سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: دل جون ڳالهيون

باب --

صفحو :9

ڪافيون

 

حمديه ڪافي

مولا سائين، آس پڄائين هر آسائتي جي،

سڀ ٿو ڄاڻين، سڀ ٿو سمجهين، من ۾ آهي جيڪي.

 

پنهنجي دل جا ڪهڙا کولي، سُور سڻايون ڦولي،

ڇا ٻول ٻڌايون ٻولي، معلوم اٿئي سڀڪي.

 

پورَن تي تون ڀال ڀلائين، ڏات ڏتُ فرمائين،

جنهنکي چاهين تنهنکي ٺاهين،آهيون سام سڀيئي.

 

ٻاجهه ڪري ٻاجهارا اڄ، عرض اگهائج سارا اڄ،

درد وندن تي پيارا اڄ، بخشش فرما پنهنجي.

 

منهنجي توبهه توبهه زاري، آهيان عيبن واري،

ادلي گدلي ڪوجهي ڪاري، جانب جهڙي تهڙي.

 

ڪک تي پن تي آهيئي نظر، ساري جڳ جا پروَر،

مهر مٿان ”مدهوش“ جي ڌر، پاند پناهه جو ڏيئي.

 

دُعا

تون ئي بخشڻهار او سائين، مان آهيان بيڪار،

مـنـهـنـجـا عـيـب نـه ڪــر اظــهـــار.

 

تنهنجو شان عظيم اُتم، تنهنجي ذات نياري،

پنهنجو ڪرم ڪر پنهنجي نظر ڌر، پنهنجي بخشش ستاري،

تنهنجي ٻاجهه کپي ٻاجهارا، ناهي ٻي درڪار،

منهنجا عيب نه ڪر اظهار.

 

سڀ جي مٿان آ تنهنجي نوازش، سڀ تي تنهنجي عنايت،

تنهنجي هٿن سان ٿيندي رهي ٿي، سڀ جي پوري حاجت،

تنهنجي شفقت جو محتاج آ، سارو هيءُ سنسار،

منهنجا عيب نه ڪر اظهار.

 

خام خطائون، عيب اوڻايون، منهنجون ميٽ مَدايون،

پنهنجي ڪريمي جي تون صدقي، مون ڏي ڀيڄ ڀلايون،

جهڙي تهڙي تنهنجي آهيان، بيحد بدڪِردار،

منهنجا عيب نه ڪر اظهار.

 

جنهن جي جدائي جان آ جهوري، سوئي يار ملائيج،

چقمق وانگر چُهٽي پئون ٻئي، اهڙو رنگ رچائيج،

”مدهوش“ جو هيءُ عرض اگهائيج، ڏيهَن جا ڏاتار،

منهنجا عيب نه ڪر اظهار.

 

حمد

ڇا کئون وڃي ٿو دَر دَر ڀٽڪين،

پنهنجي خدا کي ياد بندا ڪر.

 

سڀ جو آ والي، سڀ جو مولا،

سڀ جو پالڻهار آ پرور.

 

پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي،

حاصل ڪر تون حَج اڪبر.

 

هيڏي هوڏي، جاڏي ڪاڏي،

جنهن ۾، ڪنهن ۾ نور نشانبر.

 

”مدهوش“ اسان جو آهي ضامن،

سونهن ڀريو سردار ۽ سروَر.

 

 

ديوانو، مستانو، پاڳل ناهيان،

گهُورن جو مان گهايل آهيان.

 

ديوانن جان ڦرندو رهان ٿو،

رنگ نيارا ڏسندو رهان ٿو،

مستانن سان ملندو رهان ٿو،

دنيا جو ٺڪرايل آهيان - پاڳل ناهيان.

 

شهرن ۾ مان ڊڄندو آهيان،

ماڻهن کان ڀِي ٽهندو آهيان،

وحشي بڻجي ڀڄندو آهيان،

هيسايل گهٻرايل آهيان- پاڳل ناهيان.

 

آءٌ سگهان ٿو سڀ کي سڃاڻي،

پر ڏوهه ڏبو ڇا ڪنهن تي هاڻي،

ڪوئي مون کي ڄاڻي نه ڄاڻي،

مان ته سُڃاتل ڄاتل آهيان- پاڳل ناهيان.

 

”مدهوش“ بڻيس مجنون وانگر،

خاطر تنهنجي ڀرم جي دلبر،

هيءُ شهر ڇڏي مان دُور وڃان پر،

ديدُن جو ترسايل آهيان- پاڳل ناهيان.

 

نهار هيڏي، نهار هيڏي! نهار جاني،

اهي محبت ڀريون خماريل کڻي نگاهون، نهار جاني.

اُهي ڏي صدما سهي سگهان مان،

سهي سهي دم رهي سگهان مان،

نه آهه طاقت لُڇي سگهان مان،

لُڇي لُڇي ڪجهه ڪهي سگهان مان،

اڳيئي آهيان مري ختم ٿيو، مئل کي ويتر نه مار جاني.

سليان ته ڪنهن سان سليان هي ڳالهيون،

ڪريان ته ڪنهن سان ڪريان هي ڳالهيون،

متان غلط هيءَ زمانو سمجهي،

ڏيکاريان ڪيئن اکيون هي آليون،

غمن جا ڳوڙها وڃان ٿو پيئندو، لهي نٿو ته به غبار جاني.

