سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اکين جا سنيها

صفحو :6

 

غزل

عرض آهي ته ڪي دليون جوڙيون،

نفرتن کي تڙي دليون جوڙيون.

 

ڪو به ٽوڙي ته ٽوڙ جي نه سگهن،

اهڙيون ٺوڪي، ٺڪي، دليون جوڙيون.

 

خيرخواهي اگر ثواب ٿا سمجهو،

ڪجهه خدا واسطي دليون جوڙيون.

 

ڏيهه پرڏيههُ فتح ٿي ويندو،

پهريان پاڻ ۾ دليون جوڙيون.

 

ڪنهن ڏي ويندي، گسِي ته نه ويندؤ،

پير پنهنجا ڀري دليون جوڙيون.

 

منٿ ”مدهوش“ جي مڃو يارو،

ڪا ئي ڪوشش ڪري دليون جوڙيون.

 

 

غزل

اچي، ٿو سڄڻ دل جي درگاههَ ۾،

نٿو ساههُ ماپيم اڄ ساههَ ۾.

 

سڄڻ جي اچڻ تِي ڍڪيان فرش ڇا سان،

وِڇايانس گُلَ يا اکيون راههَ ۾.

 

خوشي ڇو نه خوش ٿئي، غَمِي ڇو نه گُم ٿئي،

ٿو تڙڳان وصالن جي درياههَ ۾.

 

نه مان ٿو چمان نه هُو ٿو چُمي،

اکيون ٿيون اکين کي چمن چاههَ ۾.

 

وِٿِي وارَ جيڏي وري ڪانه وجهبِي،

اها ئِي اٿم آسَ الله ۾.

 

اچو اڄ ته لاوان ڏيو ڀائرو!

ويٺو آههِ ”مدهوش“ وَنواههَ ۾.

 

 

غزل

جي، يار اچين ته بچي پوان،

هاءِ پهچين ته بچي پوان.

 

من مُرڪي مُرڪي مون ڏي،

نيڻ کڻيِن ته بَچي پوان.

 

منهنجِي هِن هيڻا ئي جو،

حال پُڇين ته بچي پوان.

 

ههڙي سڪرات مهل ڀِي،

آٿتُ ڏِين ته بچي پوان.

 

”مدهوش“ اکين جي، سامهون،

پَلُ ترسيِن،ته بچي پوان.

 

 

غزل

ويهون ٿا جهٽ پٽ اکيون ملائي، ضرور سهڻن ۾ ڪجهه ته اهي،

ڇڏيون ٿا پنهنجو هِي سر وڃائي، ضرور سهڻن ۾ ڪجهه ته آهي.

 

هَزار ها گنج گهور جي ويا،ڪروڙ ها ڪنڌ ڪورِجي ويا،

ڇِڪي،ڇڪي ٿي ڪشش ڪُهائي، ضرور سهڻن ۾ ڪجهه ته آهي.

 

اَنا ڌنا کي لُٽي ڇڏيون ٿا، وڃود پنهنجو ڪُٽي ڇڏيون ٿا،

ڪوئي ته اهڙا ٿو ڪم ڪرائي، ضرور سُهڻن ۾ ڪجهه ته آهي.

 

بِنا سبب ڪير پاههُ ٿيندو، هرون ڀرون ڇو تباهه ٿيندو،

دماغ ڪنهن جو خراب ناهي، ضرور سهڻن ۾ ڪجهه ته آهي.

 

مجازَ ”مدهوش“ کي گُهمايو، نگر نگر جو سفر ڪرايو،

خيالَ واري گهران گُهرائي، ضرور سهڻن ۾ ڪجهه ته آهي.

 

 

غزل

ڪاروُنڀار ڪارا ڪڪر ٿئي ڪُلهن تي،

نِپوڙيِن نٿي ڇو، اُڃايل پَٽن تي.

 

اِجهو ڄاڻ سيني، جي ڌرتي ٿڌِي ٿي،

جيان روز پيو ٿو، اِنهن آسرن تي.

