سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو ٻڍل فقير رحه

صفحو :9

 

 

سنڌي ڪافيون

 

سر سسئي

 

1

پنهل شل پرچي اَلا

ٻاروچل ٻانهيءَ سان

 

گهوريان مٿون گهوٽ جي

مال مڏيون خرچي، اَلا

 

ماڙ منديءَ تي مصطفيٰ

گهوٽ تنهنجي گهرجي، اَلا

سام [1] پرتيءَ سيدا

 

ولهيءَ[2] تي ورتيئي، اَلا

ٻاروچل وٽ ٻڍل چوي

سو سر سسي ڌرجي [3]، اَلا

 

2

ڏکن جون ڳالهيون چونديس پنهل کي

اٿم اميد وري ملندو شال

رمز سڄڻ جي دل ريهي [4]

پنهل پکي منهنجي ايندو پيهي

صدقو سڄڻ تون مڏيون هي مال

طعنا تنڪا ماڻهو ڏين مهڻا

اهي پاتم ڪري ڳل ڳهڻا

سي مون سونهن ٿا موتي دُر لعل

مرض محبت جي جو آه ڊپ نڪو دارون[5]

هيانءُ فراقن، ڦٽي ڪيو ڦارون

ڀلا ڪري ڀيرو ننگي ننگ پال

سرتيون سور سبق سيکاريم

منهن تون گونگهٽ وري عشق اتاريم

درد لائي آڻي دل تي ڌمال

لڄ شرم سڀ عشق وڃايم

ڪيچ ڪشالو پرين پنڌ آيم

بيهڻ ڀنڀور ۾ مون کي آه جنجال

موهيو ٻڍل کي موٽي عشق اوهان جي

چور ڪئي دل طلب توهانجي

ساعت [6] سڄڻ ري ڀانيان سال

 

3

عشق نٿو ڏي آرام

بره بيراڳڻ ڪئي آهيان

 

هوت هڻي ويم هٿ سان

من ۾ ميخ مدام

 

قابو ڪوهياري ڪيو

وجهي لنؤ لنؤ ۾ لغام

 

نينهن نهوڙي ناڙ [7] ڪيم

تن کي وڻي نه طعام

 

ٻُڌي ساه سڌير ٿيو

پرين جو پيغام

 

سگ [8] ٻڍل هي سيدا

گولو آءٌ غلام

 

4

 

آيو ٻاروچل آيو

جنهن رمزن [9] روح ريجهايو

سڪ پريان جي ساه ۾

سو تان هاديءَ [10] هوت ملايو

راتيان ڏينهان روح کي

طلب اوهان جي تايو [11]

دونهان درد دکايا

سو تان محبت مچ مچايو

سمهان سمهڻ ناه ڪو

سو تان جارؤن [12] يار جاڳايو

لڳو ٻاڻ ٻڍل چوي

سو تان گهورَ پرينءَ جي گهايو

 

5

 

ووڙينديس ور، ڀيلي سڀ بر [13]

پنهل تؤن پاڻ مان گهوريان

ماري دردن ڪيس ماندي

پڇايان مان يار جا پانڌي

وره کؤن وار ناهيان واندي

ڪپي سر هي ڪلهن تون ڪوريان

ڪاڪيون ڪيچ ڏي وينديس ڪاهي

سورن جو سندرو ساهي

ڇپر ڇولڻ [14] مانکي ڇاهي

مليو ڏک ڏاج ٿي ڏوريان

پکي [15] منهنجي پنهل ايندو

ورتيون هي نال نماڻي نيندو

دلاسا يار اچي مون ڏيندو

چرخو تنهن يار لئه چوريان

آکي ٻڍل ڳڻتيءَ ڳاريو

وڇوڙي يار جي مون کي ماريو

سورن منهنجو ساه بيکاريو

هنئين جو حال ڪنهن سان اوريان؟

 

6

 

ڏاڍو نينهن پنهل مون سان لايو تو

لايو تو، بره بڇايو تو

 

ستي پيئي هيس سيج پلنگ تي

جارئون يار جاڳايو تو

 

