سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: راڄ گهاٽ تي چنڊ

شيخ اياز

صفحو : 3

بيت

 

 

رِڻَ- ٻارڻُ ٻاريٖ  ويا، آڌيءَ اُٿي جي،

ساري ٿي تن کي، اُڀرِي باک بسنت جي.

 

آڙيا ڪَن اُپاءُ، هيڻِان هانءُ جهَلي ڪري،

نيٺ ته ورندو واءُ، نيٺ ته ڦِرندا ڏينهڙا.

 

رِڻَ ٻه ٽي ريڍارَ، مٿان تارن ٽُٻڪڙا،

رڍوُن ڌاروُن ڌارَ، شل ڪو اُڀري ڏينهڙو!

 

ڏکڻ کان آيا، اُتر تي اوتون ڪري،

پنهنجا پرايا، ويريِ منهنجا واهرو.

 

ڦِرندا ڦِرندا ڏينهڙا، ساڳا نه رهندا،

اچن ٿا ڪَهندا، ڪارا ڪڪر ديس تي.

 

آيا ڪارونڀارَ، ڦِري ويا ڏينهڙا،

ڪيڏا باغ بهارَ، توتي ڌرتِي ديس جي!

 

’اَجهو مُندَ  ملير تي، آئِي ڪِي آئِي‘،

وائي سَوائِي، منهنجيءَ ڏکيءَ ڏات جي.

 

توکان ملڻ کان سوا، متان آءٌ مران!

ڏٺو آنءٌ دَران، ڏاڍو ويجهو آنهه تون.

 

اچين ٿو اوٺارَ، جهُوڙا سڀ جهِمڪن پيا،

تڪي تنهنجا پارَ، ڪاٽيم ڪيڏيون راتڙيون!

 

ايندين، ايندين اوچتو، پيهي ايندين پاڻَ

ڏکيءَ ڏيندين ڏاڻَ، پنهنجو پاند پناهه جو.

 

ٿِي ڪو ڇَپر ڇَٽُ، پيرَ پُنا مون پنڌ ۾،

هي جو منهنجو گهَٽُ،اچُّ ته ڪجهه اوري ٿئي.

 

اچين پيو تون، پرين پنهنجي پار ڏي،

اڳ نه ڏٺو مون، تو کي ايڏو ويجهڙو!

 

اڃا نه آيا، پنهنجا وڃڻَ ڏينهڙا،

لايا سجايا، اڃا آهن ڏات جا.

 

واريءَ سندو پنڌڙو، پورو نه ٿيندو؟

ڇا هُو نه ايندو، جنهن آئي مون سُکَّ ٿئي؟

 

مٿان تو ميارَ، اڃا منهنجي آ ميان،

پهچيِن پهچڻهارَ، جڏهن مون کي پنڌ ۾!

 

اڃا ٿا چاهِن، ڀِڙيِ ڀيڙائوُ ٿيون،

اڃا ڪجهه آهن، ساڳا منهنجا سانڀُرو.

 

گُل ورنيون گجراتڻيون،ڪراچيءَ جي شامَ،

هي به ته منهنجا عامَ، توڙي سڀ نه سنڌ جا.

 

توڙي ٻولي ٻي اٿن، پنهنجا ئي آهن،

مون جئن ٿا چاهِن، سڀ ئي ساڳي سِجَّ کي.

 

هيءَ ساڳي تاريخ آ، سڀ جي شِڪاري،

مان ۽ بهاريِ، سڀني رولا رُڃَّ جا.

 

اِئين نه اچي اوچتو، ٿڌي هيِر ٿَرن!

اڃا مونجهه مرن، مارو ڀَل ته ملير ۾؟

 

ڇا ڇا منهنجي مَن، آهي اڄ اڌرات جو،

پَيون چَنڊُ چُمَنِ، چوڏس چڙهيو لهريون.

 

ٻاٻيها ٻيهارَ، ڪڏهن ويندين ڪيچ ڏي؟

ڇا هُو منهنجا يارَ، اڃا آهن جيئرا؟

 

ٻاٻيها ٻيهارَ، ڪڏهن وسندا مينهڙا؟

ٿر تي لال ليارَ، ٽِڙي پوندا اوچتو.

