سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: راڄ گهاٽ تي چنڊ

شيخ اياز

صفحو : 13

 

لاهور جي انٽرنيشنل هوٽل ٻاهران

 

رات جو سُڃو صحرا-

دور دور رستي تي

پيرَ ٿا وڃن تنهنجا،

ڪيترو پَري ويندينءَ

آءٌ هي نه ڄاڻان ٿو،

 

دل پئي چيو، ”توکي

”اِن طرح سمايان آءٌ،

”دل اندر ڇپايان آءٌ،

”دور ٿين نه تون مون کان“

 

تون مگر رُسي جانان

ائن وڃي رهي آهين،

چنڊُ جيئن بادل کان

دور دور ويندو آ.

 

آءٌ ٿو تڏهن سوچان،

”اڄ جدا ٿيون تون مان

”سو گهڻو چڱو آهي

”موت جي جدائيءَ کان،

”جا ڪڏهن ته اچڻي آ.“

 

 

شاعري طبيعت تي

ايترو ته ڇانئي آ،

هيءَ اُڀام ڇولين جي

ڄڻ ته ٻوڏ آئي آ!

ڪيترو اَلُوٽ آهيان

پوءِ به مان اَٽوُٽ آهيان

مَڌُّ  ۾ رَتا ڪيئي

شعر لِڙکڙائن ٿا.

پوءِ به اَتّ اَنڀوءَ سان

ڪينرو وڄائن ٿا؛

جيءَ ۾ جهمر آهي

يار سَوَ ڪَٺا آهن

وارَ هِنَ حياتيءَ جا

ساٿ جن سَٺا آهن؛

چؤطرف زماني جا

ڏاڍ ۽ ڏمر آهن.

پوءِ به گيت بَرسن ٿا

اُڀَّ ۾ ڇمر آهن؛

ڪير شعر ٿو جوڙي؟

بَندَ ڪير ٿو ٽوڙي؟

هيءَ اڀامَ ڇولين جي،

هيءَ اڏامَ ڇولين جي،

اڳ ڪڏهن نه آئي آ،

ڪيتري سُهائي آ!

 

 

چنڊ رات اي ساٿي

ڏس ته ڪيئي روهيڙا

ڄڻ لڳن پيا ٿَر ۾،

ڏهَر ڏهَر ڏوهيڙا.

سانت آهه وڻ وڻ جو

ٻولُ ٻولُ آ اَهڙو

آ وشال واريءَ تي

چنڊُ چيٽ جو جهڙو.

 

 

آڌيءَ جي خاموش نگر ۾ تون جو ايندي آهين

منهنجين آڱرين تي پنهنجا وار وٽيندِي آهين،

۽ پنهنجي پهلوءَ ۾ آڻي مون کي چوندي آهين:

”مون کان دور رهي تون ايڏو ڇو ٿو مون کي چاهين؟

”ڪيڏو دور رهان ٿي توکان ٻيءَ ڪنهن دنيا ۾،

”مان جي هاڻي ايندَس تو وٽ رهندَس مان ڇا ۾؟

”منهنجو جنم جنم جو تو سان ساٿ ته رهڻو آهي

”توڙي آهي پَرتان پَرتان ساٿ ته رهڻو آهي،

”نيٺ ته توسان ملڻو آهي مون لئه جاءِ ڇڏي ڏي

”پنهنجيءَ دنيا ۾ تون مون کي تيسين هاءِ ڇڏي ڏي!“

 


 

 

 

دور ستارا پوڙها آهن

چنڊ به پوڙهو آهي،

يا هُو پوڙهو ناهي؟

 

هن ساري سنسار کي ڪوئي

چوڌاري ڪو لوڙهو ناهي

يا ڪو لوڙهو آهي؟

 

ديپَ ٻُجهن ٿا ديپَ ٻَرن ٿا

ڏاڍو ڏُور ڏياٽيون آهن

جي وِسمَئه* مان مَنش* ڏسن ٿا.

 

وشِوُ* جيئن ڪو مندر آهي

ڇا اِن ۾ ڪوئي دَر آهي؟

 

مورتيون ۽ سڀ پوڄاري

اِن کان ٻاهر ڇو نه وڃن ٿا؟

 

هُونءَ وشال* لڳي ٿو، ليڪن

گهيرو ڪيڏو سوڙهو آهي!

 

 

منهنجا گيت ڪڏهن اي ڌرتي!

چئه، تو کان ڪو مُلهه گهُرن ٿا؟

 

مون کان پوءِ اهي ائن لڳندا

اِنڊَمانَ* جي چانڊوڪيءَ ۾

ڄڻ ڪي هڏڙا پکڙيل آهن-

 

هڏڙا ڪنهن کان ڇا ٿا چاهن

ڇا ڪوئي سوچي ٿو!

ڇا ڪوئي سوچي ٿو!

 

 

ڪجهه به نه ٿو اڄ ڀاسي من کي

سانت سمندر جيڏي آهي

جنهن ۾ آءٌ سمايل آهيان،

 

آسمانَ جي نيري ڪُنَ ۾

نيروٽيءَ جي نيڻن وانگر

گهُوريان ٿو، گهٻرايل آهيان.

 

ڪيڏي سانت وڇايل آهي

جهر مر جهر مر تارن پُٺ تان

جن جي حَدَّ حسابُ نه آهي!

 

ڪنهن پينوءَ جي پاندَ جيان ڄڻ

هي سارو ڪجهه پالهو آهي؛

ڇا، هي سڀ ڪجهه خواب نه آهي؟

 

چاندني راتين ۾ ڪنهن رابيل جي ٻوٽي جيان،

ڄڻ تون هُئينءَ.