شوق محبت جون ڇمڪن ڇيريون

ناچوءَ جان ته نچايو تو

 

يار ٻڍل کي روز ازل کؤن

جانب جام [16] پلايو تو

 

7

 

سڄڻ ريءَ نه سري ڪا، ڀينر هن ڀنڀور ۾[17]

دردن ڌوڌ دکايا، اندر آگ ٻري ڪا

محبت منهنجي من ۾، ڪج نه ڍول ڍري ڪا

سمهان سمهڻ نه اچي، چاڪن ڪيس چري ڪا

لنؤ ٻڍل کي لعل ڪيو، کلي دل دري ڪا

*

اديون عشق آريءَ جي، مون وانگي مُٺي ڪا

برسر بوند بره جي، اوچتي اُٺي ڪا

ووڙيندي وڻڪار ۾، بر ۾ ٿيس بُٺي ڪا

آءٌ نه سڱيڻي سسئي، جيڪر هيس جُٺي ڪا

ڪانه ڏٺي مون ڪڏهن، ريءَ قصور ڪُٺي جا

لائق ناهه لطيف چئي، پرکي ڏيڻ پٺي ڪا


 

 

8

 

گهاريان ڪيئن گهڙي ڪا، ڀينر هن ڀنڀور ۾[18]

 

دل ته دلبر يار سان، اوچتي ئي اڙي ڪا

 

سور پڇو ها سرتيون، لحظو هت لڙي ڪا

 

ميخ محبت جي من ۾، اندر منجهه جڙي ڪا

 

دل ٻڍل دانهون ڪري، سورن منجهه سڙي ڪا

 

9

 

ور ڏي وينديس، منهن[19] نه مٽينديس

ڀينر ڀنڀور جون گهوري گهر ماڙيون

جيڏيون جتن مون کي ڪين جاڳايم

سفر سورن جو سر تي آيم

ڪيچ ڪاهينديس، لڪ[20] مؤن لتاڙيون

جيڏيون ڇو ٿيون مون کي جهليو

ڪيو چپ چوڻ کؤن، پنهنجو پاڻ پليو[21]

ٻول ٻڌا اٿم وڃي پت پاڙيون

کائڻ پيئڻ زهر ٿي ڀانيان

حال اندر جو ڪنهن کي ٻڌايان

عشق ڏنيون آڻي ٻاري ڪي اُماڙيون[22]

ننڊڙي نيڻن کي ڪين اچي ٿي

عشق جي آتش من ۾ مچي ٿي

سور سڄڻ جا وڃن ٿا ساڙيون

جيءَ ۾ ٻڍل ٿم جن جي جهوري

هيڪل ڇڏي ويا ڇپر ۾ ڇوري

روز رڙان ٿي ڳوڙها ڳل ڳاڙيون

 

10

 

ور لئي ڪنديس وس

يار لهنديس لعل لڪل مؤن

 

انگ لکيو منهنجو اڳهين

آءٌ ڪيئن ميٽيان مس [23]

 

ووڙينديس وڻڪار ۾

ڏيهه ڏيندو مانکي ڏس

 

ڪاهيون وينديس ڪيچ ڏي

وٺي گورن [24] جو گس

 

ايندو ٻاروچل ٻڍل چوي

ڪو پوندس شال ترس

 

11

 

سڄڻ تؤن ساه هي سرتيون، ڪري آءٌ گهور گهورينديس

 

ڇڏي سرتيون سڀئي سانگا، ڪاڪيون آءٌ ڪيچ ڪاهينديس

پنهل جي ڪاڻ ڪري پنڌڙا، وڃي آءٌ ڏيهه ڏورينديس

 

سمهڻ سڀ ساءُ ويو سرتيون، وڇوڙي يار جي ماريس

سڻي سڏڙا ايندو عربي، ويهي پنهنجو حال [25] اورينديس

 

ٻڍل کي عشق آريءَ[26] جو، ازل کؤن هو اڳي جيڏيون

ٻانهي گولي تنهنجي در جي، منهنڙو مان ڪين موڙيندس

 

12

 

