سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:هيِنئَڙو ڏاڙهونءَ گُلَ جِئن

شيخ اياز

صفحو : 3

وايون

 

وائي

 

کنيو آهه تو ڏِيئَڙي جو شعاءُ،

چاندني رات ۾.

ڏِسِين ڪونه ٿو هر ڪنڊِي آ اُلاءُ!

چاندني رات ۾.

چَوي رات پَئِي اُڀّ ڏي آءُ آءُ!

چاندني رات ۾.

ڪَيو ڪونه ڌرتيءَ ڪنهين سان نِڀاءُ-

چاندني رات ۾.

 


 

 

 

وائي

 

جاچي جوڙَ گلاب جِي،مون چيو تون آهين،

مون چيو تون آهين.

پرين! اهڙيون پنکڙيون، تون ئي ٿو ٺاهين!

مون چيو تون آهين.

رَنگَ پرهه جي پار جا، تِن سان وِراهين،

مون چيو تون آهين.

ايڏيءَ ڦُڙ ڦُڙ ماڪَ ۾، ڪاڏي ٿو ڪاهين؟

مون چيو تون آهين.

تو جَنهِن اکيون سِجّ جون، چئُه، ڇا ٿو چاهين؟

مون چيو تون آهين.

 


 

 

 

وائي

 

مُڙنديءَ وَهيءَ تان ڇا ٿِي گهوري سُندري؟

ڇا هُن ڪڏهن سوچيو ڇَڻَن گُلّ متان!

ڇا هِيءَ جاڙَ نه ٿي سُجِهي هُنَ کي جوڀن کان!

ڪيڏا ڇَّا آرسيءَ ڇننِدي مٿي مان!

هَئه، هَئه گهُنج نِراڙ تي ورندڙ لهرين جان،

مُــڙنــديءَ وهــيءَ تــان،

اَکيون پُوري سُندري،

ڇا ٿِي گهُوري سُندري؟

 


 

 

 

وائي

 

ڏِسُ هي لالُ لَيارَ،

متان سجُ ٻُڏي وڃي!

وِهنجِي پوئينءَ جوتِ ۾، پوڄا ڪر سنسارَ

متان سجُ ٻُڏي وڃي!

ڏِسُ هيءَ نَدي واءُ ۾، جنهن جا آرَ نه پارَ،

متان سجُ ٻُڏي وڃي!

آهي سدا سِجَ جِي، سورج مُکيءَ سارَ،

متان سجُ ٻُڏي وڃي!

ڇا هِيءَ مُنهنجيءَ تَندُ جِي، پوئين آهه تنوار؟

ڏس هي لالُ ليار متان سجُ ٻُڏي وڃي.

 


 

 

 

وائي

 

لُڳڙ لَٽي ۾

ڪيڏو مُنڌ بَکي پَئِي!

سانجهيءَ وانگر سانوري نگر ٺٽي ۾

ڪيڏو مُنڌ بَکي پَئِي!

سجّ پيو ٿو ڳوهجي هُن جي اَٽي ۾

ڪيڏو مُنڌ بَکي پَئِي!

ڄَڻُ ڪا آدِي جيت آ سَمئه سَٽي ۾

لُڳڙ لَٽي ۾

ڪيڏو مُنڌ بَکي پَئِي!

 


 

 

 

وائي

 

مان جيڪو مهمان

تو وَٽ ٻه ٽي ڏينهڙا

مُنهنجي مَنَ ۾ مِينهَڙا،                                 هُونءَ ته مان انسـانُ.

ڪــيڏي ڪــارونڀار ۾                   آ مُنهنجو اَســٿــانُ!

ڀَرجــــو، گـــرجــو بــــادلـــو                          مان اُج سمنڊَ سَـمانُ!

تون ڇا ڄاڻين ڇيڳرا                        مُنهنجو پنڌُ مَـهــانُ.

 


 

 

 

وائي

 

ڇا تون مُنهنجي موتَ کان پوءِ لهي ايندين؟

تون جيڪو آڪاسَ ۾

ڇا تون مُنهنجي خاڪَ تي ماڪَ ڦُڙيون ٿيندين؟

تون جيڪو آڪاسَ ۾

مُنهنجي مِٽيءَ مان ڦُٽِي مَهڪ نَئين ڏيندين؟

تون جيڪو آڪاسَ ۾

وَر وَر جهومِي واءُ ۾، مون ڳـَر لائيندين؟

تون جيڪو آڪاسَ ۾

 


 

 

 

وائي

 

مون گهر ڏُکيءَ کي

ايڏيءَ بُکيءَ کي

ڇا لئه آندو ٿِي ميان؟

هِيءَ جا رڙَڪي ٿِي وڃي

اِيئين رُکيءَ کي!

سانجهيءَ ڪائي سُوکِڙي

سورج مُکيءَ کي؟

نيٺ ته ڇڏڻو آهه مون

دُونهينءَ دُکيءَ کي!

ڇا لئه آندو ٿِي ميان؟

ڇا لئه آندو ٿِي ميان؟

 


 

 

 

وائي

 

آءٌ اُجهامان ٿو ڪَڏهن؟ آخر ايندين تون،

ڳر لائيندين مون!

