سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: دل جون ڳالهيون

 

صفحو :4

نه ڪوئي رستو نه ڪائي منزل،

وڃان ته ڪاڏي ڀلا وڃان مان.

نه روشنيءَ جو سُراغ حاصل،

وڃان ته ڪاڏي ڀلا وڃان مان.

 

اکين جو رستو رواج روڪيو،

۽ پيار جو دڳ سماج روڪيو،

هليم ته ٿي پيو جهان حائل،

وڃان ته ڪاڏي ڀلا وڃان مان.

 

زبان خاموش، لب سبيا ويا،

حواسِ اظهار سڀ ڪٽيا ويا،

ڏيان ته ڇا سان ڏيان دلائل،

وڃان ته ڪاڏي ڀلا وڃان مان.

 

ڪريان اگر مان سچي حقيقت،

مگر ڪڇڻ جي نه آهه طاقت،

ڪُڇان ته مقتل اڏِي ۽ قاتل،

وڃان ته ڪاڏي ڀلا وڃان مان.

 

ستمگرو! ڪجهه بچيو ئي ناهيان،

سهي سلامت رهيو ئي ناهيان،

جگر به گهائل ته دل به گهائل،

وڃان ته ڪاڏي ڀلا وڃان مان.

 

نه آئي هرگز زمانه سازي،

نه آئي هرگز ڪا چال بازي،

نه ڪجهه ثمر ٿيو نه ڪجهه وسائل،

وڃان ته ڪاڏي ڀلا وڃان مان.

 

اڪيلي ٻيڙي هزار ماري،

هوا مخالف ۽ رات ڪاري،

نه ناکئو ٿو ملي نه ساحل،

وڃان ته ڪاڏي ڀلا وڃان مان.

 

جيان ته ڪهڙي طرح جيان مان،

مران ته ”مدهوش“ ڪيئن مران مان،

مرڻ به مشڪل، جيئڻ به مشڪل،

وڃان ته ڪاڏي ڀلا وڃان مان.

تون ۽ مان ٻئي هڪ هجون، هڪ هجون او هڪ هجون،

پيار ۾  ”مدهوش“ ٻئي، هڪ ٻئي جي لِڪ هجون.

 

تون نڪي مون کان پري، مان نڪي توکان پري،

هڪ ٻئي جي واسطي، ڄڻ منڊيءَ جي ٽِڪ هجون.

 

تون نڪي مون کي ڇڏين، مان نڪي توکي ڇڏيان،

هڪ ٻئي جي واسطي، ٻئي ڄڻا ڄڻ ڳِڪ هجون.

 

تون نڪي مون لئه سِڪين، مان نڪي تو لئه سِڪان،

هڪ ٻئي جي واسطي، ساهه واري سِڪ هجون.

 

تون مٺو مون کي لڳين، مان مٺو توکي لڳان،

هڪ ٻئي جي واسطي، پيار جهڙي پِڪ هجون.

 

تون نڪي مون کي ڇڪين، مان نڪي توکي ڇڪيان،

هڪ ٻئي جي واسطي، ڇيههَ کان وڌ ڇِڪ هجون.

 

تون سهارو منهنجو ٿي، مان سهارو تنهنجو ٿيان،

هڪ ٻئي جي واسطي، ڀرجهلا ۽ ڀِڪ هجون.

خدا جي واسطي پرهيزگارن کي ته سمجهايو،

اسان سمجهون نه سمجهون، هوش وارن کي ته سمجهايو.

 

خدا جي روبرو سجدا بُتن کي روز ويٺا ڪن،

خدارا هن صديءَ جي ديندارن کي ته سمجهايو.

 

حقارت جي زبان سان ريش دل ٿا عاشقن جي ڪن،

سليقو گفتگو جو پنهنجي يارن کي ته سمجهايو.

 

گنهگارن کي بخشش جو رهي ٿو ڀروسو هر دم،

گنهگارن جي بدران ڪجهه ڀلارن کي ته سمجهايو.

