سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪونجون ڪرڪن روح تي

 شيخ اياز

صفحو :08

 


 

­

رُنو بت تراش بُت ڏسي سِرَ کانسواءِ،

پوء، هُن سوچيو ”ڪاش مان به هجان ها جنگ ۾!“

­

ڪَنڌَ ٽُٽي ويا ڪانهن جئن، ناهي جام ٽُٽو

مئخانو نه کُٽو، ڪيئي رند رَمي وَيا.

 

­

*رات مڌو شالا جهونجهڪڙي ۾ ائن لڳي،

ڄڻ ته سندم پيالا اُڏريا ٿي آڪاس ۾.

­

آخر رهندي ڪيترو اِها سُرت اَڃان،

ساقي ڪيئن چوان اوتيندو رَهه اوت کي!

­

ڳاڙهي غاليچي مٿان نيرِي صراحي،

چاهي نه چاهيِ جرڪي پئي جام ۾.

­

اکين – صراحيون ڀرجي ڀرجي ٿيون اچن،

جام و مينا جون ڪري ڪري ڳالهڙيون.

­

جوئر جا ڪانا وَڏا ٿيا ٻنيءَ ۾،

هُرکر وَنيءَ ۾ سينڌو نه ٿي سامهون.

­

ڇا هِي پڙو، ٻانڌڻي اُنهيءَ جي آهي،

ڀَر تي ٻَئِي لاهي جيڪا آهه نياڻ ۾.

­

ڇٻر تي ليٽي آريٺي جي ڇانوَ ۾،

هوءَ ننڍي نيٽي ڀري پئي گهاگهرو.

 

­

رَنيون چوڙين کانسوا مُرن وٽ ساٽيون،

اُنهن ڪئن ڪاٽيون تارن ڀريون راتڙيون!

­

ڪِن جي لاءِ وجهن پيا سِڪ وچان ليئا،

ڏهرن ۾ ڏيئا ۽ تارا آڪاس ۾؟

­

لالڻ ميندي لاءِ، سڀان ڏينهن وهانوَ جو،

اُٿِي ريٽو پاءِ، آيو آهي رنگجي!

­

چنڊ وڌائون پاکڙي هڪڙي پاسي ڏي،

ٻي پاسي توکي، جيئَن نه نِوي پاکڙو.

­

ٻوليءَ ۾ ٻيهارَ، آنءُ نه اچڻو آهيان،

هونءَ ته اڪيچار ايندءِ نَؤٽڻ کيڏڻا.

­

اڳتي ننڊ گهڻي ميان هاڻي ڪهڙو ننڊ؟

پوپٽُ مٿان گهنڊَ رهي رهندو ڪيترو!

­

دل کولي رابيل، توکي سڳنڌون ڏنيون،

هاڻ به وڃڻ ويل خزانا خوشبوءِ جا.

 

­

جيئن ڪرڻا چنڊ جا لهرن مَٿ لُڇن،

تيئين منهنجي مَن، آهن تنهنجون ڳالهڙيون.

­

جيئين تتر ڪارڙا پڃري ۾ ڦٿڪن،

تيئين منهنجي مَن، آهن تنهنجون ڳالهڙيون.

­

پرين تنهنجي ويڙهَه تي منهنجو جيءَ جڙاءُ

جنهن ڏي هَٿَ وڌاءِ، چنڊ ڏسي ٿو عيد جو.

­

جيئين مڻئي ٽِڪ، ايئين نينهن نگاهه ۾،

مون کي تُنهنجِي ڇِڪَ، ڇِڪي پنهنجي پاڻ مان.

­

هَٿ پرينءَ مينديءَ رتا جهڙا گُل انارَ،

جيئن ڪيائين پيارَ منهنجا ڳل ٽڙي پيا.

­

تنهنجو بدن بوسڪي، جنهن جي مٿان گج،

ليئا ٿو سورج پائي لئيءَ جي پٺيان.

­

پُٺي کُنڀيءَ وانگيان ظاهر هئي گَج منجهان

پريان توکي مان ڪيئن سُڃاتو سُندري؟

 

­

سائو گَجُ گلن سان، ڪُلهي ڪيائين ٻانهَن،

دل مان نڪتي دانهن، جوڀن جاڙَ ڪري وئين.

­

تنهنجو تَنُ ايئين پرين جيئين اَڇو پَٽُ،

پَريان ئي پَرگهٽ، ڍيرا ٻه ڊولائتا.

­

ڇا ڇا لڄاريءَ لوئيءَ سان پنهنجا ڍڪيا،

پر چوليءَ ڄاريءَ اڳ پسايا انگڙا.

