سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام بلبل

صفحو :8

     ته اڳتي ٻيو ڪو نه ايندو هلي.

     قناعت جي معنى ته آهي، ڪِري،

    نه ڏي مور ماني، پوي ڪو مري.

نڪي خير صدقي ۾، هيراءِ هٿ،

رکي سڏ ڏيندي ڪنهين وقت وَٿ.

تون هرگز، ڪڏهن، نقد کي هٿ نه لاءِ،

رڳو آنّ داڻا، هجن تان کپاءِ.

پنهنجي دل ته هوندي، ڀريل مغز پَر،

فضيحت ڪندي خلق ڪهڙا اَثَر.

رڳو آهي دنيا ۾ پيسي جو دم،

جو هوندو ته ايندو، ڏکيءَ ويل ڪم.

در بيان حرص

وڏي حرص ۾ آهه حڪمت حضور،

بنا هن جي، دنيا جو چرخو ئي چور.

هوا حرص آهن، ضرورت زمان،

انهن سان ٻڌل آهه سارو جهان.

هوا، حرص دنيا جو سينگار آهه،

انهن سان ته هي گرم بازار آهه.

هي دنيا ۾ جيڪو به آهي ٿيو فن،

مڪان و محل، باغ، بستان، چمن.

زمين و زن و زيورِ زر نگار،

عجائب غرائب، تماشا هزار.

لکين نعمتون، راحتون، عيش و ناز،

سوين سلف - سودا، سٺا باز.

هي سڀ حرص جي آههِ حڪمت تمام،

زماني جو سارو مٿس انتظام.

ڏيکاريائين جنّت جو نقشو هتي،

مگر ناهي ذِمّو، سندس پوئتي.

سڀئي شاهه، حڪام، گردن، دراز،

انهيءَ جي ٿا صدقي رهن سرفراز.

جڙيا شالَ جڳَ ۾ ته حرص و هوا،

ڏيکاريائون، ماڻهن کي ڏاڍا مزا.

هوا، حرص ڌاران، هلي ڪئن جهان،

هوا، حرص آهن، زماني جي جان.

هي اهڙا ته آهين، حرص و هوا،

نڪا تن پڄاڻي، نڪا انتها.

در بان طاعت

عبادت جي عادت نه آهي، اسان،

نه روزي جي طاقت رهي بيگمان.

عبادت ڀليڪن، نڪمّا نڪار،

 

     نه ڏيتي نه ليتي، نه ٻَچَا نه ٻارَ.

     جي ڪم جا ڀَڳل، مائٽن جا تڙيل،

                            رَنُن روڳڙين جا رُٺَل ۽ مُٺل.

مگر جو هجي، معتبر ۽ مڪين،

ڍڳو ڍور ٿيو، چار ٻارا زمين.

عبادت ۾ سو ڇو وڃائي مهل،

انهن جي ڪري چو نه ٽَهورَ، ٽهل.

ڍڳو ڍور بُک، پوک پئي ڀيلجي،

ڪري ٿو عبادت، ته ٿَر ٿيلهجي.

عبادت هجي، مفلسن کي روا،

تونگر تي آهي نه تڪليف ڪا.

جنهين کي مِلي، رزق روزي و فور،

گَسائي پيو گوڏا، سو ڪهڙو ضرور.

خدا جن کي دولت ڏني آهي پاڻ،

عبادت جي تن کي هجي ڪهڙي ڪاڻ.

وري جي ڪو حاڪم ٿيو، پو ته جَسُ،

ذري گهٽ هلائي، خدائي جو وس.

عبادت ڪُجا، بلڪ معبود ٿئي،

ڦري سو ته نابود مان بود ٿئي.

هڻي د مزن فرّ، فرعون جي،

رکي اختياري، سڄي، ”ٽون“ جي.

اسان جي عبادت ته دنيا جا ڪم،

اسان جا ٻچار ٻار، زالون صنم.

