سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: دل جون ڳالهيون

 

صفحو :6

مصريءَ جهڙا مٺڙا، من رات اڄوڪي ترسي پئو،

ليکا نه ڪجن اهڙا، من رات اڄوڪي ترسي پئو.

هڪ پنهنجي جوانيءَ جي صدقي، ٻيو نانءُ الهه جي او جاني،

پرديسي سانولڙا، من رات اڄوڪي ترسي پئو.

ڳل پاند وجهان، پيرين به پوان، ٻانهون به ٻڌان،

سر جا سائين سنهڙا، من رات اڄوڪي ترسي پئو.

اڄ آس وندن جو لله کڻي هيءُ عرض مڃو،

نه وڃو تڪڙا تڪڙا، من رات اڄوڪي ترسي پئو.

بيڪار برا، بدڪار صفا، ته به تنهنجا ئي سڀ آهيون،

ڪوجها، ڪارا، گندڙا، من رات اڄوڪي ترسي پئو.

“مدهوش“ ڪري، مستان ڪري، اڄ وڃ نه ڇڏي،

هيءُ حال ڏسي ههڙا، من رات اڄوڪي ترسي پئو.

اهي منهنجون رولاڪ رولاڪ سوچون،

جهلڻ سان جهليون نه بيباڪ سوچون.

ڦرن ٿيون جي گردش ۾ غمناڪ سوچون،

ڪنديون نيٺ ڪاٿي وڃي ٿاڪ سوچون.

تنهنجي لوچ ۾ ويون هري هر ڪنهين سان،

حسينن جي چهرن جون هيراڪ سوچون.

جهڙي ريت محبوب آهي مقدس،

اهڙي ريت سمجهو سندم پاڪ سوچون.

محبت جا دريا وهائي ڇڏينديون،

دلين جي درن جا ڀڃي تاڪ سوچون.

وفائن جي راهن سان هلنديون ئي رهنديون،

کوڙينديون نه وچتي، ڪٿي ڍاڪ سوچون.

جفائن جي جنهن دم تپش تيز ٿيندي،

وسائينديون “مدهوش“ تي ماڪ سوچون.

جي مون کي پنهنجو تون آهين ۽ توکي پنهنجو مان آهيان،

ته پوءِ ڪهڙو سبب جو مان پراون وانگيان آهيان.

مون کي پنهنجو ڪري سمجهين نه سمجهين سڀ روا توکي،

حقيقت ۾ ته تنهنجي ذات ۾ ذاتِ نهان آهيان.

نظر تنهنجي اهڙو ڪو ته جادو جو اثر آهي،

زبان هوندي به دلبر تنهنجي آڏو بي زبان آهيان.

سندءِ در تان هٿين خالي ورائڻ کان ذرا اڳ ۾،

ڪم از ڪم ايترو محسوس ڪر آيو ڪٿان آهيان.

لکيل هڪڙو خوشيءَ جو حرف جنهن جي ورق ۾ ڪونهي،

ڪتاب زندگيءَ ۾ سو غمن جو داستان آهيان.

بنايل آءٌ آهيان حسرتن جي خاڪ جو پتلو،

هزارين آرزوئن جو ۽ خوابن جو جهان آهيان.

تڏهن کان دلربا “مدهوش“ آهيان، هوش ۾ ناهيان،

نشانو تير تنهنجي جو بڻيو جنهن ڏينهن کان آهيان.

 

اثر اهڙو اٿئي ڪو اي قاتل تيرِ مزگان ۾،

جو هڪڙي وار سان سو چاڪ ٿي پيا دل جگر جان ۾.

شهيدِ ناز جي تربت منجهان آواز هي آيو،

اڏائي وڃ صبا تون خاڪ منهنجي ڪوءِ جانان ۾.

دمِ آخر به نڪتي هي صدا شل خوش هجي جاني،

دعا پنهان هئي اي يار منهنجي آهه سوزان ۾.

محبت چئن ڏينهن واسطي ڪا عرضي ناهي،

قيامت ۾ به هوندو دست هي تنهنجي ئي دامان ۾.

حياتي ڀر وري آزاد ٿي سو  ڪينڪي سگهيو،

مقيد جو رهيو آ يار تنهنجي زلف پيچان ۾.

ڪندو ”مدهوش“ محشر ۾ خدا خود فيصلو پاڻهي،

ڏسي ڪجهه داغ منهنجي خون جا تنهنجي گريبان ۾.

 

نهاري ناز مان نازڪ نماڻي دل نهوڙي وئين،

انهن خوني نگاهن سان جگر ۾ تيز کوڙي وئين.

نرالي ناز نخري سان، ادا سان، ڍنگ سان، ڍر سان،

محبت سان ۽ ماڻن سان مٺا ماري مروڙي وئين.

گهڙي درياهه ۾ تنهنجو سهارو مون وتو ليڪن،

تمنائن جي ٻيڙي کي ڪناري تي ئي ٻوڙي وئين.

پراوا ها پراوا ٿيا، مگر افسوس آ تنهنجو،

پراون جي چوڻ تي مفت ۾ منهن تون به موڙي وئين.

خطا ڪهڙي پئي جنهن جي سزا لوڙي رهيو آهيان،

سبب ڪوئي ته هوندو جنهن ڪري ناتي کي توڙي وئين.

اڃا مس عشق جي ٻوٽن ڪڍيا گوشا محبت جا،

جفا جي واء سان تن کي اُلوڙي وئين اُکوڙي وئين.

ملائي خاڪ ۾ هر آرزو ”مدهوش“ جي جانب،

جڏي هن جيء جهوريل کي ڏکن سان نيٺ جوڙي وئين.

 

خود کان پڳو ڪين ڪم رهبريءَ جو،

جنون درس ڏيندو رهيو آگهي جو.

 

سدائين گهرو خير هر آدميءَ جو،

اهو ئي طريقو وٺو بندگيءَ جو.

 

هميشه کنيائون قدم دشمنيءَ جو،

مگر دم ڀريندا رهيا دوستيءَ جو.

 

ٿيا ڏوهه ثابت ۽ برباد نيڪي،

مليو خوب مون کي صلو سادگيءَ جو.

 

خدايا هي ڪهڙو زمانو اچي ويو،

پٽي ماس ٿو آدمي، آدميءَ جو.

 

پيڻ سان ئي مستي ۾ اُٿلي پياسين،

گهڻو ئي رکيوسين ڀرم مئڪشي جو.

 

مڃان ٿو بهشتِ برين جي نزاڪت،

مگر اور نقشو آ هن جي ڳلي جو.

 

ٻه ٽي لفظ هن سان نه ٻولڻ ڏنائين،

خدا غرق ٻيڙو ڪري بي خوديءَ جو.

 

ڏهاڙي زيارت نصيب آهه هن کي،

اسان کان ڀلو آ نصيب آرسيءَ جو.

