڄام آرادين جنهن کي جهانگير بادشاهه جي دور ۾ شڪست ملي ۽ هو لس ۽ ڪنراچ ڏانهن ڀڄي آيو جتي کيس ڄام صديق ڄائو. ان جي معنيٰ ته ان وقت ڄام آرادين سنڌ جي سرحد اندر پنهنجي قبيلي جو ڄام هو، جتان مغلن جي فوجن سان مقابلو ڪري لس ڏانهن آيو.

ڄام آرادين جي پيڙهي مٿي هن طرح روايت ٿيل آهي: ڄام آرادين پٽ ڄام آريسر پٽ ڄام ميهر پٽ ڄام آرادين پٽ ڄام صديق پٽ ڄام خيرو پٽ ڄام تماچي پٽ ڄام جيسر پٽ ڄام مير خان پٽ ڄام هوت پٽ ڄام احمد پٽ ڄام ڪاهو پٽ ڄام ميهر پٽ ڄام واچو پٽ ڄام پنهون پٽ ڄام پار پيو پٽ ڄام ساهو پٽ ڄام خيرو جرار. روايت موجب ڄام خيري جرار کي سومرن تخت تان لاهي ڇڏيو پر سندس پٽ ڄام ساهو وري سنڌ ورتي.

ڄام خيري جرار جي پيڙهي مٿي هن ريت ملي ٿي: ڄام خيرو جرار پٽ ڄام دَلُوا پٽ ڄام ڪاهُو پٽ ڄام سِيَرو (يا سيهڙ جو ناصر الدين قباچـﮧ جي عهد ۾ هو) پٽ ڄام دميئل پٽ ڄام ٺارو پٽ ڄام جيسر پٽ ڄام جوڙو پٽ باهو پٽ مهراڻ. ڄام جوڙي پهريائين سومرن کان سنڌ ورتي. مهراڻ هن قبيلي جو پهريون وڏو ڏاڏو هو جنهن اسلام قبول ڪيو.

شاهه بلاول جا صدقياڻي خليفا

شاهه بلاول نوراني اٽڪل نائين صدي هجري ۾ هن ملڪ ۾ آيو ۽ پٻ جبل جي لاهوت مڪان ۾ عبادت لاءِ سڪونت اختيار ڪيائين. لاهوت علائقي جي پکيڙ ٻارنهن ميل ڊگهي ۽ ٻارنهن ميل ويڪري آهي. شاهه بلاول کان پوءِ هن مڪان تي سندس خليفن جو قبضو رهيو. هي علائقو خانقاهه ۽ زيارتگاهه هئڻ سبب هر قسم جي محصول کان آزاد آهي. ڪنهن به حاڪم هن تي محصول ڪونه وڌو. خانقاهه جي پيدائش جا ٽي حصا صِدقياڻي ۽ ٻه حصا مَزاراڻي ورهائي کڻڻ لڳا. صدقياڻي خليفن جو شجرو هن ريت آهي:

صدقي اول: چون ٿا ته هي ”صدر“ يا ”صدقعلي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. تنهن کي هڪ پٽ سائينداد ٿيو. سائينداد کي ٻه پٽ ٿيا: مدار شاهه ۽ مزار. سندن اولاد هيٺين ريت ٿيو:

مدار شاهه جو اولاد: هن کي هڪ پٽ صدقي نالي ٿيو، تنهن کي چار پٽ ٿيا: رحيم خان، مدار شاهه، علي بخش ۽ عيسپ. رحيم خان (پٽ صدقي) کي هڪ پٽ صدقي ۽ هڪ ڌيءَ ٿي. صدقي (پٽ رحيم خان) کي ٻه پٽ ٿيا: هڪ قيصر خان، جنهن جو پٽ عبدالرسول ۽ ٻيو جان محمد جو لاولد گذريو. مدار شاهه (پٽ صدقي) کي ٻه پٽ ٿيا: جمن ۽ جعفر خان. جمن کي ٽي پٽ ٿيا: مدار شاهه، علي بخش ۽ عيسپ.