 

وري وَڳَهه ڪوٽَ، ڪڏهن وسندا مينهڙا؟

ايندا ڳاڙها گهوٽ، دودا منهنجي ديس جا.

 

اِئين اچو آگمَو، گوڙَ ڪري گهمسانَ،

ڪلهه جئن ڀاڳُو ڀانَ، ڳاتا هيا دوهڙا!

 

چِٽيل چُنِيءَ جيئن ڪا، روپا ماڙيءَ تي،

ٻيهر شال اچي، آزادي هِن ديس ۾!

 

کڻي کڻان ڪيترو، پِريَنِ پيراڙيون،

وَستيون اُجاڙيون، جن ويندي هِن جُوءِ جون!

 

او شل لهنِ اوچتو، ڏالاوا ڏيهَن،

پرين شل پيهَن، ساههُ کڻون ڪو سُک جو.

 

اُٺَن جهاٻا جهالِوان، اوشل ڏسان آنءٌ،

وٽان تنهنجو نانءُ، گونجن پَهڻ پَٻَّ جا.

 

اَمڙ ڏاج رَڱائيا، تنهنجي لاءِ ڪنوار،

ڀوريِ هانءُ نه هارِ، ويجها ڏوليءَ ڏينهڙا!

 

اهڙي ڪا گجگوڙ اڄ، اوچا ڪڪر ڪر،

جيئن ڌُٻي ڌَرِ، ڪِرن ڪوٽ ڪَلُور جا.

 

چُريِ چُريِ  چِتَّ ۾، متان ڪيو ماٺِ،

توڙي ڪاٺَئون ڪاٺِ،سارَ اوهان جي ساهه ۾.

 

اُهوئي آهيان، متان ڀانيو ڪو ٻيو،

اڃا ٿو ٺاهيان، ڳاهُون ڳاڙهي سِجَّ جون.

 

گَسنِ گل ڦُل مورجن، جيسين وسن مينهَن،

تيسين ڏکيا ڏينهَن، ڪيئن به آهن ڪاٽڻا.

 

چئجي ڪيئن اَلا، ڪڏهن ايندا پارکو!

سِپن ننڊ نه آ، ساري رات سمونڊ ۾.

 

مون هوندي مون وينتي، او شل اگهائين،

او شل موٽائين، مِٺا ماڻهو ڏيههَ جا!

 

مُئا مُرڪن ٿا پيا، آئيندي جي اوٽَ،

هو جي گهڙيءَ گهوٽَ،صديون سارينديون گهڻو.

 

سورج ڀرج ساکَ، آءٌ نه اُجهاڻو ڪڏهن،

منهنجيءَ لوئيءَ لاکَ،سدا ڳاڙهيءَ باک جِئن.

 

سَهڙي جا سيکاٽَ تي، کنوڻ سا کاڻوٽَ،

متان کائو موٽَ، ساري سنڌ ٻَري پَئي.

 

آيا اوهيڙا ڪَري، مٿان مون مانڊاڻَ،

ٻيهر ڀُليءَ ڀاڻ، برکا رُت  جا ڏينهڙا.

 

 

متان چَئو ناهه ڪا، گاج مٿان گِرنارَ،

سانوڻ اڄ سنگت ڪئي، ٻيجل سان ٻيهارَ،

چوڌاري چمڪارَ، آيا کِنوڻِ ڏينهڙا.

 

وَسُّ اڃا ڪجهه وَسُّ،موٽي وَڃّ نه مينهڙا!

اُتي گاههُ ڦُٽي پوي، جتي گوندرَ گَسُّ،

وري ڏاهَن ڏَسُّ ، وسي ڪنهن وڻڪار سان.

 

هي جي شير شهيد ٿيا مري نه جيڪي ماتَ،

تارن تن جي تاتِ، ساري رات سٽاوَ ۾.

 

هي جي شير شهيد ٿيا، کيسانو موريءَ،

ٻَڌا ريٽي رت جي، ڏورانهين ڏوريءَ،

ڌرتيءَ ڪڪوريءَ، سانڍيا پنهنجي ساههَ ۾.