خدا جي طرفان چڱي عمل جو،

ڏهُوڻ بنجي حساب ملندءِ،

نظر کڻڻ سان مريض بي وس،

بچيو ته ڏاڍو ثواب ملندءِ،

ثواب خاطر ڏُکي مهل تي، غمن ۾ ٿي غمگسار جاني.

قصور سمجهين ته ڏي سزا ڀي،

اجائي ڪاوڙ نه ڌار سُهڻا،

اگرچه مان بي قصور آهيان،

ته درگذر ڪر ميار سُهڻا،

پرائو آخر پرائو آهي، پرائي تي ڇا ميار جاني.

نه ڪوئي ”مدهوش“ جو سڄڻ آ،

نه ڪوئي همدرد حال ڀائي،

سواءِ تنهنجي نگاهه جي آ،

حڪيم جي هر دوا اجائي،

حڪيم بڻجي علاج فرما، مسيح بڻجي جيار جاني.


 

عشق اوهان جي، آهي ڏاڍي آتش لائي،

ڏاڍي آتش لائي، دل ۾ ڌوم مچائي.

منهنجي نظر ۾ سڀ کان سهڻو، سونهن ڀريو سردار تون،

جيڪي آهين، تون ئي آهين، باقي بات اجائي.

 

لک لهي هر ٻول ٻاجهارو، موهيو مُرڪ هزاري،

نچندي ناز منجهاران جيڪا، مرڪ لبن تي آئي.

 

چشم چريءَ جي چائڻ سان ئي، باهه برهه جي ڀڙڪي پئي،

جيرا بڪيون سڀئي جليا، پر سيني منجهه سوائي.

 

هوش عقل سڀ گم ٿي ويو، متيون ويون موڪلائي،

منهنجي رهبر سهڻي سرور، اهڙي رمز رلائي.

 

ڳالهه ڪريان مان ڪهڙي ڪنهن سان، درشن ۽ ديدار جي،

نيڻ کڻي ”مدهوش“ ڪيائين، ڪَل نه پيئي ڪائي.

سهڻل سائين نانءَ اَلَهه جي، پَلڪ نه ٿي تون پري پري،

نٿي وو منهنجي سري سري.

ٿورو مرڪي يار نهار، هيانءُ منهنجو ٺري ٺري،

نٿي وو منهنجي سري سري.

ايڏي لاپرواهيءَ مان، ڇا ٿو ڀلا ير وري وري،

نٿي وو منهنجي سري سري.

راتيون ڏينهان بي وس دلڙي، ڳڻتين منجهه ٿي ڳري ڳري،

نٿي وو منهنجي سري سري.

بيحد ڀانيان ڀاڳ ڀلارا، هوجي پنهنجو ڪري ڪري،

نٿي وو منهنجي سري سري.

توکي آهي ناز حُسن تي، ”مدهوش“ پيو ٿو مري مري،

نٿي وو منهنجي سري سري.

هئي هئي اکيون اياڻيون،

هئي هئي اِهي نماڻيون، هئي هئي خمار هاڻيون.

 

جگر جان جيرا ڦٽيون اڄ وڃن ٿيون،

سڌا ڪان سيني سٽيون اڄ وڃن ٿيون.

 

ڪري ساهه سوگهو گهٽيون اڄ وڃن ٿيون،

عقل هوش سارو لٽيون اڄ وڃن ٿيون.

 

چوري چوري ترڇو نهاري نهاري،

اشارا اُلاري وڌئون نيٺ ماري.

 

ٿي نروار نرگس ۽ رابيل وانگر،

مگر دل ڦريائون ٿي ڌاڙيل وانگر.

 

نشي ۾ خماريل شرابي شرابي،

ڀريل جام جن ۾ گلابي گلابي.

 

ازل کان هيون ڪي اکيون هي الستي،

رکيل جن ۾ هئي ”مدهوش“ مستي.

تنهنجي حسن جي هاڪ، هاڪ سڄڻ ساري ڏيهه ۾ آهي.

ساري ملڪ ۾ آهي.

پنهنجي هٿن سان پاڻ آ ٺاهيو، توکي پروَر پاڪ.

پاڪ پگهر جا نرڙ تي قطرا، جيئن گل تي آ ماڪ.

ڳتيون ڳتل سيني تي ستل ٿيءَ، ڪارا نانگ ويڙهاڪ.

راهه مسافر ڪيئي ڦُرن ٿا، تنهنجا نيڻ قزاق.

تنهنجي برابر ڪو نه ٿو سمجهان، ناهي ڊاڙ ٻٽاڪ.

غوث قطب ”مدهوش“ هزارين، آهين پير جي خاڪ.

 

تنهنجي حسن جي ناهي ڪائي حَدَ،

توکي سونهن سندي ملي آهي سَنَدَ.

 

تنهنجو سنَڌ سنَڌ آ عنوانِ ادب،

تنهنجي جوڙ ۽ جڪ آ جانِ ادب،

تنهنجي بيهڪ آ بُستانِ ادب،

تنهنجي قامت قابوليءَ جي قَدَ.