مزار جو اولاد: مزار کي چار پٽ ٿيا: محمد علي، مٺا خان، سائينداد ۽ ڪرم شاهه. (1) محمد علي جو پٽ ڌڻي بخش لاولد گذريو. (2) مٺا خان کي ٻه نياڻيون ۽ پنج پٽ ٿيا: نور محمد (لاولد)، دين محمد ۽ حاجي، دوست محمد جو پٽ مٺا خان ۽ صالح محمد جو شفيع محمد. (3) سائينداد (پٽ مزار) کي ٻه پٽ ٿيا: مزار ۽ امام بخش (وفات مئي 1930ع) ڪرم شاهه کي ٽي ڌيئرون ۽ هڪ پٽ الهه بخش، جنهن جا ٽي پٽ: تاج محمد، ڪرم شاهه ۽ جنگي خان.

مانڊڙا

مانڊڙا لس ٻيلي ۾ ڪيترن ئي مڪانن ۾ آباد آهن. چون ٿا ته ڄام دينار گونگي جي وقت کان وٺي مانڊڙا اچي لس ٻيلي ۾ آباد ٿيا ۽ کين زمينون ۽ ’معافيون‘ مليون جي اڄ تائين سندن قبضي ۾ آهن. ڄام دينار جي وقت ۾ سندن سردار ’زهرو‘ هو. ڄام دينار، مريد ٻُري ۽ زهرو جي وچ ۾ صلح ڪرايو ۽ اٿل ۾ کَرهُڙي واري زمين ٻنهي کي ورهائي ڏني. ان کان پوءِ مانڊڙا ٻُرن جا ڀائر ٿي رهيا. گوندر، سُور، صابرا ۽ آچرا به مانڊڙن جا راڄ آهن.

مانڊڙن جا گهڻا پاڙا آهن جن مان هيٺيان مشهور آهن: الهداداڻي، عارباڻي، بيگاڻي، ايلاڻي، حسن، پٺاڻ، چيٽو، زهراڻي، حاجاڻي، بهراڻي ۽ خورم. سندن خاص علائقو اٿل آهي ۽ سندن سردار قنبراڻي پاڙي مان آهي. سندن وڏو ڏاڏو مانڊڙو يا منڊڙه نالي هو جنهن جي پيڙهي هڪ روايت موجب هن طرح آهي ته: مانڊڙو پٽ حسن پٽ مهندو پٽ همرڪ پٽ ڄام برفت پٽ ڄام عيسب پٽ ڄام هوٿي. ٻي روايت موجب چون ٿا ته مانڊڙو پٽ همرڪ جو هو. مانڊڙي کي ٻه پٽ ٿيا: هارون ۽ حسن جن کي هيٺينءَ ريت اولاد ٿيو:

(1) اولاد هارون جو: هارون جو پٽ بير، تنهن جو پٽ منڊو، تنهن جو پٽ الهيار، تنهن جو پٽ ننگر، تنهن جو پٽ ندام تنهن جو پٽ هارون، تنهن جو پٽ الهيار، تنهن جو پٽ ايوب، تنهن جو پٽ زهرو، تنهن جو پٽ بنگالي، تنهن جو پٽ هارون، تنهن جو پٽ بيگ، تنهن جو پٽ ايوب.

ايوب کي ٽي پٽ ٿيا: الهيار، عارب ۽ زهرو. الهيار کي چار پٽ ٿيا: ايلو، بيگ، الهداد ۽ ننگر. ايلو جو پٽ گاجي، تنهن جو پٽ الهيار، تنهن جو پٽ الانو [الله ڏنو] معتبر. بيگ جو پٽ عظيم خان، تنهن جو پٽ الياس. الهداد جو پٽ قنبر، تنهن جو پٽ الهداد، تنهن جو پٽ قنبر، تنهن جو پٽ الانو. ننگر کي ٽي پٽ ٿيا: حسن، ڇٽو ۽ هڪ ٻيو جن مان فقط حسن کي اولاد ٿيو. حسن جو پٽ ڪاپڙي، تنهن جو پٽ علو، تنهن جو پٽ مٺو، تنهن جو پٽ علو، تنهن جو پٽ مڱيلڌو، تنهن جو پٽ جمعو. ايوب جي پٽ عارب جو پٽ خيرو، تنهن جو پٽ لعل خان، تنهن جو پٽ تاجو، تنهن جو پٽ جنيد. ايوب جي پٽ زهرو کي چار پٽ ٿيا: بير، جنگلي، حاجي ۽ خورم. جنگلي جو پٽ وريو، تنهن جو پٽ سمبڪ، تنهن جو پٽ وريو، تنهن جو پٽ الله بخش (معتبر). زهرو جي پٽ حاجي جو پٽ ڀنڀو، تنهن جو پٽ بادار، تنهن جو پٽ چاڪر، تنهن جو پٽ جونس، تنهن جو پٽ عبدالله، تنهن جو پٽ عثمان.

