سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لَڙيَو سِجُّ لَڪَن ۾

شيخ اياز

صفحو : 2

پهرين ايڊيشن جي

 

ناشر طرفان

 

شاعر شيخ اياز، 1975ع جي شروع کان حالتن جي زد ۾ رهيو، ۽ خاموش رهيو.

باز گشتم از سخن زيراڪ نيست

در سخن معني و در معنــي ســخــن (فيضي)

 

اُن کان پنج سال اڳ، 1970ع ۾، ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“ جي تخليق کان پوءِ، 1974ع جي آخر تائين، هُن منظوم سنڌي ڊراما ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ ۽ هيءُ زير نظر شعري مجموعو ”لڙيو سج لڪن ۾“ اسان کي ڏنا. اُنهن پنجن سالن ۾ هن ” نيل ڪنٺ اور نيم ڪيٖ پتيٖ“ جي عنوان سان ڪيئي اعليٰ اردو گيت ۽ نظم به تخليق ڪيا، جي اڃا شايع ٿي نه سگهيا آهن. پر اُن کان پوءِ، گذريل پنج سال، هن جي شاعريءَ جي ” بيوفا سريت“ هن کان رٺل رهي ۽ اسين هن جي هر طرح جي شعري تخليق کان محروم رهياسين. هيءُ عرصو هن جو ڌيان، البت،پنهنجي سنڌي شعر جي پنجابي ۽ اردو ترجمن ڏانهن رهيو، جيڪي پوءِ ڪتابي صورت ۾ الڳ الڳ ”جو بيجل نيٖ آکيا“  (مترجم- احمد سليم) ۽ ”حلقه ميري زنجير کا“ (مترجم - فهميده رياض) جي نالن سان شايع پڻ ٿيا. هن عرصي ۾ هُن ڪافي ڪجهه منصبي نوع جا مضمون به سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکيا ۽ پڻ ڪيئي تقريرون ڪيون، ۽، اُن سڀ کان وڌ، هڪ تاريخي ناول لاءِ مواد به ڪٺو ڪيو، جو هاڻي وٽس زير تصنيف آهي. هُن جي هنن پنجن سالن جي اُن بي ڪيف جاکوڙ مان اسان جي لکئي ۾ شايد اُن ناول جي امڪان جي لِک ئي آيل هجي- ۽ اُن کي به اسين پنهنجي لاءِ وڏي هڪ نعمت شمار ڪنداسين.

هيءُ شعري مجموعو. ”لڙيو سج لڪن ۾“، جيئن اُن جي نالي مان پڌرو آهي ۽ پڻ اُن جي فهرست ۾ آيل واين جي هر ابتدائي پد مان ڏسي سگهجي ٿو، شاعر جي انتهائي نراسائيءَ جي ڪيفيت جو ترجمان آهي: بلڪ نراسائيءَ کان وڌيڪ، پڙهندڙ کي، شايد، اُن جي ڪيفيت ناخوشيءَ يا ناراضپي جي محسوس ٿئي- ناخوشي يا ناراضپو، شديد کان شديد، ايترو شديد، جو اُن کان وڌ ڪنهن وصال جي تانگهه، ڪنهن تبديل جو اُمنگ ۽ اُن وصال يا اُن تبديل لاءِ وڌيڪ ٻيءَ ڪنهن تيز آس جو اظهار شايد ئي ڪو ٿي سگهي.

”مون کي منهنجي جيئري ملڻو ناهين مور---

ڀُنءِ ڀاري، گهر ڏور

”پوءِ به ڦلن ڇانوَ آ پرين تنهنجو پور---

ڀُنءِ ڀاري، گهر ڏور

(ص86)

اياز جي شعر جو هيءُ مجموعو هن جي واين جو مجموعو آهي، ۽ سڄي سنڌي ادب ۾ شايد ۽ جديد سنڌي ادب ۾ يقينن هيءُ پهريون خالص واين جو مجموعو آهي، جو شايع ٿي رهيو آهي. هن مجموعي ۾ جملي ڇاهٺ وايون آيل آهن- ۽ اُميد آهي ته اسان جا ادب شناس ۽ نڪته سنج، محترم ۽ لائق پڙهندڙ ڏسندا ته اُن جي هر هڪ وائي ۽ هر وائيءَ جي هر هڪ مصرع هڪ روشن لڙهي آهي، جنهن ۾ معنيٰ ۽ جذبي جا موتي پوتل آهن.

     دل هر قطره را گر برشگافي

     برون آيد آزو صد بحر صافي 

(فيضي)

حيدرآباد سنڌ

1- 2- 1980ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org