سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب:سانجهي سمنڊ سپون

شيخ اياز

صفحو : 3

وائي

 

*

ڪا ته ٻي نوري ڏٺي مون ڪالهه ڪينجهر جي ڪناري،

ڇانوري ۾ شام ٿي وئي.

ڪئن تماچي تَڙ ڌڻيءَ جي تات کي ڪا مُنڌَ ٽاري.

سجُ ڪينجهر ۾ لهي ٿو ڄڻ ته وَڻ جا ڏار ڏاري،

روشني جنهن جي پَئي ٿي هيٺ پاڻيءَ مان نهاري،

پيار لئه ٿو پيارُ تاڙي سار کي سارَ ساري.

ڇانوري ۾ شام ٿي وَئي.

 

*

ترِ مِرائي ٿي ندي،

سجّ جا تِڙڪا پون ٿا!

چيٽ ۾ ٿا چهچائن، پاٽ تي اُڏري پکِي!

سجّ جا تِڙڪا پون ٿا!

ڄن ته سائي پَنَ وانگر آهه، ساري زندگي،

سجّ جا تِڙڪا پون ٿا!

تون اڃا ڇو بستري ۾، صبح ٿيو آهي، اُٿي!

سجّ جا تِڙڪا پون ٿا!

رات جا گذري وئي، سا موت جي کاتي وَئي،

سجّ جا تِڙڪا پون ٿا!

ننڊ ڪيئي گهنڊ آهي، لارَ توتِن ٻُڌي؟

سجّ جا تِڙڪا پون ٿا!

 

*

هي سرءُ جو وائرو،

ڪانوَ ڪان ڪان ڪَن پيا.

هي هوا جو سرد جهونڪو، ڄڻ ته ڇاتيءَ ۾ ڇُرو!

ڪانوَ ڪان ڪان ڪَن پيا.

ڇَنّ ۾ مون کي ڇُپائي، ڪاش ڪوئي گهڻگهرو!

ڪانوَ ڪان ڪان ڪَن پيا.

چنڊ مان ڪيڙا ڪرن، ٿا وقت ڪيڏو آ بُرو!

ڪانوَ ڪان ڪان ڪَن پيا.

پنڌ اڳتي ڪو نه ٿو ٿئي، آهه پٿر جئن مُرو.

ڪانوَ ڪان ڪان ڪَن پيا.

 

*

پنڇي پڃرن ۾،

روز وڪامن ٿا!

گيت ٻُرن ٿا ڄڻ ته اڃا ڪي، تِن جا پن پن ۾!

ٻوليندا ها ٻولڙيون سي، لڙڪي لامَن ۾.

ڪوئي ڳولي ٿو پيو تِن کي، ڀٽڪي بَن بَن ۾،

ڇا جي لاءِ ڇُپي ويا آهن هي، پنهنجي مَن ۾؟

چُپِ چوڌاري ڇانئي آهي، تِن بِن ڄڻ کَن ۾!

 

*

ڳاڙهو هيڊو آسمان،

ڪانوَ لنون ٿا.

ڪَڪِي نِم انهيءَ هيٺيان آهه سَرءُ سنسان،

پَنَ ڇڻن ٿا.

واءُ اُتر جو، ڦيراٽيون ڏي جنهن ۾ جَڳُ جهان،

وَڻ لڏن ٿا.

رُت جو ڦيرو، مٽيءَ گهيرو، سارو ڪون مڪان،

ساٿِ ڦِرن ٿا.

هاءِ حياتي! موت ڇڏيو آ ڪنهن جو نانءُ نشان؟

ڏينهن کٽن ٿا.

ڪي ڪيئن مَرن، ڪي ڪيئن مرن سڀ نيٺ ٽٽن ٿا.

سڀ نيٺ ٽٽن ٿا.

 

*

ٿا اڏامن ڪوڪڙاٽَ،

فيرَ ڪَن ٿا.

ٻُڌ ڍوري تي هوا جا سيسراٽ،

فيرَ ڪَن ٿا.

لڙڪ پَن پَن جي مٿان آ ڄڻ ته ماٽ،

فيرَ ڪَن ٿا.

رَتُ پاڻيءَ پاٽُ تي آ، رَتُ گهاٽَ،

فيرَ ڪَن ٿا.

جُھڙ ڪئي آ اُڀَ ۾ ڪيڏي لڙاٽَ

فيرَ ڪَن ٿا.

