سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اکين جا سنيها

صفحو :4

 

 

غزل

بادلن مان چنڊ جو جهاتي وڌِي،

ياد تنهنجي دل ڪري آتِي وڌِي.

 

ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃي ڪاڏي وڃان،

قربَ آهي ڪنڌَ تي ڪا تِي وڌي.

 

تنهنجِي آمد جي خبر مس مس ٻُڌم،

دل جي دَهڪي آڇنِي ڇاتي وڌي.

 

ڪيئن وساريان ڪين ٿو ڪووَسُ هلي،

چولڙي ۾ چاههَ آ چُئانتِي وڌي.

 

اوچتو ئي مان ويس ”مدهوش“ ٿِي

جنهن مهل دلبر نظر ذاتِي وڌِي.

 

 

غزل

سَر نظر ڪر ته مڃائين دلبر،

مارِ يامر ته مڃائين دلبر.

 

لوڪ جي ٽوڪ ملامت خواري،

درگذر ڪر ته مڃائين دلبر.

 

سُور سودي ۾ وٺِي هِن هُنَ کان،

ٿي تونگر ته مڃائين دلبر.

 

ڪنهن بُري سان به ڀلائي وارو،

ڪو قدم ڀر ته مڃائين دلبر.

 

ماري ”مدهوش“ مَڳِي شوخَ اڳيان،

ويهه ويتر ته مڃائين دلبر.

 

شعر ”مدهوش“ جو محفل ۾ ٻُڌي،

چؤ مُڪرّر ته مڃائين دلبر!

 

 

غزل

اي زمانا! مري مري، ايندس،

عشق آهيان، وَري وري ايندي.

 

تنهنجي ليکي ٻري ٺري ويندي،

مان ته ٻيهر ٻَري ٻري ايندي.

 

جيڪڏهن نوح جو اُٿيو طوفان،

تارَ مان ڀي تري تري ايندس.

 

شوقَ چاهيو ته مان شهادت جي،

شهر ۾ پيو وَري ورِي ايندس.

 

نيٺ ”مدهوش“ عزمَ سان کولي،

درشَنَن جي دري دري ايندس.

 

 

 

غزل

يار جي ياري لڳِي، وهوا وفاداري لڳي،

لوڪ جي غيبت گِلا خواري به ٿم پياري لڳي.

 

راضپي ناراضپي سان هُن جو پرچڻ ۽ رُسَڻ،

جا اداڪاري لڳي، سا فائدي واري لڳي.

 

هيڏي ڏسجي،هوڏي ڏسجي، جاڏي ڏسجي اُن طرف،

دَرشنن جِي آبهاري ويئي چوڌاري لڳي.

 

يار سان گڏجي گُذارڻ، آثوابن ۾ شمار،

غير کي دل ۾ ويهارڻ آ گُنهگاري لڳي.

 

دل چرِي ٿي پئِي ته سياڻي ڪين ٿي توڙي هُتان،

لاءِ سمجهائڻ، سموري خلق پئي ساري لڳي.

 

عشق منهنجي اوترو معراج آ ماڻي وتو،

جيترو ”مدهوش“ آهي چوٽ ڪاپاري لڳي.

 

 

 

غزل

پيار، آدم، حوا زماني ۾،

لوئجن ٿا، اڃا زماني ۾.

 

دوڌ، دوکو، دغا زماني ۾،

پيو هلي ڇا نه ڇا زماني ۾.

 

نيڻ نيڻن کي دعوتون نه ڏين،

ڇو ٿين حادثا زماني ۾.

 

ڌار جي آرسِي اکين واري،

ڇو نه ڏسبو خدا زماني ۾.

 

تو ۾ مون ۾ ضمير ڪونهي تڏهن،

تو وڪامي حيا زماني ۾.

 

جن وفا سان وفا ڪئي تن جي،

ڳائجي ٿي وفا زماني ۾.

 

جيسين ”مدهوش“ هوش گڏ هوندوءِ،

ڪا نه ملندءِ بقا زماني ۾.