 

ڪوئي ڇوٽڪاري جو ڇنڊو اچِي هَڻ،

لُکُن جي لُوساٽيل، تَتل منهنجي تَن تي.

 

اورم جهم جي راڻي، اچِي آٿتُون ڏي،

دلاسن جون برساءِ بوندون بدن تي.

 

ايامن کان سانڍيل اِها آسَ آهي،

ٻه ٽي پيرڙا ڪي ڀري وڃ ڪکن تي.

 

مون ”مدهوش“ جي لاءِ امرت جي هڪڙي،

ڪڻي ڀي چڱي آ، پِياسن چَپن تي.

 

 

 

غزل

اڄ ديدُن سان ملائي، ديدون،

آ، يار ڪريون ڪي عيدُون.

 

هِن سان هُن سان پنهنجو ڇا ويو،

پيو لوڪ ڪري تنقيدون.

 

هئ پيار سندا سڀ پُو ڄاري،

فــــــرمـــــائــــــيندا تــــــــــــائِيدون.

 

مُحبَ اسان جي، مَزڙي جون،

شل روز هجن تمهيدون.

 

اي ”مدهوشَ“ مجازي تنهنجا،

ٿا شعر لڳن توحيدون.

 

 

غزل

مون وٽان جنهن گهڙي وِسوِسا ويا لڏي،

خوف خطرا ۽ خدشا صفا ويا لڏي.

 

ذات تنهنجي جڏهن آهه محسُوس ٿِي،

وِچَّ واريون وِٿيُون فاصلا ويا لڏي.

 

جيئن ئي تنهنجي اچِي مهربانِي پُڳِي،

جيڪي دل جي اندر سُورَ، ها، ويا لڏي.

 

تنهنجي قُربَت ڏسي، تنهنجي شفقت ڏسي،

خام ۽ بيڪار سڀ آسرا ويا لڏي.

 

اوچتو ئي اچي، جيئن ملئين روبُرو،

سڀ ٿڪل، شَل ٿيل حوصلا ويا لڏي.

 

چؤ طرف مُشڪلاتن جو، گهيرو ڏسي،

با وفا پيا ٽِڪي، بي وفا ويا لڏي.

 

جان آزاد ”مدهوش“ جِي ٿي پَئِي،

شُڪر ٿيو غير جا واسطا ويا لڏي.

 

 

غزل

بي ڳُڻِي بازار جي آزار کان نڪري هلو،

هِن فريبِي ڄار دلبي دار کان نڪري هلو.

 

بي بقا، بي آسري سنسار کان نڪري هلو،

اَڻ ڪَٿيل اونداههَ اَنڌو ڪار کان نڪري هلو.

 

پيار جي هٻڪار سان واسيو دلين جي ديس کي،

نفرتن جي ڍوُنڍ بدبودار کان نڪري هلو.

 

ڪنهن نموني، ڪنهن طريقي، ڪا ئي ڪوشش ڪري،

ظلم ۽ ظلمات جِي ديوار کان نڪري هلو.

 

چُرچ، چوري، چُغل خوري، لوڀ لالچ، لُوسپو،

هرڪني ڪم ڪار ڪارو بار کان نڪري هلو.

 

ڪنهن جي ڀؤنڪُن تي متان ”مدهوش“ ٿِي بيهي رهو،

هوشَ جي هٿيار سان ڀؤنڪار کان نڪري

 

 

غزل

ڪجهه ته آهيئي يارَ پيرن ۾،

ٿو ڪِران بار بار پيرن ۾.

 

سي وڏا خوش نصيب آهن، جن،

آ گذاري ڄمارَ پيرن ۾.

 

جيڪي غَش ٿي ڪِري چُڪا آهن،

سي اُٿاري، ويهار پيرن ۾.

 

پيرَ سرڪاءِ اورتي ٿورو،

تان وِڇايائين وارَ پيرن ۾.

 

پيرَ تنهنجا صفا نفيس آهن،

ڪيئن رکائين ميارَ پيرن ۾.

 

دردوندن کي ڪو دلاسو ڏي،

ڪين ايڏو رُئار پيرن ۾.