 

محبت ۾ ”مدهوش“ مشهور آهيان،

سرعام چرچو آ ديوانگيءَ جو.

شبِ تاريڪ جي صورت سڄو عالم نظر آيو،

سندءِ رخ تي جڏهن زلف سيهه برهم نظر آيو.

نقابِ رخ هٽائي ڇڏ متان راهي وڃن ڀلجي،

اڳيئي عشق جو آ پيچرو خم خم نظر آيو.

جتي محبوب سائين جو نظر نقشِ قدم آيو،

اتيئي واعظا سجدو مون کي لازم نظر آيو.

جهانِ عشق جي رستي ۾ هڪ اهڙو مقام آيو،

جتي پنهنجو ته ڇا هر اجنبي همدم نظر آيو.

زماني جو عجب دستو آ دائم نظر آيو،

ڪٿي شادي نظر آئي، ڪٿي ماتم نظر آيو.

ٽُٽي هر هڪ سهارو ويو جتي ”مدهوش“ کان يارو،

غمِ دلبر اتي همراز ۽ همدم نظر آيو.

نئين دنيا مجسم دل ڪشي آهي،

مگر هن حسن ۾ دل جي ڪمي آهي.

زبانِ دوستان ۾ دوستي آهي،

مگر دل ۾ سراسر دشمني آهي.

ڀلا هيءَ زندگي ڀي زندگي آهي،

نه جنهن ۾ غم نه جنهن ۾ ڪا خوشي آهي.

ملايا شهر شهرن سان ويا ليڪن،

پري ٿيو آدميءَ کان آدمي آهي.

خدا کان دور، ويجها چنڊ کي آهيون،

جنابِ من ترقي ٿي رهي آهي.

لڪايان پاڻ کي ٿو پاڻ کان يارو،

مون کان مون کي ڏسو ڪيڏي وِٿي آهي.

اهو انسان ڪيئن انسان ٿو سڏجي،

خبر جنهن کي نه پنهنجي پاڻ جي آهي.

رهي ”مدهوش“ ٿو خوش فيضيابيءَ ۾.

جو استادي جنابِ فيض جي آهي.

دلربا توکان سواءِ هي زندگي گهرجي نٿي،

زندگي گهرجي نٿي، گهرجي نٿي، گهرجي نٿي.

هن حياتي کان ته آهي موت بهتر سو دفعا،

تو سواءِ هيءَ عمر هيڪاندي وڏي گهرجي نٿي.

تنهنجو غم آ منهنجو غم، تنهنجي خوشي منهنجي خوشي.

جنهن ۾ شامل تون نه آهين سا خوشي گهرجي نٿي.

اي مٺا دل ٿي چوي بس در سندءِ تي سر هجي،

بندگي تنهنجي سوا ٻي بندگي گهرجي نٿي.

دوستيءَ جو فرض ناهي چاره سازي دوستو،

ناصحن واري اوهان جي دوستي گهرجي نٿي.

ڏي پيالن تي پيالا مست ۽ ”مدهوش“ ڪر،

هوش واري اي پيارا زندگي گهرجي نٿي.

اڄ ٿي منهنجي گهر ۾ آمد ناگهاني يار جي،

ناتوان تي  ٿي نه ڪيڏي مهرباني يار جي.

هو ڇڏيو حاذق حڪيمن لادوا جنهن کي ڪري،

ٿي ويو علاج ان جو خوش بياني يار جي.

درخدا جي مون کان بي اختيار نڪتي هيءَ صدا،

دائما قائم هجي حسن و جواني يار جي.

دنيا فاني روپ فاني ۽ فنا هر چيز آ،

هڪ محبت ٿي سگهي ٿي غير فاني يار جي.

نقش ٿي تصوير دل تي آ سدائين واسطي،

ڪين ٿي گهرجي مون کي ڪا ٻي نشاني يار جي.

زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ دل نه هاري ويهجي،

ڇا ڪندا دشمن جي هوندي مهرباني يار جي.

اوچتو نظرون لڙيون ”مدهوش“ منهنجون يار سان،

ٿي مگر پئي هار منهنجي، ڪامراني يار جي.

جيسين تو دلربا جو ديدار ڪين ٿيندو،

تيسين نصيب منهنجو بيدار ڪين ٿيندو.

بيمار عشق جي کان پڇجي ته حال ڇا ٿئي،

اهڙو ثواب شايد ٻيو يار ڪين ٿيندو.

جيڪا رضا آ تنهنجي، سائي رضا آ منهنجي،

منهنجو ڪڏهن به توسان تڪرار ڪين ٿيندو.

تنهنجو ستم ستمگر هر هڪ قبول آهي،

بندو ڪڏهن به ڀلجي بيزار ڪين ٿيندو.

دلبر تڪي تڪي مون کي چئي ڏنو ته عاشق،

خالي ڪڏهن به منهنجو ڪو وار ڪين ٿيندو.

بي اعتبار دل کي ڪيئن اعتبار ايندو،

تنهنجي نظر جو جيسين اقرار ڪين ٿيندو.

آزار ٻيا به آهن ”مدهوش“ ڪيئي ليڪن،

دنيا ۾ عشق جهڙو آزار ڪين ٿيندو.

 

هر روز هي آهون درِ يار چُمن ٿيون،

درِ يار چمن ٿيون، ديوار چمن ٿيون.

بيتاب و پريشان خاموش صدائون،

پابوس رهن ٿيون، رفتار چمن ٿيون.

آ هُن ۾ سمايل هر ساز جون تارون،

باذوقِ عقيدت گفتار چمن ٿيون.

اي موت خدارا ڪا ترس گهڙي پل،

مجبور نگاهون رخسار چمن ٿيون.

قربان وڃان تن راهن جي مٿان جي،

پازيب سندءِ جي جهنڪار چمن ٿيون.

ابرن جي اشارن ۾ ڏسي محو چيائين،

”مدهوش“ نگاهون تلوار چمن ٿيون.

 

اسان کي هر قدم، هر گام تي ميخانا گهرجن ٿا،

برنگِ حافظ و خيام، ڪي مستانا گهرجن ٿا.


خدارا ڪنهن به قيمت تي در ميخانا کولايو،

جو ميخوارن کي پئمانن مٿان پئمانا گهرجن ٿا.

 

کڻن هوش و خرد جي ساڻ سي همراهه ڇو کڻجن،

اسان کي همسفرِ الست ۽ ديوانا گهرجن ٿا.

 

جنونِ آرزوءِ دار سَڌڙين جو ته ڪم ناهي،

هتي فولاد جي دل ۽ جگر مردانا گهرجن ٿا.

 

رهان سرگشته ٿو هر دم صنم جي رهگذارن ۾،

نه مطلب آهه ڪعبي سان نڪي بتخانا گهرجن ٿا.