 

در بيان پرهيزگاري

اسان کي اهو لفظ ”ممريز“ آهه،

جو پرهيزگاريءَ کان پرهيز آهه.

پراڻو ڪو نسخو ٿو ڏسجي ردي،

ڪيو آهه منسوخ، چوڏهينءَ صدي.

اسان جا وڏا خرچ، ڪثرت عيال،

ته پرهيزگاري، ٿئي پائمال.

رکون جي اسان ٿا، انهيءَ جي نظر،

ته رهندا اسان جا نه هي ڪَرّ، فَر.

جڏهن ان جا ابتڙ، اسين ٿا ڪريون،

تڏهن آڻي پيتيون، خزانن ڀريون.

دغا، رشوت و جعلسازي، فريب،

خيانت ۽ چوري، وٺائي ٿي زيب.

جڏهن ڪي ڪجن ٿا، هي حيلا حوال،

تڏهن ٿو هلي، ڪارخانو بَحال.

 

در بيان عصيان

هي عيان اسان جي ته املاڪ چئو،

مگر نوش ۽ خاص خوراڪ چئو.

گناهن ۾ گڏجڻ، اسان کي ثواب،

ثوابن ڪمائڻ ۾ حرف و حساب.

انهن ساڻ هر دم، هيڪاندا رهون،

گهڙي هڪ انهن کان نه واندا وهون.

اٿڻ ۽ وهڻ ۾ انهيءَ جو عمل،

اسان جو گهڻو آهه، ان ۾ دخل.

گناهن ۾ پهچي، خوشي ۽ سرور،

ثوابن ۾ ٿئي نفس، چڪنا ۽ چور.

رڳون، روح، عضوا، سڀئي سَنڌَ، بند،

انهن لاءِ حيران، رهن فيض مند.

جي مڪروه آهن، صغير و ڪبير،

مڙيئي اسان لئي، ٿيا دلپذير.

گناهن ۾ ڄاڻون، فضيلت - اثر،

گناهن ۾ آهيون ته عالي قَدر.

ڪُلهي جا ڪلارڪ، لکن ٿا جو ”لسٽ“.

ته آهي گناهن ۾ نمبر فرسٽ.

گهڻي ان گهڻو، جو آ نمبر شمار،

اهو آ ڪروڙن ۾ هڪڙو هزار.

نه آهي، انهن جو حساب ۽ نه حَد،

خدا جو ٿئي رحَم غالب ته -  رَد.

نه ڄاڻان ٿو پنهنجي، ڇٽڻ جو سبب،

مگر ڪو بڻائي، محمّد ۽ ربّ.

ڪريمن کي ٿيندي، ڪرَم جي نگاهه،

ته محشر ۾ مون کي، ڪندا ڇا گناهه.

در بيان شيطان

هي بزرگ اسان جو پراڻو آ يار،

اسان سان سندس آهه پَڪو پيار.

رهيو کير ڀائي ته ٻنڌڻن جو دوست،

اسان جو، انهيءَ جو، ته يڪلخت و پوست.

هجي صحبتي، همصلاحو، هميش،

ڄڻ آهي، اسان جو برادر ۽ خويش.

اسان جو ته ابليس، مونس، جليس،

اسان جو ته جاني، اسان جو انيس.

اسان جي ته چشمن جو آهي چراغ،

سندس جاءِ سينو، ته دل ۽ دماغ.

 

     جيئن ٿو چوي، تيئن ڪيون، ٿا ضرور،

                            نه ڪو عذر معذور نا ڪو قصور.

     نچائي، ٽَپائي، هَڻي ۽ کَڻي،

اسان سان ڪري کيس جيڪي وڻي.

اسان لاءِ آهي، انڌي واري لٺ،

اسان لاءِ آهي، گنگا واري گَٺ.

اسان کي سندس آهه نَڪ ۾ مهار،

اٿارڻ وهارڻ، سندس اختيار.