 

تنهنجا ٻول نبات جي تَڙ کان وڌ،

تنهنجون ڳالهيون شير شڪر کان وڌ،

خاصيون خاص عجيب اثر کان وڌ،

تنهنجو ٻولڻ ڍولڻ آهه شهَدَ.

 

تنهنجي خوبين جا ڳڻبا نه عدد،

سڀ خالق جوڙيا خال ۽ خَد،

توکي ساراهيو خود پاڪ صمَد،

ڪيئن عقل کي ٿئي تو تائين رَسَد.

 

”مدهوش“ چوي تون آهين عجب،

تنهنجا ڪهڙا ڳوليان آءٌ لقب،

تنهنجا ڪهڙا ڦوليان نام نسب،

تنهنجو نانءُ ڀلارو اي احمد.

 

 

تنهنجي سهڻي صورت صاف سُٻنَد،

سڀ ڪنهن کي لڳي ٿي خوب پسند.

 

تنهنجو شان ڪريم عظيم عجب،

تنهنجو اوچو اوچو نام نسب،

تنهنجو اعليٰ اعليٰ آهه لقب،

هن ساري جهان ۾ رُتبو بلند.

 

تنهنجون ڳالهيون مٺڙيون سڀ کان ڪثر،

تنهنجا گفتا سهڻا زُد اثر،

تنهنجا ٻول صفا شيرين شڪر،

ڄڻ ماکيون مصريون ۽ گُل قند.

 

رفتار سندءِ تي ڊيل نچن،

وِک وِک ڪيڪان قربان ٿين،

تنهنجي ٽور ٽلڻ تي مور مگن،

مستان رهن حيوان پَرَند.

 

تنهنجي وارن ۾ هٻڪار گهڻي،

تنهنجا زلف سينگاريل ريءَ ڦڻِي،

”مدهوش“ ڪيئي ڪيئن قيد کڻي،

وجهي ڪارن وارن وارو ڪمند.

 

 

تنهنجي ديدن ۾ ڏٺا مون ديدار عجب،

هو ديدار عجب، اسرار عجب.

 

سڀ کان سهڻي تنهنجي صورت آ،

جڳ ۾ جلويدار عجب، جلويدار عجب-ديدار عجب.

 

ديد دُناليون ڪانَ ڪشين ٿو،

سيني ۾ سٽڪار عجب، سٽڪار عجب- ديدار عجب.

 

کوڙ تونگر ڪوٺي ڪُهايئي،

سر جو رکيئي وهنوار عجب، وهنوار عجب- ديدار عجب.

 

جو قيد ٿيو سو واپس نه وريو،

ڪاڪُل ڪنڍڙيدار عجب،ڪنڍڙيدار عجب- ديدار عجب.

 

ڏند جواهر موتين داڻا،

مک مکڙي گلزار عجب، گلزار عجب- ديدار عجب.

 

رمزن سان ”مدهوش“ بنايئي،

سورهن ڪري سينگار عجب،سينگار عجب- ديدار عجب.


 

 

آ ساري جهان ۾ سهڻو، محبوب مٺو مهڻو،

وي اهڙي يار جي ساراهه ڇا ڪجي؟

 

حورون پريون مستان سڀئي،

حسن مٿان حيران سڀئي.

وي اهڙي يار جي ساراهه ڇا ڪجي؟

 

ٿي ديوانا سندس در جا،

ٿا شمس قمر ڪن سجدا،

وي اهڙي يار جي ساراهه ڇا ڪجي؟

 

جنهن زلف پکيڙي ڇانوَ ڪئي،

سڀني چيو ٿي رحمت وئي،

وي اهڙي يار جي ساراهه ڇا ڪجي؟

 

هٻڪار گُلن آ ماڻي،

پِي هُن جي پگهر جو پاڻي،

وي اهڙي يار جي ساراهه ڇا ڪجي؟

 

”مدهوش“ جهلڪ سان جڳ ٿي ويو،

آ سونهن سندس جو دنگ ٿي ويو،

وي اهڙي يار جي ساراهه ڇا ڪجي؟

 

 

آءُ راڻا رلجي ڪيون ڪي روح جون رهاڻيون،

توکان سوا ڪنهن سان ڪيان قربن سنديون ڪهاڻيون.

 

دل کي دلبر وئين ڌَڪي،

ڄاڻي خدا تارا تڪي،

ٻانهون ٻڌي تولئه ٻيئي،

هِن کي، هُن کي نياپا ڏيئي،

آءُ سهڻا پيرا ڀري،

روز رئان ياد ڪري،

“مدهوش“ چئي ماندي آهيان،

ڀاڳ ڀلا پنهنجا ڀانيان،

تو ريءَ منهنجو هينئڙو ڏڪي،

راتيون ڪيئي وهاڻيون.

قاصد توڏي مُڪم ڪيئي،

چٺيون مُون ڪي اُماڻيون.

تو بن منهنجي نٿي سري،

ڳالهيون تنهنجون پراڻيون.

غم کان گهڙي نا واندي آهيان،

پر جي ڪرين پرچاڻيون.

 

مون پيچ پنهل سان پاتو، ڙي ڀينر لاتو! اٿم ناتو.