 

اي اربابِ سياست روپ مصنوعي ڍڪي ڇڏيو،

هتي ديوانگيءَ جي ويس ۾ فرزانا گهرجن ٿا.

 

نظامِ نو جي آمد تي چيو هيئن گردشِ دوران،

”نيون شمعون جلايو جو نوان پروانا گهرجن ٿا.“

 

خيالِ خامِ دنيا کي صفا چاهيان مٽائڻ ٿو،

اڃا ”مدهوش“ کي ساقي ٻه ٽي پئمانا گهرجن ٿا.

 

نگاهن جو ماريل ڪڏهن موت سان ڀي،

مري ڪين سگهندو، مري ڪين سگهندو.

 

انهيءَ دام ۾ جو اچي ويو سو واپس،

وري ڪين سگهندو، وري ڪين سگهندو.

 

ڪَيَوَ گهاوَ جيڪي وجهي گهور سهڻا،

ڇٽڻ جا ئي ناهن اهي مُور سهڻا،

 

اوهان کان سوا سور دل ۽ جگر جو،

ٺري ڪين سگهندو، ٺري ڪين سگهندو.

 

اوهان پاڻ محبوب مرضيءَ جا آهيو،

اسان عيبدارن کي ڀانيو نه ڀانيو،

 

اسان جو اوهان کان سڄڻ ساهه ۽ سر،

سري ڪين سگهندو، سري ڪين سگهندو.

 

پرين آءُ گڏجي ڪي مچڙا مچايون،

چوري چڻنگ چاهت جي دل کي دکايون،

 

رڳو هڪ طرف کان محبت جو ٻارڻ،

ٻري ڪين سگهندو، ٻري ڪين سگهندو.

 

محبت جي درياهه ۾ ڪين گهڙجي،

جي گهڙجي ته واٽان وري ڪين وَرجي،

 

هي درياهه دل من هڻڻ سان ڪو تارون،

تري ڪين سگهندو، تري ڪين سگهندو.

 

بهشتِ برين جي نه ڏي خام رغبت،

ڳلي يار جي آهه مون لاءِ جنت،

 

هي ”مدهوش“ تنهنجي نصيحت سان ناصح!

کري ڪين سگهندو، کري ڪين سگهندو.

 

 

جڏهن يار تنهنجي ملاقات ٿيندي،

انهيءَ رات جهڙي نه ٻي رات ٿيندي،

 

مٺا يار مرڪي پياريندو رهندين،

ته اڄ رات پيئندي ئي پرڀات ٿيندي.

 

شراب محبت عجب چيز آهي،

پيڻ شرط هستي مري مات ٿيندي.

 

اوهان جي ستم کي ڪرم سمجهي ويٺس،

وڌيڪ ان کان ڪهڙي ٻي سوغات ٿيندي.

 

سوا تو گذاريان مگر ڪيئن گذاريان،

وڇوڙي ۾ ورهن جي هڪ رات ٿيندي.

 

گناهن جو ٻيڙو ٻڏي غرق ٿيندو،

جڏهن ابرِ رحمت جي برسات ٿيندي.

 

گنهگار ”مدهوش“ آهيان ته ڇا هي؟

ڪرم فرما الله جي ذات ٿيندي.

تنهنجو توسان روبرو آ هوت هردم هوبهو،

دل جو آئينو صفا ڪر، ماڻ جلوو جوبجو.

 

ڇڏ خودي جي خير خواهي، ٿي خدا سان آشنائي،

پاڻ کي ڇڏ پاڻ کائي، ڪر بقا جي جستجو.

 

آ بقا تنهجي فنا ۾، راضپو گهرجي رضا ۾،

طاعتِ عشقِ خدا ۾، خونِ دل سان ڪر وضو.

 

صُحبتِ پير مغان آ، حاصلاتِ دو جهان،

گم رهين جي غير کان، رهبر ڏسين تون روبرو.

 

ڪر نِگاهه عارفانه، ڌر نيازِ عاجزانه،

پا قباء عاشقانه، خوبتر ٿي خوبرو.

 

ڪڍ ڪدورت قلب واري، ڏي ٻيائي کي ٻهاري،

جنهن ڀُلايئي عمر ساري، سو نه ماريئه ڇو عدو.

 

ڇڏ زوالِ زندگي کي، وڌ ڪمالِ بندگي ڏي،

گوڙ گهمسان گندگي ۾، آهه ڪهڙي آبرو.

 

مار هيءَ ”مدهوش“ مستي،ڏي ڇڏي هر هوڏ هستي،

ڪر اها آباد بستي، جنهن ۾ آهي هيءُ نه هُو.

جيئن نظارا حسن جا، پيشِ نظر ٿيندا ويا،

هيءُ نماڻا نيڻ ويتر بي حذر ٿيندا ويا.

نيڻ هن جا ويا کڄي پر اوچتو ئي اوچتو،

عشق جي احساس کان محبوب تر ٿيندا ويا.

هيءَ جگر جيرا بُڪيون، تيرن جو نذرانو بڻيا،

واهه جو سڀ وار هن ڪارگر ٿيندا ويا.

تر برابر جي اشاري آندو هڪ ٻئي جي قريب،

درشنن جا دوبدو دل تي اثر ٿيندا ويا.

وقت سان گڏ عشق جو ٿيندو رهيو جيئن راز فاش،

”تون ۽ مان“ جا فاصلا ڀي مختصر ٿيندا ويا.

روءِ زيبا جي اڳيان ڪنهن کي ڀلا ڪهڙي مجال،

حوصلا دانشورن جا دربدر ٿيندا ويا.

هوش جي هستي نه اي ”مدهوش“ ڪا باقي رهي،

هوش جا حيلا هڙئي زير و زبر ٿيندا ويا.

 

اک اٽڪائي، ياري لائي، ايڏي جدائي ڪين جڳائي،

ڪنهن کي تڙپائي، تڙپائي، ايڏي جدائي ڪين جڳائي.

 

راتيون جاڳي ڦٿڪان پيو ٿو، ڏينهن گذاريان روئي روئي،

رات به کائي ڏينهن به کائي، پل پل تنهنجي ياد ستائي.

 

توبن ڪوئي چين نه آهي، پاڳل منڙو ٿو گهٻرائي،

مورک من کي وڃ سمجهائي، جانب هڪڙي جهاتي پائي.

 

مست ڪري ”مدهوش“ بنائي، لونءَ لونءَ ۾ هيئن لوري لائي،

ايڏي لاپرواهي سهڻا، ڪنهن پر توکي ڪين جڳائي.

هزار رنگ ٿا ڏسجن خدا جي قدرت ۾،

عجيب آئي حقيقت نظر، حقيقت ۾.

 

وڃائين عمر ٿو ناحق فضول اي بندا،

سجاڳ ٿي، حياتي نه گهار غفلت ۾.

