سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لَڙيَو سِجُّ لَڪَن ۾

شيخ اياز

صفحو : 4

 

 

*

موتَ ڪيا سَڀُ ماتِ

هُوندا ڪيرِ حيات-

ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان؟

 

تارَن پُنءِ سان ٿي چِڪيٖ

نيِچُ نگر جي راتِ

ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان؟

 

ڪيسيِن سُپنا سج جا

وائيِ سانڍيٖ واتِ!

ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان؟

 

اوندهه انڌُوڪارَ ۾

آءٌ، ڏُکوئي ڏاتِ

ڪيئن ڪيان ڪاڏي وڃان؟

 

*

 

 

*

ڪاريهر جو ٻَکُّ

ڏُکِيّ ننڊَ ڏُهاڳَ جيِ

 

چَنڊَ ٻَٽيهيِ عاج جي

کِل کِل پوڙهو کَکُّ

ڏُکِيّ ننڊَ ڏُهاڳَ جيِ

 

وِههُ ساگر ۾ ويو ٻُڏي

ڄڻ ته سّهائو پَکُّ

ڏُکِيّ ننڊَ ڏُهاڳَ جيِ

 

رات گهُري راڪاس جان

ننڊَ نِدوري بَکُّ

ڏُکِيّ ننڊَ ڏُهاڳَ جيِ

 

*

 

 

*

توڙيٖ ٻوٽيهءِ دَرَ،

نِنڊَ اَچيٖ ئِي ڪانهَ ٿيِ!

ڳورا ڇَپَرَ پيارَ جا

پَکِيءَ گهايلَ پَر،

نِنڊَ اَچيٖ ئِي ڪانهَ ٿيِ!

 

پويان پاڇا رات جا

ڪاريهَر جا ڪرَ،

نِنڊَ اَچيٖ ئِي ڪانهَ ٿيِ!

 

اُف! هِي آپيٖ وَڍُّ جو

ڍٖيرو، اُن جيِ ڍَرَ،

نِنڊَ اَچيٖ ئِي ڪانهَ ٿيِ!

 

اورانهين جا آٺِسٺِا

ڏوُرانهين جا ڏَرَ

نِنڊَ اَچيٖ ئِي ڪانهَ ٿيِ!

 

سُپنا مُنهنجي ساههَ جا

ڪنهن کي تُنهنجي ڪَرَ!

نِنڊَ اَچيٖ ئِي ڪانهَ ٿيِ!

*

 

 

*

مُيوُن مالهِڻيوُن

سُڪا موتئي گَجرا

 

آيا ڏيِنهَن ڏُهاڳَ جا

چوٽيون چِڪَّ ٿيون،

سُڪا موتئي گَجرا

 

نوِڙِي ڪيڏيون ننڊڙيون

چوڏينهَن چنڊَ نِيوُن!

سُڪا موتئي گَجرا

 

ڪُهه ڄاڻون ايندا ڪڏهن،

ڪيسين جاڙَ جيونُ!

سُڪا موتئي گَجرا

 

*

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org