 

 

غزل

هُو اکين جي ٻَکن ۾ پئجي ويو،

ساههُ ساڻي بدن ۾ پئجي ويو.

 

هئ حقيقت رقيبَ جي ڪَن پئي،

ڄڻ ته ٽانڊو ڪکن ۾ پئجي ويو.

 

هيڏي عيدون عُروج تي پهتيون،

هوڏي لرزو لِڱن ۾ پئجي ويو.

 

محب مون سان کِليو ته هُن کي ڇو،

آههِ مهٽو هٿن ۾ پئجي ويو.

 

مون چکي مس نبات ۽ مصري،

زهر هُن جي چپن ۾ پئجي ويو.

 

مُرڪ هُن موڪلي،چُمئ وانگر،

ٿرٿلو حاسدن ۾ پئجي ويو.

 

واهه ”مدهوش،“ واهه مدهوشي،

هُل سچن عاشقن ۾ پئجي ويو.

 

 

غزل

هو ڏَهُون يار به جهاتِي پاتِي،

هيڏ هُون پيار به جهاتي پاتِي.

 

عشق اظهار گُهرِي بيک جڏهن،

سُونهن سرڪار به جهاتي پاتي.

 

ديدَ ديدُن جي طرف واجهايو،

دل گنهگار به جهاتي پاتِي.

 

مون کي محبوبَ ڏنِي ڇاندَ ڳُجهِي،

غير جي وار به جهاتِي پاتِي.

 

پير مَس پيار اڱڻ تي رکيَم،

تيز تڪرار به جهاتي پاتي.

 

آسَ ”مدهوش“ لبن تي آئي،

دل جي دلدار به جهاتي پاتي.

 

 

غزل

اسان تنهنجو، ٿيڻ، آهي قبوليو،

جِيڻ جي لئه مرڻ، آهي قبوليو.

 

جگر، جيرا، بُڪيُون، سر ساهه سانڍي،

سڄڻ سڀ ڪجهه ڏيڻ، آهي قبوليو.

 

برابر بار گاهه حسن ڏي مُون،

وجهِي ڀاڪُر نِيَڻ، آهي قبوليو.

 

نه ڏي ڪُرڪي او موکي! مُون، اوهان جو،

سڄو ئِي مَٽُ پِيڻ، آهي قبوليو.

 

اوهان ”مدهوشَ“ کي ڪافر سڏيو پوءِ،

اسان ڪافر ٿيڻ، آهي قبوليو.

 

 

غزل

يا خدا ٻِي نه ڪا عطا گُهرجي،

مون کي ديدار دلربا گهرجي.

 

جنهن جي ديدن ۾ ٻئي جهان آهن،

روبرو سوملي ته ڇا گهرجي.

 

زندگي ٿي فراقَ ۾ ڀَٽڪي،

زندگئ کي سهائِتا گُهرجي.

 

لوڏ ٿورو پلاند کي هُن جي،

ساهه کي سونهن جِي هوا گهرجي.

 

ڪا ئي خيرات ٻي نه گُهرجي، پر،

ديد ۾ ديدَ، ها ۾ ها گهرجي.

 

پي پي ”مدهوش“ ٿِي چُڪو آهيان،

دل چوي ٿي اڃا اڃا گُهرجي.

 

 

غزل

تون ته تون پر سڄڻ، مان به تون ٿِي وڃان،

ڪاش گڏجِي وڃان، خُوب اَڏجِي وڃان.

 

ڏي نه ڏي ڪجهه نه ڏي، ايترو قُربُ ڏي،

پاڻَ کان پاڻُ پنهنجو به وِسرِي وڃان.

 

شال مون تي رڳو پنهنجو پاڇو ڪرين،

جا بجا سوُنهن وانگر پَکِڙجِي وڃان.

 

دوز خون جنّتونُ سڀ ئي رهجِي وڃن،

هي اَجايا تماشا به اُڪرِي وڃان.