رمزن روح رتوڙي رتوڙي

خان پنهل جي جيڏيون

درد سڄڻ جي ڪيا دل منجهه ديرا

جوش جلايم جيڏيون جيرا

من ۾ مچ متوڙي متوڙي

سڪ سڄڻ جي شور مچايو

ناچوءَ وانگر پوءِ نينهن نچايو

ڪاڪيون [27]، قرب ڪٺوڙي ڪٺوڙي

راتيان ڏينهان اندر اداسي

پر جي ڪاڻ مان گهڻو پياسي

پرت آهيان پتوڙي پتوڙي

عشق ٻڍل سان ڪئي اثباتي [28]

ظاهر ظهور ٿيو ذوق ذاتي

وره وڪوڙي وتوڙي وتوڙي

 

13

 

ڏيهه ڏيندو مانکي ڏس ڏيرن جا

ڪيچ وينديس مان ڀي ڪاهي ڪاهي

 

راتيان ڏينهان اندر اُداسي

ساه سڄڻ ڏي ساهي ساهي

 

وينديس رهنديس ڪينڪي

لاڳاپا [29] سڀ لاهي لاهي

 

لنؤ جو لڳڙي روز ازل کؤن

پيچ پنهل توسان آهي آهي

 

عشق ٻڍل آه جن کي اندر ۾

تار ترڻ تن کي ڇاهي ڇاهي

 

 

14

 

لونءَ لونءَ منجهه لڳي

ڪا ٻولي ٻاروچل جي

 

تار طلب جي تن ۾، وحدت ساڻ وڳي

 

هلو ته ڪاهيون ڪيچ ڏي، ڀينر ڪيو نه ڀڳي

 

چوري چاڪ[30] چريءَ جا، دلبر دل ٺڳي

 

دل ٻڍل جي دلبر جي، دردن منجهه ڌڳي[31]

 

15

 

ٻاروچي ٻولي، ڙي يار

سيکاريم سورن جي

 

کڻنديس پير [32] پنهل جو، ڳوٺن ۾ ڳولي

 

ڏئي ويا ڏير ڏکيءَ کي، ڏونگر جي ڏولي

 

پورهيت کڻندا پاڻ سان، گڏيندا گولي

 

اٺئي پهر اندر ۾، هنئڙي ۾ هولي [33]

 

سڪ ٻڍل کي سيدا، پاڪ پسان ٽولي


 

 

16

 

گهڙيءَ گهڙيءَ سر گهورينديس[34]

مان ته ڏيهه پنهل لئه ڏورينديس

 

هيءُ سر يار سڄڻ جي اڳتون

ڪنڌ ڪُلهن تون ڪورينديس

 

راتيان ڏينهان روح پنهنجي ۾

سڪ جا سڳا [35] مان سورينديس

 

پکي ٻڍل جي آءٌ تان پيهي

حال اندر جو اورينديس

 

17

 

سڄڻ ريءَ ٿي سڪان

محبت ماري آهيان

 

کڻنديس خان پنهل ڏي

وحدت واريون وکان

 

ڪاغذ ڪيچ ڌڻيءَ ڏي

رويو رويو لکان

 

دل ۾ دلبر يار جا

سبق ويٺي سکان

 

نينهن ٻڍل نروار ڪيو

هاڻي ڪاڏي لڪان؟

18

جيڏيون جانب سان دل منهنجي آهي

سرتيون ستا سور ويو جاڳائي

سسئي پنهل ڪاڻ بيٺي او ساري

ڪيچي ڪيچ ويڙا ڪرها قطاري

بر ٻجهي باري، هيءَ ٻانڀڻ[36] ٻاڪاري

اجهو خان ايندم ڪيچ ڌڻي ڪاهي

مومل گهوٽ ماڙيءَ ۾ گهڻيئي گنوايا[37]

ڏسڻ ڏهاڙي عاشق ڪنڌيءَ ڪاڪ آيا

مينڌري هڻي منڊ مومل کي لايا

رويو راڻي ڪاڻ ڪانگ [38] ٿي اڏائي

محبت مجني [39] کي نينهن پئي نهوڙيو

بيٺو هيو بر ۾ ولين ۾ وڪوڙيو

الله عاشقن جو لاهج وڇوڙو

لاتس لنؤ ليليٰ بيٺو پڇائي

سڪ ته سهڻيءَ کي ميهر جي ساري

اديون عشق آڻي سچي سا اٿاري

ٻڍل چوي بنديءَ تي پيا بار باري

ماندي ميهر لئي ويٺي واجهائي

 