 

هي جو ريٽو رَتُّ آ، کيسانو موريءَ،

اُڻي ڪنهن ڪوريءَ، ڳاڙهي اُڻتَ ڪيتري!

 

هي جو رَتُّ اٻوجهه آ، اُنهيءَ جا امڪانَ،

نه ڄاتا نادانَ، اڃا پنهنجي کيپ ۾.

 

سوڀَ کَٽي سَرها ٿيا وارو وڄائي،

ليٿڙيون پائي، رانول پنهنجي رَت ۾.

 

سِرُ سَرچو ساڻيهه سان، مٽيءَ سان ماٿو،

ڪونهي تنهن ڪاٿو، اوچو آهي اُڀَّ کان.

 

تڙڦي ٿو تاريخ ۾، اڃا ٽيپوءَ ڪَنڌُ،

آزاديءَ جو آ اڃا، پري ڪيڏو پنڌ!

هيءُ اُنهن جو هنڌ، مري جي ماهو ٿيا.

 

جيسين آُنهن اوچتو، سوڀ ڏئي سائين،

متان اِئن ڀائِين، ماريءَ موتَ ڦَٻي ويا!

 

تِکَ اندر تاريخ جي، جي تون سمائين،

متان ائين ڀائين، سارا لاش لڙهي ويا!

 

هي جو ڦُڙو رَت جو، وڏي تَنهن جي وَٿَّ،

متان ڪرين ڪَٿَّ، سوڀ نه آهي سُٿري!

 

سوڀ نه آهي سُٿري، مڱي سڳَر ٿوڪَ،

لُونءَ لُونءَ واري لوڪَ، مرن ٿا ان ماڳ ۾.

 

هي جي جهَجها جهُڙ ٿيا، مٽيءَ مهڪ اُٿي،

ڌرتي رَتُّ رتي، ڦُولي لالُ ليارَ جئن.

 

ڪُلها ڪالهه ڪَڪوريا، جيئين ڏاڙهن ڏارَ،

مَريِ مَلهيا يارَ، ويڙها سڀ واسي ويا.

 

آهن آڌيءَ رات جو، واکاڻيون وِيرَن،

نيڻن مان نيِرَن، ڳاتيون تن جون ڳالهڙيون.

 

ٽِڙيو کَڻن ٽارَ، سِرَ اُنهن جا سوڀ ۾،

مري مَلهيا يارَ، ويڙها سڀ واسي ويا.

 

سڀڪو سوچي سوڀ جو،سوڀون هَٿّ نه سوچَ،

وَرُ هيءَ تن جي لوچَ، پلئه ڀل جيڪي پوي.

 

اُڏر اُڏر ڪونجڙي ڪَرڪي مٿان ڪَڇَّ!

اِجهو اَرتِي اَڇَّ، لٿي ڪاري ٿَرَّ تي.

 

اوشل ڪرين اوچتو، اکين سان اُپڪارَ،

اچ تون اچڻهارَ، تولئه تڪيان ڪيترو!

 

چنڊُ ٻَري ٿو چيٽ جو،سونَ ڪٽوريءَ جيئن،

اڳ نه ڏٺو ايئن، مون پنهنجي آدرش کي.

 

اُتر ڪونج نه ڪُڻڪندِي،ٻيهر مون کان پوءِ،

مون سان ساري لوءِ، وَلر لئه وايون ڪري.

 

پکين منجهه پچارَ،ڪٿ ڪالهوڪيون ڪونجڙيون،

الا ڪنهن کي سارَ، ڪڏهن اُتر ڪُڻڪندو!

 

ڇڳِي موتين هار جئن، چار ڏَسين چوڌارُ،

سنڌڙيءَ ناهي سارَ،ڪٿي اُن جون ڪونجڙيون!

 

لُريءَ ۾ ماڻهو لڳا، ڳَڱاٽيل ڳرا،

اڳيان اڳڀرا، منهنجو من مهيڻ سڳا.