 

نه ڏي غرور جي ترغيب خاڪسارن کي،

عظيم لطف اچي ٿو نياز نوڙت ۾.

 

گنهگار، خطاڪار، عيبدار سهي،

مگر  اميد وڏي آ، خدا جي رحمت ۾.

 

بچايان هوش مان ”مدهوش“ پنهنجو ڪهڙي طرح،

تمام هوش ٿيا غرق بحرِ حيرت ۾.

 

نظر آئين ته ٿي منهنجي نظر جي جستجو رخصت،

ملئين مُرڪي ته ٿي بيتاب دل جي آرزو رخصت.

 

هٽي ويا زلف عارض تان ته ڄڻ ماههِ مُنير اُڀريو،

ڪِريا چهري مٿان گيسو ته ڄڻ ٿيو ماهرو رخصت.

 

لڳي ڇا دير دلبر موسمِ گل جي بدلجڻ ۾،

”هتان تنهنجو وڃڻ ۽ هت چمن مان رنگ وبو رخصت.“

 

گهڻو ئي پاڻ کي روڪي جهلي آخر ڏنم روئي،

وري واپس روانو ٿيو وٺي جنهن وقت هو رخصت.

 

غمِ دنيا کان اي ”مدهوش“ آزادي ملي ٿي، پر،

پوي ٿي عشق ۾ ڪرڻي سراسر آبرو رخصت.

وڃان ها ڪيئن نه آخر آءٌ پنهنجي هوش کان نڪري،

رخِ روشن ٿي پڌرو پيو هو، پردي پوش کان نڪري.

وڙهڻ لئه ور وجهي ويڙهيون ڪرڻ اکڙيون اُلر آيون،

ڪري حملا سي جوشيليون ويون ٿي جوش کان نڪري.

رنگي رخسار جي ويجهو وَسيهر ور وجهي بيٺا،

مثالِ مار ٿيا ڄڻ زلف ظاهر دوش کان نڪري.

ڪري تهه تهه قريبن آ ڪئي ڄڻ ڪهڪشان ظاهر،

ٽڙي نڪتا ستارا عرش جي آغوش کان نڪري.

نظر جيئن دوستو پيئي وڃي منهن ماهتابيءَ تي،

وئي ”سبحان الله“ اوچتو ”مدهوش“ کان نڪري.

هوڏهون هُن شوخ جي شوخي ادا ٿيندي رهي،

هيڏهون تير نظر سان دل ڳڀا ٿيندي رهي.

جيڪڏهن ڪنهن کان مزاجاََ آ جفا ٿيندي رهي،

بنده ناچيز کان آمين آ ٿيندي رهي.

جنهن گهڙي دل درد ۾ آ مبتلا ٿيندي رهي،

برڪتِ اسمِ مبارڪ سان شفا ٿيندي رهي.

تنهنجي در تي پيش منهنجي التجا ٿيندي رهي،

موٽ ۾ شفقت جي بارش بارها ٿيندي رهي.

ڪنهن گهڙي مرڪي ملڻ ۽ ڪنهن گهڙي ڪاوڙ عتاب،

مون مٿان تنهنجي عنايت ڪا نه ڪا ٿيندي رهي.

تو ڇڏي پنهنجي ڪري حدِ ڪريمي اي ڪريم!

درگذر ٿي هر خطا، ويتر عطا ٿيندي رهي.

پيار جي ڌاڳي ڪچي جو دوستو چئبو ڪمال،

جو ٻنهي طرفن کان روزانو پڇا ٿيندي رهي.

رفته رفته اوترو ئي ويا بلنديءَ تي چڙهي،

عاشقن جي جيتري جڳ ۾ گلا ٿيندي رهي.

ڇا ڪري سگهندو زمانو دشمني ”مدهوش“ سان،

جيڪڏهن دلدار تنهنجي ها ۾ ها ٿيندي رهي.

 

 

مٽائي صفحھ هستي کان تون ڇڏ نام و نشان منهنجو،

ڀلا ڇو بار بار آهي ستمگر امتحان منهنجو.

سرِ مقتل ڌڙن جو رقص آهي خوفِ قاتل کان،

ڏسي قاتل کي تڙپي ٿو، وجودِ نيم جان منهنجو.

نه ڪنهن سان دوستي  منهنجي، نه ڪنهن سان دشمني منهنجي،

رهي بس يار سان ياري، ويو ڇا غير سان منهنجو،

جتي راهي به گم، رهبر به گم، راهون به گم آهن،

بلطفِ عشق پهچي ويو، اُتي آ ڪاروان منهنجو.

ٻڌايان ڪنهن کي پنهنجي آه و زاريءَ جو سبب يارو،

رهيو آهي نه ڪوئي رازدارو رازدان منهنجو.

مون کي تيئن ٿيئن سڏڻ دنيا لڳي ”مدهوش“ مستانو،

گذر جيئن جيئن ويو ٿيندو مقام هوش کان منهنجو.

 

ڪر خدا تي ڀروسو،س موجِ هوا آئي ته ڇا؟

ڪا مصيبت سير ۾ اي ناخدا آئي ته ڇا؟

ڪشمڪش ۾ ڀل ته ساري زندگي گذري وڃي،

دوستو سر تي قضا سان جي قضا آئي ته ڇا؟

حق سندي تائيد ۽ ترديد باطل جي ڪبي،

ڪربلا پويان وري ٻي ڪربلا آئي ته ڇا؟

وقت پنهنجي جا اسين ڀي شاهه آهيون اي نديم،

مفلسي جي زندگي پهري قبا آئي ته ڇا؟

خون چوسيندي غريبن جو گذاري عمر جنهن،

وقت پيري تنهن کي گر يادِ خدا آئي ته ڇا؟

گُل ڇنا، پن پن جدا ٿيو، ڏار ٽوٽا ٿي چڪا،

دامنِ دلبر ڇهي، هاڻي صبا آئي ته ڇا؟

دوستو ”مدهوش“ آهيان، هوشياري ڇا ڪبي،

ابتدائي آئي ته ڇا، جي انتها آئي ته ڇا؟

گهر دل ۾ ڪري، گهر کي ڪرڻ ياد غلط آ،

دلبر سان ملي، در کي ڪرڻ ياد غلط آ.

 

جي ديد ملي ديد سان، هڪ ديد وڃي ٿي،

ديدار جي منظر کي ڪرڻ ياد غلط آ.

 

جو جيءُ چوي، تنهن کي ڏجي جاءِ به جيءَ ۾،

خود غرض ۽ خود سر کي ڪرڻ ياد غلط آ.

 

اک، اک سان لڳي اهڙي رح، هُو نه رهي هوُ،

پوءِ صورتِ دلبر کي ڪرڻ ياد غلط آ.

 

قدمن ۾ ڌَري سر کي،ڀلا سر کي کڻان ڪيئن،

سر ڏيئي وري سر کي ڪرڻ ياد غلط آ.

