Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پن ڇڻ پڄاڻان

شيخ اياز

صفحو : 10

*

 

سچل ٿو ڳولي،

درازا جي دز ۾

نانڪ يوسف کي.

 

*

 

آءُ درازا هَل!

تنهنجا سارا مولوي

منهنجو هڪ سَچَلُ!

 

 

*

 

تنهنجو منهنجو ٺاههُ،

جي تو سچل سنگتي

۽ مون بلي شاههُ.

 

*

 

ماري ٿو مارٖي،

جهڙا سنڌوءَ تي پکي

تهڙا راوِيءَ تي.

 

*

 

هاڻي سڀ باتيون،

هو گيتا ۽ راج* سان

لنڊن جون راتيون!

 

*

 

مون کي سڀ ڪجهه ياد،

توکي ٺاهيو ميڻ مان

ڄڻ مادام تُسادِ(1)!

*

 

مون مَنُ مڇلي گهرُ،

رنگبرنگي سمرتيون

تارِ هجي يا ترُ!

 

*

 

آءٌ ابو سينا،

هوٽل، وڊُڪا، رات جو

روسِي ارِينا*.

 

*

 

چڱو گل رخسار(1)!

مون جهڙا ٻيا نَر سوين

تو جهڙي ڪا نار؟

 

*

ڄڻ مون جهڙو دَر،

هي جو لينن گراڊ ۾

دوستو وسڪيءَ(2) گهر.

 

*

 

پنهنجو روسي نانءُ،

مائڪو وسڪي* چؤنڪ تي

پڙهان پيو آنءُ.

 

*

 

ساڳا اوسيئڙا،

منهنجي ڇاتيءَ ۾ هُئي

پُشڪن جي پيڙا.

 

*

 

پشڪن(1) جو پيالو،

خالي؟ جنهن جي ڳيت سان

ايڏو اُجالو!

 

*

 

نيوا* ٿي چمڪي،

ڪٿ هو پُشڪن جون اکيون

جن ۾ جَرُ جِهمڪي؟

 

*

 

او منهنجي تقدير!

ڏس ته هيءَ آهه سمالني(1)

ماڻهوءَ جي تدبير.

 

*

 

ڦاسيءَ کاڌل سُوٽَ،

۽ قيدين جون جيل ۾

پيرڪڙيون ۽ بوٽَ.(2)

 

*

 

پيارا لرمنتوف*!

موت ته مون ليءِ راند هو

هي مون ڪهڙو خوف؟

 

*

 

هيءَ قريب المرگ ...

هٿ ۾ مئني فيسٽو ...

روزالڪسمبرگ(1)!

 

*

 

ڇا ڇا موت جهپيا،

ڏاٽي ڪيڏا ڏيهه ۾

ڳاڙها ڳاٽ ڪَپيا

 

*

 

ساڳي جوشَ جنُونَ،

ٻيهر ٿيڻي ناهه ڇا

هو پئرس ڪميون؟

 

*

 

ليکيندين ڇا ۾،

منهنجو خون وهيو هُيو

بارسيلونا* ۾.

 

*

 

منهنجا ننڍا ڀاءُ،

چِڪي پيو لورڪا(1)

مون مان تنهنجو گهاءُ!

 

*

 

ترڪيءَ اندر آنءُ،

وٺي سگهان ڪونه ٿو

ناظم حڪمت نانءُ!

 

*

 

آءٌ نه اڪيلو،

پبلو* ڪالهه ڇڏي ويو

دنيا جو ميلو.

 

*

 

سڀڪجهه پائي تنگِ،

هي تُرڪي ۾ بائرن

جنگ نه هن جي جنگ!

 

*

سامي سُرت: سُجان،

ويا ويراڳي نڪري

ڪَلَ پئي ڪنهن ڪانه.

 

*

 

سامي سُرتِ سُجان،

ورتائون ويرانيون

ڇڏي ماڳَ مَڪان.

 

*

 

سامي سُرتِ سُجان،

اڄ تائين اتهاس جي

اکين جا ارمان.

 

*

 

سامي سُرتِ سجان،

گونجَ ڏئي ويا گيت کي

ڇپر جي ڇا ڇا نه!

 

*

 

سامي سُرتِ سُجان،

نِتُ نِتُ راهه نهاريان

موٽي اچن مانَ!

 

 

 

*

 

اَڳُ نه ڏيَن عام،

لِڪا گهُمن لوڪَ ۾

وڳهه جا وريامَ.

 

*

 

ڪَٽڪ ڪارونڀارَ،

لِڪا گهمن لوڪَ ۾

ڀوُڻيـٖـن نه ڀُڻڪارَ.

 

*

 

ويجها نه وڻڪارَ،

لِڪا گهمَن لوڪ ۾

واسيا جِن ولهارَ.

 

*

 

ڇَپر نه ڇاٽار،

لِڪا گهُمن لوڪَ ۾

هو جيڪيٖ هُٻڪارَ.

 

 

 

*

 

ڪارونڀار ڪَڪَر،

لِڪا گهُمن لوڪَ ۾

جيسين بَرسن بَرَ.

 

*

 

جُهڙڦُڙ جهورَ جهڪور،

لِڪا گهُمن لوڪَ ۾

هو ماڻهو جي مور.

 

*

 

سنگهارَن تي سوڙَهه،

لِڪا گهُمن لوڪَ ۾

ڀانءِ ته ڪوڙِهي ڪوڙهه.

 

*

 

گونگو تن جو گَسُ،

لڪا گهُمن لوڪَ ۾

وٺي ناريٖ* نَسُ.

 

 

 

*

 

کَڻي کاهِڙَ کٽَ،

لڪا گهمن لوڪَ ۾

ماڳُ ڪري وِيا مٽ.