19

 

پنهل جا پيرا

ڏورينديس ڏونگر [40] ۾

 

اوکو پنڌ پهاڙ جو، وڪڙ اويرا

 

سورن ساڙيو ساه کي، جلن ٿا جيرا

 

ڏسان شال اکين سان، دلبر جا ديرا [41]

 

ڪندو ٻاجهه ٻڍل چوي، ميٽيندو ميرا [42]

 

20

سهڻي يار مون کي رمز رلائي

آهيان ماندي، پڇان پانڌي، لنؤ ڍولڻ لائي

تنهنجا سور، مون پور، آهن اندر ۾

سڻي سوال، ڏسي حال، رک تون نظر ۾

هوت ڇوري، هئن ڀوري ڇڏ جان نه بر ۾

لڳي لام، تنهنجي سام، معاف ڪر مدائي

ڪريان دانهون ٻڌي ٻانهون، تڪيان تنهنجون ويٺي راهون

وٺي سير، ڀري پير، ايندي اڳاهون

شب روز، مانکي سوز، آهي تولئي تيلاهون[43]

ڏينهن رات، تنهنجي تات، سڪ اٿم سدائي

آءٌ اوري، وڃان گهوري، مل منهنجا جاني

تون يار، منٺار مان هان تنهنجي ٻانهي

آهين نور، تون حضور، ڪونهي تنهنجو ثاني [44]

جهاتي پائي، لنؤ لائي، دل تو دٻائي

ٻڍل چوي يار ڪڏهن پرين اڱڻ ايندين

ڇڏ ماڻو، ٿيءُ سياڻو، وٺي نال نيندين

هڪ ڀيرو، ڪري ٿورو، گداگر [45] گڏيندين

مل هاڻي، رب ڄاڻي، گهوري [46] پوءِ جدائي

 

21

 

سمهڻ سرتيون سڪ وڃايم

بره بڇايم ڪي بحري باز

سر تي آيم عشق اڻانگو

سرتيون ڇوڙيم سڀڪو سانگو

عشق اندر ۾ ڪيا آواز

دلبر وئين تون دلڙي ڌتاري

محب مٺا وڃ منهنڙو ڏيکاري

پنهنجي نيڻن جا ڪي نوان ناز

وره کوڙيون آڻي تندون تاران

ڪست[47] منجهؤن ڪيم ڪوڪاران

سورن وڄايم سهسين [48] ساز

عشق ٻڍل ٿي اوکي بازي

گوءِ کٽن ڪي پڙ مان غازي

مشڪل سمجهن رندي هي راز

 

22

لؤنءَ لؤنءَ اندر ويٺي لڇان [49]

سرتيون سڄڻ جي سور ۾

جڏهين عشق سر آواز ڪيو

سارو عقل سڀ هوش ويو

منهنجو پرين سان پيچ پيو

ڦران مست ٿي مخمور ۾

محبت اٿم من ۾ مدعا [50]

پر [51] ڏي وڃج قاصد [52] ادا

ساري ڪجانءِ منهنجي صدا

هٿڙا ٻڌي حضور ۾

قاصد ڪهي وڃ يار ڏي

دلبر مٺي دلدار ڏي

اکڙيون انهيءَ ئي پار ڏي

پل پل نهارين پور ۾

جن کي ٻڍل سڪ ساه ۾

سي رڙنديون وتن رند راه ۾

اٿن آسرو الله ۾

هردم نظر حق نور ۾

 

23

محب مئيءَ جي گهر آيو

ميندي [53] مون اچي لايو

 

سرتيون هار سينگار ڪيو

سُرهي [54] سيج وڇايو

 

جنهن ڏٺي ڏک ڏور ٿيا

سرتيون ڪم ٿيو سجايو

 