 

جنهن جاءِ هجي يار سان گڏ غير به شامل،

اُن مسجد و مندر کي ڪرڻ ياد غلط آ.

 

ڪنجوس جي ياري کان ڀلو آهين اڪيلو،

بي فيض تونگر کي ڪرڻ ياد غلط آ.

 

جو فرق وفائن ۽ جفائن ۾ نه سمجهي،

اُن يار ستمگر کي ڪرڻ ياد غلط آ.

 

ماڻڻ جي گهرين منزلِ مقصود اي ”مدهوش“،

ڪنهن راهه جي پٿرکي ڪرڻ ياد غلط آ.

 

ڀڳل دل ڪڏهن ڀي سڄي ڪا نه ٿيندي،

جي ڳنڍبي ته اهڙي وري ڪا نه ٿيندي.

 

صفائي جي ڪيڏي به ڪوشش ڪري ڪو،

ڪاري دل جي ڪارنهن اڇي ڪا نه ٿيندي.

 

صداقت جي صورت سلامت جي رهندي،

ته دل جي به توکان وِٿي ڪا نه ٿيندي.

 

تصور جي صورت ۾ ايندين ته ساري

زماني کي ڪا ثابت ڪا نه ٿيندي.

 

ازل کان ابد جيتري فاصلي جي،

جدائي اسان کان سَٺي ڪا نه ٿيندي.

 

جو ڪنهن سان ڪندو ڪين بي واجبي ڪا،

انهيءَ سان به بي واجبي ڪا نه ٿيندي.

 

محبت جي مذهب ۾ ”مدهوش“ هرگز،

شڪايت روا يار جي ڪا نه ٿيندي.

دردن جو دل ۾ ديرو، سُٿري ته ڳالهه ناهي،

اُن ۾ ڪرڻ بسيرو، سُٿري ته ڳالهه ناهي.

 

آخر علاج ڪهڙن ڪهڙن ڦَٽن جو ٿيندو،

اندر آ ٻيرو ٻيرو، سُٿري ته ڳالهه ناهي.

 

هڪڙو زخم هجي ها شايد ڇُٽي وڃي ها،

رڳ رڳ آهه ڇيرو، سُٿري ته ڳالهه ناهي.

 

وس ۾ هجيم جيڪر آتش اُجهايان دل جي،

بَٺ ۾ جلي ٿو جيرو، سُٿري ته ڳالهه ناهي.

 

زندان ڪو هجي ها، آزاد ٿي سگهان ٿا،

زلفِ سيھ جو گهيرو، سُٿري ته ڳالهه ناهي.

 

مرُڪن ۾ لڙُڪ پنهنجا، لوڪئون لڪايان ڪيئن مان؟

ڊاهڻ غمن جو پيرو، سُٿري ته ڳالهه ناهي.

 

مغرور پنهنجي شوخيءَ وارو مزاج بدلي،

اهڙو اچي ڪو ڦيرو، سُٿري ته ڳالهه ناهي.

 

”مدهوش“ سنگدل جي ايڏين عنايتن جو،

ويهي ڪجي نبيرو، سُٿري ته ڳالهه ناهي.

ڇا ڪبي ٻي آشنائي؟ تو بنا پرديس ۾،

سڃ سموري آ خدائي، تو بنا پرديس ۾.

 

پاڻ کان بيزار آهيان، پاڻ اهڙو ٿي چڪو،

جان ڀي آ ڄڻ پرائي، تو بنا پرديس ۾.

 

رات ساري پور پورن جي مٿان پوندا رهيا،

ڌم ڌڙي دردن مچائي،  تو بنا پرديس ۾.

 

شهر جي دلڪش نظارن ۽ خوشين کان ڏس پڇي،

”عيد مون آ ڪيئن ملهائي،تو بنا پرديس ۾.“

 

تو سوا غش کائي کائي نانءُ تنهنجو ٿي وتم،

ڪا گهڙي اهڙي به آئي، تو بنا پرديس ۾.

 

هن چري دلڙيءَ کي تنهنجي يادگيريءَ کان سواءِ،

اڄ به ناهي وار کائي، تو بنا پرديس ۾.

 

ڏينهن گذريا، ماه گذريا،سال گذريا هجر ۾،

عمر گذري وئي اجائي، تو بنا پرديس ۾.

 

اي مٺا همدرد هِن ”مدهوش“ جو ڪوئي نه آ،

حال محرم حال ڀائي، تو بنا پرديس ۾.

تو حسن جي واليءَ تان صد بار وڃان صدقي،

مک ماهه مثاليءَ تان صد بار وڃان صدقي.

 

ياقُوت نه تغل جنهن جو، مرجان نه مَٽُ جنهنجو،

اُن لب واري لاليءَ تان صد بار وڃان صدقي.

 

سڪ شُعاع جهُڪائي ويو، چنڊ پاڻ لڄائي ويو،

اُن سونهن سَلائيءَ  تان صد بار وڃان صدقي.

 

پنبڻين جا وَريل پيڪان، ڪَن قيد ٿا نوڪن سان،

آبرُوءَ هلاليءَ تان صد بار وڃان صدقي.

 

جنهن ڏي به ڏٺئي مُرڪي، منٽن ۾ چُڪو خوش ٿي،

اُن چال ۽ چاليءَ تان صد بار وڃان صدقي.

 

جيئن پير کنيئي ڍاري، هيءُ هنيانءُ ڇڏيئي ٺاري،

تنهنجي ٽور نراليءَ تان صد بار وڃان صدقي.

 

شهباز جي اک شرمائي،۽ شينهن جي اک گهٻرائي،

اُن نيڻ غزاليءَ تان صد بار وڃان صدقي.

 

جنهن ديد جي دلبي سان ”مدهوش“ ڪيئي مَستان،

تنهن ديد دناليءَ تان صد بار وڃان صدقي.

پياريون پياريون حسن وارن جون اکيون،

ناز واريون، حسن وارن جون اکيون.

 

وصف ۾ وڌ ماڻڪيون، پنبڻيون، ڀرون،

سهڻيون ساريون، حسن وارن جون اکيون.

 

ڪيترا قتلام ڪريو ڪيس ڪن،

ڪاريون ڪاريون، حسن وارن جون اکيون.

 

چقمقي ۽ چمڪندڙ ٻئي چيرويون،

رب سنواريون، حسن وارن جون اکيون.

 

مام مخفي منجهه موهيو ٿيون وڃن،

مونکي ماريون، حسن وارن جون اکيون.

 

ٿيون ڏسن جنهن ڏي، ڀلائي اُن سان ڪن،

ٻئي ڀلاريون، حسن وارن جون اکيون.

 

سنئون سڌو سيني ۾ سٽڪايو سَٽِن،

ڄڻ تراريون، حسن وارن جون اکيون.