اسان ڀي سندس آهيون، قائم مقام،

ڀرايونس ٿا ڪنهن عمل ۾ سلام.

سکياسين ته اهڙو، فريبن جو فن،

جو بعضي، بَديءَ ۾ وٺايونسِ ڪَن.

ڏَئِي، ينگ مئنَنن کي پنهنجو ”سَمَن“،

پرئي مڙس هاڻي وَتِي، ”پينشن“.

خدا يا تون هن بد بلا کون بچاءِ،

جو منهنجي پڄڻ جي ته هت ناهه جاءِ.

در بيان مستي ۽ شراب

اري شاپ کيپر، يوئر ”کم هيئر“،

ادهر لائو، اک خوب ”ايزي چيئر“.

پلا، برف ”لمليٽ، سوڊا، يو - مين“،

ادر لائو ”ڻالر“، ادهر لائو، ”وين“.

”برانڊي“ کي بوتل کو ٽيبل پي لا،

ابهي ايک ”پائونڊ“، هم کو پلا.

سمجهڻا نهين هم ڻمارا ”ڊرام“،

نهين همڻو، بچائو، کچا ڻمام.

ڊکهائو همين ايکشا کاس ”يو“،

که ڊونون هو نمبر کي ”ون اينڊ ڻو“.

چکهائو تو ”شمپن“ شيري شتاب،

مگر ”بير بو ڻر، ڻو وسکي“ شراب.

او هو، هو گيا بهول، نوئي ڪا نام،

بهت لائو جلدي، اچها ”اولڻام“.

”ڊزن“ تم رکهو آنکر،

”يو، گو، اِن پيگ، آءِ بيگ، سَرُ.

همارا به کهنا نه سمجهو گلٽ،

ابهي ڻوڙڻا هي، ڻهمارا ڪبٽ.

پلائو ”چروٽ“، اور کهلائو ”فروٽ“،

که بڪسيس ڊيڻا هي، هم ڪوٽ  بوٽ.

کدهر هٿ ”سرونٽ“، جلڊي بڻا،

که بننا ڊوانا هي، هم مانگڻا.

 

که بننا ڊوانا هي، هم مانگڻا.

در بيان صبر

     اهو زرد سگ ٿَوَ، برادر شغال،

انهيءَ جي به ڳرندي، اسان وٽ نه دال.

اهو ڀي اَٿَوَ، نسخهءِ جاهلي،

ته ڪم همتّي، غافلي، ڪاهلي.

ڏسو، صبر ۽ صِبّر يا جنس هم،

اهو ڀي اَٿَوَ، زهر جو ڄڻ ڪو قسم.

اها آ نبيّن جي ڪَوڙي سُتي،

سَٺِي ئي انهن، پنهنجي  سِرَ تي مُٺي.

ڀَلا ٿيندو، ”ايوب“ ڪوري ڪُجا،

اسان جي ڳچي، سبڪ ٿوري ڪُجا.

مگر ڳالهه، هيءَ پوري ناهي ادا،

اهو ڪهڙو ڳُجهه هو، سو ڄاڻي خدا.

اسين آدمي، عالم اسباب جا،

وٺن ٿا سبب اهلِ ارباب جا.

اسين ڇو ڪريون، صبر، ڏنا، ڏٽا،

”پڄي ڊاک کي نا چئون، ٿُو کٽا!“

توّڪل سان گڏ، صبر و شڪر و رضا،

اهي ٿَوَ فقيرن جا خيالي پلاءَ.

اسين سست ڇو ٿيون صبوري مزاج،

جو هر درد جو آهي، پيدا علاج.

تڏهن درد ويندو، جڏهن ٿئي دوا،

بُّبو، نا ڏئي ماءُ، روئڻ بنا.

تون هڪ فلسفيءَ جو بجا آڻ فرض،

ته تو، صبر ۽ شڪر جو ڪهڙو غرض.

در بيان راستي

هي سنڌي نمونا، ڪٿان تو وَتا،

جو چارئي لڳو لڳ بَلا تي بَلا.