 

نيٺ ”مدهوش“ جا، لتاڙيندين،

ڪيترا انتظارَ پيرن ۾.

 

 

 

غزل

هئ سموري سڄي، زندگي هڪ جهولُ آ،

جهولَ ۾ جي، ڍولُ آ، پوءِ ته هِئ انمولُ آ.

 

پيارَ واري زندگي، نامياري زندگي،

وَرنه ساري زندگي، ڄڻ ته ڊانوان ڊول آ.

 

ها برابر مُختصر، زندگئ جو آ چَڪر،

پر اِهو سارو چڪر، چاهه جو چؤ ڏول آ.

 

پيار کان اي بي خبر، پيار آهي همسفر،

پوءِ ته وهوا آ اگر غَم جو بِستر گول آ.

 

زندگي خوش پوش آ، زندگي پُر جوش آ،

من اُتي ”مدهوش“ آ، جِت چڱو چؤ ٻول آ.

 

 

غزل

مُخالف هوا زورلائي ته لائي، چراغن کي ٻاري، ڏِسو آزمائي،

بلاشڪ اسان جي اِرادن جي آڏو، واچُوڙا اُٿاري ڏسو آزمائي.

 

اسان عشق جي رهگذارن جا راهي، پَٽيندا نه آهيون ڪٿي ڪا ئي ساهي،

ڀلي راهه ۾ طلسماتي بتن کي، سينگاري سنواري ڏسو آزمائي.

 

فريبن جا محلات ڪيڏا به جوڙيو، ڪي ڦاسيون به جوڙيو ته ڦندا به جوڙيو،

انهن دوکيبازن نظارن تان بيشڪ، ڌُتاري گذاري ڏسو آزمائي.

 

نه دانهون ڪنداسين نه آهون ڪنداسين، مري ڀي وياسين ته پيا مهڪنداسِين،

گلن ۽ ڦُلن جي بجا زهر وارن، ڪنڊن تي سُمهاري ڏسو آزمائي.

 

هوا تي اجايون انائُون اڏيندڙ، فريبن جي ٻل تي مسافر ڦُريندڙ،

ڀلي مست ”مدهوش“ جهڙن ديوانن، کي بَر ۾ بيهاري ڏسو آزمائي.

 

 

غزل 

اَجل جي جام جو پيالو، مليو تو کان ته پِي وياسين،

نه ڪِڻڪياسِين نه ڪِنجهياسين، صفا پُر باشَ ٿِي وياسين.

 

اسان جن حوصلن تي وار هيڪاندا وَسايا ويا،

مگر الله اڪبر چئِي ڪُهڻ کي ڀي ڪُهي ويا سين.

 

روڪڻ لَئه ڪيتريون قتل گاهون راهه ۾ آيُون،

عليٰ لاعلان قاتل جِي اڏئ تي سر رکي وياسين.

 

وفائن جا عَلم کوڙي، سچاين جون صفون جوڙي،

قدم پنهنجا وڌائيندا،ڪلالن وٽ ڪُڏي وياسين.

 

يزيدي روُپَ جابوتا، درو ديوار تان لاهي،

حسيني رنگ ۾ رڱجِي، شهيدن سان ملي وياسين.

 

تڏهن ”مدهوش“ ميّت کي مليو اعزازُ عظمت جو،

جڏهن ڳاڙهن گلن جي سيجَ تي سينگار جي وياسين.

 

 

 

غزل

من ۾ ويٺل مُشير زنده رک،

پاڻ پنهنجو ضمير زنده رک.

 

هڪ ته پنهنجو اُصول قائم ڪر،

ٻيو ته پنهنجو ضمير زنده رک.

 

هڪ ته ايمان آڻي مومن ٿِئُ،

ٻيو ته سينو سُڌير زنده رک.

 

هڪ ته يڪدل جو يار بڻجِي رهه،

ٻيوته اُن جِي اُڪير زنده رک.

 

تون مرين تان ڀلي مري وڃ،

سچ وارو سرير زنده رک.

