سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام بلبل

صفحو :6

گنهگار، بدڪار، بيڪار، بَد،

تون پنهنجي ڪرم کان نه ڪر مون کي رد.

     گناهن سندي ڳالهه ڪهڙي ڪريان،

عبادت به عصيانَ جهڙي ڪريان.

گنهه کان رهي، ڪينَ، پالهي پَلڪ،

جو تن جي لکڻ کان پيا ٿڪجي، مَلَڪ.

سڄو آهِه دفتر خطا تي خطا،

خدا تون ئي آهين ٿيو صاحبِ عطا.

بَدين جي ڪرڻ کان ڪِيَم ڪين بيِم،

ٻُڌو ٿم ته تون آن، غفورالرحيم.

گناهن ۾ ٿيس، بيحيا، بيڀرم،

ڪريما، بچائيم، تنهنجو ڪَرَم.

دقيقو ڇڏيم، ڪينَ، عصيانَ ۾،

تفاوت نه مون ۾ ۽ شيطان ۾.

مگر آهيان رحمت ۾ اميدوار،

رهيو ٿَم، اهو آسرو، برقرار.

مَدو هوسِ مون کي مدائي رهاءِ،

چڱو آهين، تو کي چڱائي جڳاءِ.

ڪيم پنهنجي لائق تي سڀ بد عمل،

تون ڪر لطف لائق، مٿمَ بي بَدل.

مَٺايون، مَدايون ڪري ٿيس ملول،

مُڪم ميڙ توڏي، محمد رسول.

رُلي دربدر، کائي ٿاٻا ڌڪا،

سندءِ دري ڏي آخر ڀڳس اي خدا.

هي ٻانهو ڀڳل، پُر خطا، پُر خلل،

رکي ڪم ٿو تو ساڻ، آخر اول.

تون مالڪ اسان جو تون داور ڌڻي،

خطائون سڀئي عفو ڪر تون کڻي.

تون معبود منهنجو، ڀَڄان يا ٽَهان،

تون مقصود منهنجو ته ڪاڏي وڃان.

خدايا مون کي هن بدين کان بچاءِ،

شقاوت، شرارت، ڇيَن کان ڇڏاءِ.

اطاعت ۾ توڻي ڪيون ٿا قصور،

ته ڀي ڏين، پيو رزق روزي ضرور،

تون اهڙو سخي ۽ سخاوت شعار،

جو هيڪر ڏئين پو نه آڻين شمار.

نه عيبن خطائن تي تنهنجي نظر،

سندءِ رحم سڀني مَٿي سربَسر.

 

پَڪَڙَ تي ٿو، نا گرم جوشي ڪرين،

ڏسي عيب تون، عيب پوشي ڪرين.

     خدائيءَ جو لائق تون آهين خدا،

جو سڀڪا صفت، تنهنجي بي انتها.

تون اهڙو اسان جو رحيم آهين رب،

گهُريو، آڻگهُريو ٿو بنائين سبب.

اميرن جو پرور، غريبن نواز،

تون ئي ساري مخلوق جو ڪارساز.

هِتي ڀي ڪيون تو، عطائون عَجيب،

اُتي ڀي ڪرين، شال رحمت قريب.

مُٺس جي ڪئي مون سان عدل و حساب،

بچيس جي کُليو، تنهنجي بخشش جو باب.

تون ڏاتار آهين، مٿم ڏات ڪر،

سڀئي منهنجا سيئات، حسنات ڪر.

بچائج خدا، شر شيطان کان،

نڀاڳي، نڌِر، نفس نادان کان.

گهڻو، صبر ۽ شُڪر جو شوق ڏي،

پنهنجي ذڪر ذاتيءَ سندو ذوق ڏي.

ڪرين معرفت ۽ محبت عَطا،

هدايت مَٿي، استقامت سدا.

ٿئي خاتمو خير سان با نجات،

به حرمت محمّد عليه الصلوات.

 

در نعت حضرت نبي ڪريم

صلي الله عليه وسلم

خدا ڀي ڪريم ۽ محمّد ڪريم،

پو عاصي ڪريون ڪهڙو محشر جو بيم.

