سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لَڙيَو سِجُّ لَڪَن ۾

شيخ اياز

صفحو : 7

 

 

اُڏُر پکيئَڙا يارَ

پُنا ٻولِڻَ ڏينهڙا

 

ڪَيَئِه ڪيڏيءَ اوکَ سان اندر جي اُپٽارَ!

 

اُڀريِ اُتَر وڄُّ جان ٻولِيئه ٻولڻهارَ!

 

تَلَّ ترايون چمڪيون وُٺا مينگهه مَلارَ

 

ڪيڏا وَڍَّ وجهي وئي تنهنجي ڪَنٺَ ڪَٽارَ!

 

مارُو توتـٖـي موهيا ڍاٽِي ڍِنگهرن ڍارَ

 

چُوڻي- چنتا تي کُٽا وَڳَر جا ويچارَ

 

رِيت نڀائِي رُتِّ سانِ تنهنجـٖـي اُڀ اُڏارَ

 

مَرندي تائين مُند کان پَلِي تو نه پُڪارَ

 

پُنا ٻولِڻَ ڏينهڙا، اُڏُر پکيئڙا يارَ!

 

*

 

 

*

ويلو وِچِّ ڪيوم

پَنڌُ پرينءَ جو پرتي ٿي ويو

 

ڪوهَه اڳي کان اوچا ٿي ويا

ڪَهه ۾ سِجُّ ٻُڏوم،

پنڌُ پرينءَ جو پرتي ٿي ويو

 

ڏوُنگَرَ ڏاڍَ اڳي کان اڳرا

جئن جئن ڏِيلُ ڏريوم،

پنڌُ پرينءَ جو پرتي ٿي ويو

 

پَٿَّر مان پڙَلاءُ ته آيو

ڇا، ڪنهن سَڏ ٻُڌوم!

پنڌُ پرينءَ جو پرتي ٿي ويو

 

*

 

 

*

رڱُ ڏنائون راتِ،

وِهــاڻـــيءَ پــــرڀــاتِ،

کَٽِي کُنڀُ ڇڏي ويا

 

کُهنبا پائي ڪامڻيون

مورڻيون ڪَن ماتِ-

کَٽِي کُنڀُ ڇڏي ويا

 

اوڇَڻَ وَنَّ ولاتَ جا

تاڃِي ڏيهي ڏاتِ-

کَٽِي کُنڀُ ڇڏي ويا

 

وائيِ لالُ لبيس جي

گهرَ گهرَ ونيءَ واتِ-

کَٽِي کُنڀُ ڇڏي ويا

 

جاڳي ساريون راتڙيون

جرڪيِ جن جي ذات،

کَٽِي کُنڀُ ڇڏي ويا

 

*

 

*

ڌرتي! ڪوئيِ دانُ؟

مون کان گيتَ رُسي ويا

 

ڪَڍندٖي ڏينهن لڳيِ ويا

 

ڪُکِّ منجهاران ڪانُ-

 

مون کان گيتَ رُسي ويا

 

وَر وَر ٻُنڀي ٻاهران

 

موٽِي ويو مهمانُ-

 

مون کان گيتَ رُسي ويا

 

گُوندرَ گينوارٖي ڇڏي

 

مُنهنجي سُرت سُجانُ-

 

مون کان گيتَ رُسي ويا

 

ڪنهن کي آءٌ پسائيان

 

اَندر جو ارمانُ!

 

مون کان گيتَ رُسي ويا

 

*

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org