سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اکين جا سنيها

صفحو :7

 

 

ڪافيون

 

 

ڪافي

ويئي هُلِي تنهنجي منهنجي پيار جي آ هاڪَ،

ساڙو ٽن ۽ ساڙ سڙين جا تاڪ لڳي ويا تاڪَ.

 

گهٽيون غم گوندر جون گهڙيون،

آمهون سامهون اکڙيون اڙيون، لٿڙا درد فراقَ.

 

پيار اسان جو روزازل جو،

نا هي جاني اڄ ۽ ڪلهه جو، شاهد آ افلاڪ.

 

آهيون آهيون  آهيون آهيون،

اصلي کان هڪٻئي جا آهيون، هيرايل هيراڪ؟؟

 

بوند پگهر جي رُخسارن تي،

ڪيڏي سونهين، پئي ٿي تن تي، جيئن گل تي پوي ماڪ,

 

گيت خوشين جا ويهه ته ڳايون،

خوب خوشيون ”مدهوش“ ملهايون، دشمن ٿي ويا خاڪ.

 

 

ڪافي

تن تي لباس لِيڙون،چهرو اُداس هوندو،

ته به عشق وارو ماڻهو، سڀني ۾ چاس هوندو.

 

اسڪول عشقَ جي ۾، جيڪو وڃي پڙهي ٿو،

مهميزون مُشڪلاتون، ڪاٽي، وڃي چڙهي ٿو،

تنهن شخص جي بدن ۾، خوشبو جو واس هوندو

 

آ ڏاج عاشقن جو، طعنا گِلا ۽ غيِبت،

دنيا سڄي جي سرتي، وسندي رهي ملامت،

لا خوف عاشقن کي، ڇا جو هِراس هوندو.

 

مطلب پرست ماڻهو، جڳ ۾ هزار هوندا،

ڪُوڙن ڏٽن دلاسن،وارا به يار هوندا،

مُشڪل جهانَ ۾ ڪو، الفت شناس هوندو.

 

پيا عيبدار سمجهو، ۽ بي حساب سمجهو،

ڀل ڪيترو ئي، بُڇڙو، گندو، خراب سمجهو،

محشر ۾ يار آڏو ”مدهوش“ پاس هوندو.

 

 

ڪافي

تُنهنجون ناز ڀَريون ٻئي، اکڙيون خاص خماريون،

مونکي ماري وَيُون ڙي، ڳُجهڙا ڪانَ اُلاريون،

 

مَست ومست اکين جا ڪهڙا پار پتا ڏيان،

ريٽيون رنگ رتوليون ڳاڙهيون لال ڪُنواريون.

 

ڪجلي ڌار لڳائي، ڏاڍي ڏانوَ سان ٺاهي،

سڄڻن پاڻ هُيون ڪي سُرمي ساڻ سنواريون.

 

گَجنديون گاج ٿي آيون کِونديون کيل مچايُون،

موهي مست ڪري ويون مونکي مينگهه ملهاريون.

 

ڪنهن کي ڪوسَ انهئ جي ڪا ئي ڪا نه خَبر پئي،

ڪو ”مدهوش“ ڪُهِي ويون تَڪي تيز تراريون.

 

 

ڪافي

هِن دل جو ڪريان ڇا حال اديون، ڏاڍو نازڪ جو ٿم نينهن لڳل،

هڪ پل به نٿو آرامُ اچي، اهڙو پيارل جو ٿم پيچ پِيَل.

 

اديون سهڻو سڄڻ سرچائي ڏيو،اِهو محب مٺو پرچائي ڏيو،

جيڪو آههِ رُٺو رِيجهائي ڏيو، رهجي نه وڃي جيئن راءُ رُٺل.

 

جيڪي آءٌ چوان ورجائي چئو، لاهي هُن کي وجهو قدمن تي رَؤ،

منٿون به ڪيو پيرين به پئو،من پرچِي پوي مُنهنجو هوت پنهل.

 

منهنجو ماکي مکڻ کنڊ کيرُ به آ، منهنجو سَتُ سچو ۽ سِير به آ،

منهنجو هادِي مُرشد پير به آ، جنهن سان روح ازل کان آهه رُڌل.

 

منهنجي ڪُوڪَ اهو ۽ ڪِيههَ به آ،منهنجي رَڙ به اهو ۽ ريههَ به آ،

منهنجي لڄَّ اِهو ۽ لِيههَ به آ، ”مدهوش“ هڻان ٻيو ڪهڙو ٻُڪل.

