سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڀونر ڀري آڪاس

 شيخ اياز

صفحو :10

   

 

نظم

 

وري ڪونج ڪرڪي،

وري جوتِ جرڪي،

وري ڄاڻ ڄرڪي،

اٿي ميت، ڪر ڪي!

جڏھن رات آئي،

تڏھن تو عطائي!

ڏياٽي جلائي،

ڪئي روشنائي.

 

وڃي ٿي وھاڻي،

جڏھن رات راڻي،

نھ تو ساز ساڻي،

نھ تو تند تاڻي!

 

نھ ترساءِ پيارا،

نھ گھٻراءِ پيارا،

اٿي ڳاءِ پيارا،

پرينءَ لاءِ پيارا!

¬

 

گھاو پيو مان پنھنجا پويان،

ڳاڙھا ڳاڙھا گل سيني مان

تنھنجي لاءِ سدائين سويان،

آءُ ڪلا جي ڪالي، تن کي

تنھنجي آءٌ لتڙ ۾ لويان!

¬

 

زندگانيءَ جو جام پيئون ٿا-

۽ جڏھن جام ٿو اچي چپ تي،

ٿو تبسم شراب ۾ گڏجي:

مرڪ کي سرڪ سان محبت آ،

سرڪ کي مرڪ سان محبت آ:

مست آھيون مدام پيئون ٿا.

¬

 

رقص و پرواز ۾ گذاريون ٿا،

زندگي چنڊ آ، چڪور اسين،

زندگي بادل آھھ، مور اسين:

سونھن کي ساھھ سان محبت آ،

ساھھ کي سونھن سان عقيدت آ،

سونھن تي ساھھ پنھنجو واريون ٿا.

¬

 

سير سنسار جو ڪريان ٿو مان،

آسمان دور ناھھ، بس ھڪ گام،

مون نوائي ڏٺي ڪتيءَ جي لام،

مون ستارا ڇني، ڀري جھولي،

اڄ سجائي مٺي مٺي ٻولي،

زندگي، تو اڳيان ڌريان ٿو مان.

¬

 

زندگيءَ جي خمار خاني ۾،

تشنگيءَ جي ڪمي نھ آ ڪائي،

ڀيڙ ساڳي اتي لڳي آئي:

آ اڃا صبح و شام گردش ۾،

جام و مينا مدام گردش ۾:

رند آيا ويا زماني ۾.

¬

شام جي وقت روح جي ڇر ۾،

زندگيءَ جو نھنگ آ خاموش،

ٿي ويو ھر امنگ آ خاموش،

نھ جنون آھھ ڪو، نھ ڪوئي جوش،

جھاتي پائي رھيو آ صبر و ھوش،

زلزلي بعد روح جي گھر ۾.

¬

 

روشني! روشني! ڪٿي آھين؟

موت آ حسن تي بھ پاتي جيت،

چاندني رات ۾ سمھي پيا گيت:

ڪنھن نھ ڄاتو تھ تون مري ويندينءَ،

چنڊ سان سير ۾ تري ويندينءَ:

نور جي جل پري! ڪٿي آھين؟

¬

تو ڀريو ھو شراب اکڙين ۾،

جنھن کي آبِ حيات سمجھو مون،

آرزوءَ جي ثابت سمجھو مون:

اڄ نھ تون آن نھ پيار باقي آھھ،

ڄڻ سڄي ڳالھھ اتفاقي آھھ،

نھ خيال آ نھ خواب اکڙين ۾.

¬

 

آرزو چور چور جام آھي،

جنھن جي مون بوند بوند پيتي آ،

عمر کان روز راند جيتي آ،

پر اھا جيت ڪيستائين آ!

ڳيت تي ڳيت ڪيستائين آ!

تشنگيءَ کي فقط دوام آھي.