­

ڇا جيڪو ميهار هو، هُيو سهڻيءَ خوابُ؟

چوڏينهن رات چنابُ پُڇي پئِي چنڊ کان.

­

هندورو هالارُ آ منهنجي لاءِ ته هوتَ،

ناهي ڪا ڳڻ ڳوت مونکي تنهنجي پيار ۾.

­

نه ڪي دڙ درياهه جا نه ڪي ڀَؤُ سيسارَ،

سهڻيءَ کي ميهار ڇڪيو ايڏي ڇوهَه ۾.

­

پکو پونهارن سان متان جوڙين تون،

جي تون مڃين مون، چيتِ نه تن جو چانئنٺون.

 

­

مون کان پنڌ نه مورُ، اڳتي ٿي ڀنڀور ڏي،

ٿيندو نيٺ اَ سورُ،  آرياڻيءَ هِن رات جو.

­

توڙي هُيسِ ڪَڇَ ۾ ککيءَ جو کارو،

ڪينجهر ڪنارو، نوريءَ ويندي واسيو.

­

نوري کٿوري هئي توڙي اَڏيءَ اوٽَ،

ڄام تماچيءَ گهوٽَ چونڊي ورتي چاهه مان.

­

گذري ڪَتِي ناهرِي مٿان آيو پوهُه

راڻا ايڏو ڊَوههُ! مومل سوچي ماٺِ ۾.

­

نيٺ ته ايندو واهرو کاهيءَ مان کڻندو،

نيٺ ته مون وڻندو سائو گاهه پٽن تي.

­

هي جو چاهَت چِت ۾ ان جو انت نه مُور،

پويون ناهي پُور ڪڏَهن جيوَن ناوَ جو.

­

ڪيئي پيارا نانوَ وٺي سگهان ڪينڪي،

هُرن اندر هانوَ ڪُرن مون ۾ ڪيترو!

 

­

هُئِي بيتِي پاڻ تي اڃا اڌوري،

ڪالهه اُها پوري آنءُ ڪئي هئي روس ۾.

­

هو جا آئي گارگِي ڪاريءَ گَجَر جيئن،

سا مون ڪارڻ ڪيِئَن ڪَپي وئي پاڻ کي!

­

ڇانگا مانگا ۾ هُن سان لٿا ڏينهڙا،

ڄڻ ڪنهن ڇايا ۾ گذري ويئون ڪي گهڙيون.

­

۽ هو جيڪا ماٺ، ٻاڦ نه ٻاڦي ٻاهران،

توڙي ڪاٺَئون ڪاٺِ ساهه انهيءَ سان سنگهرين.

­

ڇُڙئي پاڻيءَ ۾، توسان روح رچنديون،

عمر وهاڻيءَ ۾ ڇاڇا مون آ سارِيو؟

­

ڪيڏيءَ شدت سان وري مون اڄ ياد پيون،

*منوءَ ڪيئن سَڳيون ڇوڙي پَئي ٻَڌيون.

­

ڪاڏي هلينءَ ڪامڻي، تون پائي پَنڙا؟

ڪيسين هي ڪَنڙا لوڏيندا تَن لوءِ ۾!

 

­

تنهنجي چاهَه چُرون، ڪَيون پنهنجي ساهَه ۾،

ڪهڙي طرف سُرون، چئني طرفين تون هئينءَ.

­

ماضيءَ جهڙي اي ڪَوي ميڙي چونڊي ناهه

جيڪي چاهين چاهِه سار – ٽجوڙين ڪيتريون.

­

مُسرت جا ڏينهڙا ڪڪر ڪتيءَ جا،

پاڇا بتيءَ جا ڪاري ڪارونڀار ۾.

­

*ٺٽي نگر راتڙي ڀوريءَ ماڃر ساڻُ،

ڀانيان پنهنجو پاڻُ آهه تماچي تڙ – ڌڻي.

­

اَلا هڪ گهڙي مِلي کسيئهِ سڀ ڄمار،

مون سان تنهنجي تارَ ڳنڍي رهي ڳجهه ۾.

­

صدين جي سيلاب ۾ ڏٺو هوندو سانءِ،

ايِئَن لڳي ٿو ڀانءِ پل لئه ڪٿ آهين ملي!


 

* مڌوشالا (هندي): مئخانو.

*  مَنو:مصنف جي ڪلاس فيلو، ماضيءَ جو هڪ واقعو.

*  مصنف جي ماضيءَ جي هڪ واردات.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org