 

 

ڪافي

تو بِن ماندي يار مران ٿِي،

ڏي ڪا اچي دلداري.

اومنَ سهڻي مورت وارا،

ساجن سهڻي صورت وارا،

تنهنجي درشن ڪاڻ سِڪان ٿي،

ڏي ڪا اچي دلداري.

رويو ويٺي راهه نهاريان،

گوندر گهاريان، ساريو ساريان،

پلپل پانڌي روز پُچان ٿي،

ڏي ڪا اچي دلداري.

ڏينهن سڄو ٿو پُڇندي، گذري،

رات سڄي ٿي لُڇندي، گذري،

سُڏڪي سُڏڪي ساهه کڻان ٿِي،

ڏي ڪا اچي دلداري.

پِيههَ وڏي آ پُورن لاتي،

هوت اَلاجي ڇا هي، حياتي،

موٽ پوي موت متان ٿِي،

ڏي ڪا اچي دلداري

 

 

ڪافي

سورن واري صدما سهندي،

دردن ماري صدما سهندي،  

ٻئ کي ڪهڙي ڪل، اوڀينر ٻئ کي ڪهڙي ڪَل.

 

ڪاري ڪاري رات اونداهي،

سهڻي بڻجِي ڪارڻ ماهِي،

درياهه ترِي ايندي ويندي،

ٻئ کي ڪهڙي ڪل، اوڀينر ٻئ کي ڪهڙي ڪل.

 

فڪر جي ڦرهي پڙهندي رهندي،

پنهنجي، جيءَ ۾ ڪڙهندي رهندي،

ويٺي، ويٺي آههَ ڀريندي،

ٻئ کي ڪهڙي ڪل، اوڀينر ٻئ کي ڪهڙي ڪل.

 

جيڪا اؤ کئين جائين، اٽڪِي،

رات گذاري، ڦتڪي ڦتڪي،

اک ته اُها ئي راههَ تڪيندي،

ٻئ کي ڪهڙي ڪل، اوڀينر ٻئ کي ڪهڙي ڪل.

 

جيڪا هوندي ڪنهن قرب ڪُٺل،

جيڪا هوندي ”مدهوش“ مُٺل،

معراج محبت جو ماڻيندي،

ٻئ کي ڪهڙي ڪل، اوڀينر ٻئ کي ڪهڙي ڪل.

 

 

ڪافي

نيڻن سان اٽڪي، نيڻن اَلايو،

نيڻن ئي سمجهيو، نيڻن جو رايو،

 

جيئن نينهُن نيڻن، نيڻن سان لاتو،

ڪاٿي نه ترسي ڪو آرام پاتو،

نيڻن ۾ نيڻن گهر ڙو وسايو.

 

جنهن ويل نيڻن سانڍي سچايون،

راضي ٿي ڳجهڙيون، رمزون رچايون

تنهين ويل ٿي ويو لايو سجايو.

 

اَجايا هڻو ٿا الزامَ لوڪو،

هن دل چريءَ کي پتو ڪو نه پيو ڪو.

سڄو راز کولي، نيڻن ٻُڌايو.

 

”مدهوش“ ڪپڙن ۾ ماپان نٿو جو،

نيڻن سان نيڻن ڪيو آههِ سودو،

سودو به سهڻو، ۽ سر کان سوايو.

 

 

 

 

ڪافي

ڪيئن پيار پڪي کان منهن موڙيان، ڪيئن يار سڄي کان منهن موڙيان،

منٺار مٺي کان منهن موڙيان، سردار سٺي کان منهن موڙيان

 

ونحن اَقرب وارو ساڳو، هيءُ روز ازل جو ڌاڳو،

جو پاڻ خدا نا ٽوڙيو آ، سو پاڻ هٿن سان ڪيئن ٽوڙيان.

 

هئ پيار سندي جا پوتي آ، تَنهن پوتئ ۾ هڪ موتي آ،

هئ لوڪ چوي ٿو ڇوڙي ڇڏ، پرڳنڍ اِها ڇالئه ڇوڙيان؟

 

حسن پرستي هڪ مذهب آ، جنهن مذهب سان ملندو رب آ،

هئ واٽ سڌو پهچائي ٿي، ٻي واٽ اجائي ڇو ووڙيان.