 

ڪَنَ ٽوپائي ڪوڏَ مان، پاڻهي آڳ پيا!،

سورهيه سڀُ ويا، اڄڪلهه لڪي لوڪ ۾.

 

اَچُ ڪو اُڀريِ اوچتو، ڪارا ڪارونڀار!

رڻَ ڏٺا ريڍارَ، سائين کن سي ڪندا.

 

او شل ڊهي ڊوههُ، ڪائي آگ ٻُري پئي،

لوهرُ ڦوڪي لوههُ، رُڪُّ  ڪري ڪو پڌرو.

 

ماڳَ ڪَپيندو منزلون، ڪاهيون پيو ڪاهه،

اُٿي، هَڏَّ  نه ساهه، متان رات مٿان پوي!

 

تون جو سَڏَ ڀائي،تون ڪئن ماٺ ڪري وئين!

تو ڪئن لنوائي، ٻُڌي ڪُوڪَ ٻنهي ڪَنين!

 

چاندوڪيءَ ۾ چيٽ جي قطارون ڪُونجّن،

ڇا ڇا منهنجي مَن، سارون رات ڪريڙيون!

 

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي واريءَ وڇاڻا،

مون ۾ سماڻا، سُڏڪا ڪيئي سانت ۾.

 

ڪوپا ڪوهستان جا، ڏسان پيو آنءٌ،

اڃا تن جو نانءُ، پَهڻن منجهه پَلي پيو.

 

ايندا ايندا اوچتو، تولئه مُڙس مڻيارَ!

سنڌڙي تنهنجي سارَ، هُري پَئي هانوَ ۾.

 

کُڙي نه کَڙڪي، واهَر ويرَ اچي وَئي،

ويريءَ تي ڪَڙڪي، آفت ڪائي اوچتو.

 

ڍنِگَر ڊاٺائون، ڊوڙيا پُٺيان مارئيءَ،

جيسين آندائون، ٻيهر مُنڌ ملير ۾.

 

ايندو اوهيڙا ڪري، ترسو ڪجهه اڃان،

لاهيو مِيتَ متان، آگم منجهان آسرو!

 

جيسين اوڀريِ اُڀُّ ۾، مينهُن ٻڌي مانڊاڻ،

تيسين پنهنجو پاڻ، ڌار نه ڪجو ڌڻَّ کان!

 

ڪُڻڪيا ڪجهه ته ڪنواٽ!توڙي ماڳُ نه ويجهڙو!

ائين ويندي واٽَ، ڀارِي هئي ڀونءِ تي.

 

ڦِڦِڙ ڪن ڦرڙاٽَ، توڙي اُتر واءُ ۾،

پوءِ به ساڳي واٽ!، پوءِ به ساڳا پنڌڙا!

 

مارو ڌارون ڏارَ، ڪَتيءَ ڪڪر اُڀَّ ۾،

اچن شل ٻيهارَ، ماڪڙ وانگر مينهڙا!

 

اوڏا اڏي نجهُرا، هي جي ويٺا ڙي،

متان ڪو تن کي، ڌِڪي پنهنجي ديس مان!

 

اِجهو ڌُٻي ڌَر، ڪِريا ڪوٽَ ڪَلُور جا،

هيڻون هانءُ نه ڪَر، باقي ٿورا ڏينهڙا.

 

وري رات ڀِنِي، وري تارن تڪيو،

ڪائي ڳَنڍِ، ڇِنِي، ڪيئي گيت ٽڙي پيا.

 

وري ٿي وراڻَ، گسن گل ڦل موريا،

وري واسيا ڀاڻَ، وايون مَهڪيون واٽ تي.

 

ڇَنن ٿي ڇمڪَار، وڄون وريون اُڀَّ ۾،

اڄ جيڪا وسڪارَ، مَٽُ نه اُن جي مينهڙا.

 

اچي ٿو هيڪارَ، موت ته سڀني جي مٿان،

مُئيءَ ناهه ميارَ، جي تون جيئين جَسَّ سان.