يا سُڳنڌَن ۾ ڀَريل ڪنهن واءُ جي جهوٽي جيان،

ڄڻ تون هُئينءَ.

کيرٿَر تان گَڊُ ڪو نئن گاج تي جيئين جهُڪي،

تئن مان هُيس.

رِڻَّ ۾ ڪوئي هَرڻُ پاڻي ڏسي ڏاڍو ڊُڪي،

تئن مان هُيس.

تون ملينءَ مون کي ته سارو جڳ مليو، ٻيو ڇا کپي!

منهنجي سَکِي!

ماڳُ ڏاڍو آ پري، جي دَڳُ مليو ٻيو ڇا کپي!

منهنجي سَکِي!

 

 

سارو عرش منوّر آهي

چَنڊُ ڳليءَ ۾ چمڪي ٿو،

 

دور ڀٽائيءَ جي بستيءَ ۾

سَچَّلُ پنهنجي سرمستيءَ ۾

بيٺو مون کي تاڙي ٿو“

 

چنڊُ ڳليءَ ۾ چمڪي ٿو

سارو عرش منوّر آهي.

ڇا هي منهنجو ئي گهر آهي؟

ڇا هي منهنجو ئي بستر آهي؟

جنهن وٽ ڪوئي روئي ٿو؛

 

چي، ”هي شعر اڌورو آهي

”ويٺي ڪالهه لکيائين ٿي جو

”جهونگاري سوچيائين ٿي جو،

”ڀانيان ٿو اڻ پورو آهي.“

 

ڀرسان ڪوئي سوچي ٿو،

”بس هي هاڻي اچڻو ناهي

”پُورُ پَتڻ جو پويون آهي

”ڪٿي وڃي ٿي ناوَ نه ڄاڻان

”دور ڪنارا مان نه سڃاڻان.“

 

 

 

”توڙي ڏور اُسَهڻو آهيان

آءٌ اوهان ۾ رَهڻو آهيان“

 

پر هُو مون کي ڪونه ٻڌن ٿا

لُڙڪ اگهن ٿا، پوءِ چون ٿا

 

”هن جا گيت ته سپنا آهن

”پر هي سُپنا سَچّا آهن

”آزاديءَ جي وِکَّ وِکَّ تي

”هن جا پيرا چِٽّا آهن،

”گونجَ نه اڳتي تن جي گهٽبي

”گيت ته ناهن جهَرڻا آهن،

”امر گيت جي بارش وانگر

”ٿَر بَر وَر وَري ورڻا آهن؛

” هن جا ڀاڳ سَنوَرڻا آهن،

”هن جا گيت نه مرڻا آهن.“

 

پوءِ ڪو مون کي ڳائي ٿو

چنڊُ ڳليءَ ۾ چمڪي ٿو

سارو عرش منوّر آهي.

 

 

”مرزا رُسوا“ وانگر شاعر

فرش  نشين آ،

جام و صراحيءَ جي گردش ۾

عرشِ بَرين آ،

ڇِما ڇِما ڇِم جيئڻَ، جادو.

دور ستارا

’اُمراءُ جان اَدا‘ جا گهنگرو-

آسمان جي ڪوٺي تي ڄڻ

ڪوئي غزل سرا آ

غزل به اهڙو جنهن جو ڪوئي

مطلع ڪونهي

مقطع ڪونهي.

 


 

 

 

باس

 

مورتيون ڪجهه آهن منهنجي

جيون جي پڇواڙي ۾

جن جا سالم سَنڌَ نه آهن

جن کي ڪُلهن تي ڪَنڌَ نه آهن!

 

هي جي ٻه ٽي آڳنڌ ۾ آهن،

يا جي مون ڏي پنڌ ۾ آهن،

تن کان آءٌ لڪايان ٿو ڄڻ

جيون جي پڇواڙي کي

پنهنجي پريت جي ڌاڙي کي.

 

 

 

ڪيڏو ياد ڪيان ٿو تو کي

تنهائيءَ ۾!

تون جو جيئڻ جو جَسُ آهين

ڪيرُ چوي ٿو تون ڪَسُ آهين!

جيئڻ مرڻ جي هر ناتي کي

معنيٰ ڏين ٿو

ڏکَّ سُکَ ۾ سَڏَّ وراڻي

ڇا ڇا ڏين ٿو!

هر ساڀيا کي سپنا ڏين ٿل

هر سپني کي ساڀيا ڏين ٿو؛

مون کي ڌرتيءَ سان واڳي تون

تارن تي ڪنهن وقت سڏين ٿو،

جهونجهڪڙي ۾ ماڪ پوي ٿي

تون مهڪين ٿو،

باک ڦٽيءَ جو ڀن ڀن پنڇي

ٿي چڪين ٿو،

گاهه مٿان جئن واءُ لڳي ٿو

تون لهڪين ٿو،

روز نوان سُر تون آڇين ٿو،

مون ۾ آڳ جيان دهڪين ٿو،

مون سان ڪُوءِ ڪلالن جي ۾

تون ٻهڪين ٿو،

منهنجي ڪؤتا ٿين ٿو.

توڙي عمر سڄي مان ڳايان

مان تنهنجو احسان چُڪايان

 


 

*  وِسمئه = حيرت

*  مَنش = انسان

*  وشِوُ  = ڪائنات

*  وشال = ويڪرو، وسيع

*  اِنڊمان = ٻيٽ، جنهن تي انگريز باغين کي سزا طور موڪليندا هئا.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org