سير کٿوري [55] واسيا

پيرل پير اچي پايو

 

اڱڻ ٻڍل جي عيد ٿي

پرينءَ پاڻ پسايو

 

24

ساعت ڪين سري ڙي سري ڙي

محبت لئي هان ماندي

سرتيون سور ٿيا ٿم سونهان

درد دکايا دل منجهه دونهان

من ۾ ٿو مچ ٻري ڙي ٻري ڙي

وار نه آهيان هڪ واندي

سرتيون سڄڻ جي آءٌ سڪ ۾ سڪان ٿي

خط پروانا [56] روز لکان ٿي

ڳوڙهن ڳاٽ ڀري ڙي ڀري ڙي

ويٺي پڇايان پانڌي [57]

جانب جئري اچي پاتم جهاتي

بيوس منهنجي دلڙي جو ڦاٿي

آئي منجهه اَري ڙي اَري ڙي

بره ڪئي هان باندي [58]

نينهن ٻڍل کي هو ننڍي لاڪون

هيانءُ فراقن ڦٽي ڪيو ڦاڪون

ماريس ذوق ذري ڙي ذري ڙي

ڪيچ ڌڻي ور ڪانڌي

 

25

دام[59] وجهي ويو دلبر دلڙي

سو يار لٽي ڙي لٽي ڙي

عشق آريءَ جو لڳڙو جنهن کي

سور انهيءَ جي سڌ آ تنهن کي

ڦاٿي سا ڪين ڇٽي ڙي ڇٽي ڙي

ميخ محبت جي يار هڻي ويو

درد ونديءَ جي دلڙي کڻي ويو

گهورن ساڻ گهٽي ڙي گهٽي ڙي

عشق اولانبا ٿو آڳ اٿاري

مرد هزارين پيو مانجهي[60] ماري

چشمن ساڻ چٽي ڙي چٽي ڙي

سڪ ٻڍل کي آه سندس سدائي

راتيان ڏينهان اها وحدت وائي

هرگز ڪين هٽي ڙي هٽي ڙي

 

26

 

دلبر توکؤن ڌار

ڏکيا مان ڏينهن گذاريان

سڏڙا ڪريان ٿي سڪ مون

نيڻين وهايو نار

ڪوڙين ويٺي ڪانگ [61] اُڏاريان

ورتيا ٻانڀڻ [62] سڀ ٿي گهرايان

پڇان پوٿي [63] دار

راهون تنهنجون روز نهاريان

پرچ پرين ڏس پاڻ ڏي

مون ۾ حرف هزار

آرزيون [64] ويٺي عرض گذاريان

سڪ ٻڍل کي سيدا

سگهو مل سردار

سدا ويٺي توکي ساريان

27

درد چوان ڪنهن کي

بنا ديدار ڪونهي دارون

سڄڻ کي سڪ منجهان ساريان

اکين مان آب [1] ٿي هاريان

توبن [2] گهڙيون ڪيئن گهاريان

موڙي آءُ محب مهارون [3]

ڪئي هان فراقن فاني [4]

ڪڏهن ملندو دل جاني

ڦران در در ديواني

ڦٽي هنئڙو ٿيو ڦارون

اڱڻ منهنجو يار ڀي ايندو

دلاسو دوست جو ڏيندو

نماڻي نال هيءَ نيندو

ڪريان ويٺي روز پڪارون

اَدا قاصد اُتي وڃجانءِ

ٻڍل جو حال هيءُ چئجان

ٻڌي هٿڙا پيرن پئجان

منهنجي پاران ڪجانءِ زاريون

 

28

 

ڏاڍو بار بره جو باري آهه

سڌ سور وارن کي ساري آهه

ڇاتيءَ ۾ جڏهن پاتم جهاتي

دلبر ديد ڏيکاري آهه

باه بره جي ڏئي ٿي ڀڙڪا

ٻاروچل اچي ٻاري آهه

ٻانهي گولي [5] يار پنهنجي جي

پاند ڳچيءَ ڳل ڳاري آهه

لنؤ لنؤ دي وچ لات اِهائي

قرب وهائي ڪاري آهه

سرڪ ٻڍل کي صحبت واري

پر [6] ڪري يار پياري آهه

 