ناهي اڄڪلهه جي هيءَ ياري، ميثاقئون آهيان مُحبن ماري،

اٿم روح ازل کان آتو... ڙي جيڏيون.

 

روهه جبل ۽ رُڃ جو رائو، هن ڏونگر جو ڏک ڏولائو،

اٿم چاهه منجهاران چاتو... ڙي جيڏيون.

هئي ٻانڀڻ سان ڪجهه ٻولي، ويڙو يار ٻروچل رولي،

پر مون نه ائين هو ڄاتو... ڙي جيڏيون.

 

ڏاڍا ڏونگر جا هي ڏاڪا، ڪيچ ڌڻيءَ ڏي هلندي ڪاڪا،

جنهن جو خان پنهل سان کاتو... ڙي جيڏيون.

 

“مدهوش“ لتاڙي هل گَسُ، ناهي ورڻ پنهنجي وَسُ،

آ واٽان ورڻ پاراتو... ڙي جيڏيون.

ڙي ڀينر لاتو اٿم ناتو.

 

 

لڳڙي تن ۾ اچي، اهڙي تات اديون،

نيڻين ننڊ نه آيم، وو رات اديون.

ڪنهن سان سُور سليان،

ڪنهن کي ڪنهن کي چوان،

سڌڙي ساهه سنئين،

سا مون سر تي کنئين،

هيءَ هڏ ماسُ ۽ چم،

ڪُٺڙي قرب انهيءَ،

مارون ياد ڪري،

ويئي پرهه ڦُٽي،

چئي “مدهوش“ ملان،

لک احسان مڃان،

پنهنجو روح پليان،

هيءَ حالات اديون.

مارُن ميخ هنئي،

ڏکڙن ڏات اديون.

واندو سنڌُ نه اٿم،

آهيان ڪات اديون.

ٿڌڙيون آهون ڀري،

او پرڀات اديون.

خوش ٿي خوب کلان،

ڀاتون ڀات اديون.

نگاهن سان جنهن دم نگاهون ملن ٿيون،

محبت جي منزل جون راهون ملن ٿيون.

هتان ٻانهن لوڏي تون جنهن دم لنگهين ٿو،

توڙي وار کولي تون گذري وڃين ٿو،

ته جنت جون ڄڻ ڪي هوائون ملن ٿيون.

حسينن جي چهري جي هر دلڪشي ۾،

۽ دلڪش نظارن جي جادوگري ۾،

رڳو تنهنجون ظالم ادائون ملن ٿيون.

اگر ڪنهن ڏي ٿوروئي مرڪي ڏسين ٿو،

حياتيون ڏسڻ شرط بخشي ڇڏين ٿو،

مُئل کي به تو وٽ پناهون ملن ٿيون.

پائي پيچ پختا، نباهڻ جي ڪر تون،

جيتوڻيڪ “مدهوش“ توکي سڄڻ کئون،

وفائن جي بدلي جفائون ملن ٿيون.


 

نگاهون ملائي ملائي ٿو مارين،

وجهي گهور گهايل کي گهائي ٿو مارين.

هڻي دل جو ڌاڙو ٿي ڏاڍو وڃين ٿو،

انهيءَ ڏاڍ هوندي به ڏاڍو وڻين ٿو،

ڪري ظلم زورو ڪنبائي ٿو مارين.

سندم مام کي ڇا مٺا يار ڄاڻان،

مان انڪار ڄاڻان يا اقرار ڄاڻان،

اشارن ۾ مون کي منجهائي ٿو مارين.

ڪري ناز دلبر وئين دل ڌُتاري،

پيون اکڙيون ٿڪجي نهاري نهاري،

سڄو ڏينهن سڪ ۾ سڪائي ٿو مارين.

مرڻ کان ته انڪار ڪنهن کي نه ٿيندو،

هتي جو به ايندو، مري نيٺ ويندو،

مگر تون ته ماري ورائي ٿو مارين.

کسي هوش “مدهوش“ جنهن کي ڪرين ٿو،

وري قياس ان تي نه ڪوئي ڪرين ٿو،

ويتر ان کي مجرم بنائي ٿو مارين.

ڌيان ته ڌر ڙي انسان،

هوش ته ڪر ڙي انسان، جيءَ پنهنجي ۾ پائي جهاتي.

دولت دنيا اچڻي وڃڻي، جا اڄ آ سُڀان رهندي ڪا نه،

ڇا لئه ٿئي دل هِن سان لاتي.

مايا تي مَنُ پنهنجو موهي، ڇو مفت بڻئين مستان،

ڇوهه مان پنهنجي تاڻي ڇاتي.

خاڪ مان آئين خاڪ ٿي ويندين، خاڪ اصل ٿئي مڪان،

سمجهه سنجهيئي ساجهُر ساٿي.

عمر اجائي “مدهوش“ وڃايئه، او ناحق ڙي نادان،

ڪين پروڙيئه پنهنجي حياتي.

 

وک وک تي نه ويهه، ويهڻ سان ويندءِ ويل وهامي.

سندرو ٺاهي سنبرُ سنجهيئي،

مهل هٿن مان متان وڃيئي،

ڪاهِل رهندين ڪيسين ويهي، ريءَ سڄڻ ۽ ساڻيههُ.