¬

ھاءِ مان ٿو نظر ڪريان جيڏانھن،

حسن عالم جي انتھا آ خاڪ،

ابن آدم جي انتھا آ خاڪ:

ٿو ڪري روح رات جو ريھون،

ساغر زندگي تھ ٿيو ڇيھون،

بوي ميءَ جو وجود ويو ڪيڏانھن؟

¬

 

ھيءَ نماشام، ھي افق تي سج!

يا سڪو نان ڪو ڇپائي ٿي،

جھول گيڙوءَ- رتي بکاريءَ جي:

ھيءَ سرءُ ۾ ندي، پريان ھو ٻيٽ،

اِئن سڪي ويا جيئن بکئي جو پيٽ. . .

ڄڻ ڌڏي ويو ڏسي انھن کي سج.

¬

منھنجي جھوليءَ ۾ آ تھ ڳايان مان،

چنڊ اڄ تون اداس آھين ڪجھھ،

نور مان ٿيو نراس آھين ڪجھھ!

ڳالھڙيون ڪجھھ ڪري محبت سان،

گھاو تنھنجا سبان نفاست سان،

تنھنجي منھن تان گھٽا ھٽايان مان.

¬

 

گرچھ پر انتشار آ ھستي،

زندگي زندگيءَ کي ٿي گھائي،

آدمي آدميءَ کي ٿو کائي:

منزل زيست جو پري آ پنڌ،

پو بھ ھن چنڊ رات جو سوڳنڌ،

حسن جو آبشار آ ھستي.

¬

آرزوءَ جي اداس نگريءَ ۾،

شام ميرانجھڙيون چڳون ڇوڙي،

آئي آھي مثال بيوه جي،

زندگانيءَ جو جام خالي آ،

گرچھ چوڌار قحط سالي آ،

مان چوان ٿو نئون شراب ڀريان،

پنھنجي ڪوزي ۾ آفتاب ڀريان،

آس اڀري نراس نگريءَ ۾،

آرزوءَ جي اداس نگريءَ ۾.

¬

 

ھاءِ حياتي! ھي ٿوھر جو وڻ!

جڏھن اٿيون گھنگھور گھٽائون، جڏھن وٺو ساوڻ،

ھاءِ سندس ٻانھون ڦھلائڻ، ھاءِ سندس اڻ تڻ!

سنھي سنھي برسات الا! ھوءَ ڇاٽ اھا ڇڻ ڇڻ!

وئي پکڙجي پوڻي پوڻي، اکليا ان جا مڻ،

ٺھي ڊھي ويا، ڊھي ٺھي ويا، ڄڻ ڪڪرين جا ڌڻ،

ور وجھندي وڄ آئي پل ليءِ، واجھايو واھڻ،

گھرائيءَ ۾ لھرائي ڄڻ، صحرائي نانگڻ،

نيڻ نيڻ مان نشي نھاريو، گھلندو رھيو ڏکڻ،

دور دور تان ديدون آيون جندڙيءَ ۾ جھلڪڻ،

ھاءِ اھو ھن ويراني جو، ويرم ليءِ وسرڻ،

گھڙي پلڪ ليءِ سج جي ٻيڙيءَ جو جھڙ کي جھاڳڻ،

پوءِ تھ اھائي تيز تپت ۽ ڄيري جو ڄرڪڻ،

نھ ڪي ڦلڻ ڦولڻ آ ان ۾، نھ ڪي جھلڻ جھولڻ. . .

ھاءِ حياتي! ھي ٿوھر جو وڻ!

¬


 

 

ڪٿان اڏامي آيا پکيئڙا،

ڪٿي ھنن جو ديس!

 

ھو آڪاش ۾ اڏرڻ وارا دور دور تان آيا،

ڪنھن سي ھن پاپي نگريءَ ۾ پڃري ۾ ڦاسايا؟

ھڪ سندر سپني جئن ڏيکاري ڏئي جڳ جي مايا،

سارو جيون وھندي پاڻيءَ تي چوڏھينءَ جي ڇايا،

ويو انھن کان وسري، ڪھڙا پنھنجا ڪير پرايا!