 

هڪ ته اخلاص ڌار اي ”مدهوش،“

ٻيو ته منصب مُنير زنده رک.

 

 

 

غزل

ٿو ڏسان اڄ منجهه محفل سڀ چڱا،

پاڻ ۾ مدِّ مقابِل سڀ چڱا.

 

گفتگو گُفتار بهتر ۽ ڀلِي،

دل گُهريا داناءُ داخل سڀ چڱا.

 

راز جي پردن کي کولڻ لاءِ اڄ،

گڏ ٿيا هِن ڪيئي عاقل سڀ چڱا.

 

ڏور سان گڏ ڪو ڳجهارت ٿو ڏئي،

اڄ ڪيا هِن شوق شامل سڀ چڱا.

 

هيج مان هر هر خوشيون کِلنديون رَهن،

ڀوڳ، چرچا ٽهڪَ ۽ کِل سڀ چڱا.

 

سنڌ جي تهذيب خاطر پاڻ ۾،

ٿا ورهائن عقلُ عاقل سڀ چڱا.

 

تون به وڃ ”مدهوش“ جا ٿي، گڏ ٿِينَ،

دين، دنيا ديدَ ۽ دل سڀ چڱا.

 

غزل

گونگا نه ٿيو، حقيقت آڻيو جهان آڏو،

ظاهر ڏيو زباني،ظاهر زمان آڏو.

 

خاموش ٿي نه بيهو پنهنجي مڪان آڏو،

انصاف جي تقاضا ڌريوسِ ڌيان آڏو.

 

ذاتي مفاد ڪڇ ۾ سوگهو رکي نه سوچو،

سُونهين نٿي اوهان کي مِچ چِچ زبان آڏو.

 

جي شاعري ڪريو ٿا،اسٽيجَ تي اچو ٿا،

نوڪِ قلم جا شُعلا اُڇليو ميدان آڏو.

 

موڳي معاشري کي آ انقلاب جي ضرورت،

بڻجو نه ڪارُڪاوٽ، امن وامان آڏو.

 

ڏوڙا بکن ۾ ٿي ٿي، مرندا مري وڃو ته به،

ڪِشتو نه آههِ جهليو نا مهربان آڏو.

 

بيداد کان نه ملندءِ ڪو خاص داد هرگز،

”مدهوش شعر رَکُ تون، عرفان دان آڏو.

 

  

غزل

محبوب سائين تنهنجون، سڀ اَزيَتُون اکين تي،

خوش ٿي کنيُون وتا ٿو سڀ تُهمتون اکين تي.

 

قُربن جون ڪوسيون ڇانئُون، غَم جون ٿڌيون هوائون،

فرحت ڀريون فضائوُن، سڀ نعمتوُن اکين تي.

 

هي قِسمَ ڪاوڙن جا، هي رُوپ رونقن جا،

هي دام دلڪشيُن جا، سڀ راحتون اکين تي.

 

دلڙيون ڦُري ڦٻائڻ، ڦَندا وِجهيِ ڦاسائڻ،

نَٽ ناٽ سان نٽائِڻ، سڀ حرڪتون اکين تي.

 

تنهنجي رُسڻ جون ريتوُن، ريتُن سان گڏ ڪُريتُون،

ڳالهيون ڪرڻ تي ڳِيتوُن، سڀ خَصلتوُن اکين تي.

 

تنهنجي جيڪا خوشي آ، منهنجي اُها خوشي آ،

”مدهوش“ مون رکي آ، بس تون هِي تون اکين تي.

 

 

غزل

حسنَ تنهنجي جو پَرستار آهيان،

خاص درشن جو طلبگار آهيان.

 

شاهه منصُور جو پيروڪار آهيان،

تنهنڪري سَڏبو گنهگار آهيان.

 

موت ڀي خوفزِدَه آ جنهن جي اڳيان،

مان اُهو عشق جو ڪِردار آهيان.

 

ڇو ٿو ڳولڻ جا بهانا ڳولين؟

مان ته حاضر سَرِ بازار آهيان.

 

پنهنجي پيوَند ۾ رکُ بند پرين!

