سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو ٻڍل فقير رحه

صفحو :2

 

 

مهاڳ

 

ٻُڍل فقير جي مختصر سوانح

سنڌ ڌرتي پنهنجي سيني تي اهڙين شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن جي خوشبوءِ وَڻ وَڻ واسي ڇڏيو آهي ۽ پيشوا ۽ رهبر بڻجي ڀٽڪيل ۽ زنگيل ذهنن جي نئين سِر اصلاح ڪري سُواٽ سونهائين.

اهڙو سلطاني سهاڳ ماڻيندڙ مرد شڪارپور شهر کان ڏهه ڪلوميٽر اتر، شهيد الله بخش اسٽيشن (لوڊرا) کان چار ڪلوميٽر سر  اوڀر تي بخشي انڙ جي بَستي (هينئر درگاهه ٻڍل فقير) ۾ 1865ع ۾ فقير عبدالواسع اُنڙ جي گهر ۾ تولد ٿيو.[1]

عبدالواسع جنهن کي عام ماڻهو وَسيو پڪاريندا هئا، تنهن درويش جي دُعا سان مليل پٽ جو نالو ٻُڍو (پوڙهو- پيرسن) رکيو. پيار وچان (اسم تصغير جي صورت ۾) ٻڍل يا ٻڍڙو ڪري سڏيو ويندو هو. فقير پاڻ به شاعريءَ ۾ اهي ٽيئي نالا ڪتب آندا آهن.

 

ٻڍل فقير جو ننڍپڻ ۽ جواني

عبدالواسع جو سڪيلڌو موڀي پٽ جڏهن پڙهڻ جهڙو ٿيو ته مائٽن تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، پر پاڻ ظاهري علم حاصل ڪرڻ کان نابري واري ويٺو، سندس والد سڳوري ڀانيو ته:

اَندر جا اَندوهَه- لَٿا ڏک، سُک ٿيا. (شاهه)

پر بندي جي مَن ۾ هڪڙي، صاحب جي مَن ٻي. مائٽن جون اُميدون راس نه آيون، ڇو ته،

”لوڪ وَهي لهوارو- هي هَلي اوڀارو“

جي مصداق هن پنهنجي زندگيءَ جو آغاز آزاد ماحول، آزاد سوچ ۽ فڪر سان ڪيو ۽ ماحول جي روايتن جي سراسر ابتڙ سندس اهڙو عمل ان وقت جي سطحي ماڻهن کي سمجهه ۾ نه آيو، پوءِ کڻي ڪِن چيو ته، مورڳو ’مجنون‘ آهي، ڪن چيو ته سودائي يا جنات جو اثر اَٿس. مطلب ته ساري لوڪ جون لهواريون ۽ اوڀاريون ڳالهيون هُلڻ لڳيون، پوءِ ڪڏهن پيرن ۽ فقيرن تي چَڙا وڄايائون، ڪڏهن آڪڙا وجهي آڱريون ڀڳائون، ڪڏهن حڪيمن ۽ ويڄن وٽ وڃي ذهني علاج ڪرايائون، پر هنن جون سموريون تدبيرون راس نه آيون. پر انهن جي اُبتڙ هن فقير پنهنجي نرالي طبيعت/ فطرت تي قائم رهندي، نبين جي سنت طور مال چارڻ شروع ڪيو. جنهن حيوانن تي رحم کاڌو ۽ انهن جو هر جاءِ تي خاطر خواهه خيال رکيو، ته اهو انسانن جو اڃا وڌيڪ رهبر ۽ هڏڏوکي ثابت ٿيندو آهي.

اهڙيءَ سادگيءَ ۽ فڪر جي آزاد زندگيءَ کي پسند ڪندي ٻڍل فقير مال چارڻ کي وڌيڪ اهميت ڏني. مطلب ته سندس شروعاتي زندگي مستيءَ جي عالم ۾ گوشائي گذري. وقتي ته سڄو ڏينهن سانت ۽ چپ چاپ ۾ گذرندو هوس.