 

ڇو گناهن ثوابن جون ڳالهيون اُٿن،

جيڪڏهن تنهنجي زلفن سان ٻَڌجِي وڃان.

 

سڀ لَتاڙي ڇڏيان سرحدون هوشَ جُون،

اهڙو ”مدهوش“ مان مست بڻجي وڃان.

 

 


 

 

 

غزل

عشقَ آفت ۾ مُبتلا آهيان،

عام ليکي ته لا پتا آهيان.

 

ڪا خبر ئي نٿي پوي مون کي،

مان الائي ته پاڻ ڇا آهيان.

 

ساهه اندر سمائجِي تُنهنجي،

ڪيئن چوان يار کان جدا آهيان.

 

بارُلاهي سڄو رکيئي مون تي،

چيز چئبو ته خاص ڪا آهيان.

 

تون رڳو دلربا نه آن منهنجو،

مان به تنهنجو ته دلربا آهيان.

 

ٻيئي ”مدهوش“ خوش نصيب آهيون،

تون سخي آهين،مان گدا اهيان.

 

 


 

 

 

غزل

هر درد هوا جو جُهوٽو آ،

ويساههُ اگر آسُو دو آ.

 

ڪيڏو نه چُڪو عرصو گذري،

پر پيار نه ٿيو پاروُ ٿو آ.

 

سو عشق ڪجي جو هوش کسي،

ٻيو عشق ته سادو سُودو آ.

 

انسان وڏي هستي آهي،

ان کان به عقيدو اوُچو آ.

 

دنيا تي مرڻ مان ڇا حاصل،

دنيا ئي سڄي هڪ ڦوُڪو آ.

 

مربو ته وڃي سچ تي مَربو،

”مدهوش“ رِٿيو منصوبو آ.

 

غزل

تو جا پاتِي، هڪڙي جهاتي،

سال وڌي وئي يار حياتِي.

 

جيئن پُڪاريئه ساٿي ساٿي،

ڇيڄ هَنيا هِن منهنجي ڇاتي.

 

تو به ڏٺو ۽ مون به ڏٺو بس،

موتَ مٿان پئي ڪڙڪي ڪاتِي.

 

هيڏانهن به هئي، هوڏانهن به هُئي،

اک سان اک ٻکجڻ لئه آتِي.

 

”مدهوشَ هٿن سان هَٿُ جو ملايئ،

ڀاڳ هٿن کي ميندي لاتي.

 

غزل

ها،اهي سڀ حقيقون آهن،

تنهنجي ڪمري ۾ جنّتون آهن.

 

هِئ ڌَمالون، عيدون خوشيون، ميلا،

تنهنجي،اَيوانَ جُون رُتون آهن.

 

تنهنجو پاسو ڇڏيان ته ڪيئن ڇڏيان،

تنهنجي پاسي ۾ راحَتوُن آهن.

 

تنهنجي نهه نهه ڪرڻ، رُسڻ پَرچڻ،

سونهن جون سَڀ سخاوتون آهن.

 

ڇو نه ”مدهوش“ کي طلب تاڻي،

تنهنجي درتي عِنايَتُون آهن.

 

 

 

غزل

اوهان جي ديدَ، ديدَ سان اٽڪي وري وري،

ته مان به ڇو نه ٿِي وڃان صدقي وري وري.

 

ڪٿي لڳو ۽ ڪيئن لڳو، ليکو نه ڪر اِهو،

ڀلي ته ڪانُ ڪست مان ڪڙڪي، وري وري.

 

نگاههَ کڻ ۽ تيرَهڻ، سامهون تڪي تڪي،

ڪُسان ته لاش تو اڳيان ڦَٽڪي وري وري.

 

تکيون اکيون اُلارِ جيئن خاموش منهنجي دل،

قلندري ڌمال جان دَهڪي، وري وري.

 

نِپوُڙجِي مان نينهن ۾، پاڻئ مثال ٿيان،

وجود بحر وانِگيان ڇلڪي وري وري.