راهه ۾ ڪنهن سان روح نه لائج،

وسهيون ساريون ويري ڀائنج،

ڪنهن به طرح سان ڪين وسائج، ڏيههُ ڇڏي پرڏيههُ.

چُرڻ پُرڻ جو چوتو چاڙهي،

کڻ سڪ جو ثمر سامان سلهاڙي،

پنهنجي سر تي پاڻ ئي ڀاڙي، رت ست ڏيئي دل ريههُ.

منزل کي “مدهوش“ سُڃاڻج،

توهه توَڪل جي سان تاڻج،

تتي ٿڌي جو خيال نه آڻج، ڇوهي هلڻ سان ڪر ڇيههُ.

ملي جي يار تون ويندين ته مون لئه عيد ٿي ويندي،

اداسي روح منهنجي کي، وڏي آٿت ملي ويندي.

 

جڏهن منهنجي اڱڻ تي پير پائيندين گهُمائيندين،

محبت سان ٻه ٽي ڳالهيون ٻڌائيندين ڳالهائيندين،

قرار اکڙين کي ايندو ۽ خوشي دل جي وڌي ويندي.

 

برو بدڪار ۽ بڇڙو کڻي ڪيڏو ئي آهيان مان،

الهه ڄاڻي رڳو محبوب هڪڙي مرڪ تنهنجي سان،

سموري زندگي منهنجي گهڙي پل ۾ ٺهي ويندي.

 

سڄڻ سائين سڪايل جي اچي سڪرات کي ٽاريو،

خدا جي واسطي منهنڙو مرڻ کان اڳ ۾ ڏيکاريو،

زيارت سان حياتي صاب ٿي “مدهوش“ جي ويندي.

 

 

نالو وٺن جي نينهن جو، ڪيئن سمهن سک ساڻ سي،

ڪيئن سمهن سک ساڻ سي، الا ڪيئن سمهن سک ساڻ سي.

 

پائي پريتئون پيچڙا، پل پل پرين پنهنجا پسن،

جاڳي ساريون راتيون الا، سورن سان ڪن رهاڻ سي.

 

نيڻين اٿن ننڊ ڪا نه ڪا، اکيون لائڻ عيب ٿن،

محبت جن جي من اندر آرام کان اڻڄاڻ سي.

 

دونهان دکائن دل اندر، نا ٻاڦ کي ٻاهر ڪڍن،

سور سانڍن ٿيون ساهه ۾، سالم رهي سڄاڻ سي.

 

طعنا گلائون غيبتون، خوش ٿي کڻن سڀ ڪجهه سهن،

شان ۽ شرم حيا وڃي، ڪنهن جي نه ڪن ٿيون ڪاڻ سي.

 

مست ملنگ “مدهوش“ ٿي، هوش عقل ڌوئي پوئي،

پنهنجي اندر پسنديون رهيون، پنهنجو سڃاڻي پاڻ سي.

 

 

آهي نيهن ڪيو مون کي نانگو،

ناهي ساهه ۽ سر جو سانگو.

آهي عشق اصل کان آفت،

ٿئي رب جي جنهن تي رحمت،

پوري پرينءَ سان جن جي پت،

 

هيءَ راند ته ناهي يارو،

هت نر هڻي جو نعرو،

جنهن کي ساهه ۽ سر آ پيارو،

 

“مدهوش“ مٺا هت ڇاهي؟

ڇڏ لوڪ لاڳاپا لاهي،

ٻڌ سندرو پنهنجو ٺاهي،

پر رمز وارن لئه راحت،

ڪن فڪر منجهان سي فرحت،

ناهي عشق تنين کي اڻانگو.

 

هت سورهه ٿئي ٿو سوڀارو،

ميدان کٽي سو سارو،

سو مور نه لنگهندو لانگهو.

 

هل هوت پنهل ڏي ڪاهي،

سڀ سنڱ سياپا ساهي،

ٿي تار به پوندو تانگهو.

 

اگر ڪنهن سان آهي محبت ڪبي،

انهيءَ جي نه آهي شڪايت ڪبي.

محبت ۾ تورا نه توري ڏبا،

جگر جان جيرا به ڪوري ڏبا،

نه واوا ڪبي آ نه حسرت ڪبي.

نه دردن سورن جي ڪجي ڳالهه ڪا،

کڻي يار ڪيڏو هجي بي وفا،

ڪڏهن ڪنهن سان ناهي حڪايت ڪبي.

ثواب آهي دلبر جو درشن ڪرڻ،

ڏيندا ڪين ماڻهو جي ويجهو ڏسڻ،

پري کان ئي پيئي زيارت ڪبي.

ڏسي منهنجي حالت زمانو سڄو،

چوي ٿو ته “مدهوش“ آهي چريو،

چرئي کي پو ڪهڙي نصيحت ڪبي.


 

 

 

 

 

 

تون  ته نڀائج توڙ، هو آهن راز جا راڻا.

ڳنڍجي ڳنڍيون ڏئي نينهن جو ناتو،

پيچ پنهل سان ٿئي جي پاتو،

تار طلب جي نه ٽوڙ- پرين پوندي آخر پاڻان.