وفا، شڪر، ۽ صبر ۽ راستي،

جفا، قهر، ۽ زهر جان ڪا سُتي.

اهي غير جنسون نه قابل شنيد،

اسان وٽ نڪي ديده دهر ديد.

مروّج نه موزون موموم آهه،

مقامن ۾ رهندي، اها بوم آهه.

لکيو آ نه ڪنهن انگريزي لغت،

نه ڪا ”ڊڪشنري“ ۾ ثبوتي صحّت.

پراڻيءَ سنڌيءَ ۾ اهو لفظ سَچ،

 

     اسان جي ته ٻوليءَ ۾ ڪوٺين ڪچُ.    اڳي هو اهو جانور، خورش عام،

                            اسان وٽ ته هاڻي ٿيو آ حرام.

     پڇون انهيءَ کي جو آهي، عَدَم،

نه جنهن ساڻ مطلب، نه جنهن ساڻ ڪم.

اجايو وڃايوسون ورقِ ڪتاب،

ڪرايوسون ٽائيم، پنهنجو خراب.

اسان جي انهن سان ملاوت نه آهه،

انهن سان ڪريون ٿا، اسين ”گُڊ - باءِ“!

در بيان دروغ

اها، ها! هي نالي مِٺو نامور،

اسان جو ته ”لارڊ“، اسان جو ته ”سَر“.

اسان جو هي ديوان صاحب دروغ،

لياقت، فضيلت، جو آهي فروغ.

هي مشهور معروف اوصافَ ۾،

هتان کان وٺي ڪوهه تا قافَ ۾.

هي ”ڪئونسل“ زماني جو ”ممبر“ مشير،

هي ”لوڪل ڪمشنر“، هي ”پبلڪ“ سفير.

وڏي هن جي شوڪت، وڏو هن جو شان،

وڏي هن جي عزّت، وڏو هن جو مان.

چيئرمين، سوسائٽيءَ سنڌ جو،

رڪن، نيشنل ڪانگريس، هند جو.

جي ڪورٽ ۾ تان، هنَ جي ڪرسي مَٿي،

سِول ۾ سندس آهي، سَرسي مَٿي.

هي آهي وڪيلن سندو رزق روز،

اصيلن ۽ دزدن سندو، درد دوز.

سڀئي قاعدا، ”ڪوڊ“ هن جا مطيع،

سندس فيصلا، ”سرڪلر“ سڀ وسيع.

هي زينت دهنده زمين و زمان،

هي رونق ڪننده مڪين و مڪان.

اسان جو وظيفو، اسان جو عمل،

اسان جو ”رمارڪ“، اسان جو رمل.

اسان جي ”ٽَريءَ“ جو ته ”ايڪسٽرا“،

اسان جو ته ”بِلَ“ آ، اسان جو ته ”لا“.

اسان جو ته آهي، وڏو ماسٽر،

اسان جو ته ”جنرل“، بَڙو ڊاڪٽر،

اسان جي تدابير جو رهنما،

اسان جي تجاويز جو پيشوا.

 

اسان جو مدارج، اسان جو مدار،

اسان جو وطيرو، اسان جو وقار.

در بيان گردش فلڪ

ڪيو هاڻ ”سر ويس بُڪ“ تي نظر،

تفاوت ڪڍي، قوم جو ڪيو پڌر.

مسلمان، هندن ۾ آڻيو تميز،

ته ڪيئن پست هي ٿيا، ته ڪئن هو عزيز.

لقب، واهه ”ديوان صاحب“ وڻيو،

ننڍو وڏو ”راءِ صاحب“ بڻيو.

ڪيائون ترقي ته تعليم ۾،

پکڙجي ويا، ساري اقليم ۾.

جو هڪڙا ته جَجَ ۽ اسسٽنٽ ٿيا،

ڏسو هڪ ته ”بئريسٽر، ايٽ لا“.