 

شاعريءَ جي شروعات

ٻڍل فقير کي مائٽ درگاهه پير ڳوٺ جي ٽئين گادي نشين پير حذب الله شاهه راشدي تخت ڌڻيءَ وٽ وٺي ويا، اتان دست بعيت ٿيڻ بعد کيس ڳوٺ وٺي آيا. اهڙيءَ طرح پاڻ روحاني مرشد جي سڳي ۾ هميشہ لاءِ واڳجي ويا. مرشد جي رشد ۽ هدايت تي هلندي نفسه اماره جي نفي ڪندي، عام کان گوشائتو ٿي مالڪ حقيقي جي ياد ۾ وقت گذارڻ لڳا. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي عشق جو اظهار لفظن جي روپ ۾ ڪندا هئا، خدا تعاليٰ سندن اندر ۾ تخليقي ڏات ۽ ڏانءُ جون سموريون صلاحيتون سمايون هيون. فقير صاحب جي سموري شاعري پڙهندي معلوم ٿئي ٿو ته، هن جي شاعريءَ ۾ تقليد ۽ ترغيب جي بوءِ بنهه ڪانهي. شاعريءَ جي هر صنف ۾ موضوع ۽ انداز نئون ۽ نرالو آهي. جيئن ته ٻڍل فقير انگريزن جي دؤر جو شاعر هو، ان وقت سنڌ بمبئي صوبي ۾ شامل هئي. سندس رحلت آڪٽوبر 1939ع ۾ ٿي. ان وقت سنڌ کي بمبئيءَ کان آزاد (جون 1936ع) ٿئو ٺيڪ ساڍا ٽي سال گذرڻ وارا هئا ۽ ٻي عالمي جنگ جو آغاز ٿي چڪو هو.

 

ڇپيل ڪلام بابت

طوطلداس جي پراڻي ڇاپيل ڪلام ۾ ڪيتريون ئي اوڻايون هيون. هڪ ئي ڪافي جي رديف ۽ قافيي اڳي پوءِ ڪري ٻه ٻه دفعا ڇاپيو ويو. قافين کي مناسب ۽ اصلي جاءِ کان هٽائي صرف رديف جي صورت کي قائم رکيو ويو. سڄو ڪلام بي ترتيب ۽ سُروار سٽاءَ کانسواءِ ۽ ٻيا فرضي عنوان ڏئي نامناسب انداز سان شامل رکيو ويو. لفظن جي معنيٰ قياسي ۽ اڻ ٺهڪندڙ ڏني ويئي، جيڪا پڙهندڙ لاءِ باعث تڪليف هئي.

اسان هن ڪلام ۾ ڪوشش ڪري مٿين سمورين اوڻاين کي خيال ۾ رکندي، انهن جي صحيح نموني اصلاح ڪندي، سڄي ڪلام جي نئين ترتيب رکي آهي ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل ڪلام پڻ هن ڇاپي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اڻ ڇپيل ڪلام درگاهه تي رکيل ٻڍل فقير جي شاعريءَ جو قلمي بياض قبله سائين مست محمد مقيم منهنجي حوالي ڪيو هو. جنهن مان ڪجهه اڻ ڇپيل ڪلام مليو ۽ ڇاپي رسالي جي ڪلام جي تصحيح به درگاهه واري قلمي بياض تان ڪئي وئي، جيڪا پڻ مستند ۽ صحيح سمجهي ويئي. ڏکين لفظن جي معنيٰ هر صفحي جي هيٺ ڏني ويئي آهي، ته جيئن پڙهندڙ کي تڪليف درپيش نه اچي.

 

مرشد جو ڪلام

شاعريءَ جو وڏو مقصد آهي، ماڻهن جي ڏکن ۽ ڳڻتين کي پري ڪرڻ ۽ انهن جي خيالن، سوچن ۽ فڪرن کي وڌائڻ ۽ درست ڪرڻ.