محمّد اسان جو شفيع و شفيق،

خدا خُلق اعظم سان خلقيو خلق.

محمّد اسان جو امين  ۽ ايمان،

محمّد اسان جو، ضعيفن ضمان.

محمّد اسان لاءِ پشت و پَناهه،

محمّد، ٿيو دين جو دستگاهه.

محمّد وڪيل و محمّد ڪفيل،

محمّد وسيلو، محمّد جَزيل.

محمّد حبيب و محمّد طبيب،

محمّد نجيب و محمّد مجيب.

محمّد مجيد و حميد و حڪيم،

 

     محمّد، رسول ۽ رئوف الرّحيم.

     محمّد مبشر، بشير و نذير،

محمّد سعيد ۽ سراجا منير.

محمّد مزمّل و قويّ و امين،

محمّد مَڪين و متين و مبين.

محمّد علوّشان، عالي نسب،

قريشي و عَرَبي و امّي لقب.

محمّد مڪمّل، جميل و لطيف،

ابوالقاسم و هاشمي و شريف.

محمّد ٿيو مظهرِ ذاتِ حق،

ڪيائين قمر، ساڻُ انگشت شق.

محمّد سچو، سيّد و سرفراز،

محمّد سچو، ربّ، عزّت جو راز.

محمّد کي مولا ڏني سروري،

محمّد کي بخشي خدا برتري.

محمّد سچو، پيشوا، مقتدا،

محمد سچو هادي و رهنما.

محمّد حمايت، محمّد امام،

محمّد عليه الصلوات و سلام.

 

دربيان صرف اوقات

اچي هاڻ ٿي، عُمر تنهنجي تمام،

مَٽائي نه تو طرز و رسم و ڪلام.

سکئين ڪا نه ڪا صاحباڻي سِيرَ،

نه گڊ مارننگ، مئي ڊئر، ڪم هيئر.

پڙهي پارسي تون ته جاهل ٿئين،

وڏي قافَ سان، ڪين قابل ٿئين.

ٿئين تون ته محروم، ”سنڌيءَ“ سبب،

نه تو کي مليو، ڪوئي ”ٽَرَ“ جو لقب.

رهئين تون نسورو ڄٽاڻو ئي ڄَٽ،

ڪو حاصل ڪيو تو نه سرٽيفڪيٽ.

نه تون ٿئين هچارا، فصيح اللّسان،

سکئين ڪين ڪي، انگريزي زبان.

وڃائي تو پنهنجا ڇڏيا، ٻَئي جَهان،

ڏنا ڪين ڪي تو انڌا، امتحان.

روينيو، جڊيشل، وڪالت، وغير،

ڪهاڙيءَ سان پنهنجو وڍيئي پاڻَ پير.

عمر ڀي اجائي ٿي بيسود، صرف،

 

ڪيئي ڪين حاصل ولايت جو شرف.

     نه ڊپٽي ٿئين تون نه مختيارڪار،

ٿئين همسرن ۾ ذليل و خوار.

جي، بي - اي، ٿي، تولئي بيعد از قياس،

ته ميٽرڪيوليشن به ڪيَڙئي نه پاس.

جي هِنِ، جَجَّ، سي ايس، چئو تن کي جِي،

مبارڪ، مبارڪ سندن ماءُ، پِي.

ڄڻي تو کي مائٽ، نه سنڀريا ڪو سُک،

مُلون ٿي تنين کي، ڏنئي ڏنجهه ڏُکُ.

نه صاحبَ، ڪنهين جو ڪيو تو سلام،

نه ديوان ڪنهن سان، ٿئين همڪلام.

نه ٿئين ماستر، تون تڙو تپّدار،

نڪي ڍڪَ مُنشي نه اميدوار.

ڪنهين نوڪريءَ جي نه تو ڪئي تلاش،

رهئين تون ته بيڪار اي بي معاش.

نه آئي ڪا تو کي، رفيقن تي ريس،

ندورا جو تو کان پري ٿي پليس.