 

 

*

 

ڏؤنرا نه ڏارَن،

اسين مُسافر اُڃ ۾

وَسَ نه ولهارَن

 

*

آيو سِجُ مٿان،

اسين مسافر اُڃَ ۾

ڌرتي ٽامي جان.

 

*

 

اڳتي ڪارا اَڪَ،

اسين مسافر اُڃَ ۾

جهَٽون ڏئي جهَڪَ.

 

*

کوريٖ ۾ کاڻا،

اسين مسافر اُڃَ ۾

ڀِٽُن نه ڀاڻا.

 

 

 

*

 

ٽاڻو ڪيئن ٽَري؟

اسين مسافر اُڃَ ۾

کائَڙ کُوههَ پَري.

 

 

*

 

هرڪو خواب سرابُ،

اسين مسافر اُڃَ ۾

اکين آرتو آبُ

 

 

*

ڪاڇـٖـي نه ڪَرها،

اسين مسافر اُڃَ ۾

اڳي کان اَرها.

 

*

 

مِرون تاڙن ماههُ،

اسين مسافر اُڃَ ۾

رِڻَن ۾ رانڀاههُ.

*

 

سُڃ به اهڙي سُڃَ،

اسين مسافر اُڃَ ۾

اوتيو پيئون اُڃ.

 

*

 

کنوڻين نه کيڪارَ،

اسين مسافر اُڃَ ۾

ڇَپر ڪا ڇاٽَار!

 

*

 

اَڙين جا آڌَرَ،

اسين مسافر اُڃَ ۾

ڇَڏ ڪـٖـي ڇيڪُ ڇَمَرَ!

 

*

 

ڪارونڀار ڪَڪَرَ!

اسين مسافر اُڃَ ۾

ٿاڌليون ڪي ٿَرَ!

 

*

 

پَلر ڪا پالوٽَ!

اسين مسافر اُڃَ ۾

متان کائون موٽَ!

 


 

*  گيتا ۽ راج- سنڌي ليکڪ جي مصنف جا دوست آهن ۽ جي هن وقت لنڊن ۾ رهن ٿا.

(1)  مادام تُساد- لنڊن ۾ مادام تساد جو مومني عجائب گهر ۽ جنهن ۾ دنيا جي مشهور شخصيت جا ميڻ مان ٺهيل بُت رکيل آهن.

*   ارينا -  مصنف جي روسي هم سفر جا هن سان ماسڪو کان دوشنبي تائين گڏ هئي..

(1)  گل رخسار – تاجڪ شاعره جا مصنف سان تاجڪستان جي سفر ۾ گڏ هئي.

(2)  دوستو وسڪي – لئنن گراڊ ۾ دوستو وسڪيءَ جي گهر کي عجائب گهر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

*  مائڪو وسڪي -  ماسڪو ۾ مائڪو وسڪي چؤنڪ تي روسي انقلاب جي عظيم شاعر مائڪو وسڪي جو ڪاري پٿر مان ٺهيل بُت کُتل آهي جنهن جي تري وٽ ڌاتوءَ جي تختيءَ تي مائڪو وسڪيءَ جو نالو لکيل آهي.

(1)  پشڪن – روس جي عظيم شاعر جو مقابلي ۾ ماريو ويو هو. لينن گراڊ ۾ پُشڪن ميوزيم آهي جتي پُشڪن جي ٻين شين سان گڏ اهي پيالا به رکيل آهن جن ۾ پشڪن شراب پيئندو هيو.

*  نيوا – لينن گراڊ مان وهندڙ ندي جا بالٽڪ سمنڊ واريءَ فنلنڊ جي کاريءَ ۾ پوي ٿي.

(1)  سمالني – اُها جاءِ جتي 1917ع جي انقلاب کان اڳ انقلابي ڪٺا ٿيا ها.

(2)  بوٽ – لينن گراڊ جي زار جي زماني واري جيل ۾ ڦاسي کاڌل قيدين جا سوٽ، پيرڪڙيون، بوٽ وغيره سانڀي رکيل آهن. انهن قيدين ۾ لينن جو ڀاءُ اليگزينڊر اُليانوف به هيو.

*  لرمنتوف – روس جو رومانوي شاعر، جيڪو شيليءَ جو همعصر هو ۽ مقابلي ۾ ماريو ويو هو.

(1)  روزالڪسمبرگ – جرمنيءَ جي عظيم القلابي مفڪر، زورالڪسمبرگ ۽ هن جو ساٿي ڪارل ليبنڪ جي لينن جا همعصر ها، ماريا0 ويا ها.

*  بارسيلونا – اسپين جو هڪ شهر جنهن ۾ فرانڪو خلاف ٺاهيل بين الاقوامي برگيڊ وڙهي هئي جنهن ۾ دنيا جي ملڪن جا اديب ۽ دانشور، هيمنگ وي، جارج آرويل، آندري مالرو، ڪرسٽافر ڪاڊويل وغيره شامل هئا ۽ جتي نراجوادين ۽ ساميوادين گڏجي ڪجهه وقت لاءِ حڪومت به ڪئي هئي.

(1)  لورڪا – اسپين جو آزادي پسند شاعر جو فرانڪو جي فاشي حمايتن هٿان ماريو ويو. لورڪا جي شاعريءَ جي موسيقي ۽ تخيل اسپين جي جپسي گيتن کان متاثر آهي.

*  پبلو -  پبلو نرودا، لاطيني آمريڪا جو انقلابي شاعر جو چليءَ جي وزيراعظم آلندي جو پئرس ۾ سفير هيو ۽ چليءَ ۾ فوجي تسلط ۽ آلندي جي موت کانپوءِ، گذاري ويو.

*   نارو – واهه جو نالو

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

   

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org