شِلي چوي ٿو ته، شاعر ڏکن کان سکندا آهن ۽ گيتن سان سيکاريندا آهن. شيڪسپيئر چوي ٿو ته، شاعر ان وقت قلم کڻي لکي ٿو، جڏهن هن جي مس ۾ محبت جا ڳوڙها شامل ٿين ٿا.

هڪ روايت آهي ته شاعرن جي سيني تي لوح محفوظ واري مس جا ڇنڊا پيل هوندا آهن.

حقيقت ۾ سٺي ۽ مثبت شاعري اها آهي، جيڪا شعور ۽ ادراڪ کي اعليٰ ۽ ارفع بڻائي، خوشي ۽ سڪون بخشي، سچ جي ترغيب ڏئي، دل ۽ دماغ جي ترجماني ڪري، روزمره جي حالتن، واقعن سان تعلق رکي. سلاست، عام فهم، موسيقيت ۽ جدت واري زمري ۾ هجي- اهائي شاعري روحاني سڪون ۽ اطمينان بخشي ٿي.

ٻڍل فقير جو سمورو ڪلام مٿين سمورن خوبين جو چٽو دستاويز آهي. اهوئي وڏو سبب آهي جو اتر سنڌ جي سمورن شاعرن کان گوءِ کڻي ويو آهي يعني تمام گهڻو ڳايو ۽ ٻڌو وڃي ٿو. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سندس ڪلام کي عام مقبوليت حاصل آهي. سنڌ کان سواءِ هندستان ۾ شاهه ۽ سچل کان پوءِ ٻڍل فقير رح جو ڪلام ٻڌو ۽ ڳايو وڃي ٿو ۽ اتي فقير جون ورسيون به ملهايون وڃن ٿيون.

اسلام ۾ هر سال فقير خير محمد سيٺار جي وساطت سان وڏي پيماني تي ورسي ملهائي ويندي آهي.[2] درگاهه شريف تي ٽي روزه ساليانو عرس ملهايو ويندو آهي، جيڪو 26، 27 ۽ 28 مارچ تي هر سال منقعد ٿيندو آهي. ميلي ۾ سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ هندستان کان مريد ۽ عقيدتمند ڪَهي ايندا آهن.

ميلي جي دوران درگاهه جي زيارت، مرشد جو ديدار ۽ حال داڳا (جنهن ۾ ٻڍل فقير جون ذاتي تصرف واريون شيون، ڪُلاهه (ٽوپي)، تسبيح، وٽو، حاسو، جتي، ڪپڙا وغيره) ڏيکاريا ويندا آهن.

عرس ۾ ٽيئي ڏينهن درگاهه سان منسلڪ/ ڪَڙي جا سوين راڳي فقير سُرتار ۾ مرشد جو ڪلام ڳائي روحاني سڪون حاصل ڪندا آهن.

 

ٻڍل فقير جا همعصر صوفي شاعر

جيئن ته ٻڍل فقير اُنڙ جو رهبر ۽ مرشد حذب الله شاهه راشدي مسڪين تخت ڌڻي (1838ع- 1888ع) ثالث پاڳارو سنڌي ۽ فارسي زبان جو پختو شاعر ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش لکي ٿو ته، ”پير صاحب جي شخصيت ۽ قرب ڪيترن ئي محبتن کي شاعريءَ جي ذوق سان مالا مال ڪري کانئن محبت ڀريا ڪلام چوايائين، انهن مان ڪجهه جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.[3]

خليفو نبي بخش لغاري، 2. سيد فاضل شاهه لغاري، 3. مولوي عبدالقادر سولنگي، 4. پير حسن بخش جيلاني (ڊٺڙو تعلقه شهدادپور)، 5. مصري شاهه بخاري (ميرواهه گورچاڻي)، 6. سيد سليمان شاهه بخاري ڳوٺ وڳڻ، اسٽيشن ڪوٽ لالو.[4] 7. ٻڍل فقير اُنڙ (ڳوٺ بخشو انڙ، شڪارپور).