(2)    اولاد حسن جو: حسن جو پٽ ورڻو، تنهن جو پٽ موسو، تنهن جو پٽ ورڻو، تنهن جو پٽ حسن، تنهن جو پٽ موسو، تنهن جو پٽ خورم، تنهن جو پٽ صالح، تنهن جو پٽ سومار.

صابرا[10]

هڪ روايت موجب هي قوم سومرن جي شاخ آهي ۽ سندن وڏو ڏاڏو خواوڙ مٿي پيڙهيءَ ۾ سنڌ جي سومري حاڪم ڏونگر راءِ سان گڏجي ٿو. لس ٻيلي ۾ صابرن جو خاص ماڳ پِپراڻي (علاقو اٿل) آهي. لس ٻيلي کان ٻاهر صابرا سراوان، جهالاوان، ڪوهياري ۽ باغبان طرف پڻ رهن ٿا.

لس ۾ صابرا مانڊڙن جو راڄ آهي ۽ سندن هيٺيان پاڙا لس ٻيلي ۾ پپراني، رونبل وغيره ماڳن تي رهن ٿا: آريء پوٽا (معتبر فيضو)، ڳاڙهي پوٽا (معتبر اُڪُو)، موتي پوٽا (معتبر مصري ملان)، حسن پوٽا (معتبر يعقوب)، موندر پوٽا (معتبر دري خان)، الياساڻي، مُٽڪاڻي، جکري پوٽا ۽ مَهُومياه.

سايُون نالي صابرو آڳاٽو مشهور ٿيو. هو گونگن سان مددگار ٿيو ۽ ڏيــــٖـڏيٖ گونگي سان گڏجي شهر ٻيلي ۾ جاسوسي لاءِ ويو، جتي ڏيڏي، حاجي سنگر رونجهي حاڪم کي بندوق سان ماريو. جڏهن ڄام دينار گونگو حاڪم ٿيو تڏهن ’اَمن‘ نالي صابري کي زمينون ۽ معافيون ڏنائين جن تي اڄ ڏينهن تائين صابرا قابض آهن.

آچرا

سندن خاص بستيون پپِري ۽ وايارو (علائقو اُٿل) آهن. آچرا مانڊڙن جو راڄ آهن.

وڇاڻي

وَڇاڻين جو خاص ماڳ ڪاٺوڙ آهي. وڇاڻي ٻُرن جي برادري ۾ شامل آهن.

اڱاريا

هي بلوچ قوم آهي ۽ لس ٻيلي جي قومن مان تعداد ۾ سڀ کان وڏي قوم آهي. لاکڙي ۽ لياري جي علائقن ۾ لاکڙو، هاڙهو، ٻوهار، ڊِگهو، کُڙڪيرو، ڦور ۽ هِڱور اڱارين جون خاص بستيون آهن. اڱارين مان هڪڙا ”ذگري“ فرقي ۾ شامل آهن ۽ ٻيا سُني مسلمان آهن. ’راڌا‘ سندن سردار گهر آهن.

اڱاريا ڪلمتي بلوچن جو هڪ قبيلو آهن. سندن وڏو مَلڪ طوطو ڪرمتي هو جنهن کي ٻه پٽ ٿيا: راڌو ۽ سومار راڌي جو اولاد جيڪو سنڌ ۾ سڪونت پذير آهي، سو پڻ پهريائين لس ۾ رهندو هو. لس جي هيٺئين ڀاڱي ۾ ”گهاڙيون“ يا پٿر جون منقش قبرون ڪلمتي بلوچن جي قبيلي جي آڳاٽين بستين جون يادگار آهن. اڪثر ’گهاڙين‘ تي بلوچ بهادرن جا نالا ۽ گهوڙا اُڪريل آهن. راڌي جي اولاد مان سنڌ ۾ ’مَلڪ‘ آهن جي ميرپور ساڪري ۾ ”راڄ ملڪ“ ۾ رهن ٿا ۽ ٻيا جاتي وارا مَلڪ آهن جي جَت قبيلن جا سردار آهن.