 

ڏاڍ سان ڏاڍن کي ڏهڪايو وجهن،

ڏئي ڏيکاريون، حسن وارن جون اکيون.

 

ويون وڻي وهواهه اڄ ”مدهوش“ کي،

خوش خماريون، حسن وارن جون اکيون.

رقص فرمايو، ڪيف برسايو،

روح پنهنجي کي ڪجهه ته سرچايو.

جام جو ڍُڪ ڍُڪ نوش فرمايو،

ايترو اي يارو نه شرمايو.

بدنصيبيءَ کي ڏيو ڇڏي هاڻي،

قسمتون ٺاهيو، ڀاڳ پرچايو.

رات چانڊوڪي جيستائين آ،

مئي ڪشو! مئي جو دور ورجايو.

زندگي آ پويَن پَساهن ۾،

محتسب کي ته ٿورو ترسايو.

عشق جي باري ۾ مليو رايو،

عشق دولت آ، عشق سرمايو.

صبح ۽ سانجهي، راتيان ڏينهان،

محفل کي ”مدهوش“ گرمايو.

وريو پاسا ورايان مان، گهڙي هوڏي گهڙي هوڏي،

عذابن کان ۽ سورن کان، گهڙي هوڏي گهڙي هوڏي.

ڪرين جيڪر سسي ڌڙ کان جدا هڪ وار سان منهنجي،

ته ڇو تڙپان لڇان ڦٿڪان؟گهڙي هوڏي گهڙي هوڏي.

رڳو هن سوز تنهنجي ۾ سڙي مان خاڪ ٿيو آهيان،

گهمين ٿو يار غيرن سان، گهڙي هوڏي گهڙي هوڏي.

”اجهو آيوڪِ آيو“، جا دلاسا ڏيئي هن دل کي،

ٿو ريجهايان  ۽ پرچايان، گهڙي هوڏي گهڙي هوڏي.

مٽيءَ جي هيتري مُٺ جيتري دل ۾ محبت جو،

ڇُلي ٿو بحر بي پايان، گهڙي هوڏي گهڙي هوڏي.

سخاوت روڪ بيشڪ تون،ڏي نه خيرات ڪا مون کي،

اگر دامن کي ڦهلايان، گهڙي هوڏي گهڙي هوڏي.

جهلڪ جلوي جي ڏيکاري، ڪري ”مدهوش“ ويو آهين،

تڏهن هر هر ٿو واجهايان، گهڙي هوڏي گهڙي هوڏي.

 

يار ڀي پرکي ڏٺم، اغيار ڀي پرکي ڏٺم،

غم سڀئي پرکي ڏٺم، غمخوار ڀي پرکي ڏٺم.

 

ڪنهن نهاريو ڪين مرُڪي ۽ نه ڪنهن دامن جهلي،

آزمائي گل ڏٺم ۽ خار ڀي پرکي ڏٺم.

 

هر مصيبت کي ڏنو مون پنهنجي وس آهر ڪلهو،

زور پنهنجا ڀي ڏٺم ۽ بار ڀي پرکي ڏٺم.

 

سر مٿان گذري قيامت وئي مگر آئين نه تون،

قول ڀي پرکي ڏٺم، اقرار ڀي پرکي ڏٺم.

 

مون اشارن کي حقيقت سان ڪيو تعبير هو،

پر مٺا تنهنجا اهي، اظهار ڀي پرکي ڏٺم.

 

وَنِگ خاطر جي بنايئي زُلف واسينگن مثال،

دام تن جا ڀي ڏٺم ۽ مار ڀي پرکي ڏٺم.

 

هوش نذرانو ڌري ”مدهوش“ بنجي تو اڳيان،

مهر واري تو سندي درٻار ڀي پرکي ڏٺم.

 

اکڙين جا ڪري وار، مون کي مار ڀلي تون،

مارڻ کان نه ڪر آر، مون کي مار ڀلي تون.

 

وارن جي مٿان وار ڪرڻ کان نه ٿي بيزار،

سر ڌڙ کان ڪري ڌار، مون کي مار ڀلي تون.

 

تِرڇي نه نظرڌار، مگر صاف ٿي نروار،

سامهون سرِ بازار، مون کي مار ڀلي تون.

 

ڳَترن جو ٿي اَنبار وڃي چار سُو چوڌار،

ان ريت تون صدبار، مون کي مار ڀلي تون.

 

کڻ تيغ نه تلوار نڪي اور ڪو اوزار،

سٽِي سورهين ئي سينگار،مون کي مار ڀلي تون.

 

ڪر قياس جو وهنوار، نڪي ساهيءَ جو آچار،

هڻ تيغ لڳاتار، مون کي مار ڀلي تون.

 

ٿئي خنجرِ خونخوار جو سٽڪار ٻِسٽ پار،

ڪر دير نه بِسيار، مون کي مار ڀلي تون.

 

لاچار سان تڪرار ڪرڻ مور نه آ ڪار،

ڇڏ ليکا ۽ ويچار، مون کي مار ڀلي تون.

 

”مدهوش“ گنهگار سزاوار جي لَهه سار،

ايڏا نه ڏي آزار، مون کي مار ڀلي تون.

هر هر نوان ڪري ٿو، جي ناز ايندي ويندي،

مارن اِهي ٿا تنهنجا انداز ايندي ويندي.

 

آخر بچي بچي ڀي ڪهڙي طرح بچي دل،

اکڙين سندا بَڇين ٿو، شهباز ايندي ويندي.

 

احوال عشق جي ۾ ٻئي جو قصور ڪهڙو،

کولي وِڌا نگاهن، سڀ راز ايندي ويندي.

 

”مدهوش“ ناز وارن آڏو توکي جُڳائن،

آزيون، نياز، منٿون، ايلاز ايندي ويندي.

 

خدايا! هي تنهنجي خدائي نه گهرجي،

سوا يار جي چيز ڪائي نه گهرجي.

 

محبت ۾ صدما ڏيڻ ڪار ناهن،

وفا جي عيوض بي وفائي نه گهرجي.

 

ڪري ناز نخرا، کسي ڪنهن نموني،

ڦٻائڻ ائين دل پرائي نه گهرجي.

 

حياتي جي هر حال هڪڙي به ساعت،

ڪرڻ مور ضايع اجائي نه گهرجي.

 

جي ”مدهوش“ پنهنجي کي پنهنجو ٿو سمجهين،

ڪرڻ يار توکي جدائي نه گهرجي.

 

 

ايڏو فُرقت جو مون کي داغ دلدار نه ڏي،

پهرين من پيار ڏئي، پوءِ آزار نه ڏي.

ٻاڦ ٻاهر نه ڪجي،دل جي دل ۾ ئي هُجي،

راز دل جو ڪڏهن ڪنهن کي منٺار نه ڏي.

غير سان گڏجي گهمڻ،هٿ ۾ هٿ ڏيئي هلڻ،

هيڏا صدما او سڄڻ مون کي هر وار نه ڏي.