جو هڪڙا ته ڊپٽي ۽ مختيارڪار،

ته هڪڙا ڪليڪٽر جي دفتر مدار.

جي هڪ هيڊ منشي، ته ٻيا اوور سيئر،

جي هڪ سپروائيزر ته ٻيا انجنير.

جي هڪ سب رجسٽرار ته ٻيا فوجدار،

سِول جا ڪي ناظر ته سر رشته دار.

جي هڪ ماسٽر تا ٻيا ڊاڪٽر،

ته هڪڙا وري، سب انسپيڪٽر.

جي هڪڙا پليڊر، ته ٻيا پبلشر،

جي هڪڙا منيجر ته ٻيا ايڊيٽر.

جي هڪڙا ڪلارڪ ته بابو ٻيا،

ته ”فارسٽ“ جا ٽيان، آفيسر ٿيا.

جي هڪ ڍڪ منشي، ته ٻيا تپّيدار،

ته هڪڙا سلحدار يا ٿاڻيدار.

مڙيون ئي آفيسون، انهن جون خريد،

ٿين ڪو نه کاتو ڪو عهدو بعيد.

ڏسو قوم پنهنجي جو هاڻي نمط،

اول تان پڙهو، بسم  الله، بر غلط.

افيسر جي مَس مَس ٿيا چار - پنج،

اهي ٿيا اسان لئي، غنيمت ۽ گنج.

انهن کانسواءِ ٻي ڪريون، هاڻ ڌوڻَ،

مسلمانَ منشي، ته اَٽي ۾ لوڻ.

جو هڪڙا، عمر تائين اميدوار،

نهايت ته ڍَڪَ - بَند، يا تپّدار.

جو هڪڙن کي ليسن، عريضي نويس،

 

ته ٻيا ”لاسٽ“ منشي، سپاهي، پليس.

     جو هڪڙا حوالدار، نائڪ نڪار،

                            ته هڪڙا خلا صي ٿيا ڪوٽوار.

انهن ۾ به آهن، هندو، ڀائيوار،

جي ڳڻبو ته تن جو زياده شمار.

وريو واهه، هندن جو وارو ڏسو،

پنهنجي قوم جو اَڻَ سڌارو ڏسو.

نڪا تنِ کي غيرت ۽ همّت ٿئي،

ته پُو، ڌوڙ حاصل هي نعمت ٿئي!

چون ٿا اسان لاءِ بس آههِ دين،

اهو عذر تن جو ڪڏهن ٻُڌوبو ڪين.

رڳو دين ڀي ٿيو، اسان کان پري،

ادهر ڪي هوئي نا اُدهر ڪي هوئي.

هجي دينداري ته ٻيو ڇا گهرون،

مگر سُست آهيون نه اڳتي سُرون.

ڏسو هي زماني جي گردش ۽ ڦير،

ته هو علم ڪنهن جو ۽ ڄاڻن ٿا ڪير.

خدايا اسان جو ڪو وارو وَراءِ،

ڪڍي غار غفلت مان، اڳتي وَڌاءِ.

در بيان تڪيه ڪلام

تون رک ڀروسو، پنهجي دولت مَٿي،

حڪومت، نعم، ناز، حشمت مَٿي.

وڏا بنگلا ۽ بنائج تون باغ،

برفتار، گفتار، عالي دماغ.

اسان جو ٿئي، فرّ، هي فوت ڇا،

اسان کي ماري، ڪندو موت ڇا.

ملن جا هي دڙڪا، خيالي خطر،

جي ساحل حڪومت ته ڪهڙو حذر.

جي ڊڄبو ته ٿيندو نه هي ڪار بار،

خورد و پوش، يا عيش و عشرت، بهار.

ڪري وٺ مزا تون، عجيب و غريب،

که ديده شود ٿيو مرڻ يا نصيب.

غرض خوب پنهنجي تون هلندي هَلاءِ،

ڀلي ماڻِ موجون ڀلي خوش هنڊاءِ

در بيان اهل جهان

گهڻائي ته صاحب، بهادر بلي،

گهڻا راءِ صاحب، دلي، بادلي.