 

هئ کيل تماشا ڀي خاشا، پر منهنجي آهي ٻي آشا،

اُن آشا کان ناتو ٽوڙي، ڇو ساري حياتي پيو لوڙيان؟

 

”مدهوش“ سندس ٿو توهه تَڳي، ٻِي جاءِ ڏسڻ ٿو ڏوهه لڳي،

جنهن جاءِ ڏٺو ٿم جائي کي، ٻئين نيڻن اُتيئِي پيو ٿو کوڙيان.

 

 

 

ڪافي

ٿئون بـــرهــه مڃايون باهيون،

هَئي پنهنجي وس ۾ ناهيون.

 

آ نينهُن هڻي ويو نوڪون ۽ چاهه ڏئي ويو چوڪُون،

پيو لوڪ ڪري يَرَ ٽوڪون، ته به اڳتي پيا ٿا ڪاهيون.

 

عشق اسان جو آهه الستي، هڪ مدهوشي ٻي مستي،

چاهيون ٿا سونهن پرستي، ٻي ڪا ئي چيز نه چاهيون.

 

ٿا توهه تڳُون پروَرجي، ٿئون سام وتي سرورجي،

آ پيار امانت دلبر جي، سو بار پِيا ٿا لاهيون.

 

”مدهوش“ اسان کي پير ڀري، وڃڻو آساجن جي ڪري،

پورو پورو ڌيان ڌري، يَرَ واٽ پيا ٿا ٺاهيون.

 

 

ڪافي

نازڪ نرمل نيڻ ملائي، ڪنهن کي مست بنائي،

لا پرواهي نه ڪبي آ.

 

ابرن واريون تيز تراريون، سيني ۾ سٽڪائي،

لا پرواهي نه ڪبي آ.

 

جاني جهلڪ سان پهرين ڌڪ سان، ڦتڪائي ڦتڪائي،

لا پرواهي نه ڪبي آ.

 

يار يڪوئِي، ڪين پڪو ٿي، گهورن سان دل گهائي،

لا پرواهي نه ڪبي آ.

 

”مدهوش“ ڪري وڃجي نه پري، ڪنهن سان ياري لائي،

لا پرواهي نه ڪبي آ.

 

ڪافي

هيئن ڌار نه ڪر تون پيارا، جيئن ڌار ڪندا هِن ڌاريا،

ڇو ايڏو پڪو ٿي ويو آن، بي ڏوهه ڪرين ٿو ڪنارا.

 

پنهنجي رُخسارن تي ٺاهي، ٻئين ڪاريهر ڇڏ لَٽڪائي،

ڀل ونگ وجهن دوبارا، پر ڌار نه ڪر او پيارا.

 

ڪر وارن تي سو وار ڀلي، وار به آرو پار ڀلي،

مور نه ڪُڇندس دلدارا، پر ڌار نه ڪر او پيارا.

 

تون ئي آهين منهنجو راڻو، تون ئي آهين موتئ داڻو،

اي ساجن ساهه سهارا، پر ڌار نه ڪر او پيارا.

 

بي پرواهَن بي پيرن ۾، ”مدهوش“ مزو آتيرن ۾،

ڪرتيرن جا وسڪارا، پر ڌار نه ڪر او پيار.

 

 

 

ڪافي

پياسي، پياسي،پياسي، ڏاڍي پيار جي پياسي،

تنهنجي ڪاڻ اوڍولڻ، آهي دل اُداسي.

 

راتيان ڏينهان پئي ٿِي تُنهنجي ڪاڻ رڙي دل،

اهڙي مُور نه ڪنهن سان، ڪنهن جي شال اڙي دل،

اوهان جي قرب جي قائِل، منهنجي دل پياسي.

 

آهون دانهون ڪُوڪون، ريهون روز ڪري ٿي،

هڪڙو پَل سگهي ٿي، تو کان ڪين پري ٿِي،

ڳڻيتن منجهه ڳري ٿي، منهنجي دل پياسي.

 

دلبر دل اندر ۾ وئين تون مچ مچائي،

اهڙي ڏاڍ ڏچي مان هاڻي ڪير بچائي،

پئي ٿي ماسُ پچائي، منهنجي دل پياسي.

 

هئ ”مدهوش“ اياڻو، آهي عيبن هاڻو،

پيارا پاڻ پڪو ڪر، پاتل پيچُ پُراڻو،

ڪرئي عرض نماڻو، ٿي هئ دل پياسي.

 پياسي،پياسي،پياسي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org