سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چنڊ ڳليون

 شيخ اياز

صفحو :1

چنڊ ڳليون

شيخ اياز

 

انتساب

 

هائني کان گهڻو اڳي، پنهنجي ٻئي جنم، ميٿلي ٻوليءَ جي شاعر وِديَا پتيءَ جي نالي -

هو 1352ع ۾ مَڌُوبن ۾ ڄايو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”ماکيءَ جو جهنگ“. اُتي انبن جا جُهمٽا، سارِين جا کيت، ڪمند جي پوک ۽ تلاوَ هوندا ها، جن ۾ پاٻوڙا ۽ ڪنول ڇانيل هوندا ها. اُتي بسنت ۾ وونئڻ رتول ڦوٽهڙي سان ٻوڪجي پوندا ها، سانجهيون ڪومل ۽ ڪوسيون هونديون هيون ۽ سومهياڻيءَ جو ماڻهو گهرن کان ٻاهر ٻُٽ ۾ سُمهندا ها. اونهاري ۾ گهنگهور گهٽائون ڇانئجي وينديون هيون. ڏينهَن برکا سان ڪاراٽجي ويندا ها ۽ جتي چٽِي اُس چُڀندي هئي. اُتي هماليا جي چوٽين مان آڪاس جون ريکائون نظر اينديون هيون. مون به پنهنجيءَ جنم ڀوميءَ ۾ اهڙي مُند ماسَ ۾ گهاريو، جيتوڻيڪ اُتي وڏا پهاڙ ڪين ها.

هُن پيار جا امر گيت لکيا ها جن جِي اتهاس تي اَڻ مٽَ ڇاپ آهي. هن جون ناريون چيروِين اکين واريون هيون ۽ ايتريون نرم هيون جيتريون فاختائون ٿينديون آهن. هو وڄ وانگر وارڪا کائينديون هيون ۽ انهن جا مُنهن چندر مان وانگر سندر هوندا ها ۽ جيئن ڪنول اُس ۾ ٽڙي پوندو آهي، ائين اهي پيار ۾ ٽڙي پونديون هيون. انهن جا وار رات وانگر ڪارا هوندا ها ۽ چڳُون ولين وانگر هونديون هيون. انهن جو سڀاءُ ۽ هيءَ ساري سرشٽي هنکي ايترو موهيندي هئي، جو هُن پنهنجا سارا گيت اُنهن سان جهنجهي ڇڏيا ها ۽ انهن مان پيار مڌوبن جي ماکيءَ وانگر ٽپڪندو هو.

ساڳيو لنئون ۽ پريتڻو منهنجي لونءَ لونءَ ۾ سمايل آهي ۽ وهي ان کي ڪومائي يا جَهڪو ڪري نه سگهي آهي ۽ ڪويل جڏهن ڪوڪندي آهي ته ان جي ڪُوڪ مون ۾ ساڳي ڪيفيت پيدا ڪندي آهي جا ودَيا پتيءَ ۾ پيدا ڪندي هئي. ها، ٻنهي ۾ ڪوئي فرق نه آهي: هُن پنهنجا مڌر گيت 1380 کان 1406 تائين لکيا، جيتوڻيڪ هو 1448 ۾ گذاري ويو پر ڌُنڌ ۾ هو مونکي پڇاڙي تائين گيت لکندي نظر اچي رهيو آهي. شايد هن جون ڪي سِٽون مون کي اڃا ياد آهن ۽ اُهي جڏهن به مون لکيون آهن، مون کي هن جي سار آئي آهي ۽ جڏهن به مون پيار ڪيو آهي ته مون کي هُن جا پيار ياد آيا آهن، خاص ڪري اُهي هَٿَ جي، پيارا مُنهن ڪنول جي گُلن وانگر پنهنجي ٻُڪ ۾ جهلي، پنهنجي چپن جي ويجهو آڻيندا هئا.

- شيخ اياز

نومبر 1993ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org