 

گهڻا ته ديوان اعظم عمل،

                            گهڻا مستر و بابو ۽ داس مَل.

     گهڻا چند، ۽ سنگِ سي. ايس. سَر،

گهڻا، خان، مرزان، ميان، معتبر.

گهڻا ايم. اي، - ايف. اي، ايل. ايل،

گهڻائي ته بي. اي، گهڻا ڊنگ ڊيل.

گهڻا آنريري ته سيڪريٽري،

گهڻائي ته سِولن، گهڻا ملٽري.

گهڻا آنريبل، ته ”جسٽس دي پيس“،

گهڻا سپرنٽينڊنٽ، ناظم پوليس.

گهڻا رئيس، سردار، پير و فقير،

زميندار، جاگيردار و اعلى امير.

وڄائن ٿا وارو، نغارو هڻي،

مگر آهه بيٺي جي بازي بڻي.

در بيان دل بستگي دوران

رکج دل تون اولاد، احباب سان،

رکج دل تون سامان، اسباب سان.

رکج دل تون ناموس ۽ ننگ سان،

رکج دل تون هر راڳ ۽ رنگ سان.

رکج دل تون، دولت سندي دامَ سان،

رکج دل تون بس، عيش و آرام سان.

رکج دل سَدا وَهٽ ۽ مال سان،

رکج دل تون صحبت سندي زال سان.

رکج دل تون خوراڪ، پوشاڪ سان،

ته دنيا سندي ساري املاڪ سان.

رکج دل مٿي عشقبازي ضرور،

شراب و حقو، ڀنگ، فسق و فجور.

رکج دل مٿي، ننڊ، غفلت مدام،

چڱي ۽ مٺي کي، نه ڏي تون سلام.

نه دنيا جي کِٽ کِٽ نه عقبى جو ڏر،

سِڌو ئي سِڌو کول دوزخ جو دَر.

خاتمهءِ ڪتاب

خدا يا هي جيڪو چيو ٿم تباهه،

ڪيو ٿم، پنهنجو منهن ۽ ڪاغذ سياهه.

ڏيکاريم جي اقوال، افعال سڀ،

اهي خاص منهنجا ٿيا اعمال سڀ.

قسم آهي، تنهنجو ته ناهي ڪو شڪ،

سڀئي عيب مون بد اَٿي يڪ بَه يَڪ.

هئو حال جيڪو سو ظاهر ڪيم،

مٿي عيب ماڻهن کي ماهر ڪيم.

اگرچ ڳجهو ناهي، تو کان ڪو غيب،

تڏهن ڀي ڪيم عرض تو کي هي عيب.

تون ستّار آهين، ڏي مون کي پناهه،

تون غفّار آهين، عفو ڪر گناهه.

جو اقرار پنهنجا ڪيم سارا ڏوهه،

ته ڪر معاف مون کي نه رک ڪو ستوهه.

رکي آهه ”چارج“، ڏيان ٿو بچاءُ،

محمد وسيلو ۽ ان جو وياءُ.

شفاعت انهن جي ڪرين تون قبول،

مون کي دين و دنيا ٻئي ڪر حصول.

ڇڏي ڏي هِي، قيدي، گنگهار بد،

ڪرم ساڻ پنهنجي ڪري ”ڪيس“ رد.

ٿئي فيصلو تنهنجو هن پَر رقم،

ته تنهنجي قهر تي آ غالب ڪرم.

شفاعت جو تو کان وٺي ”سيڪشن“،

ڇڏائين محابي چئن ۽ پنجن.

مسلمان ڀائر جي آهن عزيق،

انهيءَ ڏوهه، واهَر ۾ مون سان رفيق.

خدايا تون سڀني کي بخشج تمام،

بحرمت، محمّد عليه السّلام.