 

اوهان کي جيڪڏهن پنهنجو چمن شاداب رکڻوآ،

ته پهريائين هنن تخريبڪارن کي ته سمجهايو.

 

سرِ گلشن اُگهاڙي منهن اچي، ڇو ٿا جلائن گل،

گلن جا خير خواهو! گلعذارن کي ته سمجهايو.

 

چيو ڪنهن عاشقِ ناشاد پوئين رات يارن کي،

”ڦٽائن ننڊ ٿا منهنجي، ستارن کي ته سمجهايو.“

 

ڏسڻ جي ڏوهه جي بيشڪ سزا ”مدهوش“ کي ڏيندا،

مگر ٿورو گهڻو هن جي اشارن کي ته سمجهايو.

 

تنهنجا نيڻ نشيلا ڪيف ڀريا، ڄڻ پئمانا ڀرپُور ڏٺم،

ڇا فيض نظر جي ڳالهه ڪريان، مينوش صفا مخمور ڏٺم.

 

تنهنجي محفل ۾ الست سدا، هت بود نه آ ۽ هست نه آ،

منجهه مستي مست الست صفا، پئندي مئي مسرور ڏٺم.

 

جي عشق سوا حيوان هئا، تنهنجي صحبت ۾ انسان ٿيا،

تنهنجي مرڪڻ سڀ مست ڪيا، مغرور به هت مجبور ڏٺم.

 

تنهنجي بزم بهاريءَ واري آ، تنهنجو قُرب ڪرم به هزاري آ،

تنهنجي ياري يار نياري آ، هت پٿر دل ڀي چُور ڏٺم.

 

ڪي عشق جي ڏاڪڻ تِرڪي ڊٺا، ڪي سُرندي سرندي پار پڳا،

مخدوم مشائخ رهجي ويا، جيڪي مئخاني کان دور ڏٺم.

 

جنهن توکي ڏٺو تنهن جي نه سري، تنهن جي جلوه گري آ جادو ڀري،

تنهن جي چاهت ۾ دنيا ٿي چري، ڪيئي ملڪن ۾ منصور ڏٺم.

 

گندا گدلا بي آب هئا، تنهنجي در تي اچي سيراب ٿيا،

هت ذات زمات نه صاب پيا، وهواهه عجب رستو دستور ڏٺم.

 

تنهن جي زلفن زورا سير ڪيا، تنهنجي مورت موهي مير وڌا،

مهمير امير ۽ پير وڏا، محتاج سوين فغفور ڏٺم.

 

اهي قهري ڪارا ڏنگ هڻن، اهي وار وري ٿا ونگ وجهن،

ارڏائي ۾ اڙٻنگ هجن، ته به تنهنجي اڳيان ڪافور ڏٺم.

 

تنهنجي نيم نظر ميخوار ڪيا، تنهنجي فيض وري هوشيار ڪيا،

پي پئمانا سرشار ٿيا، ”مدهوش“ مثل مشهور ڏٺم.

مئخانه توحيد جو هت جام ملي ٿو،

مدت جي اُڃايل کي ڀي آرام ملي ٿو.

قنديل هتي نور مجسم جي آ روشن،

هت شرڪ نه الحاد نه اوهام ملي ٿو.

هت سور ٿا سلجن ۽ هتي پيار ٿو ونڊجي،

هت عشق جو آغاز ۽ انجام ملي ٿو.

تون شوق منجهان شهر مقدس ۾ وڃي ڏس،

هٻڪار سان معمور درو بام ملي ٿو.

دل پاڪ، زبان صاف، نظر نيڪ ٿئي ٿي،

ڄڻ فيض سان گڏ جامه احرام ملي ٿو.

هيءَ دل ئي چوي ٿي مرخ ٿي هن پار اُڏامان،

هن قرب جي قيدي کي جو پيغام ملي ٿو.

اُن در تي اکيون پير ڪري ڇو نه وڃان مان،

جت واءُ اڳيان صاد، الف، لام ملي ٿو.

هر وقت انهيءَ راهه تي رحمت آ خدا جي،

جنهن راهه ۾ هر خمِ سو اسلام ملي ٿو.

