سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سانجهي سمنڊ سپون

شيخ اياز

صفحو : 11

 

دوها

 

l      ايوب خان سان ٽَڪَر، قيدي ڀُٽو، ساهيوال،

ائين اچي ٿو ياد، ٿيو هو سڀ ڪجهه ڄڻ پَرُ سال.

*

اڄ تائين مون ياد اَچي ٿو ڇو نارائڻ شيام؟

ڪِن جي لاءِ سٺو سين ڪيڏو، آخر ڇا انجام؟

*

l  ڪلهه ابڙي جي سنگ ڪَٽي هُئي گهوڙا ٻاريءَ راتِ،

ڇاڇا ياد اچي ٿو هاڻي، ڪهڙي ڪهڙي باتِ.

*

l      اڄ تائين آ يادِ اَسان جا رات گذاري راويءَ ۾،

چنڊ پيو پاڻيءَ ۾ لرزي، عشق هيو ڄڻ آويءَ ۾.

*

تون جو مون کي ٿو رنجائين، مون جئن دک سهندين؟

مون جئن دُکُ ڏسي تون پيارا پَلُ نه هڪ رهندي.

*

ساٿ نه هلڻا آهن توسان تُنهنجا ڪوڙَ ڪروڙَ،

آنءُ ڏسان ٿو ڪيئن کِلي ٿي توتي تنهنجي لوڙَ!

*

هن دنيا ۾ تو پنهنجي من ماني ته ڪئي، پر آخر؟

نيٺ ته ڪِرڻو آهين، تو جولاني ته ڪئي، پر آخر؟

*

دنيا مڪر فريب سوا ٻيو ڇا هي دنيا ساري مطلب جي آ،

جنهن ۾ ڪوئي مطلب ناهي اُن جي ذات اڪيلي آ.

*

اندر ۾ هو بگهڙ بڇڙو، ٻاهر ماڻهوءَ منهن،

مون کي لڳندو رهندو ڪيسين وَر وَر ماڻهوءَ مُنهن؟1

*

وِيرَ وڌي وئي آهي هاڻي بيٺو غوطا کاءُ!

lڪير چوي ٿو توکي ايڏا ڪيڪٽ چونڊي آءُ.

*

لوءِ! لتاڙ ڀلي تون، مون کي ٻول نه تون ٻاڙو،

تنهنجي لاءِ سدائين مون ۾، پيو تنواري تاڙو.

*

هِن کي ماريو، هُن کي ماريو، ماريو، ماريو، ماريو!

سڀ جو موت ڏسان ويٺو مان، ڇالئه پيا ٽاريو؟

*

الله ڪنان ٿو ڪو نه ڊڄين، ٿو هيڻي تي هٿيار کڻين،

معلوم نه آ ائن ماڻهوءَ جي، ٿو ڇا جي لاءِ ڌڪار کڻين!

*

ڪُتا ڀونڪي ڀونڪي توتي، چُپ ڪندا پاڻهي،

تن کي اڄ لنواءِ ميان، ۽ چُپ ڪري لِک ويهي!

*

کانڀاڻيءَ مان ڳوڙهو نڪتو، پنڇي واريءَ تي،

ڪَهل جيان ڪو جذبو ناهي، ڄاڻَ  نه ماريءَ کي.

*

الله انهيءَ ۾ خوش آ جي، پرگهور لهين بيمارن جي،

ڇو هر ڪنهن کي ايذائين ٿو تون، ڳالهه نه ڪر تڪرارن جي.


 

تو پاڻ ته بدلايو ناهي ٿو دنيا بدلائڻ چاهين؟

تون دنيا ڇا سمجهي سگهندين، تو پاڻ نه ڄاتو آ ڇاهين؟

*

انسان ته ظالم جاهل آ، پر اشرف ڪوڪو آهي،

ماڻهوءَ ٻاهرُ ته نه ڏس ٻاهر ته رڳو ڌوڪو آهي.

*

تون چاهين ٿو ڌنار ٿيان، تو ۾ ته بگهڙ جو واسو آ،

هيءَ تنهنجي تقرير رڳو، هڪ دوکيباز دلاسو آ.

*

آ بوند نه برسي ماڻهوءَ تي، هوءَ ڪوُڙا ڪارونڀار هيا،

سي مات ڏئي ويا ماڻهوءَ کي، جڳ جي جئه جئه ڪار هيا.