اسان کي به گهرجي، ادا و ڀرم،

خدا وٽ گهٽِ ناهه، رحم و ڪرم.

ڏسِي هي مٿيان، عيب وارا بيان،

رکون ڪو ادا عاقبت جو ڌيان.

نه مون ۾ رڳو آهه ڀولو اهو،

سڄي خلق ۾ آهه، رولو اهو.

اگرچ گهڻا، نيڪ ڪردار هِن،

مگر، ڪنهن نه ڪنهن ۾ گرفتار هِن.

پنهنجا عيبَ سڀڪو ڏسِي ٿو سگهي،

ڏسِي نه، ته هي اعمالنامو پڙهي.

اسان جو چوڻ، وس ٻڻ ڪم سندن،

ٻڌي پو، عمل پاڻ ڪن يا نه ڪن.

پڙهي روز هي، تازيانو رکو،

نه هڪدم ڏسي، زير زانو رکو.

هي کِلَ مسخري ۾ نه آڻيون شمار،

مگر هي ڏسي ٿيون گهڻو شرمسار.

چَوڻ جو چَوڻ، کِلّ جي کِلّ آهِه،

عمل ۽ زڪا، لئي وڏي ذلِ آهه.

رڳو کِلَ چئي، ان جو فهم آهه ڪم،

پسي حال ٿئي، غور واري کي غم.

جي ڄاڻون ته جنسي اَٿو جامِ جم،

ڏئي ٿو جو ڪائي سڪندر جو ڪم.

ڪڍيم ساري دنيا جو نقشو شفاف،

ته اخلاق فاسد جو ”فوٽو گراف“.

گدا کان وٺي تا به شاهه و امير،

سڀئي هڪ نه هڪ باب ۾ هن اسير.

اگرچه سڏائن سعادت مآب،

ته ڀي ڪنهن نه ڪنهن باب جو ٿن عتاب.

ڪڍون ڪوڙ دل مان ته ڄاڻون صحيح،

ٿيون، پشيمان صالح صريح.

ظرافت ۾ آدنم، نصيحت تمام،

جو پنهنجا ٻين کان ڏٺم، عيب جام.

سڄي خلق جو اڄ ڦري ويو خيال،

هي پنهنجو انهن ساڻ آندم مثال.

اهو آهه لائق، جو عبرت وٺي،

ڏسي عيب پنهنجا، نصيحت وٺي.

سنواريون، سڌاريون، هي عادات خام،

سنڀاليون اسين پاڻ پنهنجو مدام.

اسان پنهنجو ايمان، ٻوڙي ڇڏيو،

دنيا جي پُٺيءَ، دين، لوڙهي ڇڏيو.

اسان کي بلا هن ڪيو مبتلا،

بَه فرياد بر داد رس، يا خدا.

وسيلا، اسان جي اچي واهَه ڪر،

تون گمراهَه کي برسرِ راهه ڪر.

سڀن مومنن کي تون رک اي رحيم،

هدايت، سعادت، مٿي مستقيم.

اهي روزا واڪا ڪيم، سر بسر،

ڪريان هاڻ ٿو، قصهءِ مختصر.

نهم (9) ماه ذيعقد جي هِي ڪتاب،

۽ هو سن تيرهن سو تيرهن حساب.

(١٣١٣هه)

مطابق ته ٽويهين (٢٣) اپريل جي،

هئو سال ارڙهن سئو ڇَهانوي.

(١٨٩٦ع)

خميس ڏينهن، ڪيم، هن سندي ابتدا،

ظهر وقت، ۽ ٽين بجي، مهل سا.

ڪيم هڪڙي هفتي ۾ ٺاهي تيار،

هئو حال حاضر سو آندم بَه ڪار.

سليمي، سنڌي، بي تڪلفّ بيان،

سکڻ لاءِ ڪجهه حاڪماڻي زبان.

مروّج، مِٺي ۽ سلوڻي، سَچي،

چيم شعر ۾، پو پڪي يا ڪَچي.