تُنهنجي طوُبيٰ جو وڍيل ڏار آهيان.

 

سوگهو آغوش ۾ مدهوش ڏسيِ،

ڪير چوندو ته توکان ڌار آهيان.

 

 

غزل

نيڻ نيڻن سان مِلي، پاڻ ۾ پَرچي پيا،

۽ جڏهن پرچي پِيا، بي چَيا سَرچي پِيا.

 

راهه ويندي راهَه سان، يارَ بي پَرواهَه سان،

وَنگَ ۾ ونگجِي پِيا، ٻکُ هڻيِ ٻکجِي پيا.

 

باز باشي اوچتو، جنهن گهڙي جهاٽو هنيو

جهَٽ ۾ جهٽجي چريا، ڦَهَه ڪري ڦتڪي پيا.

 

هَڙ کسائي حوصلا، چاهه ۾ ٻئين چِلوِلا

چُهٽِيا اهڙي طرح، ڄڻ ته چقمَق ٿي پيا.

 

پئي خبر ڪنهنکي نه ڪا، نينهن جا نشڙا چڙهيا.

قهرِي ڪارِيهَر ڪاري، نانگ کان ڪکجِي پيا.

 

ڇا ٻُڌايان ڇا ٿِيو؟ ڇا وَهيو ڇا واپريو،

منٽَ ۾ مدهوش جا، هوش سڀ ٿڪجِي پيا.

 

 

غزل

توکي وساريان ڪيئن؟ گڏ حال قالَ ۾ آن

خِيما کُپائي ويٺو، منهنجي خيالَ ۾ آن.

 

جي مان وڃي ٿو ويهان رنگين مَحِفلن ۾

اُت ڀي حبيب حاضر و جبين و جمال ۾ آن.

 

جي مان وِهانءَ ڪنهن جي تي ٿو وڃان ٿِي ساڏِي،

دُهلن جِي ڌامَ ڌڪ ڌڪ، ڌوُ ڌو ڌمال ۾ آن.

 

جي مان وڃِي ڪَلِيسا ۽ بُتڪدا گهُمان ٿو،

اُن جاءِ تي به وڄندڙ گهَن گهن گهڙيال ۾ آن.

 

جي ٿو وڃان ٿِي حاجِي، مَڪي طواف جي لَئه،

اُت ڀي صدا ڪندڙ جي هر هڪ سوال ۾ آن.

 

جي مان مسيت اندر، سجدا ڪيان ٿو ثابت،

نِوڙت نهال ۾ آن، خصلت خصال ۾ آن.

 

سمجهان ائين سڄڻ ٿو موجود چوطرف آن،

مشرق، جنوب، مَغرب، شامل شُمال ۾ آن.

 

تنهنجي لِڪڻ ڇُپڻ جو، ڪنهنکي نه ڪو پَتو پيو،

مدهوش جي الائي، ڪهڙي مثال ۾ آن.

 

 

غزل

دوستو! ڇا ٻُڌايان قصو حُسنَ جو،

آ وڏي ۾ وڏو مَرتبو حُسنَ جو.

 

روبُرو جو به آيو اُهو غُش ٿِيو،

جنهن مٿان ڀي پيو پَر تو و حُسنَ جو.

 

اي حقيقي! مجازيءَ ۾ آهي مزو،

ڇو ته هن ۾ به آهي ذرو حُسنَ جو.

 

ڪوٺيو ٿو وڃي اُن کي ڪافر ڪَٽو،

جو مڃيئي نٿو فيصلو حُسنَ جو.

 

ڪيترن عاشقن کان کسي حوصلو،

ويو ڪري آ چريو، تِروِرو حُسنَ جو.

 

هيترو آ عظيم آدمي شان ۾،

جو مليو کيس کي آ حِصو حُسنَ جو.

 

سو زماني ۾ ماڻي وڏو لطفُ ٿو،

جڏهن جنهن به ”مدهوش“ درشن ڪيو حُسنَ جو.

