سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ننڊ وليون

شيخ اياز

صفحو : 15

   

*

 

اَڄ چَنڊُ جِهڪو آهي،

ڦهلاءُ سندس بَڙ تي ڪيڏو نه ڦِڪو آهي!

*

ڄڻ سِجّ سَمائِي آ،

اڄ شام شَفق پَنهنجِي ڄانڀي ته بڻائي آ!

*

ٻيڪارَ اُٿيا آهن!

ٿو چنڊ لَهي هاڻي ريڍارَ اُٿيا آهن.

*

پَل چارِ حياتيءَ جا!

ڇا لاءِ پيو ڳائين هِي گيت ممتائيءَ جا؟

*

اهڙا نه اَننتن جا،

ڪهڙا نه چڱا آهن، هي گيتَ بسنتن جا!

*


 

 

رابيل ڦُٽي آهي.

اڳ اِئن نه سُڳنڌ اُن جِي جئن هيلَ قٽي آهي.

*

ڄڻ ڊَيلَ اُڏامي ٿي.

ٿي واءِ اُڏامي يا رابيلَ اُڏامي ٿي؟

*

ٿي دورُ رَئِي جهومي،

آ لُنب سُڪو اُن جِي پيلاڻِ پَئِي جهومي.

*

هي شامَ، شَفق - لاوان

uآ لُنب اڃا سائو، ميدان ته ميٽاوان.

*

مُکڙي تي اَٿِي تِرُ يا،

ڪو مُگ پَيئِه چنِبڙي، تو کيتَ پَئي ڦِريا!

*


 

 

هي تَڙ مَٿان هيرَڻُ

پِي ڍُڪَ ٻه ٽي ويٺو ڪا ديرِ مسافر ڄڻ!

*

ڇا لاءِ نِميُون لاڻيُون؟

آ واءُ سرءُ جي يا هُو اُٺُ ڳِچي تاڻيون؟

*

اَڌ رات، کجيون، نِيرو،

ڇا پو به لِڪِي پِيئُون آ چنڊ ته پاسِيرو؟

*

ٿي باک ڦُٽي هاڻي،

تارا به ٻڏن ٿا پيا، ٿي رات کُٽي هاڻي.

*

ٿو روجُهه اَچي وِيريءَ،

ڪيڏو نه اُڃايل آ ڄڻ اوجهُه اَچي وِيريءَ!

*


 

 

اَڄ باک پَئِي هاري،

جيڪا به چِڪي پيئي، سا ڊاکَ پَئِي هاري.

*

هي راتِ ڪَچهريءَ جي،

ڪيڏي نه پئي آهي برساتِ ڪَچهريءَ جي!

*

آ سمنڊ ته آئينو،

uڏس ڪئن نه ٽُٻڙڪو ڏئِي ڳِڙڪائي مَڇِي ڪِينو!

*

برساتِ، اَڪيلائِي؟

ڇا لاءِ وَڻي ٿِي پئي اڄ راتِ اَڪيلائِي!

*

هي راتِ ٺَريءَ باهيون!

آ پَنڌُ پَري ڏاڍو، ڪجهه وقت پَٽيُون ساهِيون.

*


 

 

اي هانوَ! لَنوِي ڪنهن سان!

uبَرسيمُ کجورين ۾ ٿو لانوَ لَنوي ڪنهن سان؟

*

ڪيڏو نه اُڀارُ آهي!

آ سمنڊ ٻه پهريءَ جو ڪو آر نه پارُ آهي!

*

هَوڏانهن نِمُون سايون،

هيڏانهن پَڙا پنهنجا سڀ ڳاڙَهه سَرا پايون!

*

تون آهه اگر واندِي،

ڇا سونهن لتاڙيندينءَ؟ گُل پوکِ نه پيراندِي!

*

ڄڻ گَجَ پَريان ٻاريُون،

ٿي کوهَه مٿان آيون اِئن جهونجهڪڙي ناريُون!

*


 

 

اڄ هاءِ کجورين جُون،

اي چنڊ اُڀيون ٻانهون تو لاءِ کجورين جون!

*

ڪيڏي نه ڪُٻي آهين؟

ساريون ته ويون ڪپجي ڄَڻ تون ته ٿُٻي آهين!

*

سارنگُ پيا سارِيون،

ڪيڏي نه اُساٽ آهي، اَڄ اُڃَ جِئين آرِيون!

*

اهڙي ته بُرِي آئِي!

آ ڍيرُ ٿيو گهرڙو، ڪلهه رات لُرِي آئي.

*

هِي مرگَهه ڇپائي ڇڏ!

رينجر به اجهي آيا، اڄ ڪُنوارِ لِڪائي ڇڏ!

*


 

 

ٽوڀا ته هُيا ڪيئِي!

uڪنهن جاءِ ڀَري جنڊو، تون راهه رَمين پيئِي!

*

آ راتِ لَهِي آئِي،

ٿِي جامَ ستارن جا، مون لاءِ ڪَهِي آئي.

*

آکاڙ مَٿان اُڀري،

سج ننِڊَ منجهان نڪرِي ٿو لاڙَ مٿان اُڀري!

*

تون آءُ ته هِي تر آ!

ڇا لاءِ جُتي پائين ڄَڻ پَٽُ پَٽيهر آ!

*

جَهنڪار وڃي ٿِي پئي،

ڪنهن پنڌِ ڇڏيو ويڙهو؟ ڇا ڪنوار وڃي ٿي پئي.

*


 

 

آ مُندَ انارن جي،

ڇُلڪاءِ نه ڇورِي تون هي بوءِ بهارن جي!

*

ها، سَر به ته ڪيئي ها!

اي چَنڊَ هُئين جن ۾ ساگر به گهڻيئي ها!

*

ٿي چَنڊَ ڏٺو سِينو،

ڪلهه رات هئي چَؤڏس، هو سمنڊ به آئينو.

*

سُهڻو ته هُيو سپنو!

پر پو به پکيئڙي جو، پڃرو ته هُيو سپنو!

*

مينديءَ رَتل هٿ ۾،

uڪيڏو نه وَڻي پيئِي اڄ ٻارَ ڪَتل هٿ ۾!

*

 

چُپ چاپ نه هڪ پَل هو!

لهرون ته هُيون لهرون، پَر چنڊ به چنچَل هو!

*

اڄ مِينهُن پيو آهي،

ٿي سانجَهه لَهي سَر تي، ڪُجهه ڏينُهن پَيو آهي.

*

تو ڏانهن ڪَهِي آيس،

اي چَنڊ گهٽائن ۾ مان راتِ رَهِي آيس.

*

هي گهاٽَ مٿان گيڙُو،

تِرسول هيا هيٺان ۽ اُڀَ مٿان ٽيڙو.

*

ڄَڻ پَلَ اُڏامن ٿا.

آ ويلَ ٽپهريءَ جي، اڄ اَلَ اُڏامن ٿا.

*


 

 

*  نوٽ: لنب جو ٻوٽو سُڪي، پيلو لڳندو آهي.

*  ڪينو: سمنڊ جو پکي.

*  بَرسِيم: گاهه جو اُتر ۾ کجورين جي وچ ۾ پوکيندا آهن.

*  ٿر ۾ جنڊن ۾ دلا ڀري ٻنهي پاسن کان رکندا آهن.

*  ڪتل:کارڪ

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org