ڪڏھين ڪڏھين نيري اڀ مان، تن کي نياپا آيا،

ڪڏھين ڪڏھين چنڊ انھن سان، پنھنجا نيڻ لڙايا،

ڪڏھن ڪڏھن تارن ھيٺان تن، گيت پراڻا ڳايا،

ڪيئي ڀيرا تن پڃري ۾، پنھنجا پـر ڦڙڪايا،

آخر پڃري کي ڊاھي، ڪنھن تاڙي ھڻي اڏايا. . .

 

بنا پرن اڏري ويا پکيئڙا،

ويا مٽائي ويس. . .

ڪٿان اڏامي آيا پکيئڙا!

ڪٿي انھن جو ديس!

¬


 

 

 

پڃري جي ڳـڙکيءَ مان ويھي،

آءٌ نھاريان. . . ھنجون ھاريان. . .

نيريءَ نيريءَ ڪڪريءَ تي مان دور وڃان،

’چنڊ پري آ، چنڊ پري آ، چنڊ اڃان‘،

ڪيئن مڃان، او ڪيئن مڃان، او ڪيئن مڃان!

ويو پرواز پرن ۾ پيھي،

پاڻ سنڀاريان. . . ھنجون ھاريان. . .

پڃري جي ڳـڙکيءَ مان ويھي،

آءٌ نھاريان. . . ھنجون ھاريان. . .

اڄ تھ اڏامان، اڄ تھ اڏامان، ڪونھ جھليم،

ڪيسين پڄران، ڪيسين کامان، ڪونھ جھليم،

ھاءِ لڏن ٿيون سامھون لامان، ڪونھ جھليم،

مان پرڏيھي، مان پرڏيھي،

ھت ڇو گھاريان. . . ھنجون ھاريان. . .

پڃري جي ڳـڙکيءَ مان ويھي،

آءٌ نھاريان. . . ھنجون ھاريان. . .

¬

 

ڪيو گلن سان پيار نھ سائين،

چئو گلن کي يار نھ سائين،

ڇو تھ اھي مرجھائي ويندا،

ڪنڊن ۾ ڦاسائي ويندا.

رکو چنڊ سان چاھھ نھ سائين،

ڏيو چنڊ تي ساھھ نھ سائين،

ڪيسين ان ليءِ لاتيون لوندؤ!

اڏري اڏري ٿڪجي پوندؤ.

¬

مان ھرڻ، تون منھنجي ھرڻي، اي مٺي!

ڀٽڪي ڀٽڪي، زندگيءَ جي رڃ ۾،

تـڙڦي تـڙڦي، آرزوءَ جي اڃ ۾،

تنھنجي صورت ريت ۾ رلندي ڏٺي،

تنھنجي اکڙين ۾ ھيو آبِ حيات،

منھنجي پياسي روح جي پھرين نجات.

¬

 

تنھنجي اکڙين ۾ سدائين رڃ ھئي،

منھنجي اکڙين ۾ ازل جي اڃ ھئي.

تنھنجي اکڙين ۾ ڪنول مرڪي ڏنو،

منھنجي اکڙين ۾ ڀنو من ماڪ جو.

تنھنجون اکڙيون کيپ واريون، مڌ سمان،

منھنجي اکڙين ۾ ھيا پيالي جا پران.

منھنجي اکڙين جي جڏھن توسان ٿي پريت،

تنھنجي اکڙين مان ڀريائون روز ڳيت.

تنھنجي اکڙين کي ھئي ھرڻين جي ھير،

اوچتو ڊوڙيون، ٽپيون واريءَ جا ڍير.

منھنجون اکڙيون پوئتان رلنديون ويون،

شام ٿي وئي، نيٺ مانديون ٿي پيون.

¬

 

ڏس تھ ڪنول ٽڙي پيو!

ھير گھلي گھلي رھي، نير ڇلي ڇلي رھيو،

صبح ٿيو، ڀونر ڀِريو، ھي بھ رلي رلي رھيو،

راھھ ڀلي ڀلي رھيو.