 

 

غزل

پيار، الفت ۽ محبّت کان سواءِ ڪجهه ڪونهي،

دوستو! عشق سلامت کان سواءِ ڪجهه ڪونهي.

 

آ تَمنّا ته ڏسان پَرده نشين کي پڌرو،

جنهن جي صُورت جي زيارت کان سواءِ ڪجهه ڪونهي.

 

دل کي درشن جي ضرورت ٿي ستائي هر هر،

ڇو ته روشن جي غنيمت کان سواءِ ڪجهه ڪونهي.

 

عشق سان عشق، محبت سان محبت ٿي ملي،

پر اهو سود و صداقت کان سواءِ ڪجهه ڪونهي.

 

هر وفادار وفائيء جو صِلو ماڻي ٿو،

بي وفائيء ۾ نِدامت کان سواءِ ڪجهه ڪونهي.

 

طرحين طرحين جي اي ”مدهوش“ اِها حُسناڪي،

درحقيقت، هڪ وحدت کان سواءِ ڪجهه ڪونهي.

 

 

غزل

تُڪ تيز نگاهن جو منظر پهچائي او دلبر،

ڇڏيئي آئيني تي پَٿر، ڦهڪائي، او دلبر.

 

نازن ۽ نخرن جو لشڪر، اَٽڪائي او دلبر،

وئين هن ڦاٿل دل کي ويتر ڦتڪائي او دلبر.

 

حِرفت جي حِڪمت سان هر هر، هِرکائي او دلبر،

ڇڏيا ٿئي نيڻن جا نِشتر چُڀڪائي او دلبر.

 

دل گهائي گهائي او دلبر، دل گهائي او دلبر،

نيٺ ڇڏيئي نينهن جو نوڪر، نِوڙائي او دلبر.

 

مار نه ”مدهوش“ ويڳاڻي کي، اڻ ڄاڻ اياڻي کي،

هاڻي ته اِها هر هر نهڪر، وَرجائي او دلبر.

 

 

غزل

درد ساغر، لُڙڪ ڇوليون، ته به لبن تي آ خوشي،

نيڻ کيڏن خُونَ هوليون، ته به لبن تي آ خوشي.

 

هڪ غَمي، ٻي لازمي پوشاڪ پاتل ماتمي،

چاڪ چوليون، جهيرَ جهوليون، ته به لبن تي آ خوشي.

 

روز طعنن جون ڀَريون ۽ روز خواريون هيتريون،

لوڪ جون ٽوڪون ٺٺوليون، ته به لبن تي آ خوشي.

 

سُورَ صَدما، آگ اُدما، اَلاَمان تي اَلاَمان،

زندگي ساري پِروليون، ته به لبن تي آ خوشي.

 

هيء سِسِي سوگهو ٿيل، ٿم ساهه کي گهوگهو ڏنل،

۽ هٿن ۾ هٿڪڙوليون، ته به لبن تي آ خوشي.

 

هوش جا ”مدهوش“ پردا پوش سڀ ڦاڙي ڇڏيم،

عشق ٻولايون هي ٻوليون، ته به لبن تي آ خوشي.

 

 

غزل

جُزو ڪُلَ ۾ شامل ڪري ڪُلزَمي ٿيءُ،

ماري موت کي جو، اُهو آدمي ٿيءُ.

 

گُمانن شڪن جا ڪري غرقَ گوشا،

يقين سان يڪدل يَڪو دائمي ٿيءُ.

 

جي سوچين ته سيرت جو سلطان سَڏجان،

ته خوشبوءِ واري شڪل شبنمي ٿيءُ.

 

نڪي ناشُڪر ٿيءُ، نڪي ناصَبُر ٿيءُ،

نه هَنبو ڇِڙيون هَڻُ، نڪي ماتمي ٿيءُ.

 

اگرچا هنن جون ٿو چاهين حياتيون،

چُمڻ سکُ، چُمي وٺ، چُمي ڏي، چُمي ٿيءُ.

 

حقيقت ۾ ”مدهوش“ ڪجهه ڪونه آهين،

حقيقت هجڻ لاءِ ڪجهه لازمي ٿيءُ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org