لوڪ ”مدهوش“ سڏي، چاهي ديوانو چوي،

توڙي ٿي ڇا به پوي،ڪنهن کي اظهار نه ڏي.

گونگن لڙُڪن کي نه جهليو،

رئندن نيڻن کي نه جهليو.

آههَ کي ڏيو اُٿلڻ پٿلڻ،

اُڌمن سُڏڪن کي نه جهليو.

ڊهندا رهندا موتين داڻا،

ڳاڙهن ڳوڙهن کي نه جهليو.

سُرندا رهندا سون  ڦُڙا،

سونن قطرن کي نه جهليو.

وس وارن تي حڪم هلايو،

پر مجبورن کي نه جهليو.

جي پور پوڻ سان ڇنڀيو پون،

اهڙن پلڪن کي نه جهليو.

دل جا اُڌما اُٿندا رهندا،

دل جي سمونڊن کي نه جهليو.

ڏاڍا هر ڪنهن تي پيا کلندا،

ڏاڍن ماڻهن کي نه جهليو.

سياڻن کي سمجهايو ڀلي،

پر ”مدهوش“ کي نه جهليو.

مقدر ۾ شفا ناهي شفا،

ته پوءِ ڪنهن جي دوا ناهي دوا.

 

ارادي کان سواءِ ٿي پئي خطا،

اها ڪنهن جي خطا ناهي خطا.

 

اگر ايمان ۾ خطرو اٿوَ،

سڌو سنئون چئو، خدا ناهي خدا.

 

چوڻ سڀ کي منهان منهن سچ کپي،

ڪرڻ اهڙي گلا ناهي گلا.

 

سچ ئي سر بسر آهي اَمُر،

ٻئي ڪنهن شيءَ جي بقا ناهي بقا.

 

مئل کي مارجي ٻيهر وري،

ستم ايڏو روا، ناهي روا.

 

نه آ جنهن کي حواس، اُن واسطي،

زماني جي هوا ناهي هوا.

 

اثر ”مدهوش“ آ هُن کي کپي،

سوا اُن جي صدا ناهي صدا.

ٻول ٻاراڻو ڪري، ڪنهن سان نه ٻاراڻي ڪجي.

جيڪڏهن ڪنهن سان ڪجي ڪا ڳالهه مرداڻي ڪجي.

 

ٻول کان اڳ سوچجي ۽ واعدو سمجهي ڪجي،

آڱرين سان ليڪ پائي، ڌار ڇو پاڻي ڪجي.

 

چاڙهي ٻيڙيءَ تي نه ڪڍجن ڪنهن جا تختا اي سڄڻ،

وقت تي واهر ڪجي ۽ ساهه سر ساڻي ڪجي.

 

پيار جا جي پير کڻجن، ڪين غفلت ڪا ڪجي،

نينهن لائي پوءِ ڪڏهن هرگز نه اڻ ڄاڻي ڪجي.

 

مڙس ٿي سهجي مصيبت، مڙس ٿي مهلون ڪجن،

درد دکندائي رهن، پر دل نه ويڳاڻي ڪجي.

 

حال پنهنجي دل سندو ڪنهن کي ڏيڻ آهي غلط،

سور سامهون ٿي پون، تن جي به سرواڻي ڪجي.

 

دل جي چوري ٿي وڃڻ جي واءُ ويلا ڇو ڪجي؟

چور جي سجهندو هجي، ته به سرت ساڌاڻي ڪجي.

 

لائجي ڪنهن سان ته ان سان زندگي ڀر ڏورجي،

توڙ اي ”مدهوش“ پنهنجي نيٺ آکاڻي ڪجي.

راهه رو ايندا ويا ۽ راه ۾ ملندا ويا،

ريت اهڙي ڪاروان در ڪاروان ٺهندا ويا.

 

پنهنجي سر تي پاڻ ڀاڙي وک وڌائيندا ويا،

سرحدون اوکيون لتاڙيندا ويا، رسندا ويا.

 

راز دل جو دل ۾ سانڍي، موت سان وڙهندا ويا،

ڪيترائي دار تي چڙهندا ويا کلندا ويا.

 

خدا جي ناخدائي ٿي ميسر ڪين جن کي،

پنهنجي ٻانهين سي خدا جي توهه سان ترندا ويا.

 

جي بڻيا ها راهه ۾ پنهنجي رڪاوٽ جو سبب،

واسطي تن جي خسارا ڪيترا وڌندا ويا.

 

عزم جي عظمت سنڀالي ماڳ ۾ نظرون وجهي،

بي خطر اهلِ جنون منزل طرف وڌندا ويا.

 

تهمتون الزام لک ٺهندا ويا لڳندا ويا،

پر دلين وارا خوشيءَ سان سر مٿان سهندا ويا.

 

جن ستايو عشق وارن کي اچي ”مدهوش“ سي،

بغض، ڪيني ۽ حسد جي باهه ۾ سڙندا ويا.

نه ڪو غمخوار ئي آهي، نه ويجهو يار ئي آهي،

ڏئي دلداريون جيڪو نه سو دلدار ئي آهي.

 

مريضِ عشق لئه ڪافي سندس ديدار ئي آهي،

سوا ديدار جي عاشق اڃا بيمار ئي آهي.

 

ٻين کان لک ملن توڙي دلاسا دڙ مگر مون لاءِ،

انهن جي دلبري کان وڌ نگاهِ يار ئي آهي.

 

ڏسي خاموش، بي پرواه دلبر کي چيم تو وٽ،

نڪي انڪار ئي آهي نڪي اقرار ئي آهي.

 

آهيان ”مدهوش“ وس دل جي ۽ دل وس آهه اکڙين جي،

وڃي اکڙين به لاتو پرديسيءَ سان پيار ئي آهي.

 

رخ تي حجاب کان ڇو توکي نقاب آهي،

تنهنجو نقاب مون لئه گويا عذاب آهي.

 

پردي نشين! پردو منهن تان پري ڪري ڏس،

ڪهڙي نه منهنجي تو بن حالت خراب آهي.

 

ڪو خوف ئي نه ڪر تون پرهيز جو اي پيارا،

ديدار عام ڀي هڪ اعليٰ ثواب آهي.

 

ڪهڙو بقا بشر کي آ چار ڏينهن چٽڪو،

هيءَ زندگي به هڪڙو اي يار خواب آهي.

 

رهندين لڪي به ڪيسين منهنجي نظر کان آخر،

اُت روبرو نه ٿيندين ٿيڻو جتي حساب آهي.

 

پردو ته لازمي آ پر غير کان اي سهڻا،

”مدهوش“ پنهنجي کان ڀي توکي حجاب آهي.

دوشِ صنم تي برهم زلفِ دوتا ڏسي،

سر بادلن جهڪايو پنهنجو خدا ڏسي.