سومار اڱاريي جو اولاد: سومار جو پٽ حسن، تنهن جو پٽ جيِسُف، تنهن جو پٽ سونيون، تنهن جو پٽ حسن، تنهن جو پٽ راڌو. راڌي کي ڇهه پٽ ٿيا: مغل (جنهن جو اولاد سنڌ ۾ آهي)، پٺاڻ، دادو، ميراڻ، پنيو ۽ ملان محمود. پٺاڻ جو پٽ احمد، تنهن جو پٽ شڪو، تنهن جو پٽ باجو، تنهن جو پٽ قطب، تنهن جو پٽ ڪمال، تنهن جو پٽ وَڻويِر، تنهن جو پٽ دُرو. دري کي ٻه پٽ ٿيا: بهرام ۽ وڻيور. بهرام جو پٽ ميراڻ، تنهن جو پٽ موسو، تنهن جو پٽ روزي، تنهن جو پٽ سوکي، تنهن جو پٽ براد، تنهن جو پٽ رونهمان، تنهن جو پٽ براد (معتبر). وڻوير (پٽ درو) جو پٽ عيسپ، تنهن جو پٽ وڻوير، تنهن جو پٽ سايون، تنهن جو پٽ صاحبنو، تنهن جو پٽ موريو، تنهن جو پٽ اشرف، تنهن جو پٽ عالي. عالي کي ٻه پٽ ٿيا: ابرام ۽ فقير. ابرام جو پٽ عالي، تنهن جو پٽ ابرام ٿيو، فقير جو پٽ دريا خان، جنهن کي ٻه پٽ بچل ۽ يعقوب خان ٿيا ۽ هڪ ڌيء مائي گاجان نالي ٿي. يعقوب خان جو پٽ صفر خان (سردار) ٿيو.


[1] راوي اوٿمان اڱاريو.

[2] موجوده حيدرآباد ضلعي ۾ ٽنڊي باگي ۽ بدين تعلقن جون اراضيون.

[3] هڪ روايت موجب ان وقت ڄام دينار حڪمران هو ۽ ڄام عيسب سندس نياڻي سان شادي ڪئي جنهن مان ڄام برفت ڄائو. پر اها روايت تاريخي اعتبار کان صحيح نه آهي.

[4] ٻي روايت موجب کوسن سان سندن جنگيون ٿيون.

[5] شاهه اويس اولياء، جو مانجهندن جي سامهون ڏکڻ طرف ٽڪرن تي مدفون آهي.

[6] مظهر شاهجهاني.

[7] ٻي روايت موجب ”ڏيڻ“ جو اولاد ”ڏوهر“ آهن.

[8] موجوده سردار عطا محمد پٽ مشور خان پٽ صفر خان پٽ سومار خان پٽ سمند خان پٽ شير خان پٽ لشڪر خان پٽ مزار پٽ يعقوب پٽ فيروز پٽ باديڻ.

[9] هن قبر تي نالي مان فقط ”ڄام ڌا.....“ جا اکر چٽا بيٺل آهن: پڻ هي نالو عام طرح سان ’ڊ گار‘ مشهور آهي جو اصل ۾ غالباً ’ڌاڳر‘ يا ’ڍاڳر‘ آهي. قبرستان ۾ ڄام غلام شاهه ولد ڄام عالي جي قبر تي سال وفات سنه 1190 هه لکيل آهي.

[10] راوي معتبر مٺو پٽ ميران پٽ عمر پٽ شير خان پٽ محمد پٽ شير خان پٽ محمد پٽ ابروچ پٽ پيرداد پٽ باجو پٽ ديگي پٽ آريسر (جو مقام گدراوت ۾ قتل ٿي دفن ٿيو) پٽ موندرو پٽ ڀريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org