 

*

*انڊلٺ جن تي کُٽي ٿي، سي ٻَٻُر ڦلڙيون ته ڏِسِ!

وَنّ ڏس وڻراهه جا!

ائن اُٺي جو واءُ تِن تي، جِسُ ڳولي جيئن جِسُ.

وَنّ ڏس وڻراهه جا!

اوچتو ڪڪريون هَٽائي آهه نڪتو سج سِسُ.

وَنّ ڏس وڻراهه جا!

لڙڪ آڻي سار ڪنهنجي، ٿي چوي مَن کي ته ڦِسُ.

وَنَ ڏس وڻراهه جا!

 

*

آهه اَهَڏ منجهه پاڻي، آءُ گهوڙي کي پيارِ،

ٿَڪُ لاهي پوءِ وڃ!

هان لسيءَ جو ڍُڪ ۽ ڍوڍي ڳڀو، ڪجهه ڌيرُ ڌارِ.

ٿَڪُ لاهي پوءِ وڃ!

آهه گهاٽي ڇانوَ بڙ جي، ليٽُ هيٺان، ڏينهن ٺارِ.

ٿَڪُ لاهي پوءِ وڃ!

آگ ناري کي لڳي آ، ڀل تَري تائين نهارِ.

ٿَڪُ لاهي پوءِ وڃ!

جُهڙ جهمن سو ڪيئن چئجي آهه اونهارو اَپارِ.

ٿَڪُ لاهي پوءِ وڃ!

ٿَڪُ لاهي پوءِ وڃ!

 

*

آسمانو اِنڊلَٺِ،

ٻانهن ڪنهنجيءَ وانگيان!

هي نهارون ناز واريون، مون پڄاڻان تون نه پَٺِ!

اي زمانا مون ڪڏهن، تنهنجي نه چيتي آهه چَٺ،

عمر مون جئن آهه آندي، شعر ۾ ڪا گاسِ گَٺ؟

پاڻ ۾ پيهي ڏٺو، يا مُنهن وِڌو مون ڪالهه مَٺِ‘

 

 

*

پيرون پٽن ٿيون نينگريون،

پِنڊا ڀرينديون ٿيون وڃن!

ڏس لوههَ ڪيڏي ٿي لڳي، پر ڪو نه ٿيون ڪنهنجي مڃن.

پِنڊا ڀرينديون ٿيون وڃن!

ٿا تيرَ سج جا ترورا، تِر مِر ڪري، تن تي سَڃن.

پِنڊا ڀرينديون ٿيون وڃن!

آ تيز ٿي وئي تپت پر، ڪو نه ٿيون ڀيرو ڀڃن.

پِنڊا ڀرينديون ٿيون وڃن!

 

*

ڇوري هي آ ڀوُن،

ائين کاءُ نه توُن.

ويهي هن جي واٽَ تي.

ڳوٺِي ڳالهيون ڪن پيا،

گهر گهر ۾ تنهنجون.

ڇوري هي آ ڀُون.

پريت ڪبي جي وائکي،

ڀون ڀون ٿيندي ڀُون.

ڇوري هي آ ڀُون.

ايندي ويندي ٽؤنڪ کي،

ڪيسين لنوايون؟

ڇوري هي آ ڀُون.

 

*

ڇَٽِي کولي مينهن ۾، ڪاڏي وڃين ٿي؟

ڪاڏي وڃين ٿي؟

ڀيرو پنهنجي پيار سان ورلي ڀڃين ٿي!

ڪاڏي وڃين ٿي؟

پنهنجون نظرون تير جان سامهون سڃين ٿي.

ڪاڏي وڃين ٿي؟

لوڪ گلائون پيو ڪري تون ڪٿ مڃين ٿي!

ڪاڏي وڃين ٿي؟

ڇَٽي کولي مينهن ۾، ڪاڏي وڃين ٿي؟

ڪاڏي وڃين ٿي؟

 

 

*

پيءُ پوڙهو، ماءُ، ڌيءَ،

سڀ اُٻهرا پاٽِ تي.

ولهه چوڌاري وَسي ٿي، سَر سُڪايا ڪالهه سيءَ.

سڀ اُٻهرا پاٽِ تي.

هي به آ آجيوِ ڪا، منهنجي ڌڻي ڇا هي به جيءَ!

سڀ اُٻهرا پاٽِ تي.

ڪير چوندو ڳوٺ ۾، آهن لڳا مانيءَ مڇيءَ!

سڀ اُٻهرا پاٽِ تي.

