سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: هرڻ اکي ڪيڏانهن

شيخ اياز

صفحو : 7

 

 

جيئن

نم جا ڪَڪا پن

ڪُروُپُ ۽ ڪَؤڙا هوندا آهن،

ائين اسان جي دوستي وڃي رهي آهي.

اڳي تُنهنجي چهري کي ڏسي

منهنجا ڳل قرني جي گلن وانگر

ٽِڙي پوندا ها،

۽ انهن ۾ هُڙيا برسات جي پهرين ڦڙين ۾

پرڙا ڦڙڪائيندا

نظر ايندا ها،

۽ مُنهنجي توتي ائين نظر پوندي هُئي

جيئن هُد هُد ۽ ڪاٺ ڪُٽي

تي اوچتو نظر پوندي آهي

۽ نگاهون

سورج مُکيءَ جي کيت وانگر لڳنديون آهن،

تنهنجي آمد بهار جي آمد هوندي هئي

۽ منهنجي من ۾

ڪيئي ڦُلواڙيون کِڙي پونديون هيون

۽ اُنهن ۾ املتاس جي گلن جا

ڇُڳا لڙڪندا ها،

 

جي آسمان جي شفق وانگر

پيلا لڳندا ها

۽ اُنهن ۾ مڪر ۽ فريب جي جهلڪ نه هوندي هئي،

هاڻي پوڙهائپ

توکان

ماڻهپو ۽ مريادا

کسي ورتي آهي

۽ تنهنجي سيني ۾

ڪوُڙَ ۽ ڪيني واسو ڪيو آهي

۽ مِڪِرُ تُنهنجي وِک وِک مان

بکي رهيو آهي.

جيتوڻيڪ سَرءُ جي لهندڙ ُاس وانگر

تنهنجي منهن تي ڪوُڙي مُرڪ

اڃا هوندي آهي،

پر اُها مون کي ٺڳي نه سگهندي آهي،

ڇو ته تنهنجن هٿن ۾ ڪَپ

۽ ڀاڪُر ۾ ڀوُنڪَٽ هوندا آهن،

۽ مُنهنجي دل چوندي آهي

ته تون ڪائي دغا سِٽي آيو آهين

۽ مون کي اڃا اڳ وانگر

 

ٻالو ڀولو ۽ بودلو ٿو سمجهين،

جو مان تنهنجيءَ بي پناهه دوستيءَ ۾

تو کي تڏهن لڳندو هوس،

جڏهن منهنجا وارَ ڪارا هوندا ها

۽ جُوانيءَ جو الهڙپڻو

منهنجي انگ انگ مان ڦٽي نڪرندو هو.

موٽي وڃ!

منهنجو هينئون اڃا مُرجهايو نه آهي

اڃا ڏاڙهونءَ جي گل وانگر ڦولاريل آهي؛

پر تون جڏهن

منهنجي چانئٺ ٽپين ٿو

ته مون کي ائين ٿو لڳي

ته سرءُ جو تکو جهوٽو

منهنجي دَر اندر پيهي آيو آهي

۽ تو کي ڏسي

منهنجو من مُرجهائجي ٿو وڃي!

پيريءَ جي نحوست

تنهنجو مقدر ٿي چُڪي آهي،

اُن اُها

تنهنجي اڳينءَ دوستيءَ وانگر

توسان وراهڻ لاءِ

تيار نه آهيان!

 

*

ڪُتا ڀؤنڪي رهيا آهن

تون انهن جي ڀؤنڪ تي

نه ڌيان ڏي،

۽ نه لٺ تي ڀاڙ؛

رمندو رهه، رستو تنهنجو رهبر آهي!

چٻرا چرڙاٽ ڪري رهيا آهن،

متان وڻ کي ڌوڻين

هو هڪ وڻ تان اُٿي

ٻي وڻ تي وِهندا؛

چٻرن کي جيئري انسان جو دَهو پوندو آهي

ته کيس

قبرستان جو ڏَس ڏيندا آهن!

تون جو زندگيءَ جو راهي آهين،

انهن جا چَرڙاٽ ٻڌي

پنهنجو رَستو نه ڇڏ!

تنهنجو رستو

تنهنجو سونهون به آهي

۽ اُن تي تنهنجو هڪ ساٿي

 

به توساڻ آهي

پر تون

اُن کي ڏسي نه ٿو سگهين

۽ نه ڏسي سگهندين!