 

پر نھ ڪنول نگاھھ ڪئي، اصل نھ رسم و راھھ ڪئي،

ڇو تھ ڀونر ڀِري پِئي، ھونءَ تھ واھھ واھھ ڪئي،

پر نھ ڪٿي نباھھ ڪئي.

 

ھير سدا پئي رمي، منھن نھ ڏئي، چمي چمي،

نير ڪٿي نھ ٿو ڄمي، گھنڊ وجھي، سمھي سمھي،

ڀل تھ ڏسي گھمي گھمي.

 

ڏس تھ ”اياز“ تر وري، پنڌ ڪيو پريان پريان،

ڄڻ تھ ڪنول چوڻ لڳو، نذر تھ ڪجھھ سندس ڌريان!

’دل تھ ذرا وڏي ڪريان!‘

ڏس تھ ڪنول ٽڙي پيو!

¬

 

پير جو آواز تنھنجو، مون سڃاتو آھھ يا نھ!

سچ ٻڌايانءِ ڪيئن آھھ!

- رات  جي  برسات  ۾  جئن  واءُ  ڳائيندي  اچي،

خامشيءَ جي ساز تي مضراب ڦيريندي اچي،

ٿاڦ ڪڪريءَ تي لڳي، جھومي اٿي ھيءَ ڪائنات،

راڳ جي ھلڪي ترنم ۾ ٿئي گم چنڊ رات. . .

چؤ برابر آھھ يا نھ؟

سونھن تنھنجي جو ھميشھ گيت ڳاتو آھھ يا نھ؟

سچ ٻڌايانءِ ڪيئن آھھ!

- سمنڊ تي پاسا ورائي چاندني جئن صبح جو،

۽ افق مان سج ڪڍي پھرين ڪني جئن صبح جو،

واءُ ۾ خنڪي ھجي ۽ ڌنڌ ڪجھھ ڇايو ھجي،

دور شاعر جي نظر ۾ دور ڪجھھ آيو ھجي. . .

چؤ برابر آھھ يا نھ؟

ھاءِ! غم تنھنجو ھيئين سان مون بھ لاتو آھھ يا نھ؟

سچ ٻڌايانءِ ڪيئن آھھ!

- لڙڪ تنھنجي تي سڄيءَ دنيا وڃايو روپ رنگ،

ٽھڪ تنھنجي تي سڄي عالم وڄايو جلترنگ،

تون خوشي، تون آنھھ غم، ٻيو زندگيءَ ۾ آھھ ڇا؟

تنھنجي جھاتيءَ کان سوا دل جي دريءَ ۾ آھھ ڇا؟

چؤ برابر آھھ يا نھ؟

اي پرين، توکي وڃائي پوءِ بھ پاتو آھھ يا نھ؟

سچ ٻڌايانءِ ڪيئن آھھ!

- ڌرتتيءَ ۾ ڏس تھ نم جي ڇانو لھرائي پئي،

ھير ۾ جھولي پيو وڻ ڄڻ فضا ڳائي پئي،

سج لھي ويندو تھ ڇا! نم کان جدا ٿيندي نھ ڇانو،

اي پرين تئن تنھنجي منھنجي آھھ ھڪ ھستي ٻھ نانو

چؤ برابر آھھ يا نھ؟

¬

 

آءُ بادل، مان بھ روئان تون بھ روءُ،

مان بھ غم جا داغ ڌوئان، تون بھ ڌوءُ.

زندگي منھنجي بھ آ ڀٽڪڻ ڀلڻ،

آسمانن جي جھانن ۾ رلڻ،

گاھي گاھي مست ٿي جھولڻ جھلڻ،

ڌرتتيءَ جي پياس تي ڇلڪڻ ڇلڻ،

آ ھزارين ميڪدا منھنجو کلڻ،

سو بھارن کي صدا منھنجو گھلڻ،

زندگانيءَ ليءِ سدا ڦولڻ ڦلڻ،

آءُ بادل، مان بھ روئان تون بھ روءُ،

مان بھ غم جا داغ ڌوئان، تون بھ ڌوءُ.