درويش خدا مست جي درگاهه تي يارو،

دنيا جي خسارن کان بي آدام ملي ٿو.

اُن شور ڀرئي شهر کان وڌ يار جو ديرو،

جت چين سرِ صبح، سرِ شام ملي ٿو.

چشمن سان ڏئي بوسو رکان ساهه ۾ سانڍي،

محبوب وٽان مون کي جو انعام ملي ٿو.

دلدار جي دلدار سان مستي جو چڙهي ٿي،

بدمستي و مينوشي جو الزام ملي ٿو.

دل سيني ۾ ڌڙڪي ٿي پوي، نام ٻڌڻ شرط،

ڪنهن واٽ ڳلي هن جو جي هم نام ملي ٿو.

بيداد به  محفل ۾ ڏئي داد چيو هيئن،

“مدهوش“ جي اشعار ۾ الهام ملي ٿو.

جنهن پاسو ڏئي ڇرڪايو هو،

سو شايد تنهنجو سايو هو.

 

جي تون نه هئين پر پاسي کان،

آهٽ ڇا جو آيو هو.

 

منهنجو ته سڪي ساهه چڪو هو،

توکي به الائي ڇا ٿيو هو.

 

هي ڪوئي ته رشتو هو ورنه،

تو مون کان ڇو شرمايو هو.

 

تون ڀي بت هئن، مان ڀي بت هوس،

سڀ ڪجهه نيڻن ڳالهايو هو.

 

جنهن شهر ۾ توکي مون ڏٺو هو،

سو شهر سڄو ئي ڪعبو هو.

 

جو نم جي پاڇي ۾ گذريو،

سو وقت تمام سڀاڳو هو.

 

“مدهوش“ مٿان مدهوشي هئي،

ته به ماڻهن لاءِ تماشو هو.

شاعري ۾ سَر ڪيل صحرا هجي،

مصرع مصرع وحشت و سودا هجي.

 

لائجي ڪنهن سان ته اهڙي لائجي،

دل ۾ گويا موجزن دريا هجي.

 

هلجي اهڙو يار پنهنجو ٿي وڃي،

غير سان تڪرار ڇو بيجا هجي.

 

زندگي گذري خدا جي ياد ۾،

۽ اکين آڏو بتِ زيبا هجي.

 

منزلِ مقصود پيرن کي چمي،

پر جي ڪنهن وٽ حوصلو مهيا هجي.

 

ڪشمڪش ۾ دل نه هاري ويهجي،

مدعي توڙي سڄي دنيا هجي.

 

پاڻ ۾ گڏجي وري ايذائجي،

ان کان بهتر آهي آدمي تنها هجي.

 

سوچ سان ۽ سمجهه سان ڳالهائجي،

لفظ ٿورا ۽ گهڻي معنيٰ هجي.

 

گفتگو گفتگو لار ماکيءَ جي لڳي،

ٻول اهڙو هجي، وهوا هجي.

 

سوچجي ڇو هيئن ڪجي يا هونءَ ڪجي،

يار سان “مدهوش“ ها ۾ ها ڪجي.

 

تنهنجي پيام تان صدقي،

تنهنجي سلام تان صدقي.

پيغام جنهن ڏنو آڻي

سجدو قدم قدم تي ڏيان،

جنهن رنگ ورتو هي توکان،

محفل ئي مست ٿي جنهن مان،

هم نام جو هجي تنهنجو،

“مدهوش“ جن بنايو، تن،

اُن خوش ڪلام تان صدقي.

ٿيان گام گام تان صدقي.

تنهن صبح شام تان صدقي.

تنهن فيض عام تان صدقي.

تنهن نيڪ نام تان صدقي.

نظرن جي جام تان صدقي.

 

ڏٺو جنهن مهلقا توکي، ويو پئجي سو وهوا ۾،

عجائب دلفريبي آهه تنهنجي رُوءِ زيبا ۾.

 

نه نرگس ۾، نه موتيو ۾، نه مگرو ۽ چنبيليءَ ۾،

تنهنجي رخسار جهڙي ڪين آ لالاڻ لالا ۾.