 

ڪنهن هيءَ جوڙي جوڙ، ڪنهن هي واءُ ورائيو؟

سَميون سِڱر ٽوڙَ، آيون ڪينجهر ڪَنڌئين.

 

پاڻَ وڻنديون ٿو ڪرين، سوچين نه ٿو تون،

پيرن هيٺان ڀُون، چار ڏهاڙا ڏاڍَ کي.

 

متان تارو اُڀَّ مان، ٿڙڪي ڇڏي ٿانُ،

متان تون ايمانُ، لاهين پنهنجي لوءِ مان!

 

هُو جي پيالا پُر ڪري، پيئَن مُنهَن لايو،

سِجّ!ڪَري سعيو، تن تي لُٿين ڪيئن تون؟

 

متان اچن اوچتو، رَمي راتو واههَ،

اڃان تن جي چاههَ لاهه نه پنهنجي چتّ مان،

 

باقي ڪو دم دير، ويندا لُرڙ لهي ميان،

اڃان ناهه اوير، اجهو آيا واهرو.

 

اکين کان اوجهل نه آ، اڃا پنهنجي واٽَ،

لَڙ واهه لُڙاٽَ، توڙي سِجُّ نهار کان.

 

ايندا ايندا مون پرين، گهيري گهر ايندا،

نهوڙي نيندا، ڏمر سارا ڏيههَ جا.

 

اڃان ترسين جندڙي، جي ڪائي ويرا،

پُوچا هي پيرا، ڌوئان پنهنجي ديس تان.

 

الا ائين اوچتو، سانجهي ٿي ويئي،

مٿان مون پيئي، رڻ ۾ ڪاري راتڙي.

 

وَڻن سُتا مورَ ٿا ڪٿي ننڊون ڪن!

ساري رات ڏِسَن، سپنا ساوڻ مينهن جا.

 

اڃان آهين ڏور، توڙي ڏُور به ويجهڙو،

مَنان ويئي مُور، سارّ نه تنهنجي سُپرين.

 

اڃان اُها سَڌَّ، اوڏا اَڏيون پکڙا،

اَلا اڃان اَڌَّ، ڏيهي منهنجي ڏيههَ جا.

 

اڃا ساڳا راتڙيءَ، ڪارا ڪوجها پَرَ،

اسان تو آڌر، سَرَ تي پورب سوجهرا.

 

ڇا ائن مدامي، اڇو پاڻي لُڙ ٿيو؟

ويندا اُڏامي، ڪڏهن ڪارا ڪانئرا.

 

*       ’مٺِو لڳي اَجميرُ، سارو جڳ ڪَڙو لڳي‘،

رتن ٻائي! ڪيرُ؟ ٻولي تو جئين ٻولڙا.

 

وسري ويندين ڪونه تون، متان ائين ڀانئين!

اڃان نه آئين، تولئه تڪيان ڪيترو؟

 

ويهو آڌيءَ  رات جو، ڪو ٻارڻ ٻاري،

متان آنڌاري، ٻُڏي وڃن ڳوٺڙا!

 

کنيو ٿي جوکو، ڇا، ان لئه انڪار جو؟

اڃا ٿيي اوکو، تولئه جيئَڻ پنڌڙو!

 

دور ڪناري تي پُڄون، ونجههَ هڻي اثرائتا،

مون کي او ٻيڙائتا، پارِ کڻي هَل پاڻ سان.

 

سَرَ تي ڪيڏو دير سان، تون آئي آهين!

ڏسڻ ٿي چاهين، پاڇا پوئين سِجَّ جا؟

 

آڌيءَ جو آڪاس ۾، جهومڪ جهڳ مڳ ڪَنِ،

ڪير اچي ٿي ڇَنِ، جهاڳي ديس وديس کي!

 

وري شال اُٿن، دودا منهنجي ديس جا،

جهنڊا شال جهُلن، وري وڳهه ڪوٽ تي!


 

*  پُورب ڪَڙوا، پڇم ڪَڙوا، ڪَڙوا هندستان،

سڀ جڳ مون ني ڪَڙوا لاگي، مِٺي لڳي اجمير.

(ڪڇي شاعره رتن ٻائي)

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org