 

در بيان سخاوت

سخاوت ڪري ڪو نه دانا قبول،

سخاوت ڪري جو رهيو بوالفضول.

سخا ۾ ته هڪڙو، خدا آهه بس،

ٻيو پاڻَ کي ڪَس نه لائي اَوَس.

سخاوت ڪري ٿي، سَوَن کي سُڃو،

سخي آ هميشه، بکيو ۽ اُڃو.

سخا سو ڪري، جو هجي بادشاهه،

ڪري ٻيو  ته جهٽ ٿئيس خانو تباهه.

سخا کي سياڻا نه ڪن ٿا پسند،

سخا کان رهن، دور سڀ هوشمند.

سخيءَ جو هميشه رهي تنگ دست،

سخاوت ڪيو آهه، ماڻهن کي پست.

سخاوت ڪري، مفلسيءَ ۾ ملول،

سخاوت ڪرائي ٿي، دعوا دخول.

سخاوت روا ناهه، انصاف ۾،

سخا ليکبي آهه اسراف ۾.

 

اڄوڪي سخا آهه، چندو ۽ فند،

مقدمن ۾ رشوت، ڀَتا، ”في“ ۽ ڏنڊ.

     وڏو وَس ڏجي ناچَ يا رنگ ۾،

نهايت ته ناموس ۽ ننگ ۾.

مناسب سخا جا ته هي ٿيا عَمَل،

لباس ۽ جُوا، يا مڪان ۽ محل.

انهن کان سوا، خير خيرات ۾،

سخاوت شمار آهه بدعات ۾.

 

دربيان سخاوت

سخاوت ڪري ڪو نه دانا قبول،

سخاوت ڪري جو رهيو بوالفضول.

سخا ۾ ته هڪڙو، خدا آهه بس،

ٻيو پاڻ کي ڪَس نه لائي آوَس.

سخاوت ڪري، ٿي، سَوَن کي سُڃو،

سخي آه هميشه، بُکيو ۽ اُڃو.

سخا سو ڪري، جو هجي بادشاهه،

ڪري ٻيو ته جهٽ ٿئيس خانو تباهه.

سخا کي سياڻا ڪن ٿا پسند،

سخا کان رهن، دور سڀ هوشمند.

سخي جو هميشه رهي تنگ دست،

سخاوت ڪيو آهه، ماڻهن کي پست.

سخاوت ڪري، مفلسي ءَ ۾ ملول،

سخاوت ڪرائي ٿي، دعوا دخول.

سخاوت روا ناهه، انصاف ۾،

سخا ليکبي آهه اسراف ۾.

اڄوڪي سخا آهه، چندو ۽ فند،

مقدمن ۾ رشوت، ڀَتا، ”في“ ۽ ڏنڊ.

وڏو وَس ڏجي ناچَ يا رنگ ۾،

نهايت ته ناموس ۽ ننگ ۾.

مناسب سخا جا ته هي ٿا عَمَل،

لباس ۽ جُوا، يا مڪان ۽ محل.

انهن کان سوا، خير خيرات ۾،

سخاوت شمار آهه بدعات ۾.

 

دربيان بخل

هجي بخت جنهن کي ٿئي سو بخيل،

بخيلي ڪري سو هجي جو عقيل.

بخل آهي نعمت عجيب و غريب،

ٿئي ڪنهن  وڏي نامور کي نصيب.

 

بخيلي خزاني سندي خير خواهه،

                        بخيلي گدا کي بڻائي ٿي شاهه.

     بخيلي ته ”گارڊ“ رهي گنج جي،

ريا رام هر دم وٺي رنج جي.

بخيليءَ کي عاقل ڪري اختيار،

بخيلي بڻائي، وڏو بختيار.

بخيلي ڪري جو موافق، مزاج،

ڪڏهن ڪين تنهن کي رهي احتياج.

بخيلي وڌائي، زر و مال کي،

بخيلي نه هيڻو ڪري حال کي.

خدا  کي نه پرواهه، خيرات جي،

نه حاجت زڪات ۽ نه صدقات جي.