ٻڍل فقير جي همعصر شاعرن جو تعداد گهڻو آهي، هتي سڀ کان پَهريان انگريزن جي دؤر جي اتر سنڌ جي معروف ٽمورتي شاعرن جو ذڪر ڪجي ٿو.

قادر بخش ”بيدل“ روهڙي (1814ع-1869ع) بيدل فقير، ٻڍل فقير جي وڏن معاصرن مان آهي. سندن سنڌي ڪلام ”ديوان بيدل“ جي نالي سان عطا حسين شاهه موسوي جو ترتيب ڏنل آهي.

سيد رکيل شاهه (1842ع-1939) درگاهه فتح پور بلوچستان، ٻڍل فقير جو همعصر صوفي القادري شاعر ٿي گذريو آهي، سندس ڪلام ٻڍل فقير جي ڪلام وانگر عام فهم ۽ فڪر سمايل آهي. سندس ”بحرالعشق“ جي نالي سان ڪلام جو مجموعو ڇپيل آهي.

مٿئين ٽمورتي يعني بيدل فقير، رکيل شاهه ۽ ٻڍل فقير کان علاوه مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني (1844ع-1918ع) پنهنجي دؤر جو وڏو بزرگ، روحانيت جو صاحب، شريعت جو سرچشمو ۽ يگانو ڪافي گو شاعر ٿي گذريوآهي، سندس ڪلام ”ديوان مفتون“ فارسي ۽ سنڌي ادب ۾ وڏو نالو رکندڙ عوام ۽ انقلابي شاعر مرحوم نياز همايوني جو ترتيب ڏنل آهي.

مفتون جي هڪ ڪافي گهڻو مشهور آهي، جڪا هيٺ ڏجي ٿي:

تنهنجي زلف جي بند ڪَمند وڌا

زندان هزارين مان نه رڳو

تنهنجي شاهي دسترخوان مٿي

مهمان هزارين مان نه رڳو

اتر سنڌ جي صوفي شاعرن مان مولوي قادر بخش ولد بنگل گولو (1837ع- 1922ع) صحبت پور بلوچستان جو ساڪن هو. فارسي ۽ سنڌيءَ زبان جو ڀلوڙ شاعر ٿي گذريو آهي. هي به ٻڍل فقير جو همعصر صوفي بزرگ ۽ روحانيت جو صاحب سمجهيو ويندو آهي. مٿين بزرگن وانگر هن جي درگاهه صحبت پور ۾ هر سال ميلو لڳندو آهي. هن جي هڪ معروف ڪافي آهي، جيڪا اتر سنڌ توڙي بلوچستان جي راڳين ۽ عام ماڻهن وٽ گهڻو مقبول آهي.

اَڪ ٿيا اَنار- سڄڻ جي سانگي.

هن جي ڪلام ۾ وڏو درد ۽ سوز سمايل آهي. ”گلزارِ ڪاپاري“ نالي سندس رسالو ڇپيل آهي.

 

رسالي جي نئين ترتيب

ٻڍل فقير جي رسالي جي نئين سر ترتيب ڏيارڻ ۾ فقير بهار علي ”بهار“ ٻرڙو، فقير محمد عظيم سرڪي، فقير عبدالفتاح ابڙو (حال سڪن حيدرآباد) جيڪو تعليم کاتي ۾ 19هين گريڊ جو آفيسر آهي. سندن چوڻ آهي ته آءٌ هاڻي جيڪي ڪجهه آهيان، سو سڀ سائين عبدالڪريم فقير جي ڪرم نوازش ۽ مست سائين مقيم فقير جي مهرباني آهي. غلام حسين ابڙو صاحب جن خوب موکيو ۽ هر موڙ تي مدد ۽ نيون تجويزون آڏو رکيون.