 

*

هوءَ آئيني اڳيان،

ڇا اَڇا ڳولا پئي؟

ڇا چَوي اي جواني، تون وئي ناهين اڃان!

”اڄ به هي رخسار آهن، موتئي مُگري جيان.“

”دل ته چاهي ٿي ته پنهنجي، اولڙي کي مان چمان.“

”۽  رکان هي چپ پنهنجا، آنءُ آئيني مٿان.“

ڪيترو خاموش بيٺي آ، سندس پِيري پٺيان!

 

*

اَڳ اُجهاڻين اهي، ڄَر ۾ گيت پيا ڄَرڪن،

عمر پئي گذري.

پيار پتنگا ڪيئي اڏاري تن ۾ کامي ويا،

پوبه کٽن ٿا ڪو نه پيا ٿا ڦيرا وَر وَر ڪن.

عمر پئي گذري.

چنڊ چڪورَ ڪهاڻي ساڳي پوري ٿيڻي ناهه،

ڪيئي ٿا آڪاس اڏارون ٻيهر ٻيهر ڪن.

عمر پئي گذري.

هنج اچن ٿا هنج وڃن ٿا نيرَ ولوڙا ڏئي،

راتيون اڳ جان آهن پيئون ڪونجون ڪَر ڪَر ڪن.

عمر پئي گذري.

من ۾ ڍانڍ وساڻا ناهن، ڀنڀٽ ڀڙڪن ٿا،

سَر تي سيءُ ته آهي، پيئون سيرُون سَر سَرڪن.

عمر پئي گذري.

گيت امرتا آهن جن کي موتُ نٿو ماري.

جهرڻا بڻجي ڪيئي شاعر مون جئن جَهرڪ جهرڪن.

عمر پئي گذري.

آڳ اجهاڻي ناهي، ڄَر ۾ گيت پيا ڄُرڪن.

عمر پئي گذري.

 

*

آ ويو ڪيڏانهن خسرو، روز ڳولي ٿي سِتار،

ڇا رڳو حيرت رهي ٿي؟

تون لتاڙيندو وڃين ٿو، سِر هزارين شهسوار.

پوئتي عبرت رهي ٿي؟

ڪام ڪنڊيءَ جي ٽُٽِي، يا ٻانهن ڌڙ کان آهه ڌار!

هو بهو صورت رهي ٿي!

رنگ وبو ڪَئي آجيان، ”مون گهر ڀَلي آئين بهار!“

رُتِ ۾ راحت رهي ٿي.

ماڪ گل تي لڙڪ لاڙيا، بان ڪري بي اختيار.

مرڪ ڪا مدت رهي ٿي!

 

*

متان سُرندي کي،

تون ڪنهن جي سِر تي هَڻين!

ٻيهر ٻُڌين ڪينڪي، متان ٻُرندي کي!

تون ڪنهن جي سِر تي هَڻين!

متان چائِت سان ڏِسين، چُرندي پُرندي کي!

تون ڪنهن جي سِر تي هَڻين!

ڦَٽُ اکيلي ٿو ڇُهين تون، ڪئن ڪُرندي کي!

تون ڪنهن جي سِر تي هَڻين!

ڪو شَل ڪاڻيارو نه ٿِئي، گهورُ نه گهرندي کي!

تون ڪنهن جي سِر تي هَڻين!

ڳهلا! ڳنيءَ کي ڏسِي پو، ڏِس تُرندي کي!

تون ڪنهن جي سِر تي هَڻين!

شال ڪَروڻا سان ڏسين، جيوَن جُهرندي کي!

تون ڪنهن جي سِر تي هَڻين!

 

*

هيءَ ساڪِت زندگي،

ايتري ساڪِت به ناهي!

ڪاغذي تصوير ۾، فرياد ڪنهن ايڏي ڀَرِي؟

ٿا اُفق ڏي گل اڏامن، آ شفق ڄڻ شاعري!

ڪنهن مصور آ ابد ۾، قيد ڪئي ڪائي گهڙي!

رات ٿي آ، ڪنهن جلائي آ، ڪَتين جي ڦل جهَڙي؟

ڪنهن ڏني آ اَزل کان، اوچتي پايندگي؟

هيءَ ساڪِت زندگي،

ايتري ساڪِت به ناهي!

 


 

*  انگريزي مصور ڪنسٽيبل جي پينٽنگ “ Land scape and Rain bow”

 ڪروڻا: (هندي) رحم.

 

 

 

 

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org