سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پن ڇڻ پڄاڻان

شيخ اياز

صفحو : 7

 

 

ڪونهي چئن ڪَکن،

اڄ به سونيون سنگهرون

بادل منجهه بُکن.

 

 

 

*

 

هو جو گيت مَهان،

ڪڏهن پاڻيءَ ڇينهرو*

ڪڏهن سمنڊ سمانُ!

 

*

 

هاڪا اهڙي ڌُنِ،

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي

جئن نيروٽيءَ ڪُنِ!

 

*

 

تو ڇو نيڻيـٖـن نير؟

تو من اُجرو ائن ميان

جيئيـٖـن امڙ کيرُ.

 

*

 

اَمڙ، تنهنجي نَٿَ،

دانهين مون تي ٻئي ٿيا

ٿر جا ٿوهر هَٿ.

 

*

 

اڙي شڪارِي!

هن پنڇيءَ جي ٻولڙي

ولر کان نيارِي.

 

*

 

گيت نه ٿي ڪوئي،

ڪڪري لڳي چنڊ تي

لڱـٖـي تي لوئي.

 

*

 

ڪوئي برَهه بيتُ!

لُڻِي لُڻندين ڪيترو

ميان کَني کيتُ؟

 

*

 

ڀاڳَ جڏهن بڻجن،

اَڀري سَڀري ساٿَ جون

ڳالهڙيون ڳڻجن!

 

 

 

*

 

ٻيڙا ڌڙڪن ٿا،

سِڙهه ڪنهن اَويساهه سان

ٿڙ ٿڙ ڦوڪن ٿا.

 

*

 

ٿڪين ٿيلهي ٿَرُ؟

اڃا گوليءَ پنڌ تي

آهي پنهنجو گهر!

 

*

 

تنهنجو ڏوهه نه، پَرَ،

ڇوليون ڪاوڙ ۾ رنڀي

وِجهن چَڪُ ڪَپرَ.

 

*

 

ٽُٽي ويا سپنا،

ميڙ نه ڪِرچن کان تکا

شِڪي ٿي شيشا!

 

 

 

*

 

ساٺَ ڪيا سانوڻَ،

آءُ، چٻاڙيندين اڃا

ڪيڏا ڪاڳَر مَڻَ؟

 

*

 

تون ته چوين ٿو ”لکُ!“

ڳولي ٿي ٻي ڳالهه ڪا

منهنجي هڏن مِکُ.

 

*

 

ڪيئن وراڻيان سَڏَ،

پٺيان ڳؤري ڇپَ آ

اڳيان اونهي کَڏَ!

 

*

 

لِڱَ لُريءَ ۾ چُورُ،

وَکرُ اڪيچارُ پرَ

پَتڻَ پويون پُورُ.

 

 

 

*

 

ڇَنا ٻيا به ته کوڙَ،

منهنجي مَنَهن جي مٿان

ڪيڏي مينهن پتوڙَ!

 

*

 

ميان، ڇا هي نانوَ؟

ٿيلهه نه ٿڪا انگڙا

ڇَڏ نه ڇِڊي ڇانوَ!

 

*

 

تون ته انهيءَ کان بَچُ!

ڀل ٻي ڪنهن تي جهڙپ ڏي

سِيچاڻي جئن سَچُ!

 

*

 

کُهه سارو سنسار!

وَرُ توسان ڪنهن ڪُنڊ ۾

لالڻ، لڪي پيارُ!

 

 

 

*

 

ڇَڏِ ته ٿئي آڇَ!

سُتي مار نه مُنڌ کي

هيءَ جا پرينءَ ڪَڇَ!

 

*

 

توکان ڪنهن به پڇيو،

”تنهنجون گُلَ گلاب جا

پنبڻيون پُسيون ڇو؟“

 

*

 

ڪينجهر هنجَ ڪروڙَ،

پوءِ به ڪنهن ڪنهن هنجَ سان

ڪينجهر مٿي موڙَ!

 

*

 

ٻهڳڻ ٻَري ٿي،

ڪَنڌُ جهُڪائي جنڊَ ۾

ڏُکڙا ڏريٖ ٿي.