جو شاعر ٿيس، ”نيم تر“ ان سبب،

مَلوڪَن سخن کان معافي طلب.

اي ”بلبل“ ٿي خوش آهين گوهر نگار،

رحيما هي تنهنجي رهي يادگار.

متفرقات

 

حمد و مناجات

اهو خالق، جمله ڪون و مڪان چئو،

اهو رونقِ ڪاروبارِ جهان چئو،

اهو سڀ جو رزاق، روزي رسان چئو،

اهو حل ڪُنِ مشڪلِ جانستان چئو:

اهو سڀ سندو مونس و يار سمجهو،

اهو ئي معاون، مددگار سمجهو.

خدا جي آهي سلطنت جاوداني،

هلي حاڪمن جي سندس حڪمراني،

سندس ذات آ پاڪ، حادث نه فاني،

نه ڪو جوڙ تنهنجو، نه شاني نه ثاني:

ڏسو جا بجا، جلوه فضل رب آهه،

غفور الرّحيم انجو لائق لقب آهه.

اهو هڪڙو آ ساري عالَم ۾ فائق،

اهو هڪڙو آ مشڪل ڪشائي خلائق،

اهو هڪڙو آ پنهنجي قدرت جو شائق،

اهو هڪڙو آهي، عبادت جي لائق:

نهان آهِه ڪثرت ۾ وحدت جو جلوو،

ٿيو هر سو عيان آهي، قدرت جو جلوو.

اهو باغ ۾ گل، اهو گل ۾ بو آهه،

اهو باد و آتش، اهو آ بجو آهه،

اهو نخده غنچهءِ خنده رو آهه،

اهو نغمئه طوطي: خوش گلو آهه:

بهار ان جي قدرت جو باغن ۾ آهي،

شميم خدائي، دماغن ۾ آهي.

حمد

تضمين بر ڪلام حڪيم ثنائي رحه

ذاتِ واحد کي جڳائي، وَڌِ واکاڻ وڏائي،

ٿو سونهي حمد و ثنا ثابت، ساراهه سدائي،

پائي ڳل پاند ڳچيءَ ۾ ڏئي ٻَن حرص ٻيائي،

ملکا ذڪر تو گويم که تو پاکي و خدائي،

نه روَم من به جز آن ره که تو آن ره نه نمائي.

جي ڪرين قادر مون تي ڪو ڪرم، لطف دمادم،

ته کڄي ڪين سندءِ ياد سوا، دم نه قدم هم،

نه رکان ڪنهن سان غرض يا نه پوي ڪنهن ۾ ڪوئي ڪم،

همه درگاهه، تو جويم، همه درگاهه تو پويم،

همه توحيد تو گويم که به توحيد سزائي.

سڀ مخلوق، خدائي ٿي مڃي، تنهنجي هي ساري،

ڇا هجي خاڪي ۽ آبي، ڪه هوائي هجي ناري،

پوڄي هر ڪوئي ٿو توکي، اي خدا، خالقِ باري،

تو خداوند يميني تو خداوندي ساري،

تو خداوند زميني، تو خداوند سمائي.

تون ڏئين ڪنهن کي اميري، ٿو ڏئين ڪنهن کي فقيري،

ڪيئي آزاد گهمائين، ڪيئي منجهه دامِ اسيري،

توهَه، تنهنجي سان تڳي ٿو، هتي هر حالِ حقيري،

تو خبيري، تو ڪبيري، تو سميعي تو بصيري،

تو مُعّزي، تو مُذَليّ، ملڪ العرش علائي.

نه ڪهين شاهه کي طاقت، جو ڪري تو سان شراڪت،

نڪا جنّات کي جرات، نه ڪا مَلڪَن کي مساوت،

تون اڪيلو نه سندءِ ڪنهن سان، عزازت نه قرابت،

نه نيازت به ولادت، نه به فرزند تو حاجت،

تو جليل الجبروتي، تو امير ال امرائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org