 

سندءِ شيرين لب جهڙو، مٺا ميٺاج ئي ڪونهي،

نه ماکيءَ ۾، نه مصريءَ ۾، نه شربت روح افزا ۾.

 

خدا خوبيون بڻايون جي، سڀئي تو ۾ ڏٺم سهڻا،

زياده خوبتر توکان ڪوئي ٿيندو ڀلا ڇا ۾.

 

رڳو مان عاشقِ ناشاد ناهيان آسري تنهنجي،

هزارين آسري تنهنجي جين ٿا يار دنيا ۾.

 

خمار آلود اکڙين سان ڪرين “مدهوش“ ٿو ماڻهو،

خمار اهڙو نه اي محبوب، هوندو جام صهبا ۾.

 

اسان کي آزمائي آزمائي،

ڇڏيو آخر زماني سر جهڪائي.

 

وڏو ڪيڏو نه چئبو ظرف پنهنجو،

سگهيو ڪوئي نه اندازو لڳائي.

 

ٻڌي پنهنجي گلا، پنهنجي ڪنن سان،

چيوسين ڪين ڪنهن کي ڪجهه ورائي.

 

زماني کان مليا صدمن تي صدما،

ڇڏيوسين دل جي دامن کي وڇائي.

 

ڀرم تنهنجي محبت جو رکيوسين،

ٻه ڳوڙها پنهنجي جهوليءَ ۾ وهائي.

 

رهي سورن ڏکن ۾ ڪو خوشيءَ سان،

سمورو ماس سيخن تي پچائي.

 

سو ڪامل شخص ٿو “مدهوش“ سڏجي،

پراون کي جو پنهنجو ٿو بنائي.


 

هنيئي تير جيڪي نگاهن جا سامهون،

کُتا منجهه ڇاتي، نه هيڏي نه هوڏي.

 

جگر جان جيرا، سڀئي ٿي پيا ٻيرا،

مگر ٿي حياتي، نه هيڏي نه هوڏي.

 

نڙيءَ تي اچي دم ٿي واپس وڃي ٿو،

نه هيڏي ٽُٽي ٿو نه هوڏي ٽُٽي ٿو،

ڪيئي منهنجي جندڙي مرڻ ڪاڻ ماندي،

جِيڻ ڪاڻ آتي، نه هيڏي نه هوڏي.

 

چڱو هو ته مون کي تون ماري ڇڏين ها،

گهڻي سور کان ئي ڇڏائي ڇڏين ها،

و ليڪن اي قاتل، مٿان منهنجي گردن،

وهائي تو ڪاتي، نه هيڏي نه هوڏي.

 

نظر کي نظر سان تو قيدي بنايو،

وڌُءِ دام جيڪو نه ويو سو اَجايو،

ڪيئي ديد ديدَن ۾ اهڙي ته قابو،

جو پاتي مون جهاتي، نه هيڏي نه هوڏي.

 

نڪي آگ حسرت جي ٺاري تو ڄاتي،

نڪي آگ الفت جي ٻاري تو ڄاتي،

محبت جي “مدهوش“ کي تو چُئانتِي،

آ لاتي ته لاتي، نه هيڏي نه هوڏي.

 

نگاهن جي ناوڪ اُلارڻ نه گهرجي،

اُلاري جي ويهجي ته ٽارڻ نه گهرجي.

 

ڪري آڇ اکڙين ۾ ويهڻ جي ڪنهن کي،

ويهاري وري سو اُٿارڻ نه گهرجي.

 

محبت ۾ ليکو ڪبو ئي نه آهي،

ڏيڻ ۽ وٺڻ مُور سارڻ نه گهرجي.

 

سلي پنهنجي سورن سندي ڳالهه ڪنهن سان،

وري پوءِ ٻيهر پچارڻ نه گهرجي.

 

هٿن ساڻ پنهنجي ڪجي حال حاضر،

سواليءَ کي در تان ڌڪارڻ نه گهرجي.