 

نه تون عجيبَ ايترو ”مدهوش“ کي سِڪاءِ،

ڏيکار نازڙا، نَوان،اڄ ڪي وري وري.

 

 

غزل

حجابن جي نقابن ۾، لِڪِي حملا ڪرين ڇو ٿو،

ڪري حملا، وري حملن تي واويلا ڪرين ڇو ٿو.

عدم کان هت اچي هن جُوءِ ۾ هاڃا ڪرين ڇو ٿو،

سوين گگدامَ گونگيون زندگيون ضايع ڪرين ڇو ٿو.

حوا جي روح ۾ ههڙا نوان جذبا ڪرين ڇو ٿو،

ڪشش آدم جي نيڻن ۾ وجهِي، واوا ڪرين ڇو ٿو.

تماشي تي تماشو عشق جو پيدا ڪرين ڇو ٿو،

اگر پيدا ڪرين ٿو، حُسن کي رسوا ڪرين ڇو ٿو.

حقيقي ذات کي پردو مجازي عشقَ جو ويڙهي،

صِفا تي چئي مذاقوُن ڀوڳ ۽ چرچا ڪرين ڇو ٿو.

بازاريون برهه جون کولي، عشاقن جي اڳيان بِيهِي،

نظارن ۾ لڪڻ جا نيٺ ايرادا ڪرين ڇو ٿو.

رکائي، عاشق ومعشوق ساڳي چيزَ جا نالا،

سڃاڻين پاڻ ٿو پنهنجو ته پوءِ شڪوا ڪرين ڇو ٿو.

اگر توحيد جي رَونشي ۾، خوش آهين ته پوءِ پنهنجا،

هزارين اولڙا، پاڇا، ڀلا پڌرا ڪرين ڇو ٿو.

نفي اثبات تنهنجي کي، سڃاڻان ٿو سُڃاڻان ٿو،

چريو ”مدهوشَ“ کي ”مدهوش“ جا مؤلا ڪرين ڇو ٿو.

 

 

 

غزل

آءٌ جيڪو به شعر ٺاهيان ٿو،

ان ۾ تنهنجو ئي نقش پايان.

 

هِڪَ حقيقت مجاز ۾ ويڙهي،

هِن تَسي، روح کي ريجهايان ٿو.

 

تُنهنجا انداز، ناز ۽ نَخرا،

چاههَ جي ساههَ ۾ سمايان ٿو.

 

تنهنجي تصوير دل ۾ دُهرائي،

هجرَ جي عيدَ ڀِي ملهايان ٿو.

 

وقتُ ڪافر سڏيم  ٿو جو مان،

ياد گيرين جا بُتَ سجايان ٿو.

 

ڏي مبارڪ خيالَ خاصي کي،

پُونءِ آڪاشَ سان مِلايان ٿو.

 

ڪجهه ته ”مدهوشَ“ کي دلاسو ڏي،

روز تعريف تنهنجي ڳايان ٿو.

 

 

غزل

اڄ ته دلبر اکين سان اکيون چار ڪر،

مان به درشن ڪيان، تون به ديدار ڪر.

 

جيئن نگاهُون نگاهُن سان ٻکجِي وَڃن،

اهڙو انجام ڏي، اهڙو اقرار ڪر.

 

مان به ٿيان جنّتِي، تون به ٿِئُ جَنّتي،

پيار ڏي پيار وٺ، پيار ئي پيار ڪر.

 

تڪ بلاشڪ مگر، هيٺ ڌرتي نه تڪ،

تِيرَ تاڻي، جگر مان ٻسَٽ پار ڪر.

 

داءُ دل جو هڻي، منهن جي دل وڃ کڻي،

آمهون سامهُون اَچِي، دل جو واپار ڪر.

 

پنهنجي ”مدهوش“ کان ڇو ٿو پردو ڪرين،

پاڻ نِروارُ ٿِئُ، عشق اظهار ڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org