 

*

    *         ڇا حسن ڪوزه گر

وارو ڪوزو

پورو پَڪل نه هو

جو ن.م. راشد

وصيت ڪئي

ته ”مون کان پوءِ

منهنجي لاش کي جلايو وڃي؟“

 

*

تون هن کي خون ڪرڻ ٿو چاهين؟

تون مڃ يا نه مڃ

دراصل تون پاڻ کي خون ڪري رهيو آهين.

هر قتل خودڪُشي آهي.

هر خنجر

جو ٻي جي سيني ۾ کوڙين ٿو،

تنهنجي رت ۾ ٻڏل آهي.

تنهنجي هٿان مقتول جو موت

تو ۾ ڪجهه قتل ڪري ٿو

پر تون نه ٿو ڄاڻين.

*

تنهنجي روح ۾

جي خنجر ڇپيل آهن

تن لاءِ تنهنجي پٿر جي ٻَٽيهي،

ڄڻ مياڻ آهي.

تون ڇا ٿو سمجهين ته مان تو کي نه ٿو سُڃاڻان،

مان جو عيني شاهد آهيان

جيوڻ خان جي دوستيءَ

 

۾ دغابازيءَ ۽ دارا جي گرفتاريءَ جو

۽ ٻُڌي رهيو آهيان اُهي ڍُڍڪرون

جي ڍاڍر اڃا تائين

اُنهي غداريءَ تي ڏئي رهي آهي!

*

ڪنهن چيو، ”فلاڻي تو کي تحرير ۾ گاريون ڏنيون آهن.“

ان تي مون جواب ڏنو، ”مان ڇا ٿو ڪري سگهان. هُن کي سالي خوليا ٿي پئي آهي.“

*

تو ايترا ڀيرا ڪوُڙي کِل کِلي آهي جو تنهنجا ڏند توتي باهن ٿا.

*

تو چيو ته ماڻهن کي تُنهنجي خلاف

افواهه ڦهلائيندي ڪهڙو مزو ايندو آهي؟

آنءُ پُڇان ٿو ته ڪانوَن کي لُڙ ۾ ڪهڙو مزو ايندو آهي؟ ڪانوَ جي فطرت لُڙ ۾ شامل ٿيڻ آهي ۽  انسان جي گلا ۾.

  

*

تون ان تي حيران آهين ته هي ته تنهنجو دوست آهي، هي تنهنجي گلا ڇو ٿو ڪري! پهرين اچ ته هن کان پڇون ته ڪڏهن هي تُنهنجو دوست هيو به يا نه!

*

جيڪو ڇُرو هابيل کي قابيل هنيو هو،اُهو پنهنجن سڀني پونئيرن جي مَياڻ ۾ وجهي ڇڏيو اٿائين. اهو توتي منحصر آهي ته اُن کي استعمال ڪرين ٿو يا نه!

*

پرائي ڪُلهي تي بندوق رکي، مون کي گولي هڻي رهيو آهين.

ڪانئر! متان ائين نه ٿئي ته تنهنجي بندوق توکي لڳي وڃي!

*

صبر جي پنڊيءَ مان کاءُ ۽ ڪوُزي مان پيءُ، ته تون سدائين تروتازه رهين!

*

 ماڻهو گلا نه ڪن ته ڦاٽي مَرن!

دُهل جي کَل دل کان وڌيڪ مضبوط هوندي آهي.

  

*

ڪوئي تو کان هٿ ٻڌي، معافي وٺي ته هن کي معاف ڪري ڇڏي!

هن جا هٿ نه ڪپ!

*

معافي خدا جي صفت آهي. جي تو ۾ اُها آهي ته وڏي ڳالهه آهي.

*

غصي کي پاڻ ۾ پاليو ته اٿي پر ان کي پنڊيءَ مان ڪڍجانءِ نه، ڇو ته اهو تُنهنجو نانگ توکي ئي کائيندو!

*

غصو نه ڪر! چوانءِ ٿو غصو نه ڪر!

غصي سان پهاڙ ڏري پوندا آهن.

*

صبر اُهو سمنڊ آهي جو ڪنهن کي ٻوڙيندو نه آهي.

*

غصو دشمن جو دشمن ته آهي، پر ڪنهن جو دوست به نه آهي، ان ڪري غصي کان پاسو ڪر!

 

 

*

ڪُتو ڪُتي جو گوشت نه کائيندو آهي، ماڻهو ماڻهوءَ جو کائيندو آهي

آدم خوري ازل کان انسان جي فطرت ۾ شامل آهي.