 

ڪري هيئن زماني ۾ بدنام هاڻي،

جدا توکي گهارڻ، گذارڻ نه گهرجي.

 

آ “مدهوش“ تنهنجي محبت جو ماريل،

مُئل کي او محبوب مارڻ نه گهرجي.

 

اڄ عجيبا اک اڙائي، تو وڏو ٿورو ڪيو،

گهور گهريءَ ساڻ گهائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

 

گل وفائن جا مون حاضر جيئن ڪيا تنهنجي اڳيان،

دل جي دامن کي وڇائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

 

مون اياڻي ڪنهن نه ڪم جهڙي ڪِريل انسان کي،

پيار سان پنهنجو بنائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

 

عشق جون ڳالهيون رهيون، تنهنجي منهنجي درميان،

لوڪ کان تن کي لڪائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

 

عشق جي اوجهڙ ۾ تنها ٿيڙ کائيندو ڏسي،

مون رُليل کي راهه لائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

 

تنهنجي نظرن تي لڳا پهرا ته ڀي نظرون کڻي،

مامَ ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

 

سور سختين جا جبل سِر جي مٿان اُڇلائي نيٺ،

آزمائي، آزمائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

 

سمجهي بيڪارو جڏهن پنهنجن ڌڪاري هو ڇڏيو،

دوستيءَ جو هٿ وڌائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.

 

هونءَ ته لک “مدهوش“ تي ٿورا سندءِ آهن مگر،

اڄ اڱڻ تي پير پائي، تو وڏو ٿورو ڪيو.


 

 

سڄي دنيا جي آتي آ مٺا سائين نظر توڏي،

گنهه ڪهڙو نظر منهنجي کڄي وئي اگر توڏي.

 

ڏنم دل سا ڏنم توکي ڀلا ليکو ڪريان ڪهڙو،

هجي دل جي انهيءَ سودي ۾ ڪس مون ڏي ڪثر توڏي.

 

اکين جا هر طرف پهرا لڳل ها تو مٿان ليڪن،

لڪائي لوڪ ساري کان اکين آندي خبر توڏي.

 

حقيقت ڪيئن به آهي، پر سموري سهوَ منهنجي آ،

ميارن جو نٿو ڪوئي ٺهي هڪڙو اکر توڏي.

 

مريضِ عشق جو سارو ئي حالِ زار ظاهر آ،

روانو ٻيو ڪريان اي دوست ڪهڙو نامه بر توڏي.

 

فقط اي دلربا مرڪن ڀري هڪ ديد جي خاطر،

واجهائينديون رهيون اکڙيون نماڻيون عمر ڀر توڏي.

 

ٻڌائي هن کي ۽ هُن کي ڇڏيو ٿو وائري جڳ ۾،

مڪو “مدهوش“ جيڪو داستانِ مختصر توڏي.

اگر جڳ ۾ ڪائي وڏي ڳالهه آهي،

ته واعده وفائي وڏي ڳالهه آهي.

ڀلن سان ڀلايون ته هر ڪو ڪري ٿو،

بـَـّرن سان ڀلائي وڏي ڳالهه آهي.

سڄڻ تون ته تون آن، مگر تنهنجي در جو،

گداگر گدائي وڏي ڳالهه آهي.

سکن جا ته ساٿي سوين پر ڏکن ۾،

ٿيڻ حال ڀائي وڏي ڳالهه آهي.

نظر کي نظر سان ملائڻ آ سولو،

مگر آشنائي وڏي ڳالهه آهي.

اڱڻ تي اچي پير پائي نه پائي،

رُڳو هن جي ”ها“ ئي وڏي ڳالهه آهي.

اي “مدهوش“ ڪنهن سان سلڻ جهڙي ناهي،

پرينءَ جا ٻڌائي وڏي ڳالهه آهي.

ڪيئن رات جدائيءَ ۾ گذري اي يار پيارا ڳالهه نه پڇ،

بيتابي دل جي عالم جي اي دوست خدارا ڳالهه نه پڇ.