*

ڪا ته ڪَئي اڳ تنهنجي، هوندي جنهن لئه اي قابيل،

باک ڦٽيءَ کان پوءِ اچانڪ، ڇُرو هنيو هابيل؟

*

سڀ کي پنهنجا ٻار ٻچا ها، جڳ جي ٻار ٻچن کان پيارا،

ڪوڙا ئي ڀل ڇو نه هجن، پر پوءِ به سچن کان پيارا.

*

ڄنگهه پيو منڊڪائي ڦاڙهو، ڪيڏو آ لاچارُ!

l      ڪامورو ڪنهن کڏڻي تان، ٿو کيڏي هيٺ شڪار.

*

ميان چپن ۾ مرڪ چڱي آ، نانهه اها ڏند ٽيڙ چڱي

ڳالهه نه آ جا کائي ايڏا، تنهنجي منهن ۾ ٿيڙ چڱي.

 

طوطي خاني ۾ نقارو، ڪيئن وَڄائين ٿو؟

هي ماڻهو ڪي ماڻهو آهن؟ وقت وڃائين ٿو!

*

منهنجي لاءِ علاج اجايا، تون ئي آن شافي،

”اياڪ نعبد“ آنءُ پڙهان جي، منهنجي لئه ڪافي.

*

تون  جو چاهين چاههِ، مگر ڇا رب پيو چاهي،

اِن جو هن تاڃي پيٽي ۾، ڪجهه به پتو ناهي.

*

جي به کهيا سي ڪو نه رهيا، جي پُڇ ته مثال هزارَ،

منهنجو جو رکوالو آهي، جو تنهنجا سڀ اِسرارَ.

*

ربَ ڪنان تون ڏاڍو آن، ڪيڏو نه ڀُلل آهين!

تو مايا ۾ موهه صدين لئه، پر ڪو پل آهين!

*

تنهائيءَ ۾ تنهنجي ويجهو، ڪيڏو آهه خُدا!

دل درياهه جيان اونِهي آنا هي چنڊ جُدا.

*

نيٺ ته ماڻهو مات ٿئي ٿو، نيٺ ته ماڻهوءَ مات،

هي سنسار سدا ته نه رهندو، رهندي رب جي ذات.

*

آءُ اُڃايل، رُڃَ رلايل، ٻاجهارا ڀر ٻُڪُ!

منهنجي ڄڀَ ازل کان آتي، ڪوئي پاڻيءَ ڍُڪ!

 

ٻاهر جئن نڪتاسين، هن دنيا ڌوڪي مان،

رازق رب رحيم ڏٺوسين، جيءَ جهروڪي مان.

*

مريم ڪَنڌُ نوائي روئي، ماجدلين ڦٿڪي،

مِٽي آهه چُهي وئي، ڪيڏا رَت ڦڙا ڪَٿِ ڪي!

*

هر ڪائي ڪَئي آڏو ايندي، آ ڪا به ڪئي وئرٿ نه وئي!

آ قدرت کان وسري نه وئي، تو دل ۾ جيڪا ڳالهه چَئي.

*

ڪنهن آرڙ جيان ٿي شام اچي، ۽ عُمر کي ڄڻ ڳڙڪائي ٿي!

ٿو پنهنجي لاءِ خدا ڳوليان، ڄڻ هيءَ تنهائي کائي ٿي!

*

هان، ڏِسُ هي فرعون ٻُڏي ٿو، ترس نه ڪوئي نيلَ!

ڀري پئي آزاد سفر سان، موسي جي زنبيل!

*

سچُ به مردو ٿي ويندو آ، اهڙا ڪيئي دليلَ،

ڇا ان لئه به ضروري آهي، صورِ اسرافيل؟

*

ڪالهه بلال اِذان ڏني، جنهن وقت مديني ۾،

ڪيڏو نور بکيو ٿي هن مان، سجُ هيو ڄڻ سيني ۾!

*

تون جو رستو ڳولين ٿو، آ راهنما توسان،

ٻيو ساٿ ضروري نه آهي، جي آهه خدا توسان.

*

 

تُنهنجي رحم وڪرم سان تُنهنجو،قهر نه ڄاڻان ڪئن ٿو ٺهڪي،

علم عقل ان راهه مٿان، دن رات پيو ڄڻ ويندي سهڪي!

*

هوءَ عِشا جي بانگ ٽپي وَئِي، مسجد جا مينار،

منهنجو روح ڪري ويئي، ڄڻ هن ڌرتيءَ کان ڌار.

*

ڌوتِي هي دنيا آ ڌوتي، هن دنيا کي تياڳ!