 

 

29

 

محبت جون ميخان هنيون، دلڙي کنيون

اديون منهنجو يار هليو ويو

ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون

ڪنهن کي مان ڪين چيون

نؤڪان [7] تنهنجي نينهن جون

لنگهي وڃي پار پيون

سور سيبائن [8] ساهه کي

ويو ته ڏکيءَ کي ڏيون

سڪ ته ٻڍل کي ساهه ۾

جيئن ٽچڪن تيل تيون

 

30

 

لائي لنؤ هڻي ويو يار ميان، جنهنجي بره ڪيو بيمار ميان

 

هوت هڻي ويو هٿ سان، سو ڪنڊو[9] منجهه ڪاپار ميان

جن کي لڳو سيئي ڄاڻندا، هن درد جو ڌڌڪار [10] ميان

 

نيڻن نار نوان ڪيا، سي ته روئن زارون زار ميان

هنڌ پٿرڻيون هوت لئي، سي ته گهوريا سڀ سينگار ميان

 

اٺئي پهر عجيب لئي، مانکي اندر ۾ اُڌمار [11] ميان

سورن ساڙيو ساه کي، اچي قلب ڪين قرار ميان

 

مون ۾ مدايون ٿي گهڻيون، سي ته بيحد بي شمار ميان

ڪندو ٻاجهه ٻڍل چوي، ويندو ساٿ گڏيون سردار ميان

 

31

 

سور ۾ وئي آهه سڙي، ڙي جيڏيون

هيءَ دل ته نينهن نهوڙي

رئندي رئندي رت جا ميان

ڳوڙها پيم ڳڙي، ڙي جيڏيون

هوت هڻي پيو هٿ سان

ڪا من ۾ ميخ مڙهي، ڙي جيڏيون

سڏڙا ڪريان ٿي سڪ مون

پنا [12] روز پڙهي، ڙي جيڏيون

دلبر ٻاجهون مشڪل مُئيءَ کي

گهارڻ هڪ ته گهڙي، ڙي جيڏيون

راتيان ڏينهان روح ۾

من ۾ موج چڙهي، ڙي جيڏيون

اصل ٻڍل کي دم دم دل تي

درد ٻڌي آ ڌڙي، ڙي جيڏيون


[1]. ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻئي جي حفاظت ۾ ڏيڻ، سپرد ڪرڻ، اَمان ۾ رکڻ

[2]. لاوارث عورت، ٺلهي، سکڻي

[3]. قربان ٿجي، نثار ٿجي، فدا ٿجي.

[4]. راضي ڪئي، هر کائي

[5]. دوا، علاج وڄا

[6]. پلڪ. گهڙي

[7]. چٽ ڪرڻ، نابود ڪرڻ، پيرن ۾ لتاڙڻ

[8]. ڪتو، غلام.

[9]. اشارو، غمزو، نشاني، ڍنگ، لڪل ڳالهه

[10]. هدايت ڪندڙ

[11]. تپايو، ستايو، ايذايو

[12]. اُلڪي مان، اڻ تڻ مان، ڳڻتي مان.

[13]. بيابان لتاڙي، جهنگل جهاڳي

[14]. جبل جهاڳي، پهاڙ جو پنڌ ڪري

[15]. نصيب ۾، ڀاڳ ۾.

[16]. شراب جو پيالو، ساغر.

[17]. هي مذڪوره ڪافي، شاهه عبداللطيف رح جي ڪافيءَ سان گهڻي تتبع رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڪافين ۾ قافيو ۽ رديف متصل آهي.

[18]. هيءَڪافي به سابقه ڪافي وانگر قافيه ۽ رديف ۾ متصل آهي.

[19]. منهن نه ڦيرائڻ، رُخ نه بدلائڻ، ڀيرو ڀڃڻ، اچڻ وڃڻ نه ڇڏڻ، اچ وڃ بند نه ڪرڻ

[20]. جبل، ٽڪر، ڇپر

[21]. پاڻ روڪڻ

[22]. چوچڙيون باهه جون.