 

مون رات سڄي تڙپي تڙپي او جانب جاڳي گهاري ڇڏي،

ڇا حالت هئي ير توکان سوا، دلدار دلارا ڳالهه نه پڇ.

 

پل پل ۾ پيا ٿي پور سوين، سوداءَ سوين ۽ سور سوين،

ڪيڏو نه رهيا منهنجي قسمت جا، گردش ۾ ستارا ڳالهه نه پڇ.

 

هي جيءُ جُکايل جکندو رهيو ۽ نيٺ ائين ٿي صبح ويو،

ڪهڙا نه ڏنا مون وس آهر، هن دل کي سهارا ڳالهه نه پڇ.

 

ڇا لطف و عنايت قرب و ڪرم، ڪيو تنهنجي تصور مون تي صنم،

تصوير اکين جي آڏو اچي، ڪيا ڪهڙا اشارا ڳالهه نه پڇ.

 

“مدهوش“ اکين کي پرچائيندي، مون ڪين گهٽايو سرچائيندي،

ته به ڪين رهيا، ساري رات رُنا، هي نيڻ ويچارا ڳالهه نه پڇ.


 

 

نه هن کان ڌار مان آهيان، نه مون کان ڌار هو آهي،

خيالن ۾، تصور ۾ سدائين روبرو آهي.

 

هيڏي توڙي هوڏي يارو، ڏسان هر طرف هن کي ٿو،

نظر ۾ هو ئي آهي، ۽ نه ٻئي جي جستجو آهي.

 

وسارڻ سان نٿو وسري، ڀلا وسري به آخر ڪيئن؟

نظر منهنجي اڳيان هر هر جو بيٺو هوبهو آهي.

 

ڏِهاڙي راهه جنهن جي تي ڪري ٿو ماهه ڀي سجندو،

چوان ڪيئن تنهنجي نالي مان ته هو ڀي ماهرو آهي.

 

ملي لالاڻ ۽ سرهاڻ دلبر جي لبن کان ٿئي!

تڏهن اي گل! چمن ۾ تنهنجي ايڏي آبرو آهي.

 

مشابهه شهنشاهِ حسن کي ڪنهن سان ڪريان يارو،

ڏٺو اڄ ڏينهن تائين مون نه اهڙو خوبرو آهي.

 

فرشتا دنگ رهجي ٿا وڃن “مدهوش“ اُن ساعت،

جڏهن نظرن جي نظرن ساڻ ٿيندي گفتگو آهي.


 

نازن سان مون کي حسن جو سلطان ٿو ماري،

نظرن جا ڪشي ڪانَ ۽ پيڪان ٿو ماري.

هيءُ خاص خمِ ڪاڪل و آرائشِ گيسُو،

۽ زلف گره گير جو زندان ٿو ماري.

سينگار ڪري عاشقِ ناشاد ڪُهين ٿو،

رخسار و لب و خالِ زنخدان ٿو ماري.

ڏي عشق جي بيمار کي ديدار جو شربت،

اڻ ڄاڻ حڪيمن جو هي درمان ٿو ماري.

ڪلهه يار جي ديوار و درو بام ٿي چاهيو،

اڄ درگه دلدار جو دربان ٿو ماري.

هرگز نه ڪڏهن زور و زبر سان ڪو جهڪي ٿو،

”انسان کي انسان جو احسان ٿو ماري.“

ڪعبي ۾ ڏسي ڪافرِ ايمان شڪن کي،

“مدهوش“ چيم دشمنِ ايمان ٿو ماري.

اگر دلبر نه دل جي آرزو سمجهي ته ڇا ڪريان؟

مان سمجهايان، مگر ڪجهه ڀي نه هو سمجهي ته ڇا ڪريان.

 

بت مغرور آڏو پيش ڪريان عرض عاجزُ ٿي،

نه منهنجي عاجزاڻي گفتگو سمجهي ته ڇا ڪريان.

 

ڏياريان عشق جو احساس الفت جي اشارن سان،

نه جي اهڙا اشارا شوخرو سمجهي ته ڇا ڪريان.