”انت بحر جي خبر نه ڪائي،“ جهاڳ سمندر جهاڳ!

*

هر ڪوئي ڪيڏانهن وڃي ٿو، ڇو نه پڇان ڪيڏانهن؟

پنهنجو پنڌ به ساڳو آهي، وڃڻو آ تيڏانهن.

*

ماڻهوءَ مَن اٻوجهو آهي، ڳتيل سُٽ سنسار،

جنهن لئه هر ڪاتيار چوي ٿو، ”ڄاڻي ڄاڻڻهار.“

*

ڇا نه هَڏي تي هوڏ لڳي، پَئي آهي دنيا ۾،

اُن جا چوپيندڙ ڇا ڄاڻن، ملي ٿو جو عقبيَ ۾!

*

ڌن دولت تي ايڏي آڪڙ، ماڻهو ڏينهن ٻه ٽي!

تو نه ٽجوڙي رهندي، ويندين پنهنجا ڏينهن ڪَٽي.

*

ڇو نه اياڻا ويڃائين، انت اهو ئي آهي،

سڀ ڪجهه هتڙي رهجي ويندو، کڻڻو ڪُجهه به ناهي.

 

ڄڻ ته مٽيءَ جي ماٽي سامهون، بيٺو سوچي سنت ڪبير،

”هيءُ جڏهن ماڻهو هوندو هو، اُن جو گر نه پيرِ!“

*

اڳ جئن ساڳي دنيا آهي، دُک به ساڳو سُک به ساڳو،

جنهن سان دُک ڏتاري ڪوئي، آ ماڻهوءَ جو مُک به ساڳو.

*

ڪير به اِن کان وانجهي ناهي، سارو جَڳُ خلل آهي،

سو پَلُ آهي سجايو تنهنجو، جو ساغر سان پل آهي.

*

پيرِ مغان جي دير ڏٺي سي، تو جئن ڪوئي ڪو نه هُيو،

جنهن ۾ تو جئن ڍانڍَ ٻَرن، ڪئن چئجي ٻيو ڪو ڇو نه هيو!

*

دل ۾ سير ڪرين تون جيڪر، ڪو به چمن اهڙو ناهي،

تون دنيا جا باغ گهمي ڏس، سرَو سمن اهڙو ناهي.

*

آهه ڳجهارت ماڻهوءَ جو من، جنهن جي ڀڃڻي ناهي،

ڪير چوي ڇا آهه ڪهاڻي، انت حقيقت ڇاهي!

*

l  تو وٽ ڪِنجهر، مون وٽ ڪانجهِي، پوءِ به تون مٽي،

آءُ انهيءَ جي، در تي جنهن وَٽ، چانڊوڪي چٽي.

*

هَنسَ ڇڏي هي مانسرو وَر، وڃڻو ٿي ڪيڏانهن“

”ڪو به پکي هت رهڻو ناهي، ٻيا به ويا جيڏانهن“

 

ڪو به سڀاڻي ساٿُ نه ڏيندو، اڄ جو ساٿُ سهائو آهي،

جو توکي ٻيو ڏينهن پَسائي،اهڙو ڪوئي ڪائو آهي؟

*

ڪو نه ڏٺو ٿِي ڪانُ، انهيءَ مان جو منهنجو آواز؟

تون ته رڙهڻ لئه پيدا ٿيو آن، ڪيئن ڪندين پرواز!

*

آنءُ ڪهاڻيءَ منڍ نه ڄاڻان، ڪيئن چوان ڪِٿ کُٽي!

ڪيئن چوان هي تَندُ اچانڪ، ويندي ٿي ڪِٿ ٽُٽي!

*

هي دنيا آهه سراءِ هتي، تون چار ڏهاڙا رهڻو آن!

ڌرڻو ماري ويهه نه پيارا، نيٺ هتان تون ڪهڻو آن!

*

تون نه اگر رهندين او پيارا، دنيا پوءِ به هلندي رهندي،

بسنت رُت ۾ سونهن سرنهن جي، ڦولندي ڦَلندي رهندي.

*

تنهنجو ڪنهن کي اونو رهندو، هر ڪوئي ڪم ڪار اُسهَندو،

شايد ڪوئي لڙڪ ٻه لاڙي، تو وٽ چار گهڙيون ڪي رهندو.

*

نيرڳيون نيراڻ ۾ اُڏري، وڃن پيون ڪيڏانهن؟

ڄاڻين ٿو هَر ماڻهوءَ جو آ، پنڌ پري تيڏانهن.

