سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پن ڇڻ پڄاڻان

شيخ اياز

صفحو : 12

 

*ماني ۽ ارزنگُ،

پر نه امرتا شير گل

ڇا ڇا وڇونءَ ڏنگُ!

 

*

 

ساڳي فاشي چال،

آءٌ ته آندري مالرو(1)

تون ناهين ڊي گال.

 

 

*

 

ڌرتيءَ جو گولو-

ميڪسيڪو ۾ ٽراٽسڪي(2)

مٿو، واهولو!

 

*

 

ڳاڙها گُلُ گهگهنِ،

جن، سي گهوٽ گهگيريون

تو وٽ شال اگهن!

 

*

 

ڏينهن تتـٖـي تي پاڇو،

ڪنهن ڪاريءَ ڪوراڙ جو

کائي ٿو ڪاڇو.

 

*

 

تيشو تپايان،

پو بربط ڪُهسار جو

ويهي وڄايان!

 

*

 

ڪو پَلُ ٽاڻو ٽارِ،

ٿيلهه نه ٿڪا انگڙا

ڪَرهي ڪَام نه مارِ!

 

*

 

اڄ به آ ساڳيو،

مون مَنُ سائِرَ لهر جئن

وڇوڙي واڳيو.

 

*

 

نوري نه ڀَرِ تي،

سُڪل مڇيءَ کاريون

رڳو ڪينجهر تي.

 

*

 

جيڏا! ڪهڙي جاٽَ!

گهور انڌيرو، گهوگهرا

ڳهرا ڳچين ڳاٽَ!

 

*

 

لٿِي ڳِجههَ سَوير،

ڪٿِ رَتائين چُهنب کي

ڪِٿَ رتائِين پيـٖـرَ؟

 

 

 

*

ويرِ وَڻ ٿيام،

ڏاڍا آرهڙ اُسَ ۾-

۽ پو مينهن پيام!

 

*

 

او شل! ويڙهه وَسن،

اُترِ ڏکڻِ اوچتو

ڪَڪَر ڪَڙڪا ڪَن!

 

*

 

واهون سڀ واريون،

ماڻهو منهنجي ڏيهه جا

ڀاڻَن ڀٽاريون.

 

*

 

ڳالهه ڪيان ڪيهي،

رئندين رَتُ اکين سان

ڏِسي تون ڏيهي.

 

*

ٻيليئڙو ٻوليو!

چُپ ساڍيندءُ ڪيتري

مُنهنڙا ته کوليو!

 

*

 

ڪيڏي ڇِڪِ ڇِڪان!

مِرُن مانداڻا ڪيا

ماڻهن لِڪَ لِڪان!

 

*

 

ڳاءِ ته پنهنجي لاءِ،

ٻيجل توکي ٻوڙيو

انڌي انيراءِ!

 

*

 

هي ڇا مائيءَ لالَ!

ٿَنڀَ ڪٽارو ٿانهريو

ڍُڪيءَ جهڙي ڍالَ!

 

*

 

ڏاتِ! اهو ڇا هي؟

هي جو ڪَرٽُ ڪپار ۾

سدائين آهي؟

 

*

 

ڀُنءِ ڪنهن لاءِ ڀُڻي؟

ڳِجههَ اُڏِي ڪنهن جون نَريون

چنبن منجهه چُڻي؟

 

*

 

او شل لڳاتار،

وَسن سانوڻ مينهڙا

وليون ڪن ولهار!

 

*

 

ڏِسُ، ڏِسُ پَڙ پوٽُيِنِ،

سونا ڦُل سَڳين ۾

چِيڙُهه نه ڪو چوٽِيُنِ!

 

*

 

جَسَ بنان جيئَڻَ؟

پڳ ترارين وِچَ مان

اَچُ، اَچُ کَٽِي کڻُ!

 

*

 

ڳنهي تنهنجو نانءُ،

ڦِران ته ڦُرجي وڃان

مَري مَلهان آنءُ!

 

*

 

اهڙا ئي ڄَڻجانءِ،

هي جي مڙهه مقام ۾

کهنبن ۾ کَڻجانءِ!

 

*

 

اجهو سانجهي ٿي،

سوچ نه هاڻي سوڍڙا

گهوڙي سنجَ وجهي!

 

*

پرين پاسِ اچن،

شل چوڏيهين جي تِٿِ تي

رِٿون راس اچن!

 

*

 

مون ڀانيو انسانُ،

چُري نه، چِيڪٖـي پيو

ها، پر مُگر مانُ. . .

 

*

 

مارو وري مينهَن!

مون ڪئن ايڏا گهاريا

ڏوٿين بنان ڏينهَن!

 

*

 

گهُگهه، گهٽا، گهوگهاٽَ،

گهريا بگهڙ واڙ ۾

ٻُڌا ڪنهن ٻيڪاٽ!

 

*

 

ڀاڙ نه ڀوتارَن،

سدا ماڻهو سِنُڌ جا

تارَن اوتارَن.

 

*

 

لوئيءَ ساڳي لاکَ،

مُرڪٖـي ٿي مهراڻ تي

راويءَ رَتِي باکَ.

 

*

 

چوڏينهَن راتِ چنابُ،

ڇا ٻي وارث شاهه جو

چنڊُ لهي ٿو خوابُ؟

 

*

 

مان ڇا ٿو سوچان؟

تو جنهن خنجر هٿ ۾

تون به ته منهنجو آن!

 

 

 

*

 

ڀلا بلي شاههَ،

هي جي اڙيا اوچتو

تن کي ڏس ڪا واههَ!

 

*

 

ماڌو لالَ حسين،

ڪِيم تنهنجي نانوَ تي

اڄ ته نڇاور نينَ.

 

*

 

جلدي جاڳُ ضمير!

راکي ٻنڌن لاءِ ڪو

ڌاڳو ڪَتِ ڪَبير!

 

*

بَسِ نه ڪندين بَڪ!

مون وٽ اکين سِجِ جون

تو وٽ انڌا آڪَ!

 

*

 

رائو ريت رُڳو،

ماڳُ ته اڃا ڏور آ

پنهنجو پنڌ پُڳو!

 

*

 

دادا او دادي!

مون اڌ لوئي ان تي

اڌ ۾ آزادي.

 

*

 

لوئي اَڌُ نه ڪَر!

لوئي سڄي سُونهندي

سَڀ کي ڀاڪُرَ ڀَر!

 

*

 

چِڀڙ ٿا چونڊيِن،

سَتي قابو ڪوٽَ ۾

هي کاٽونبا کيِن!

 

 

 

*

 

مان ۽ تنهنجي تاتِ،

پئي ماڪَ ملير تي

ڀِنِي ڀِٽُن راتِ.

 

 

*

 

ڏِسُ، ڏِسُ هي ڏاها،

ديبل ئي ڀنڀور آ

ها ها ها ها ها . . .

 

*

 

نوري، او نوري!

هيءَ ڪينجهر تي ڪير آ

لوٺِي، لنڊوُري؟

 

*

 

ڳهلا، ساڳي ڳوٽَ!

مِٺي مَڪَ ملير جي

ڇانگُون ڇَنن اوٽ!

 


 

*  ماني ۽ ارزنگ مشهور ايراني مصور.

(1)  ڪنهن مصنف سان دوستي رکي هن کي چيو هو، ”مون کي پنهنجو آندري مالرو گهرجي.“

(2)  ٽراٽسڪي ميڪسيڪو ۾ جلاوطن هيو جڏهن هن کي مٿي تي واهولي جا ڌڪ هڻي قتل ڪيو ويو هو.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org