 

هو ڏاڍا ڏاڍيون ڪن،

هر ڪنهن سان ٿا ارڏايون ڪن،

خادم اُنهن جا کوڙ- سڀ ڪو سهي ٿو تن جا ماڻان.

 

ڪاتيون ڪهڻ لئه رکن ٿا لائي،

سر اڏيءَ تي رک نوڙائي،

چئو ماس هڏن تان روڙ- ڪر سنڌ سنڌ هي ساڻان.

 

هجت هوتن سان ڪنهن جي ناهي،

ڇا سگهندين تون سينو ساهي،

”مدهوش“ نه منهن موڙ- ساجن سپرين ساهه سيباڻان.

 

 

اي ستمگر! ستم ڪر ستم هر گهڙي.

ڏي الم دمبدم، درد و غم هر گهڙي.

 

دل ڇڏايان مگر ڪيئن ڇڏائي سگهان،

هن جگر جان کي ڪيئن بچائي سگهان،

زلفَ ۾ ٿا پوَن پيچَ خم هر گهڙي.

 

روز ڪاوڙ ڪرڻ، روز پرچڻ رُسڻ،

ناز نخرا سڄڻ، محب مرڪڻ کلڻ،

ياد آهن خدا جو قسم هر گهڙي.

 

زندگي ڀر نه ڪئي تو ته مون سان وفا،

مون پڪاريو مگر دلربا دلربا،

اڄ به تون ياد آهين اي صنم هر گهڙي.

 

سُور هرگز نه سل ڪنهن بيدرد سان،

هيئن نه ڪر وائکا حال هر ڪنهن اڳيان،

دل جي دل ۾ رهي، هر قدم هر گهڙي.

 

پنهنجي ”مدهوش“ سان ڪر جفا سو دفعا،

توسان ليکا ڀلا ڪهڙا ويهي ڪبا،

هر ستم تنهجو ڄاتم ڪرم هر گهڙي.

 

 

تنهنجي تيرِ نظر آهي گهايو جگر،

سينو سٽجي پيو پيئي ڪا نه خبر.

 

تنهنجا تير تکا آمهون سامهون سڌا،

جنهن جنهنکي لڳا ڦٿڪي ڦٿڪي مُئا،

گهايئي گهوٽ گهڻا، ڇڏيئه ڪا نه ڪثر.

 

ڄاڻي پاڪ خدا تنهنجي ناز و ادا،

ماڻهو ماري وڌا ماري ڳاري وڌا،

ماريئي مير وڏا ڳولي ڳولي سَڌر.

 

تو لئه محب مٺا ٿي هيءَ جان ڳري،

هاڻي ڌار پري منهنجي ڪا نه سري،

پئي ٿي باهه ٻري بڻيو کورو اندر.

 

هڪ مستانو چريو نه آ ”مدهوش“ بڻيو،

پر جنهن توکي ڏٺو ان جو هوش ڇُٽو،

تنهنجي قرب ڪُٺو سارو جڳ دلبر.

 

مون ڏي نيڻ نه کڻ، مون ڏي نيڻ نه کڻ،

دنيا جي دل ڀل ته جلي پئي، منهنجا مور مکڻ.

 

صورت تنهنجي ڏاڍي وڻي ٿي،

مورت من کي موهي وجهي ٿي،

هر هر ڏينم ڏسڻ..........

 

کل ڀي مون سان ڏس ڀي مون ڏي،

دل ٿي ريجهي  روح ٿو کيڏي،

سهڻا گهُنڊ نه هڻ............

 

هِن ۽ هُن ڏي ڪو ڪَنُ نه ڏي.

ڪو ڪيئن پيو چوي ڪو ڪيئن پيو چوي،

ڪنهن جو ڪر نه چوڻ..........

 

بڙڇُون ڀالا بي خوف ڀري،

آمهون سامهون هڻ ڪانَ ڪشي،

تِرڇا تير نه هڻ..............

 

هيئن سخت نه ٿي ڪو قياس به ڪر،

”مدهوش“ مٿان ڌر مِهرَ نظر،

ايڏو شوخ نه بڻ.............

قائم آهي ذات خدائي، باقي جڳ جي بات اجائي.

ڪيستائين گامون هڻندين،

گهنڊ وجهيو تون هيئن پيو گهمندين،

هڪڙي ڏهاڙي ساميءَ سُمهندين،

ساڻ نه هوندءِ حال جو ڀائي.

راهه چڱي سان رک تون رغبت،

آهه انهيءَ ۾ رب جي رحمت،

نوڙت جهڙي ناهه ٻي نعمت،

ساٿ نه ڏيندءِ فخر وڏائي.

رهجي ويندءِ ساٺ سمورا،

ٺاٺ اڌورا ۽ اڻ پُورا،

خام خودي جون کاڻيون کُورا،

نيٺ ڇڏيندءِ کائي کائي.

”مدهوش“ ڪندين ڇا تي ماڻو،

ڏاڍو آهين عيبن هاڻو،

ڪو نه سُجهي ٿو ڪوئي ٽاڻو،

رب فرمائي راهه نمائي.

عشق بنا انسان، ڪو نه ڏٺوسين ڪوئي ڪوئي.

سُور سنَدي سُئي، سڪ جو سڳڙو،

ساڻ کڻي سامان، پاڻ کي ڇڏ تون پوئي پوئي.