مان بھ تو جئن چنڊ تي آھيان چريو،

روح منھنجو چاندنيءَ جي نئن تريو،

چنڊ جي ويجھو ويو، پر ڇا وريو!

نور نيڻن جو جڏھن پل ليءِ ٺريو،

چنڊ چھري تي کڻي پردو ڌريو،

راتڙين جو ھانءُ منھنجو ٿي ڏريو،

تون ئي چؤ، آ ساھھ تنھنجو ڪئن سريو!

آءُ بادل، مان بھ روئان تون بھ روءُ،

مان بھ غم جا داغ ڌوئان، تون بھ ڌوءُ.

¬

 

ڇڏ تھ ڪيان مان ننڊ، گھڻو ئي مڌ پيتو آ مون،

ڪيسين مٺڙيون مٺڙيون ڳاليھون ورنايان تنھجون،

جوت جلائي، منھنجي ڀرسان ٻاري خوشبوئون،

ڀلي ھليو وڃ تون.

ڇڏ تھ ڪيان مان ننڊ، جلايو آھي مون کي جاڳ،

نگريءَ نگريءَ ۾ ڀٽڪيو ھان، مان ويڙھي ويراڳ،

ڇيڙي منھنجا ساز، جڳائي تن ۾ منھنجا راڳ،

پٺ تي موٽ سجاڳ.

ڇڏ تھ ڪيان مان ننڊ، رکي ڇڏ ڀرسان منھنجي بين،

جنھن جي سر جو سوز، وڇائي ٿو ڪيئي قالين،

جن تي ليٽي روح اڻي ٿو، اڻ  کٽ خواب حسين،

پائي ٿو تسڪين.

ڇڏ تھ ڪيان مان ننڊ، مٿان آ چنڊ ڪئي چانڊاڻ،

تنھنجي اکڙين جو ملھھ ڏيان، اچ منھن منھن تائين آڻ،

منھنجو ساھھ ڇھي جئن، تنھنجي سيني جي سرھاڻ،

چڱو ھليو وڃ ھاڻ.

 

(خليل جبران)

¬

 

 

سانجھيءَ جا پاڇاوان ڦھليا، من ٿيندو ويو مات،

ڪڪريون آيون، ترسيون، برسيون، رم جھم آندي رات،

ھوءَ ايندي، ھوءَ ايندي، منھنجي تن ۾ رھندي تات،

مان چانئٺ تي ويٺو آھيان، ڀلي پوي برسات.

¬

ويجھو، ويجھو، ويجھو پھتو ھوريان ھوريان پير،

ساڳيا گھنگھرو، ساڳي ڇم ڇم، ڪوئي ناھي ڦير،

ايندي آھي ھوءَ اورانگھي، گھڙيءَ گھڙيءَ جو گھير،

ارھي من ۾، سرھو سرھو، ھئن ايندو ٻيو ڪير؟

 

(ٽئگور)

¬

 

موت کان پوءِ آھھ تن باقي نھ من،

روح مان آزاد ٿيندو ھي بدن،

۽ بدن سا خاڪ آ، جنھن جو وطن،

ڪوبھ ناھي،

ڪوبھ ناھي.

موت کان پوءِ چنڊ ساڳيءَ جاءِ تي،

ٿو نھاري، تون ڪٿي آھين! ڪٿي!

ٿي خموشي رات جي گويا چوي،

ڪوبھ ناھي،

ڪوبھ ناھي.

آئي ننگي پير نڪري نينگري،

خاڪ ڪنھن جي ٿي چمي ھن جي تري،

اوچتو ڇرڪي ڏسي ٿي ھوءَ ڦري،

ڪوبھ ناھي،

ڪوبھ ناھي.

 

¬

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org