سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پن ڇڻ پڄاڻان

شيخ اياز

صفحو : 8

 

*

 

سي به ته تنهنجو پاڻُ،

هو جي سارِن سنڌڙي

چؤنرن ڌؤنرن ساڻُ!

 

*

 

ڪيڏو سيءُ سٺوءِ!

منهنجي لوئيءَ ۾ ميان

ويڙهو نه ويڙهيوءِ!

 

*

 

مَنُ نه مون ميرو،

سدا اُن جو سَپ جئن

ڦُڙيءَ ڏي ڦيرو.

 

*

 

هَٿُ نه رکيو هوتَ،

ڳلن ڳوڙها نه سُڪا

مٿان آئين موتَ!

 

 

 

*

 

ڄائِي نه ڄاپِي،

جيڪا مون جئَن يار مان

ڍائي نه ڍاپي.

 

*

سُڻِي تنهنجو سَڏُ،

لڳي پئي هيکلي

گهگهيرين سان گَڏُ!

 

*

 

اوٺي اَويرا،

ويندي پُڇن ڪينڪي،

هي تن جا پيرا...

 

*

 

اَگهائيءَ ۾ آءُ،

سُڻي مانَ سَگهو ٿيان

پرين تو پڙلاءُ!

 

 

 

*

 

ساڃاهيان ٿو هاڻ،

ڪانَون ’ڪان‘ ’ڪان‘ ۾ هُئي

اکين جي واکاڻ!

 

*

 

ٻولِي مون نه ٻُجهن-

ڪانگا تو ڪنهن ڪُنڊ ۾

منهنجا سيڻ سُجهن؟

 

*

 

هاڻي ڪَيان ڪيئن؟

مَر ته موچارو ٿئين،

هرڪو چوي ائين!

 

*

 

هي جي پَڙ پائن،

ڀلا ڪنهن کي جيئري

ڇاتيءَ سان لائن؟

 

 

 

*

 

جيئري جهميلا،

سدا ٿيا سنڌ ۾

مُئن تي ميلا!

 

*

 

صدين هڪ انسانُ،

سوبه ته موهن جي دڙي

وانگر ٿيو ويرانُ!

 

*

 

وڻجاريون وايون-

هيل به اڪيچار تو

ٻوليون ٻُرايون.

 

*

 

ڀٽائيءَ تي باسَ-

”ٿر ٻاٻيهو ٿي مران

شال نه ٻُجهي پياسَ!“

 

 

*

 

وَڄن پيا سنکَ،

هي منهنجا ٽئگور* جئن

پويان ’مرتيوءَ پنکَ‘.

 

*

 

جڏيٖ جياپي،

رڙهِي چڙهي روههَ تي

سَرَهه سَراپي.

 

*

 

رَنڍا روڙهي ڪَتِ،

ڪَنُ نه ڪاپو ڪندي

پاڙي کي پورهَيتِ!

 

*

 

مون سان ماڙَ نه ڪر!

ها، هن گهايل گَڊ سان

جبل جاڙَ نه ڪر!

 

 

*

 

گهيڙَ نه ساڳيان گهٽَ،

نوان پنڌ پهاڙ جا

پيرا ڪونهن پَٽَ!

 

*

 

اڳُ نه هي لهرون!

نه هئن پرينءَ پار ڏي

پوياڙيءَ پهرون!

 

*

 

پانڌي نه پيرو،

جڏهن جبل چوٽ تي

ڏهاڳڻ ڏيرو!

 

*

 

سارٖي هُن جي سَڀڪَ،

ڌوئج نيڻَ نِدي ڪريٖ

چئني پَلوَن چِڪَ!

 

 

 

*

 

بِنان باهه بَٺِي!

مومل سوا آهه ڇا

ناتر نامڪٺي؟

 

*

 

گهايل ۾ گهاڻا-

ڪيڏي سارَ سُڳنڌ آ

پرينءَ پڄاڻا!

 

*

 

آءٌ پرينءَ پاڙو،

هي سڀ عالم اوپرو

ڪيان ڪُڄاڙو؟

 

*

 

رَعد نه سو راڙو،

پوءِ به سانوڻ مينهن ليءِ

تنواري تاڙو!