پاڻ وڃائي پاڻ ۾ گُم ٿي،

غير ڇڏي گمسان ”لا“ جي پائج لوئي لوئي.

پاند ڳچي ڳل ڳاري پائي،

ريجهائج رحمان رات سڄي ير روئي روئي.

جيڪو چاهت چُست رکيئي،

دردن جي دوران سور سمائج سوئي سوئي.

عاشق جي ”مدهوش“ سڏائين،

هڪ سان ٿيءُ هڪ جان دلڙي پنهنجي ڌوئي ڌوئي.

 

اڄ اُتر جي پار کان رائو ڪري رسندو اَلا،

سنڌ ساريءَ تي سراسر وڏ ڦُڙو وسندو اَلا.

گاج کان ٿيندو تڪيءَ جو تر وسائي سَر بسر،

گوڙ ۽ گجڪار سان گج گج گجي گجندو اَلا.

ويس پهريندو وڳا، وسڪار جا ڀورو بدل،

لاڏ سان ۽ لوڏ سان لالڻ لُڏي لهندو اَلا.

ڪيف ڪارونڀار سان ڪاري مٿان ڪڙڪا ڪري،

خاص خوشحالي سنديون کنوڻيون کڻي کوندو اَلا.

سبز پوشاڪون ڍڪيندو، هيءُ سموريون سيريون،

لاٺيو، سارنگ ۽ سانئون ڄر ڪري ڄمندو اَلا.

راڳ ڳايون رس ڪري مينگهه ۽ ملهار جو،

واهه ۽ واهڙ، وڏيون واهيون ڀري وهندو اَلا.

ماڙ اي ”مدهوش“ ٿيندي جُوءِ جوهي جي مٿان،

لا اِلله جو پاڪ ڪلمو لوڪ پيو پڙهندو اَلا.

ناههِ برههِ آسان، ڪري ڏِس ڌيان، پوَن ٿا جان سندا نقصان،

آن وڃائي شان، عزت ۽ مان، ٿيا بدنام سوين سلطان.

رانجهن کي ڇڪيو تقدير ڪٿان، گهر گهاٽ گهوريائين هير مٿان،

باغ ڇڏي بستان، محل ميخان، ڪيائين تخت سڄو تابان.

ليليٰ جي ڪتي کي قيس چميو، ڇو قيس ڪنان اي يار پُڇو!

قيس ڪيو ليليٰ جي حُسن حيران، تڏهن ٿيس نام چريو مستان.

تيشي جي توڪل  ساڻ سڌو، فرهاد جبل مان کير ڪڍيو،

سرت سندو سامان، ڇڏي يڪ جان، ڪيائين ڪوهه ڪٽي ميدان.

جنهن پير وڌو هِن پڙ ۾ اچي، سو بيشڪ سگهيو ڪين بچي،

عشق سندي زندان، ڪيا غلطان، ٿي دانا به ويا نادان.

سُنعان سخي ڏي شان وڏو، پر خانن ۾ هو خان وڏو،

عشق ڀُلايو خان، منجهان خفقان، ڇڏيائين دين سندو دامان.

”مدهوش“ ڪيڏو ئي هوش هجي، پر ڪيئن ٿو پردو پوش رهي،

توڙي هجي آسمان تائين ديوار يا در در تي هجي دربان.


 

مان ته قدم قدم تان قربان وڃان،

جيڪا واٽ سڄڻ تون آيو آهين.

مصرين جا ڪي مينهن وسي پيا،

پيهي پاڻ اڱڻ تون آيو آهين.

ٿورا تنهنجا ناهن ٿورا،

ڪيڏا قرب ڪرڻ تون آيو آهين.

عيبن هاڻي آهيان اَياڻي،

ڍوليا عيب ڍڪڻ تون آيو آهين.

مِهر وچان ”مدهوش“ پنهنجي کي،

پيارا پاڻ پڇڻ تون آيو آهين.

حال ڪنهن سان ڪريان،سور ڪنهن سان سليان،

ڪنهن کي ڪنهن کي چوان، جي چوان ڇا چوان.

 

عشق ۾ ڪجهه ڪڇڻ، توڙي ڦٿڪڻ لڇڻ،

ڪار ناهي سڄڻ! ڪا شڪايت ڪرڻ،

تنهن ڪري ڪجهه ڪڇي ڀي نٿو مان سگهان.

 

هر گهڙي ناز انداز نخرا نوان،

راز رمزون نيون ۽ اشارا نوان،

ڪير پهچي انهيءَ تنهنجي نئين ڍنگ سان.

 

دل چوي ٿي ته مان توکي ويٺو ڏسان،

آمهون سامهون پيو توڏي تڪيندو رهان،

پنهنجي نظرن سان مصحف کي چُميو چُمان.

 

تون جدا ڪين ٿي پنهنجي ”مدهوش“ کان،

تو سوا ڌار گهاري نٿو مان سگهان،

تون هجين مان هجان، ٻي هجي ”هون نه هان“.

پڇ يار اُنهن کان خاص خبر،

جن آهي پڙهي نت زير زبر.

الف جي عظمت وانگر سنئون قد،

سنَڌ سَنڌ ۾ وقفا ۽ شَد مَد،

ديدار، زيارت، الله صمد!