نهايت افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ٻڍل فقير جو ڪلام نئين سر ترتيب ڏيارڻ لاءِ 8 جنوري 2003ع تي پاڻ قبله سائين مست مقيم (وفات 5 جولاءِ 2004ع) منهنجي حوالي ڪيو هو، پر وقت ۽ حالات سبب ڪتاب جي تياريءَ ۾ تاخير ٿي وئي، رسالو سائين مست مقيم جي حياتيءَ ۾ آڻي نه سگهياسون، جنهن ڳالهه جو افسوس تاحيات دل ۾ رهندو.

سائين مست مقيم جي رحلت بعد قبله عبدالغفار عرف بابو سائين موجوده گادي نشين به ساڳي دلچسپي ورتي ته ڪلام کي هر حال ۾ ايندڙ سالياني عرس جي موقعي تي آندو وڃي، ته جيئن اها سائين مست مقيم جي خواب جي حسن تعبير ٿئي ۽ اسان لاءِ باعث مسرت پڻ.

آخر ۾ پڙهندڙ اڳيان ارداس آهي، جيڪڏهن ڪي به غلطيون يا اوڻايون نظر اچن ته، ان جي نشاندهي ڪن، ته جيئن ايندڙ ڇاپي ۾ انهن غلطين کي سنواري ۽ سڌاري سگهجي.

هن رسالي جي ڇپائيءَ جو بندوبست منهنجي محسن علي نواز گهانگهري (مالڪ روشني پبلڪيشن ڪنڊيارو) جن ڪيو، ان لاءِ سندن وَڙ ۽ احسان لاهي ته نه، پر ڳائي ضرور سگهبا.

 

حبيبن هيڪار- منجهان مهر سڏ ڪيو

سو مون سڀ ڄمار- اورڻ ئي اهو ٿيو.

(شاهه)

تعلقه ٺل- ضلعو جيڪب آباد             طالب العلم

27 فيبروري 2005ع                     نياز سرڪي

 

شجرو[5]

 

نوٽ: هن درگاهه شريف جا پنج گادي نشين ۽ پنج شاعر ٿي گذريا آهن.


[1]. مٿي ڄاڻايل ڄمڻ جو سن سرڳواسي آنندرام طوطلداس (ڪلام جو پهريون مرتب) ڪتاب جي مقدمي ۾ ڏنو آهي ته، ٻڍل فقير جي پنهنجي زباني هئي ته جڏهن آخرين بيت اچي بس ٿي ۽ جڏهن ريل جي بند ٻنڌڻ لاءِ آفيسر زرخيل سڙڪ جي اوڀر کان اچي کيما کوڙيا، تڏهن سندس عمر اٽڪل 18 سال کن هئي. (آنندرام طوطلداس، ٻڍل فقير جو ڪلام، ص 4، توفقي احمد شڪارپور، 1966ع)

جڏهن ته گزيٽيئر آف سنڌ ۾ آخري ٻوڏ (Nature flood) جو سال 1874ع ڄاڻايل آهي. انهيءَ حساب سان ٻڍل فقير جي پيدائش جو سن اٽڪل 57-1856ع ٿيندو. (مرتب)

[2]. ان کان علاوه اتر سنڌ جي مختلف شهرن ٺل، ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻو، جهٽ پٽ، سکر ۽ شڪارپور ۾ هر سال سالياني ورسي جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي.

[3]. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مقدمه نگار ”ديوان مسڪين“، ص 54، سال 1985ع، ناشر، جمعيت العلماءِ سڪندريه، درگاهه پير جو ڳوٺ.

[4]. حزب الله شاهه راشدي جو نهايت عقيدتمند مريد هو، فرقيوار طريقي ۾ داخل ٿيو. پير صاحب درگاهه تي اچڻ کان منع فرمائي، يعني مرشد جي ديدار کان منع ٿي. پوءِ سور ۾ هيٺين ڪافي چيائين.

ڏس ڪو ڏانءُ- جنهن سان توکي پرچايان

 توکي پرچايان- توکي سرچايان

ڏسو: ديوان مسڪين، ص 56.

[5]. (بَعد شڪريه راوي، فقير محمد عظيم سرڪي ٺل، فقير بهار علي ٻرڙو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org