 

 

*

 

لَڏِ نه لاکيڻا،

هي سڀ ڪُوڙو آسرو

”ٻُڏيءَ جا ٻيڻا!“

 

*

 

”پرين مون پاتا!“

ڇا ٿو سائيءَ نم تان

آکين کنياتا؟

 

*

 

سو ڪئن سَليان عامَ،

ڪانگل مون کي جو چيو

لَمِي مٿيٖ لامَ!

 

*

 

ڪهڙا سنيها؟

ههڙيءَ ڪاريءَ اُس ۾

ٻول نه ٻاٻيها!

 

 

 

 

*

اٺئي پهر اُداسُ،

رتو روئن سڄڻين

منهنجا نيڻ نراسُ.

 

*

 

سارو ڏينهن سِپَن،

اکيون روئن رات جو

موتين مينهن وَسَن.

 

*

 

ڀُلين ڇو ڀاڻو؟

هُو فانوسو چنڊ جو

ڪڏهن وساڻو؟

 

*

 

رنگ رتِي جو شامَ،

آيو ڪانگل اوڏڙو

لَمي مٿي لام.

 

 

*

 

هالا پراڻا،

مون ليءِ به ڪي ڀِٽَ تان

دعا جا داڻا!

 

*

مون مان آنِهن نراسُ؟

آنءٌ ته آهيان اُروَشِي

ساڳو ڪالي داسُ!

 

*

 

ڄڻ تون منهنجو ماسُ،

آ ڏاڏاڻي ڏيهه جو

تو ۾ وڻن واسُ!

 

*

 

اڃا نه اوڏيِ!

توڙي تنهنجي پنڌ ۾

لُوهَن نه لوڏِي!

 

 

 

*

 

آخر اُڏاڻو،

پکي پرديسي هتي

اَڏي آڏاڻو!

 

*

 

آتڻُ اُجهاڻلُ،

چرخي چِتُ لڳي نه ٿو

ڪاپو ڪوماڻلُ.

 

*

 

پرين پرايا،

مون ڀانيو ڀيرو ڪندا

ورِي نه آيا.

 

*

 

سڀ ڪجهه وساريا؟

واٽون نه واجهائيان

ڏيئا نه ٻاريان؟

 

 

*

ڇا مان هيٺ لهان؟

اڃا جبل چوٽ تي

ٿورو ٽور ڪَهان!

 

*

 

جِن ۾ اُڏرڻَ آڳَ،

پکين پرديسين جا

ماڳ به ڪهڙا ماڳَ!

 

*

 

ڏينهن تتو جُهڙ ڀانءِ!

پُڙُ پريان جي پارَ ڏي

متان ٿئين ٿانءِ!

 

*

 

سامي! هوُ سَتگُرَ،

جن جا ڪاريءَ ’ڪينَ‘ ۾

کُتا وڃي کُرَ!

 

 

 

 

*

 

جِهڄِي ٿِي جهيڻِي،

هُونءَ نه هئي سونَ جي

ويڻي وهيڻي.

 

*

 

اَڄُ نه منهنجي پاسِ،

گيڙوُ رٖڱي گودڙيون

ريٽـٖـا ڪن جي راسِ!

 

*

 

ماڻهو مَکيُن جان،

ڳوريءَ ڳاٽ ورائيو

چڙهي چوٽَ مٿان!

 

*

 

مون کي هيئيـٖـن هورَ،

جوڳي جهليندءِ، ميان،

ٽُرُ نه سَپَ جي ٽورَ!

 

 

 

*

 

اڻ سونهون انسانُ،

سُڃا رستا سامهون

ويڙها سڀ ويرانُ!

 

*

 

جو ڪرڻو ٿي ڪَر!

لاکيڻا لَڏي ويا

سوين تو سانڀَرِ!

 

*

 

پائي پنهنجو پاڻُ،

ريجهِي رهاڻيون ڪيان

مِٺن ماڻهن ساڻُ!

 

*

 

هي جو شعر چيوم،

چئني پهرن پنڌڙو

پوئين پهر ڪيوم.


 

*  ٽئگور جي پوئين ڪتاب ’Wings of death‘ ڏانهن اشارو

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org