ڇا هُو سَڀُ اُڏرِي وَيون

يا اينديوُن ڪُونجون؟

آخر ايندين تون،

تَڙ تي سِجُ لهي چُڪو

پويون پرڇايون-

آخر ايندين تون،

ڪيڏو ڏُکَ وهاٽيا

ڏينهن هيا جي ڏوُن

ڳر لائيندين مون!

 


 

 

 

وائي

 

*بُـــلاّ يـــا بـــاهو، ڪا ته ڪَري ٿو ڳالهڙي

آهـــــــي اَتِـــــي دُک ۾                ڪوئي ڪَرلاهُو،

مون کان ٻاهر ٿو ٻُري              ٻاجهارو ڇا هُو؟

چَؤراهي تي چَنڊَ جئن      آڌيءَ جـــو آهُـــو!

 


 

 

 

وائي

 

تُون ئي مون پَڙلاءُ،

 

مُنهنجِيءَ دونهينءَ ۾ دُکي

هيءَ جا مُنهنجِي جهوپِڙي

ها، پَر ڪندس ڪيئَن مان

آهي توڙي مون اڱڻِ

جيسين هِي جهوپو جهُري

 

تون ئي مُنهنجي دانهِڙي.

تُنهنجو آگَ- اُلاءُ،

ڪڏهن اُن ۾ آءُ!

تُنهنجو آدرڀاءُ!

ايڏو چَنڊَ چٽاءُ،

ڏکڻُ بڻجي آءُ!

مُنهنجي ڀيڻَ نه ڀاءُ

مُنهنجو پيءُ نه ماءُ

تون ئي مُنهنجي دانهِڙي.

 

 

 


 

 

 

وائي

 

جڏهن نِمَن ڪانهَن

اُتَر تُنهنجي اوتَ ۾

جڏهن جهُرِي جهوپِڙي ڪنهن کي ڏيندس دانهَن!

تو ڏي مون کي ٿِي ڇِڪي آڌيءَ رات اَڳانهَن،

*جِيئين اُتر واءُ ۾ سَر تان اُڏري سانهَن.

 


 

 

 

وائي

 

آهي اُتَر واءُ ۾ اَڄ ڪيڏي ڇَڻِ ڇَڻِ!

تون ايندين مان ڀانئِيان!

اُڏرِي آدرڀاوَ لَئه واريءَ جي ڪَڻِ ڪَڻِ،

تون ايندين مان ڀانئِيان!

ڌرتيءَ مَٿ ڌراڙ ڪو ناهي تُنهنجي ڌَڻِ

تون ايندين مان ڀانئِيان!

پَنُ پَنُ تو کي ٿو سڏي جهولي ڄڻ وَڻِ وَڻِ،

تون ايندين مان ڀانئِيان!

مون من ڪنهن تنبور جِئن جنهن ۾ تون تَڻِ تَڻِ،

تون ايندين مان ڀانئِيان!

 


 

 

 

وائي

 

ڪهڙيءَ اسٽيشن مٿان

 

ڪَٽڪ لٿا ڪيترا

تارا اوندهه ۾ لڳا

اوندهه ٽاڻي جهُوپڙيون

آهي هِي ڪهڙو نگر

آيون ريلَ بتيُون،

ههڙيءَ ڪاريءَ ٻاٽَ ۾!

وَيا واٽَ وَتيُون،

چَئني پار چَتيُون،

جِن تي اُڀّ ڇَتيُون،

مُنجهيون ڄڻ ته مَتيُون!

ههڙيءَ ڪاريءَ ٻاٽ ۾!

 

 

 


 

 

 

وائي

 

وِرچِي وارِيءَ تان

ڪنهن ٻيٽاريءَ تان،

جي مان گهُوريان سمنڊ ۾.

وَيو پکِي پارَ ڏي،

اُڏرِي کاريءَ تان،

آءٌ نه لاٿو آسرو،

تنهنجيءَ تاريءَ تان

گهُوريان جيڪر جندڙي

هِڪ ڏيکاريءَ تان،

مان به وڃان آڪاس ۾

ڌرتيءَ ڌاريءَ تان،

وِرچِي واريءَ تان

جي مان گهُوريان سمنڊ ۾.

 


 

 

 

وائي

 

ٻولهاڙِيءَ ٻيهارَ،

جيڪي ٻوليون ٻولڙيون،

مُنهنجيءَ ساڃهه کان پري تِن ۾ تُنهنجا پارَ،

ڌرتي ۽ آڪاس آ سارو تُنهنجي سارَ،

جِن ۾ ڳائن گيت ٿا تُنهنجا پارَ اَپارَ،

تون ئي تون ٿو ڄڻ ٻُرين هِن ساري سنسارَ،

تو ڏي هٿ آسِيس جا ٽِڙيو کڻن ٽارَ.

 


 

*  بُلاّ بُلاّ شاه

*  سانهن پاڻيءَ جي پکيءَ جو نالو.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org