*

جيون بِينَ مڌرتا ساڳي، ڪا نه ٽٽي هڪ تارَ،

ڪيڏا نه هن دنيا ۾، جيوَن لوڏا آيا يارَ!

 

تون جو سوچ ڪنان اوچو آن، توتي سوچان ڇا؟

پرواز ڪنان تون پرتي آهين، آنءُ اُڏامان ڇا؟

*

ڪجهه به نه رهڻو آهي، هر شيءِ انت فنا آهي،

سڀ ڪجهه لوڙهي ويندو بس، درياهَ بقا آهي.

*

ٻارنهن ماسيءَ وانگر سڀ ڪجهه، سارون ئي سارون،

ڪيڏا ماڻهو پار ويا جي، تن جون ڪيئي پڪارون.

*

l انت ڪال تائين ڌرتيءَ تي، مون وانگر ڪيئي،

جن کي ڌرتيءَ ڪيو روانو، ڪيئي ڏک ڏيئي.

*

هن ڌرتيءَ تي ڪو به نه رهندو، دارا يا اِسڪندر،

ڪيئي قصر ويا ٿي مِٽي، رهندو ماڻهوءَ اندر.

*

ماڳ اڃا ڪجهه دور لڳي ٿو، متان پَٽيِن ساهي!

گهوڙا وِکَ ڍري ڪر هاڻي، هيٺان آ کاهي.

*

ساري رات اُڏاڻين ڪرها، ڪاڪ ڪنڌيءَ کان دور،

ائين لڳي ٿو توکي مومل، ملڻي ناهي مورُ.

*

هونءَ ته جهرمر ۾ جِي ڏسجي، جاني آهه جهان،

پو به هلڻ هارا! هلڻو آ، فاني آهه جهان.

 

هيءَ گهڙي جا ڀاڄوڪڙ آ، وري نه تو ملندي،

دور جهروڪا کولي توتي، هيءَ پئي کِلندي.

*

هيءَ گهڙي گهمسان هٽائي، دور رکين ته چڱو،

آهي جا ايڪانت اندر ۾، سا سانڍين ته چڱو.

*

ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا تو، ڏاهپ سارا ڏنڀ!

اندر ٻاهر تونئي آهين، کوهيان ٿو مان کنڀ!

*

ڪو به نه ٿيو آهي دنيا ۾، موت ڪنان جو آجو،

ڏس هڪ ٻي اڄ باک ڦُٽِي، فڪر اَٿي ڇا جو؟

*

ڪيئي ايندا ڪيئي ويندا، هي مهمان سراءِ،

هن جي ڪنهن سامان سڙي سان، پنهنجي دِل نه لڳاءِ!

*

اڄ سڀني جو انت اهوئي، سارتر ڪاموءَ جئن!

موت سن کي رڙڪائي ٿو، ساڳي واڳوءَ جئن.

*

چوکنڊيءَ چوڌار ڏنو ٿي، چنڊ جڏهن ڦيرو،

چار سِروُن اُن ۾ ڪاشيءَ جون، هاري هو نه وڏيرو.

*

وَڃِي فني کي ويجهو ڪوئي، ڇُهي بقا ويڃائي،

ڪاش! اُنهيءَ کي پائي ماڻهو، سچ سمورو پائي!

 

دل ڪعبو آ، ان ۾ لات منات هزارين، ڏيکاري ڏين ٿا،

ڦرِي ڦرِي سي ڦيرا وَر وَر، دل جي چوڌاري ڏين ٿا.

*

موت ڏسي ٿو ڪوريئڙي جان، ماڻهوءَ چُرپر کي،

هونءَ ته ڪيئي ٽهڪ ڏئي ٿو، هن جي هُر کر تي.

*

اکيون ادل جون ٻرن مشعالان، نيٺ وسامي وينديون،

جوت اِها اونداهه ۾ هو، ڪيڏانهن کڻي وينديون.

*

موت مٽائيندو هر بئنسر کي، لاڙِ وڃين ٿي ڇو؟

ڪيئي ايندا ويندا، هڪ لاڏل تي لاڏُ ڪرين ٿي ڇو؟

 


 

l  ڀٽو:- قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو.

l  ابڙو:- جمال ابڙو

l  راوي لاهور ۾ ندي.

l  ڪيڪٽ:- Oysters

l  کُڏڻو:- ڪانِهن جي وچ ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ ويهڻ جي جاءِ.

l  ڪِنجهر:- مئو مال

l  انت ڪال:- جڳ جو خاتمو

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org