[23]. لوح قلم تبديل ڪيان، لکيو بدلايان، تقدير بدلايان

[24]. توڏن، ڪنواٽن، گؤنئرن، اٺ جي ننڍن ڦرن.

[25]. دل جي ڳالهه/ راز چوڻ ٻڌائڻ

[26]. آري ڄام، پنهل جو لقب، خطاب.

[27]. ڇوڪريون، سهيليون، هڪ جيڏيون

[28]. اقراري، هائوڪاري، الله جو اقرار، الله الله، نفي جو ضد.

[29]. آسرو لاهڻ، ڊپ يا خوف لاهڻ، واسطا ٽوڙڻ.

[30]. زخم تازا ڪري، ستا سور جاڳائي

[31]. ٻري، جلي، بَکي.

[32]. پيرن جا نشان وٺي هلڻ، ڳولڻ، دوستي قائم رکڻ

[33]. مَن ۾ تماشو، دل ۾ مانڌاڻ.

[34]. سر قربان ڪرڻ، جان نثار ڪرڻ، فدا ٿيڻ

[35]. ياد ڪرڻ، تسبيح پڙهڻ.

[36]. سسئي: اصل ذات جي ٻانڀڻ

[37]. وڃايا، برباد ڪيا، نابود ڪيا

[38]. پيغام موڪلڻ، سنيها موڪلڻ

[39]. ليليٰ جو عاشق، اصل نالو قيس.

[40]. جبل، پهاڙ، ٽڪر، روهه

[41]. هنڌ، ماڳ، مڪان

[42]. گناهه بخشڻ، ڏوهه معاف ڪرڻ.

[43]. تڏهن کان

[44]. مٽ، برابر، مثل

[45]. طلبگار، فقير، سوالي، پينار

[46]. ٻَن پئي.

[47]. جوش، زور، زبر

[48]. بيشمار، لاتعداد.

[49]. تڙپان، ڦٿڪان

[50]. آرزو، تمنا، گُهر، طلب، غرض، خواهش

[51]. پرينءَ ڏي

[52]. خبر پهچائيندڙ، سنيهو رسائيندڙ، نياپو نيندڙ.

[53]. گهوٽ ۽ ڪنوار جي هٿن پيرن کي ميندي هڻڻ، خوشيءَ جو اظهار

[54]. خوشبوءِ واري،عطر عنبر ڇٽڪاريل

[55]. خوشبوءِ سان مهڪي ويا، هڳاءُ سان واسجي ويا

[56]. چٺيون، تحرير، ڪاغذ، رُقعا

[57]. سنيها پهچائيندڙ، خاطي

[58]. قيدي، اَسير.

[59]. ڦاسي وجهڻ يا ڦندو وجهڻ

[60]. بهادر، سورهيه.

[61]. پيغام موڪلڻ، نپايا اماڻڻ

[62]. اهو برهمڻ، ٻائو جيڪو فال وجهي، نجومي، جوتشي ودوان

[63]. (پوٿي= هندن جو ڌرمي ڪتاب، ٽپڻو+ دار= رکڻ) ٽپڻو وجهندڙ، فال وجهندڙ، نيڪ يا بدقسمت لاءِ ڪتاب پٽيندڙ

[64]. اميدون، آسون، تمنائون، سڌون، خواهشون، مرادون.

[1]. پاڻي، نير

[2]. کانسواءِ، ريءَ، بنان جو مخفف

[3]. واڳون

[4]. فنا ٿيندڙ، ناس ٿيندڙ، بقا جو ضد.

[5]. ٻانهي، نوڪرياڻي، غلام

[6]. ڀَري، تارِڪري.

[7]. نيشان، ڏنگ، چهنبان

[8]. پسند پون، دل کي وڻن.

[9]. مٿي ۾ ڪنڊو لڳل، هڪ مڇي ڦاسائڻ لاءِ لوهه جو آواز

[10]. انڌوڪار، گوڙ، شور

[11]. هل بکيڙو، شور، گوڙ، هنگامو، غوغاءُ.

[12]. سبق پڙهڻ، ياد ڪرڻ، نصيحت تي عمل ڪرڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org