 

 

 

*

 

ٽِلَڻ جا ٽاڻا،

ڪيڏا سپنا سجَ جا

سانجهيءَ سماڻا!

 

*

 

ڪيڏي سُڃَ اپارَ،

رهي رڳو روهه ۾

ڪونجن جي ڪڻڪارَ!

 

*

 

مانڊيِ تنهنجو منڊُ!

اڄ هي منهنجي شاعري

ڀنـٖـي بادَلَ چَنڊُ!

 

*

 

توکي ڳولن تَڙَ،

ٻُرن ٿا ٻي پار جا

نِتُ نِتُ وڄِي نَڙَ!

 

 

 

*

 

هو جي ساجنَ سنگِ،

کيسَ کٿوريءَ واسيا،

اڄ نه اسان اَنِگ

 

*

 

ائين پنهنجو پاڻَ،

ترندي آئي تات ۾

جيئين هِنجُ نياڻَ.

 

*

 

مون مَنِ آيو نينهُن،

ڀَريٖ تَلَ ترائيون

جيئـيـٖـن سانوڻَ مينهُن!

 

*

 

هي سانوڻ جي راتِ،

وڻ وڻ واڄو ٿي ويو

تون ئي تون جي تاتِ!

 

 

 

*

 

ڪاوڙ مون ڪيهي؟

اڄ به پيارا پاڻ کان

ڏاڏاڻا ڏيهي.

 

*

 

وانگِي شال وسن!

پائي ڳلِ ڳراٽڙيون

گهمن منجهه گسن!

 

*

 

ڪَوتا ٻُڌائيٖ،

ڪَوريِ آنڀو ڪچڙا

کيري ۾ کائـٖـي.

 

*

 

لَڙڪِي مٿي لامَ،

سڱر پٽـٖـي نينگري،

۽ هو هُن جا آمَ؟

 

 

 

*

 

خوشبو ڇو آهي؟

ڪوئي گُل گلاب جو

ڦُٽو ته ناهي!

 

*

 

منهنجا ڪهڙا حال!

سائين سڻائي ڪرين

ڀلارا ڪي ڀال!

 

*

 

آهيان اڄ ته اُداسُ،

جيئري شل جيڏا ڏسان

هُو جي منهنجو ماسُ!

 

*

 

مان ۽ تنهنجو نانءُ،

هي ناڪاري قوتون

هائوڪاري آنءُ.

 

 

 

*

 

رات ڏٺا تارَن،

لاشن ڀرسان لوئبا

هِيرا هٿيارَن.

 

*

 

هاڻي ڏوههُ ته ڏوههُ!

چنڊ ته تنهنجي ڪَڍَ آ

ڪامڻ! ڀڄين ڪوههُ؟

 

*

 

روز رسيلا يارَ،

هتان هارائي ويا

وڻجـٖـي سڀ واپارَ.

 

*

 

گهُران ڇا آئون!

ڪيڏو اُفقُ ڏيجَ ۾

ڏُکيءَ ڏنائون!

 

 

 

*

 

چانڊوڪيون راتيون،

ها، هي تنهنجي شاعري

سؤٽيون ماساتيون!

 

*

 

توڙي لڱن لَڱُ،

چڙهي ڏونگر چوٽِئين

ڇِنُ نه سڄڻ سڱُ!

 

*

 

ڪهڙيون ميارون!

آيون سانوڻ مينهن جئن

آيل اُڇنگارون!

 

*

 

آنءُ به ڪوئي نانءُ،

ورڻ وارءُ الوداع

هلڻ هارو آنءُ!

 

 

 

*

 

ڇَپر ڇانَو، ڇَنو،

ها، پر آيل، سامهون

گهوڙيٖ هوتَ هَنو!

 

*

 

ڪونجڙيو! ڪيٽِي،

آمي اُفق آگ ۾

سانجهيءَ سميٽي!

 

*

 

رچِي، ٿي ريٽِي،

ڪنهن سان پنهنجي نينهن جي

ڪَيَءِ نکيٽي؟

 

*

 

ڪنهن کي تارن تات؟

نگر واسي ننڊ ۾

نِکنڊُ آڌي راتِ!

 


 

*  ڇينهڙو جبلن تان پاڻيءَ جي ڇَرن جو لهڻ

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org