سبحان الله، سبحان اثَرَ....

الحمد اکين ۾ اوهيرا،

ماڻڪيون موتي هيرا هيرا،

ٿيندا ڀلا ڪيئن اُهي پاسيرا،

جن کي بسم الله جي آهي ڀَــرَ......

مصحف مُنهن تي انگ لکيل،

”بي، تي، ثي“ جا رنگ رتل،

وري واءُ وانگر وڌ وار وَريل،

جن قابو ڪيا، لک قلب جگر....

مُک جي تختي صاف سَهَل،

اُن تي ابر وُ اعراب ڏنل،

آهي سارو چهر و ڪتاب مثل،

پوءِ ڇونه پڙهان ڪريو اکر اکر....

هِت فقر، فقھ ۾ ناهي فرق،

جيڪو داخل ٿيو سو ٿي ويو غرق،

آ هجر و وصال جو واهه ورق،

ساراهه ڪريان ڪنهنجي ڪنهنجي ڪثر...

”مدهوش“ جنين جو آ مَن مڪتب،

محبت منصب، حق مذهب،

تن کي حاصل ٿيندو سڀ مطلب،

اول آخر سارو مظهر....


 

اچ مون ڏي قرب ڪري، پيار منجهان پير ڀري.

قدم  قرُبن جا ڪَهِي، رڳو هڪ رات رهي،

سِگهو وڃ سار لهي، نظر ڪا خاص ڌَري.

اگر دل ڪنهن کي ڏجي، پڪو ايڏو نه ٿجي،

ٿورو هيءُ خيال ڪجي، متان ڪو مفت مري.

کڻي ”مدهوش“ نظر، وئين هيءُ گهائي جگر،

هاڻي هيءُ سارو اندر، ڳريو منهنجو ڳري.

دلربا تنهنجي نظر، آ ڪيو زخمي جگر،

ڇا ٿيو دل تي اثر، سا نه آ توکي خبر.

منٽ ۾ ماري وڌءِ، ماري من ڳاري وڌءِ،

دل کي آزاري وڌءِ، ڪو خدارا ڌيان ته ڌر.

جيڪي نظرن جا هنيا تير دلبر تو سِڌا،

سڀئي سيني ۾ کُتا، ڪين ڪڇيو مون مگر.

اهڙي شوخي ڏي ڇڏي، ڇا ٿو شوخيءَ مان وري؟

مونکي ”مدهوش“ ڪري،پيارا، ڪجهه قياس ته ڪر.

گهور وڃائين گهور، ٽور ٽلڻ تان،

ٽور ٽلڻ، ڄام جُلڻ تان، هوت هلڻ تان.

نظرن تان لک ناز فدا،

او نيڻ کڻڻ تان، موهي وجهڻ تان.

گُل ڦُل مکڙيون ورکا ڪريان،

مرڪي ملڻ تان، خاص کلڻ تان.

هيرا موتي گهوريو گهوريان،

لال لُڏڻ تان، ٻولي، بيهڻ تان.

”مدهوش“ سڄو ئي آهي صدقي،

سهڻي سڄڻ تان، محب مکڻ تان،

گهور وڃان مان گهور، ٽور ٽلڻ تان،

ڄام ڄلڻ تان، هوت هلڻ تان.

ڏئي پيار دوکن تي دوکا نه ڏي،

ايڏا سور سختيون ۽ صدما نه ڏي.

اُلاري اُلاري نگاهون اي دلبر،

جهُريل جيءَ منهنجي کي جهوري تون ويتر،

دُنالين جا دهمان دڙڪا نه ڏي.

جي مون لاءِ تنهنجو نٿو هِيانءُ ڪُرڪي،

ڦٽن جي مٿان رهندو ئي لوڻ ٻُرڪي،

عِوض يار مرهم جي ڇيرا نه ڏي.

ڏٺو تو به هوندو، ڏٺو مون به هوندو،

ڪيو ڏوهه تو جيترو مون به هوندو،

رڳو مون تي الزام ايڏا نه ڏي.

اٿئي جي نباهڻ جي دل ۾ صداقت،

ڏسي حال ”مدهوش“ جو ڪر ڪا عنايت،

اجايا سجايا دلاسا نه ڏي.

لڳو آهه جهڳڙو نظر جو نظر سان،

پيو ڪم اکين جو وڃي بي حذر سان.

نگاهون نگاهن سان اٽڪي پيون اڄ،

چڙهي نينهن نيزي تي لٽڪي پيون اڄ،

مگر هيءَ خبر ڪر نه ڪنهن بي خبر سان.

ڪري ڊوهه ڏاڍو ڦسائيون فِڪُل سان،

ڪڙي قرب ۾ اڄ ڪُٺائون ڪجل سان،

ڏنگيئون ڏور کان دل،بيهان ڪيئن ڀرسان.

سدائين اکين کي لڙائي جي لوري،

ڪڏهن چوري چوري، ڪن ٿيون زوري،

ڪُهن عاشقن کي زوراور زبر سان.

خماريون وتن ٿيون اِهي نيم خوابي،

لڳن ٿيون اي ”مدهوش“ گويا شرابي،

گدا شاهه قابو ڪيائون اثر سان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org