 

هميشه پنهنجو پنهنجو آ ۽ ڌاريو نيٺ ڌاريو آ،

و ليڪن هن حقيقت کي نه هو سمجهي ته ڇا ڪريان.

 

ڇڏيان “مدهوش“ الفت جا ڇني ناتا سمورا، پر،

تصور منهنجو هُن کي روبرو سمجهي ته ڇا ڪريان.

جي سامهون اچين ٿو ته تابش ٿي ماري،

لڪين ٿو ته ڳولا جي خواهش ٿي ماري.

 

جي ڪاوڙ ڪرين ٿو ته ڪاوڙ ڪُهي ٿي،

جي پرچي پوين ٿو نوازش ٿي ماري.


توکي ناهه پرواهه دل جي لڳيءَ جي،

مون کي عشق تنهنجي جي آتش ٿي ماري.

 

تنهنجي پاڪ مک جو نظارو ٿو موهي،

بناوت، سجاوٽ، نگارش ٿي ماري.

 

رهي حسن تنهنجي جو پردو سلامت،

نقابن جي هوندي نمائش ٿي ماري.

 

مقيد اڳيئي آهيان آءٌ، ويتر،

سندءِ زلف واري آرائش ٿي ماري.

 

شبِ وصل ۾ خوفِ فرقت رهي ٿو،

شبِ هجر ۾ غم جي سازش ٿي ماري.

 

اکين تي نه “مدهوش“ الزام ڌَر تون،

اکين کي به دل جي سفارش ٿي ماري.


 

 

ڇيڙيو شبِ فراق ۾ اذڪارِ يار کي،

حاصل قرار ٿيندو دلِ بيقرار کي.

 

غم ويا وڌي بصورتِ روزِ جزا نديم!

ڪهڙي طرح گهٽايان شبِ انتظار کي.

 

مان منتظر لحد ۾ به هوندس سڄڻ جي لئه،

قدمن جو شرف شايد ٿئي حاصل مزار کي.

 

جو باوجود ترڪِ محبت به دل تي آ،

ڪهڙي طرح مٽايان تنهن نقشِ يار کي.

 

اوريو مون حال دل جو هن سان قسم کڻي،

آيو نه اعتبار پر بي اعتبار کي.

 

هر شاخ و گل اُداس، پريشان مکڙيون،

”افسوس ڇا ٿيو آ نسيمِ بهار کي.“

 

“مدهوش“ ميڪشي سان به لاهي نٿو سگهي،

يارو نگاهِ مست جي ڪيف و خمار کي.


 

 

ڪٿ شيخ جو تڪبر، ڪٿ انڪسار منهنجو،

ڪٿ ڪاروبار هُن جو، ڪٿ روزگار منهنجو.

 

هو خود پرست آهي، مان حق پرست آهيان،

ڪٿ اعتبار هُن جو، ڪٿ اعتبار منهنجو.

 

هو خلد جو آ خواهان، مان يار جي قدم جو،

ڪٿ انتظار هُن جو، ڪٿ انتظار منهنجو.

 

هو پاڪباز آهي، مان خاڪسار آهيان،

ڪٿ اقتدار هن جو، ڪٿ اقتدار منهنجو.

 

دَمُ آ سهارو هُن جو، غمُ آ گذارو منهنجو،

دم تي مدار هن جو، غم تي مدار منهنجو.

 

هن وٽ غرور هستي، مون وٽ سرور مستي،

ڪٿي ڪيف بي خبر جو، ڪٿ آ خمار منهنجو.

 

هو پاڻ کي ٿو ٺاهي، مان پاڻ کي ٿو ماريان،

ڪٿ اختيار هن جو، ڪٿ اختيار منهنجو.

 

باهوش ٿو سڏائي، “مدهوش“ ٿو سڏايان،

شيوو آ ڌار هُن جو، مسلڪ آ ڌار منهنجو.

 

آ مهربان مون تي، پروردگار منهنجو،

ڪهڙو نه وقت گذري، ٿو خوشگوار منهنجو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org