سوالين تي آهي، خدا جو ڏمر،

ڇڏي در انهيءَ جو، رُلن دربدر.

نه پورهيو نه ڪارهيو، ٿا ڪن بيخبر،

پِـِنڻ ۽ سِنڻ تي ڪَشن ٿا ڪمر.

ڏيڻ ڀِي، انهن کي نه آهي رَوا،

نه پاراتي ۾، ۽ نڪي منجهه دعا.

رُکي ۽ سُڪي تي ڪجي پيو گذر،

ڏسي ڪو نه ٿو پيٽ کاڌو، پسر.

نه مهمان کي مُور ماني ڏجي،

مگر وات جي خوش زباني ڏجي.

ٿئي دين و ايمان، نقصان جان،

تڏهن ڀي ڪجي ڪين پيسو زيان.

بخيلن کي آهي، وڏي مدنظر،

سخي، هڪڙا، بي گُجي، بي ثمر،

بخيلن کي پر مغز، پيسي جو پور،

سخين کي سدائين، سُڃائيءَ جو سور.

 

دربيان تواضع

تواضع ڪرڻ، نيچ عادت خسيس،

تواضع اهي ڪن جي سادا سليس.

تواضع خوشامد جو آهي نشان،

ڪري سو جو، مفلس ۽ محتاجِ نان.

ڪري، بينوا، بيشعور،

انهيءَ چاپلوسيءَ جو ڪهڙو ضرور.

تواضع غريبن، فقيرن جو ڪم،

تواضع شريفن جي لئي بي ڀرم.

 

گنهگار، بدڪار، بيڪار، بَد،

                            تون پنهنجي ڪرم کان نه ڪر مون کي رد.

     گناهن سندي ڳالهه ڪهڙي ڪريان،

عبادت به عصيانَ جهڙي ڪريان.

گنهه کان رهي، ڪينَ، پالهي پَلڪ،

جو تن جي لکڻ کان پيا ٿڪجي، مَلَڪ.

سڄو آهِه دفتر خطا تي خطا،

خدا تون ئي آهين ٿيو صاحبِ عطا.

بَدين جي ڪرڻ کان ڪِيَم ڪين بيِم،

ٻُڌو ٿم ته تون آن، غفورالرحيم.

گناهن ۾ ٿيس، بيحيا، بيڀرم،

ڪريما، بچائيم، تنهنجو ڪَرَم.

دقيقو ڇڏيم، ڪينَ، عصيانَ ۾،

تفاوت نه مون ۾ ۽ شيطان ۾.

مگر آهيان رحمت ۾ اميدوار،

رهيو ٿَم، اهو آسرو، برقرار.

مَدو هوسِ مون کي مدائي رهاءِ،

چڱو آهين، تو کي چڱائي جڳاءِ.

ڪيم پنهنجي لائق تي سڀ بد عمل،

تون ڪر لطف لائق، مٿمَ بي بَدل.

مَٺايون، مَدايون ڪري ٿيس ملول،

مُڪم ميڙ توڏي، محمد رسول.

رُلي دربدر، کائي ٿاٻا ڌڪا،

سندءِ دري ڏي آخر ڀڳس اي خدا.

هي ٻانهو ڀڳل، پُر خطا، پُر خلل،

رکي ڪم ٿو تو ساڻ، آخر اول.

تون مالڪ اسان جو تون داور ڌڻي،

خطائون سڀئي عفو ڪر تون کڻي.

تون معبود منهنجو، ڀَڄان يا ٽَهان،

تون مقصود منهنجو ته ڪاڏي وڃان.

خدايا مون کي هن بدين کان بچاءِ،

شقاوت، شرارت، ڇيَن کان ڇڏاءِ.

اطاعت ۾ توڻي ڪيون ٿا قصور،

ته ڀي ڏين، پيو رزق روزي ضرور،

تون اهڙو سخي ۽ سخاوت شعار،

جو هيڪر ڏئين پو نه آڻين شمار.

نه عيبن خطائن تي تنهنجي نظر،

سندءِ رحم سڀني مَٿي سربَسر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org