*

پوڍائي کان ڊڄندو ڪر! جو ساري عمر ڌرتيءَ تي سمهيو، اُن کي جڏهن اطلس جي پٿرڻي ملندي  تڏهن هُو ساري ڌرتي وڪڻي ڇڏيندو.

*

يا خدا! تو جڏهن ڪُتا پيدا ڪيا ها

تڏهن انسان ڇاجي لاءِ پيدا ڪئيه،

توکي اڳيئي بهتر مخلوق هُئي!

*

ليلا! ڀَلي مَڻئي تي مَٽي ڇَڏ!

چنيسر ته جَڻئي جي ملهه به نه ويندو!

*

جڏهن کان ڏاٺ هرِيِ اَٿي، واڳون ٿيندو ٿو وڃين!

*

ماڻهو سڀ بُرا به ناهن، توڙي سڀ چڱا به ناهن.

 

*

    *         سرون ڪُمار وانگر پيءُ تارازيءَ جي هڪ پُڙ ۾ وجهي ۽ ماءُ کي ٻئي پڙ ۾ وجهي ياترا ڪرائڻ ٿو چاهين! تارازي اُٿلي پَوَندَءِ جي پيءُ سان گڏ ڌرتيءَ جو پورو گولو ساڳي پُڙ ۾ نه وجهندين!

*

ڇا مان اهو تسليم ڪيان ته غداري دوستيءَ جو حصو آهي ۽ اُها مجبوراً قبول ڪرڻي آهي.

*

وَڃُ، تو کي مون معاف ڪيو. تون مون سان ڪنهن وقت چڱو هليو هُئين!

*

وقت اُهو کُنڀُ آهي، جو ڪي من اُجاريندو آهي، ۽ ڪن کي گهڻو تَؤُ ڏئي،جلائي رک ڪري ڇڏيندو آهي.

 *

ميان، تنهنجي من لاءِ واشنگ مشين مون وٽ ته ڪونهي!

  

*

حسد جي آگ اُها آگ آهي، جنهن ۾ نه رڳو دشمن پر دوست به جلندا آهن، بلڪ دوست وڌيڪ جلندا آهن.

*

تون منهنجو دوست آهين؟ پو ته سڀ کان وڌيڪ خوف مان تو کان ڪيان ڇو ته جڏهن تون دشمن ٿيندين تڏهن سڀ کان خراب دشمن ٿيندين.

*

اندر جا ڪينئَرا انسان! تون هڪ تازي صوف جهڙيءَ گفتگوءَ مان ڇا ڄاڻين؟

*

توکي گهرا دوست نه، گُماشتا گهرجن.

*

تو منهنجي خير خواهيءَ جو بدلو مون کي بد خواهي ڏنو، مون وَري ساڳي غلطي ڪئي.

*

اَلا! ڪيترو دير سان سمجهه آئي ته مون ساري زندگي اجائي وڃائي آهي!

 

*

ٻيا دشمن ڇا ڪندا، شل نه انسان پنهنجو دشمن 

پاڻ ٿئي!

*

’ربُ رُسي، مَت کسي‘ کان وڌيڪ ڏاهي چوڻي مون ڪٿي نه پڙهي آهي.

*

ماڻهو پوڙهي ڪُتي جي بَج تي هٿ ته ڦيريندا آهن، پوڙهي دوست جي وارَن تي هٿ نه ڦيريندا آهن، توڙي هن جو مَٿو گنجو به نه هجي.

*

وطن پرستي؟ ڪهڙي وطن پرستي؟ هر وطن ۾ انسان جي روپ ۾ رِڇ ۽ ڀولا آهن. ٻيا جانور ڳولڻ چاهين ته اُهي به تو کي ملي ويندا. جي توکي يقين آهي ته تنهنجي روبرو انسان آهي،  تهن کان هن جي قوم نه پُڇ، هن جو مذهب به نه پُڇ!

 

*

ڇا ٽالسٽاءِ جي موت کان پوءِ هن جي زال رُني هوندي؟


 

*             ن.م. راشد: اُرودءَ جو مشهور شاعر جنهن شاهڪار نظم ’حسن ڪوزه گر‘ لکيو هو، هُو پنهنجي وصيت موجب، موت کان پوءِ لنڊن ۾ چتا تي جلايو ويو هو.

*             سَرَوَڻ ڪمار: هندو لوڪ- ڪٿا جو هڪ ڪردار، جنهن پيءُ ۽ ماءُ کي تارازيءَ جي ٻن پُڙن ۾ وجهي، تارازي ڪُلهي تي کڻي ياترا ڪرائي هئي.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org