 

مشتاق دل رهي ٿي ناز و ادا ڏسي،

ٿي سر جهڪائي نادان تيغِ جفا ڏسي.

 

شمس و قمر ستارن سجدا  ادا ڪيا،

جلوه نمائي تنهن جي صبح و مسا ڏسي.

 

لب لال چشم نرگسِ غنچھ سندءِ دهن،

”کاڌي شڪست گلشن والله ڇا ڏسي“.

 

اهلِ جفا کان ويندي آخر جفا به وسري،

”مدهوش“ جي طبح ۾ ذوقِ وفا ڏسي.

 

نشانبر نينهن ۾ نروار ٿيندو،

اهو ئي سرفرار دار ٿيندو.

 

دو جڳ جون نعمتون حاصل ٿي وينديون،

جڏهن دلدار جو ديدار ٿيندو.

 

دلِ بيتاب خوش ٿيندي اي قاتل!

اگر وارن مٿان پيو وار ٿيندو.

 

زبانَ منهنجي اگر ٿي بند ويندي،

نظر سان عشق جو اظهار ٿيندو.

 

خمار آلود نظرن سان پياريندين،

ته هي ”مدهوش“ ڀي سرشار ٿيندو.

 

رُسي ”مدهوش“ کان ويندي حياتي،

اگر اهڙي طرح انڪار ٿيندو.

جڏهن هر جڳهه تي صنم ئي صنم آ،

ته ڇا لاءِ هي ڪعبو ديرو حرم آ.

ستمگر  جو  شيوو ستم ئي ستم آ،

ته ڇا لئه تمناءِ رحم و ڪرم آ.

ڇو سجدي ۾ بيساخته سر جهڪي ٿو،

سرِ راهه ڪنهن جو هي نقشِ قدم آ.

وتو هر گهڙي ٿو وڃي امتحان ڇو؟

محنت ۾ چئبو گمان و وهم آ.

علاجِ غمِ دل ڀلا ڇاڇي آخر،

جڏهن آهه و زاري به توهين غم آ.

هي ”مدهوش“ رندِ خرابات ليڪن،

گنهگار اميدوارِ ڪرم آ.

جنهن وقت منهنجو ساٿ ستارن ڇڏي ڏنو،

ان وقت مون کي وقت جي يارن ڇڏي ڏنو.

آئي خزان ته رنگ نظارن ڇڏي ڏنو،

”بدلي فضا ته حسن بهارن ڇڏي ڏنو.“

عشقِ بتان جو ذڪر سرِ بزم ٿو هلي،

گويا خدا جو عشق هزارن ڇڏي ڏنو.

يارو سهارا ڪشتيءِ اميد کي ڏئي،

بحرَ فنا ۾ نيٺ ڪنارن ڇڏي ڏنو.

مئي نوش کي نه هوش رهيو ناو نوش جو،

ساقي ڇڏيو ۽ باده گسارن ڇڏي ڏنو.

”مدهوش“ هو فساد فقط هست و بود ۾،

هستي ڇڏي ڏنو ته خسارن ڇڏي ڏنو.

سوالِ وصل جو جيئن ذهن هن جي ۾ جواب آيو،

ته ويتر ئي حجاب آلود نظرن ۾ حجاب آيو.

اکيون کڄندي ئي سامهون اوچتو ويون جهُڪي جهٽ پٽ،

نگاه يار طرفان ڇا جواب لا جواب آيو.

نگاهن جو نگاهن ڏي اشارن ئي اشارن ۾،

نياپو جو به ويو سو واپسيءَ ۾ بارياب آيو.

سينگاري وار، وارن کي ڏنائين ناز مان جهٽڪو،

ته جهٽڪي سان، اتان اڀري مڪمل ماهتاب آيو.

ڪريان دلدار جي درشن جي ڪهڙي ڳالهه کولي مان،

سيھ زلفن جي منظر ۾ نظر صبحِ شباب آيو.

جيڪا ”مدهوش“ گذري وئي گهڙي هن جي زيارت ۾،

انهيءَ هڪڙي گهڙي ۾ واهه جو لطف ثواب آيو.

توڪل ڪري جي گهڙيا سي تري ويا،

مگر بي يقينا ٻڏي ويا مري ويا.

جنين پنهنجي سر تي نه خود پاڻ ڀاڙيو،

سهارن کي ڏسندي ئي ڏسندي ڳري ويا.

نه مقصد جي ڪوشش ڪئي جن انهن جا،

چرڻ ۽ پرڻ کان به عضوا کري ويا.

عزائم جا وڌندڙ ڏسي پير پختا،

جبل مشڪلاتن جا آخر ٽري ويا.

خدا کي سنڀالي جنين مچ مچايو،

انهن جي محبت جا ٻارڻ ٻري ويا.

اياڻن اٻوجهن جي محنت اگهاڻي،

سياڻن سندي سرت جا ٺپ ٺري ويا.

نه منزل ڏٺل هئي نه ڪي ماڳ ليڪن،

ارادن جا پاڇا ڪري رهبري ويا.

انهن پاڻ ”مدهوش“ ڄاتو سڃاتو،

جيڪي جيءَ پنهنجي جي کولي دري ويا.

غم جي مئي پِي مَهڪِي پيو هان،

مهڪي مهڪي، بَهڪِي پيون هان.

 

ڪنهن جي ته نظر جي آهه ڪرامت،

پئندي پئندي بهڪي پيو هان.

 

مستيءَ اهڙو اوٻر کاڌو،

پيالن سان ڄڻ ٺهڪي پيو هان.

 

ڏيلن جي پاڇولن پويان،

ڊوڙي ڊوڙي سهڪي پيو هان.

 

ٿو لڳان ”مدهوش“ ائين مان،

ٽانڊن تي ڄڻ ٽهڪي پيو هان.

ڪري احرام کي ليڙون قباءِ عاشقانھ ڪر،

ڇڏي طوافِ حرم خانھ، طوافِ ڪوءِ جانھ ڪر.

 

اسان کي خواهشِ خاڪِ سرِ ڪوءِ صنم خانه،

ڀلي تون خلد جي اي شيخ طلبِ آب و دانھ ڪر.

 

فضاءِ دهر ۽ پرواز ڪر شهباز جي صورت،

جهانِ چند روزه ۾ نه فڪرِ آشيانھ ڪر.

 

مقيد طائرِ دل ڪو وجهي زنجير زُلفن جا،

سدا آباد اي صياد پنهنجا قيد خانھ ڪر.

 

عدو کي روبرو منهنجي نه ناوڪ هڻ نگاهن جي،

نه اي ناز آفرين مون کي نشانِ تيرِ طعنا ڪر.

 

اگر ”مدهوش“ چاهين عاشقي معراج تي پهچي،

محبت محر مانھ ڪر، نيازِ عاجزانھ ڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org